سمان
سلاطين هڪ نظر ۾
سومرن جي سور جي آخري واقعن جو اڀياس ڪندي، اسين
پس منظر ۾ هي ڏسي چڪا آهيون ته ڪهڙيءَ ريت مختلف
حادثن ۽ واقعن سبب هن گهراڻي جي حڪمراني ڪمزور ٿي
۽ سمن کي سنڌ تي راڄ ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. هن باب
۾ تاريخي سلسلي موجب سمن بادشاهن جو سرسري اڀياس
ڪري ڏسبو ته هنن حاڪمن ڪهڙيءَ طرح سنڌ جي شان ۽
مان توڙي خودمختياري ۽ وقار کي بحال ڪري، تاريخ ۾
پنهنجي عظمت قائم ڪئي. سمن بادشاهن جي پوري سلسلي
کي سندن حڪمرانيءَ جي دور سميت، هتي هڪ چارٽ ذريعي
نروار ڪيو ويو آهي.
فيروز الدين ڄام انڙ
ڄام انڙ جو ذڪر پهريون ڀيرو سيوهڻ واري معرڪي جي
حوالي سان ملي ٿو، جڏهن هن دهلي سلطنت جي هڪ نائب
کي قتل ڪيو هو. ان بعد سنڌ جي مختلف قبيلن کيس
پنهنجو سردار چونڊيو. ليڪن ان کان پوءِ به هن کي
سنڌ جي اقتدار والارڻ ۾ سورهن سالن جو عرصو لڳي
ويو. هڪ طرف فيروز تغلق سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر
نڪتو ۽ ٻئي طرف ڄام انڙ پنهنجي حاڪميت جو اعلان
ڪيو. هي واقعو سن 1351ع ۾ ٿي گذريو.
سومرن جي آخري حاڪم همير متعلق تاريخ ۾ الڳ الڳ
رايا ملن ٿا. مير معصوم هن جو نالو ارميل لکيو
آهي. سندس خيال ۾ ارميل ظالم حڪمران هو، ان ڪري
صبح جو سوير سندس گهر ۾ ڪجهه ماڻهو داخل ٿيا ۽ کيس
قتل ڪري ڇڏيائون. مير علي شير قانع ٿوري ڦيرڦار
سان همير متعلق لکيو آهي ته: هو جنهن صورت ۾ ظالم
هو، تنهن ڪري سمان قوم جي ماڻهن کيس تخت تان لاهي
ڇڏيو. هنن انڙ کي ”ڄام“ جو لقب ڏئي کيس پنهنجو
اڳواڻ چونڊيو. هي واقعو سن 1351ع (752هه) ۾ ٿي
گذريو.(1) خداداد خان به پنهنجي ڪتاب ۾ همير جي
ظلمن جو ذڪر ڪيو آهي. محترم محمد حسين پنوهر جو
رايو آهي ته سومرن جي سياسي زوال ۾ سنڌ ۾ آيل طبعي
تبديلين کي وڏو دخل حاصل آهي. سومرن جي خاتمي بعد
مختصر مدت لاءِ سمن حاڪمن ”ساموئي“ شهر کي پنهنجو
مرڪز مقرر ڪيو. هي شهر ننگر ٺٽي جي ويجهو مڪلي
ٽڪريءَ جي اترين ڀڪ سان واقع آهي.
مير علي شير ۽ ٻين مؤرخن موجب همير سومرو مٿي ذڪر
ڪيل معرڪي ۾ قتل ٿي ويو. جديد تحقيق موجب ڄام انڙ
جي ڪامياب بغاوت بعد، سومرن جي حاڪميت ختم ٿي.
ليڪن همير گجرات طرف ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ڄام اڍائي
سالن جي حڪومت بعد وفات ڪئي. سندس اثر لاڙ تائين
ڏسجي ٿو. تذڪره نويسن موجب ڄام انڙ هڪ معرڪي ۾ قتل
ٿي ويو، ليڪن هي خيال درست ڪونهي.
صدر الدين ڄام بابينو
ڄام فيروز الدين انڙ جي وفات بعد سندس پٽ صدر
الدين ڄام بابينو سنڌ جو بادشاه بنيو. سندس چاچو
علاؤ الدين ڄام جوڻو پڻ ساڻس اقتدار اعلى ۾ ڀاڱي
ڀائيوار بنيو. سندس زماني ۾ ننگر ٺٽو وري تختگاهه
مقرر ٿيو. ڄام بابينو جڏهن سنڌ جو سلطان بنيو،
تڏهن ملڪي توڙي غير ملڪي صورتحال ڪجهه هن ريت هئي:
سيوهڻ، بکر ۽ نصرپور ۾ تغلقن جا نائب موجود هئا.
سمن جو اثر صرف لاڙ تائين ڏسجي ٿو. ملتان تي عين
الملڪ ماهرو جهڙو ذهين ۽ چالاڪ عملدار مقرر ڪيو
ويو هو ته جيئن سنڌ متعلق درست اطلاع مهيا ڪندو
رهي. فيروز الدين تغلق، ڄامن کي ناڪام بنائڻ لاءِ
گجرات ۽ ملتان جي نائبن کي تاڪيد ڪيو ته همير
سومري جي هر طرح مدد ڪئي وڃي ۽ کيس هر قيمت تي وري
سنڌ جو حاڪم بنايو وڃي.
ڄام صدر الدين دلير، سورهيه ۽ وطن دوست انسان هو.
سنڌ جي خودمختياري ۽ عزت سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ڏسجي
ٿي. هو پنهنجي ملڪ جي معاملن ۾ ڌارين جي مداخلت جو
سخت مخالف هو. سندس ڀيٽ ۾ ڄام جوڻو ڪمزور ۽ اعتدال
پسند هو. ڄام بابينو حالات جو اڀياس ڪندو رهيو ۽
دهلي سلطنت جي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن مناسب
موقعي ۽ مهل جي تلاش ۾ رهيو. هن سڀ کان اول پاڻ
کان ڪيئي ڀيرا زياده طاقتور دشمن سان مقابلو ڪرڻ
لاءِ وچ ايشيا ۽ قنڌار جي منگولن کان فوجي مدد وٺڻ
خاطر هڪ معاهدو ڪيو. سال 1359ع ۾ فيروز تغلق بنگال
جي ٻين مهم تان ناڪام ٿي موٽيو، تڏهن پاڻ ۽ سندس
لشڪر ڇهن مهينن تائين ناگپور جي گهاٽن ٻيلن ۾
ڀٽڪندو رهيو.(2) هن خبر جي پکڙجڻ شرط سلطنت دهليءَ
جي مخالفن جا حوصلا بلند ٿيا. ان ريت ڄام بابيني
کي پنهنجي پراڻي خواهش پوري ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.
ان متعلق سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو ته:
”سلطان فيروز جي وفات جو افواه مشهور ٿيو ۽ ڄامن
وقت جو فائدو وٺي، آزاديءَ جي تحريڪ کي از سر نو
زور وٺرائيندي، پنهنجيون فوجون ملتان جي حد اندر
پهچايون. سيوهڻ ۾ پڻ ننڍا ننڍا حملا ڪري ماڻهن ۾
بيداري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون.“(3)
هي پهريون موقعو هو جو سمن ڄامن همٿ ڪري سنڌ مان
دهلي سلطنت جا آثار ۽ اهڃاڻ ختم ڪرڻ طرف هڪ وِک
وڌائي. هن سال (1359ع) تائين بکر، سيوهڻ ۽ نصرپور
تي تغلقن جا عملدار موجود هئا. ان جو ثبوت سيوهڻ ۾
لعل شهباز قلندر جي درگاه تي لڳل هڪ فارسي ڪتبي
مان ملي ٿو. هي مقبرو سن 1358ع ۾ تغلق گورنر ملڪ
اختيار الدين جي نظرداريءَ ۾ ٺهي راس ٿيو.
سنڌ جي معاملن لاءِ سلطنت هند جو خاص نمائندو ۽
ملتان جو وائسراءِ عين الملڪ ماهرو، سنڌو ماٿر ۾
آيل تبديلين کي وڏي ڳڻتي ۽ غور سان ڏسي رهيو هو.
ان پس منظر ۾ هن تيزيءَ سان صورتحال کي پنهنجي
ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ ڪجهه فيصلا ڪيا. هڪ طرف هن سنڌ
جي اقتدار اعليٰ ۾ ڪمزوري پيدا ڪرڻ واسطي ڄامن ۾
اندروني اختلاف پيدا ڪرڻ جو جتن ڪيو ۽ ٻئي طرف
همير سومري کي وري سنڌ جو حاڪم بنائڻ جي مهم پڻ
تيز ڪري ڇڏيائين. آخرڪار همير سومري ٺٽي تي دٻاءُ
وڌائڻ لاءِ، گجرات ۽ ملتان جي شاهي لشڪر جي مدد
سان لاڙ ۽ ٿر کان حملا شروع ڪري ڏنا. هنن حملن جو
انجام ڏسڻ کان اڳ ئي عين الملڪ ماهرو سن 1368ع ۾
مري ويو.(4) ٻي صورت ۾ پڪ سان ان متعلق پنهنجي خطن
۾ مواد ڇڏي ها. روايتن موجب جڏهن همير سومري سنڌ
(سمن) تي حملو ڪيو، تڏهن مختلف قبيلن ڄام هالي جي
قيادت ۾ دشمن خلاف مورچي بندي ڪئي. هڪ شاعر هن جنگ
۾ شريڪ قبيلن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
جِهو، جوڻو، جکرو، هوٿي، هڱورو
پلي پاڻي نه پئي، ڏمريو ڏيرو،
اتي ڏيو ديرو، جتي ٻائين لڳو مهڻو.(5)
روايتن موجب سمن ۽ سومرن جو هڪ خونريز معرڪو،
موجوده شهر عمرڪوٽ جي آس پاس ٿي گذريو. هن جنگ ۾
همير قتل ٿي ويو. ان بعد سمن پنهنجي اختيار ۽
اقتدار کي توسيع ڏني. همير جو اولاد ۽ سندس ڀائر
گجرات طرف نڪري ويا، جتي کين جاگيرون ڏنيون
ويون.(6)
سمن جي خودمختياري، سرڪشي، ارڏائي ۽ همير جي قتل
کان پوءِ فيروز تغلق سنڌ تي حملي جي تياري ڪئي.
فيروز آڪٽوبر 1365ع ۾ سنڌ تي چڙهائي ڪئي. هندي
سلطنت هن حملي ۾ سنڌ خلاف اسي هزار سپاه ڪتب آندو،
جنهن ۾ پنج سؤ بحري ٻيڙا به شامل هئا. سنڌين ۽
تغلقن ۾ خوفناڪ جنگ ٿي، جنهن ۾ حملي آورن جو پورو
بحري اٽالو تباه ڪيو ويو ۽ کين عبرتناڪ شڪست ملي.
آخرڪار فيروز ناڪام ٿي ڪڇ جي رستي کان گجرات طرف
روانو ٿيو. محمد تغلق سنڌ تي حملي وقت فوت ٿيو ۽
فيروز تغلق ناڪام ٿيو. ان پس منظر ۾ هڪ ڪهاوت
مشهور ٿي:
هڪ مئو، هڪ ٽَٺو،
بابرڪت، پير پٺو!
فيروز تغلق کي گجرات ويندي ڪڇي ماڻهن به زبردست
پريشان ڪيو. منزل تائين پهچندي پهچندي بادشاه جو
بي انداز لشڪر مارجي ويو يا وري رستي نه لهڻ سبب
رلي ويو. سن 1368ع ۾ جڳ جهان جو لشڪر گڏ ڪري،
فيروز تغلق وري سنڌ تي حملو ڪيو. هن ڀيري ڄامن جو
گهڻو نقصان ٿيو، ليڪن پوءِ به تغلقن کي ناڪامي
ڏسڻي پئي. آخرڪار سلطنت دهلي شڪست کي سوڀ ۾ تبديل
ڪرڻ لاءِ شيخ الاسلام سلطنت دهلي ۽ اچ جي مخدوم
جهانيه جهان گشت جو سهارو ورتو. هنن صاحبن معرفت
ڄامن ۽ فيروز وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. جيئن ته سنڌ جا
حاڪم اچ جي مخدومين جا مريد هئا، ان ڪري هو کين
ٽاري نه سگهيا. ٻنهي ڌرين ڳالهين جي نتيجي ۾ هڪ
معاهدو ڪيو:
”سنڌي دهليءَ کي ساليانو خراج ڏيندا. بابينو ۽
جوڻو دهلي هلي رهندا ۽ پٺيان سندن وارث حڪمراني
ڪندا رهندا. ان ريت سنڌ مٿان سمن جي برتري جاري
رهندي.“(7)
جڏهن جنگ جدل ختم ٿيو ۽ صلح ٿي ويو، تڏهن ڄامن هڪ
شڪارگاه ۾ پهچي فيروز سان ملاقات ڪئي. ان وقت ڄام
جوڻي، امير حسن سجزيءَ جي شعر جي هيءَ سٽ پڙهي:
شاه بخشنده توئي، بنده شرمنده منم(8)
ڄام جوڻو ۽ ڄام بابينو، شاهي لشڪر سان گڏ دهلي
روانا ٿيا، جتي انهن لاءِ ساليانو ٻه لک ٽنڪا
وظيفو مقرر ٿيو. سنڌ تي ڄام تماچي ۽ ڄام توڳاچي
گڏجي حڪم هلائڻ لڳا. ان ريت سمن جي سرداري، سلطنت
هند جي طفيلي رياست بنجي وئي.
رڪن الدين ڄام تماچي (ٻيو ڀيرو)
دهلي سلطنت آڪٽوبر 1388ع ۾، فيروز تغلق جي موت سان
منتشر ٿيڻ شروع ٿي. ان صورتحال ۾ سنڌ جا جلاوطن
شهزادا ڄام بابينو، ڄام تماچي ۽ ڄام صلاح الدين –
دهليءَ جا جلاوطن شهزادا وطن واپس وريا. ڄام
بابينو وطن ايندي راه ۾ فوت ٿيو. جڏهن ته تماچي ۽
صلاح الدين ٺٽي ڏي ايندي، کيبرن وٽان لنگهيا تڏهن
درويش نوح هوٿياڻي هي شعر چئي کين ڀليڪار ڪئي:
جوڻو وڃين جهوري ماريو،
ڄام تماچي شهرين چاڙهيو!
ان ريت ڄام تماچي جتان به گذريو، سنڌ جي ماڻهن کيس
مان ٿي ڏنو. ٺٽي پهچڻ تي سندس وڏي آجيان ٿي. ڄام
جوڻي جي حشر متعلق تاريخ خاموش آهي. البت هيءَ
خاطري آهي ته ڄام تماچي هتي پهچي خودمختيار سنڌ جو
سلطان بنجي ويٺو. هاڻي سندس سالن جي آرزو پوري ٿي
هئي. هن غيرن جي غلامي جو هر اهڃاڻ ۽ علامت مٽائڻ
جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ڄام سنڌي ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ
لاءِ ڪيئي اهم فيصلا ڪيا. پاڻ ملڪ اندر خانقاهن،
مدرسن ۽ مڪتبن جي اڏاوت لاءِ ڪثير رقمون خرچ
ڪيائين. ان جو هڪ زنده مثال شيخ حماد جي خانقاه ۽
مدرسي جي تعمير جي حوالي سان ملي ٿو. هن سنڌ جي
سرحدن جو گشت ڪيو ۽ دفاعي نوعيت جا حڪم جاري ڪيا.
جڏهن هر لحاظ کان مطمئن ٿيو، تڏهن سندس اڪثر وقت
شيل ۽ شڪار ۾ گذرڻ لڳو. مير محمد معصوم لکي ٿو ته:
”هو آرام پسند هو، جنهن جي ڪري عيش ۽ خوشيءَ ۾ وقت
گذاريندو هو. تيرهن سالن جو عرصي بادشاهيءَ جي
گاديءَ تي ويهي طاعون جي بيماريءَ ۾ گذاري
ويو.(10) هن زماني ۾ ڄام تماچي ڪينجهر ڪنارن تي
شڪار ڪندي، مهاڻن جي نينگري نوريءَ سان نينهن جو
پيچ پاتو.
جنهن وقت تماچي سنڌ جي نئين اڏاوت ۾ مشغول هو،
تڏهن اوڀر ۾ سلطنت هند جي نائب ظفر خان، آزاد
گجرات جي سلطنت جو اعلان ڪيو. هيءَ سلطنت بعد ۾
”مظفر شاهي“ نالي سان مشهور ٿي ۽ اڳتي هلي سنڌ جي
سمن ۽ گجرات جي بادشاهن ۾ سٺا لاڳاپا پيدا ٿيا.
گجرات ۽ سنڌ جي تعلقات جو ذڪر اڳتي هلي ڪيو ويندو.
ڄام تماچي سن 1392ع ۾ وفات ڪئي. هڪ روايت موجب
نوري ۽ تماچي ڄام جو مقبرو ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي
آهي. جڏهن ته آرڪيالاجي وارن موجب سندن مزارون
مڪلي ٽڪر تي آهن.
ڄام صلاح الدين
ڄام صلاح الدين پنهنجي پيءُ ڄام تماچيءَ کان پوءِ
سنڌ جو تاجدار بنيو. سندس حڪمراني ٻارهن سالن تي
پکڙيل آهي. هن زماني ۾ امير تيمور هندستان تي حملو
ڪيو. تيمور جي جنگين ۾ لکين بيگناه هندستاني مارجي
ويا ۽ ننڍي کنڊ ۾ وڏي تباهي آئي. تيمور جي پوٽي
مرزا پير محمد ملتان تائين ڦرلٽ ڪئي. مير معصوم
موجب سنڌ جو ملڪ، هن تباهيءَ ۽ برباديءَ کان مير
ابو الغيث بکريءَ جي سفارش سبب محفوظ رهيو.
سن1398ع ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي جو جد امجد سيد
حيدر هرات کان هالاڪنڊي پهتو. سيد حيدر سنڌ ۾ شادي
ڪئي. سندس اولاد پوءِ متعلوي سادات سڏيو ويو. امير
تيمور جي حملي کان پوءِ دهلي سلطنت جو مڪمل خاتمو
ٿي ويو ۽ هر طرف بغاوتون ۽ ڀڃ ڊاه ڏسڻ ۾ آئي.
تيمور ملتان تي خضر خان کي نائب مقرر ڪيو. مير
معصوم ڄام صلاح الدين جي دور کي هن ريت بيان ڪيو
آهي:
”پهريائين سرحد جي معاملن ڏانهن متوجه ٿيو، جي ڪن
رذيلن جي سرڪشيءَ ڪري هيٺ مٿي ٿي ويا هئا. انهيءَ
ٽوليءَ جي انتظار ۽ گوشمالي ڏيڻ لاءِ هڪ لشڪر
موڪليائين. آخر هن ٽوليءَ جي تاديب ۽ تنبيهه کان
پوءِ ڪڇ ڏانهن متوجهه ٿيو. ڪڇي ماڻهن سان هن جون
سخت لڙايون ٿيون، مگر سڀني جنگين ۾ فتح جو سهرو
صلاح الدين جي سر تي آيو ۽ فتح ۽ غنيمتون هٿ ڪري
موٽي آيو. هو لشڪر ۽ رعيت جي چڱيءَ طرح پرگهور
لهندو هو.“(11)
ڄام نظام الدين (پهريون)
سنڌ تي ڄام نظام الدين مختصر مدت لاءِ حڪومت ڪئي.
مؤرخن لکيو آهي ته جڏهن پاڻ سنڌ جو سلطان بنيو،
تڏهن پنهنجن چاچن کي جيڪي قيد ۾ بند هئا، هڪدم
آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. سندس دور ۾ اندروني توڙي
ٻاهرين سطح تي ڪوبه خطرو موجود نه هو. ان ڪري ملڪي
معاملا منشين جي حوالي ڪري، پاڻ سلطنت جي ڪمن کان
گهڻي حد تائين لاپرواه ٿي ويو. ان صورتحال ۾ سندس
چاچن کيس قتل ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو، ليڪن کيس
وفادار سپاهين ان جو اطلاع مهيا ڪيو. هيءَ حقيقت
ٻڌي پاڻ گجرات طرف نڪري ويو. سندس وفات رستي ۾ ٿي.
هن اوچتي تبديليءَ سبب ٺٽي ۾ سخت بدامني پکڙي.
آخرڪار اميرن جي فيصلي موجب ڄام علي شير سنڌ جو
بادشاه بنيو.
ڄام علي شير
ڄام علي شير سنڌ جو تخت سنڀاليندي، ملڪ ۾ پيدا ٿيل
ابتري کي ختم ڪيو. هن خلق سان انصاف ۽ احسان سان
پيش اچي، اڳين حڪمرانن جي ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪيو.
هي نهايت داناءُ ۽ دلير انسان هو. هن سنڌ ولايت جو
جوڳو انتظام رکيو. سندس حڪومت جي زماني ۾ ملڪ ۾
امن امان قائم ٿيو ۽ ماڻهو خوش گذارڻ لڳا. آخر ۾
ڄام علي شير سير سفر ۽ شڪار تي شوق رکيو. هڪ رات
درياه جي سير تان گهر واپس اچي رهيو هو، تڏهن
حويليءَ جي دروازي تي باغي سمن سردارن جي هٿان قتل
ٿي ويو.
ڄام ڪرن
ڄام علي شير جي قتل بعد، ڄام ڪرن ڀائرن جي اتفاق
سان سنڌ جو حڪمران بنيو. ڄام ڪرن کي ٺٽي جي مکيه
اميرن ۽ درٻارين سان سخت اختلاف ٿيو. ان ڪري هن
سلطنت جي واڳن وٺڻ شرط انهن جي قتل جو پروگرام
ٺاهيو. ان مقصد لاءِ هن ٻئي ڏينهن تي شاهي درٻار
سڏائي ۽ عام خاص ماڻهن سان مختلف عنوانن تي بحث
ڪندو رهيو. آخر کاڌي جو دسترخوان وڇايائون ۽ هو
کاڌو کائي جاءِ طهارت ڏي ويو ته ڪجهه ماڻهن جي
جماعت مٿس حملو ڪيو ۽ کيس اتي ئي ٽڪرا ٽڪرا ڪري
ڇڏيائون. سندس حڪومت جي مدت ڏيڍ ڏينهن چئي وڃي ٿي.
صدر الدين ڄام سڪندر (اول)
ڄام ڪرن جي قتل کان پوءِ صدر الدين ڄام سڪندر اول
سنڌ جو حاڪم بنيو. مير محصوم ۽ مير علي شير سندس
ذڪر نه ڪيو آهي، البت جديد دور جي محققن ڪتبن ۽
قديم تحريرن جي آڌار تي ڄام سڪندر اول متعلق مختصر
مواد مهيا ڪيو آهي.
ڄام فتح خان
جملي مؤرخن ڄام فتح خان جي دور حڪومت جي ساراه ڪئي
آهي. سندس حڪومت پندرهن سالن تي پکڙيل ڏسجي ٿي.
ڄام فتح خان تخت سنڀالڻ شرط حڪومت جي قاعدن ۽
سلطنت جي ضابطن کي مضبوط ڪري، سرڪاري معاملن ۾
ڏاڍي سجاڳي ۽ هوشياري ڏيکاري. سندس سخاوت، بهادري
۽ مروت مشهور هئي.
ڄام فتح خان جي زماني ۾ سنڌ کان ٻاهر ٻه واقعا ٿي
گذريا. منگولن سنڌو درياه ٽپي دهلي ۽ ديبال پور
تائين ڦرلٽ جي بازار گرم ڪئي. هن دور ۾ 1414ع ۾
دهلي سلطنت تي ”سيد“ خاندان قبضو ڪيو. سمن سلطانن
۾ ڄام فتح خان پهريون حاڪم آهي، جنهن گجرات سان
سياسي لاڳاپن سان گڏ سماجي تعلقات به قائم ڪيا. هن
پنهنجي نياڻي ”ڄام زادي“ گجرات ۾ مخدوم جهانيه جي
پوٽي قطب عالم (1388-1454ع) سان پرڻائي ڏني. سنڌين
۽ گجراتين ۾ مٽي مائٽيءَ جو هي سلسلو پوءِ گهڻو
عرصو جاري رهيو. ڄام فتح خان سن 1428ع ۾ وفات ڪئي.
ڄام تغلق شاه جوڻو (ثاني)
ڄام فتح خان وفات کان ٽي ڏينهن اڳ، پنهنجي ڀاءُ
ڄام جوڻي (ثاني) کي ”تغلق“ جي لقب سان حڪومت لاءِ
نامزد ڪيو. ڄام تغلق سنڌ جي سلطان بنجڻ بعد ملڪ جي
سرحدن جو دورو ڪيو. امن امان کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ
هن پنهنجن ڀائرن کي بکر ۽ سيوهڻ طرف روانو ڪيو. هڪ
موقعي تي ٻروچن جي فساد ۽ فتني کي ختم ڪرڻ لاءِ
ڄام تغلق پنهنجي سر بکر طرف روانو ٿيو. ڄام جي
حڪمت تحت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، هر هڪ پرڳڻي جي حدن ۾
ٿاڻا قائم ڪيا ويا. سندس دور ۾ ”ڪلان ڪوٽ“ جي قلعي
جي اڏاوت شروع ٿي، جا سندس موت بعد به جاري رهي.
ڄام تغلق جي زماني ۾ سنڌ ۽ گجرات جا تعلقات اڃا به
وڌيڪ مستحڪم ٿيا. سيد حسام الدين راشدي ان متعلق
لکي ٿو:
”ڄام جوڻو ان وقت اندروني اختلافن سبب پريشان ۽
ٻاهرين مدد جو خواهان هيو... مولانا محمد صديق
ملتاني، ڄام جوڻي جو پير هو. هن کيس مشورو ڏنو ته
پنهنجيون نياڻيون گجرات ۾ پرڻائي...... هڪ سلطان
محمد سان ٻي قطب عالم جي فرزند شاه عالم سان......
انهيءَ سڱابنديءَ مان کيس سياسي فائدو ۽ تقويت
مدنظر هئي.......“
هن فيصلي بعد ڄام پنهنجيون نياڻيون مولانا محمد
صديق ملتاني ۽ ڄام خير الدين ۽ ڄام صلاح الدين
(ڄام جوڻي جا پٽ) جي جميعت ۾ گجرات موڪليون. بي بي
مغليءَ جو نڪاح سلطان محمد سان ٿيو. سلطان محمد کي
هن گهر مان سن 1445ع ۾ هڪ پٽ ڄائو، جو اڳتي هلي
گجرات جي تاريخ ۾ سلطان محمود بيگڙي جي نالي سان
مشهور ٿيو. جڏهن ته ڄام جي ٻي نياڻي بيبي مرڪي قطب
عالم جي پٽ شاه عالم (1414-1475ع) جي عقد ۾
آئي.(12)
ڄام جوڻو ان وقت اندروني پريشانين کان علاوه
بيروني جارحيت جي فڪر ۾ پڻ دامنگير هو. وچ ايشيا ۾
قنڌار جا منگول ابتدائي دور ۾ سمن سلطانن جا
سهڪاري رهيا هئا، ليڪن ڄام جوڻي جي زماني ۾ انهن
سنڌ کي پنهنجي تابع بنائڻ چاهيو ٿي. ان پس منظر ۾
سنڌ ۽ گجرات کي اڃا به وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ، ڄام
جوڻي ان قسم جي سڱابندي ڪئي ڏسجي ٿي. هن زماني ۾
ملتان ۾ شيخ يوسف، دهلي سلطنت کان قطع تعلق ڪيو.
اڳتي هلي لانگاهن هن شيخ کي شهيد ڪري پنهنجي سلطنت
جو اعلان ڪيو. سن1451ع ۾ لوڌي گهراڻي دهلي سلطنت
تي قبضو ڪيو. ياد رهي ته دهلي سلطنت جو هي آخري
گهراڻو هو. بعد ۾ بابر، لوڌين جو خاتمو ڪري مغل
شهنشاهت جو بنياد رکيو.
ڄام جوڻي ڊگهي حڪومت بعد وفات ڪئي. تڏهن سندس لاش
گجرات ۾ ”ملڪ ڳوٺ“ ڏي روانو ڪيو ويو. هي ڳوٺ ڄام
جي پٽن آباد ڪيو. جڏهن هو ملتاني بزرگ سان گڏ اوڏي
ويا هئا، هتي سندن محل ۽ ماڙيون توڙي جاگيرون
هيون.
(وڌيڪ پڙهو) |