پهرين خيرپور ۾ ڪورا رپيا ڪم ايندا هئا ۽ پوءِ ڪلدار ڪمپني جا رپيا ڪم ايندا هئا، جي ڪورن کان آنو ٻه وڌيڪ هوندا هئا. زمين جي آبادي لاءِ اڳي وڏو واهه ميرواهه هو. پوءِ مير علي
مراد خان ابل واهه ۽ سٺيو واهه کڻايا. وڏن وڏن شهرن ۾ هندن ۽ مسلمانن جو تعداد قريب هڪ جيترو هوندو هو. خود خيرپور شهر ۾ به مسلمان اڪثر
سنڌي، سيد، پٺاڻ، بلوچ ۽ شيدي هوندا هئا. شيدي ۽ حبشي غلام مسقط ۽ ٻين عربستان جي بندرن مان سنڌ ۾ ايندا هئا. پوءِ غلامن جو اچڻ بند ٿيو.
سنڌين ۽ سنڌياڻين سان انهن جي شادي ڪرڻ سان گڊا پيدا ٿيندا هئا. ٻولي سنڌي ڳالهائبي هئي، جا لاڙ ۽ وچولي ٻولي کان البته ٻي طرح جي هوندي
هئي ۽ اڃا به آهي. مير صاحب اڪثر سرائڪي ڳالهائيندا هئا، جا ٻولي ڪلهوڙن جي هئي، جن جا ٽالپر مريد هئا ۽ جي سڀ سري کان آيا ۽ انهيءَ ڪري
پاڻ سرائي ۽ سندن ٻولي سرائيڪي سڏبي هئي. اها پنجابي ٻوليءَ کي گهڻو ويجهو آهي.
مڪتب يا مدرسه ۾ آخوند ۽ ملا تعليم ڏيندا هئا ۽ اڪثر قرآن ۽ پارسي پڙهائيندا هئا. بلوچ اڪثر ڪين پڙهندا هئا. گهڻا مير به اڻ پڙهيل هوندا هئا. واپار جو ڪم هندن جي ذمي هو، جن
مان گهڻا شاهوڪار هوندا هئا. سرڪاري لکپڙهه سڀ پارسي ۾ هلندي هئي. انصاف جو ڪم مير صاحب پاڻ هلائيندو هو. ضروري مقدما پاڻ مير صاحب هلائيندو هو. ٻيا مقدما فيني صاحب هلائيندو هو جو مير صاحب جي عدالت جي مٿان هو ۽ سنڌي ۽
هندستاني ۾ هوشيار هوندو هو. ديواني ۽ فوجداري مقدما ساڳيا عملدار هلائيندا هئا. ڪاردار ٻنهي قسمن جا معاملا هلائيندا هئا ۽ زمين جي ڍل
وصول ڪرڻ جو به ڪم ڪندا هئا. موت جي سزا فقط مير صاحب پاڻ ڏيندو هو. مک سزا ڏنڊ ۽ قيد جي هوندي هئي. چور کان چورايل مال جي ٻيڻي يا ٽيڻي
ملهه جيترو ڏنڊ وٺبو هو ۽ پوءِ مختيارڪار يا ڪوٽوال انهيءَ کي ڇڏي ڏيندو هو. جي ڏنڊ نه ڏيندو هو ته زنجير وجهي قيد رکندا هئس، چورايل شيءَ
جو مالڪ انهيءَ جي ملهه جي چوٿين پتي ڏيندو هو. اهو ۽ جيڪي چور کان وٺبو هو سو سرڪاري يعني مير صاحب جو ٿيو. مير صاحبن جي حڪومت ۾ گهڻا
جاگيردار پنهنجي جاگير ۾ چورن کي وهڻ ڏيندا هئا ۽ انهيءَ مان موچاري چڱي پيدائش ڪڍندا هئا. چوٿائي يا چونگي جو محصول اوڳاڙڻ ۾ ايندو هو.
ڏوهارين کي سچي ڪرائڻ لاءِ ڏاڍي مارڪٽ ۽ ظلم زبردستي ڪرڻ ۾ ايندي هئي، جيئن ته لوهه تپائي ڏنڀڻ، رسن سان هٿ پير ابتا ٻڌڻ ۽ انهن تي پاڻي
وجهڻ، ٽنگن کان ابتو ٽنگڻ وغيره، مير صاحب جو وڏو پٽ ۽ ولي عهد مير فيض محمد خان خاص عدالت جي ڪم تي مقرر هو، فوجداري ۽ ديواني مقدما
هلائيندو هو.
پوليس جو بندوبست ڪوٽوال جي هٿ هيٺ هوندو هو، ۽ انهيءَ کي ويهه چوڪيدار ۽ ٻه منشي مليل هئا، پگهار ٿورو هوندو هون. ليڪن
اُنَ ملندو هون ۽ گاهه به، هر هڪ دڪان تان هڪ پيسو ماهيانو، پڳي يا پيرواڍو چورن هٿ ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ڏيندا هئا ۽ اهي ڏاڍا هوشيار هوندا هئا.
هڪ دفعي ڏنل پير مهينن کان پوءِ به سڃاڻي سگهندا هئا، جي ٻي ڪا ثابتي ڪا نه ملندي هئي ته باهه ۽ پاڻي جو امتحان وٺندا هئا، شڪي ماڻهو کي
کوهه ۾ وجهندا هئا ۽ هو مٿو پاڻي ۾ وجهي بيهندو هو ۽ ساڳئي وقت ۾ هڪڙو ماڻهو ڪمان مان تير هڻندو هو ۽ ٻيو وڃي ڊوڙي کڻي ايندو هو ۽ تيستائين
هو ماڻهو پڻيءَ ۾ رهي سگهيو ته ڄاڻبو هو ته هو بيگناهه آهي ۽ جي اڳي مٿو مٿي ڪيائين ته ڏوهاري ڄاڻبو هو. وري باهه جي آزمائش لاءِ ست هٿ
ڊگهي کڏ ۾ باهه ٻاري ٽانڊا ڪري شڪي ماڻهو جي ٽنگن کي ساون ڪيوڙن جا پن ٻڌي انهن تان لنگهائيندا هئس. جي ايذاءُ کان سواءِ لنگهي ويو ته
بيگناهه، نه ته گنهگار . لوهه جي لٺ باهه ۾ ڳاڙهي ٿيل به آزمائش لاءِ کڻائيندا هئا. غير شرعي ڪم ڪرڻ جي سزا ڏاڙهي مٿو ڪوڙائي گڏهه تي
پٺيرو ويهاري شهر ۾ گهمائڻ ۾ ايندو هو. زالن جي ڪري خون ٿيندا هئا ته تڏهن زال توڙي مڙس ٻنهي کي گڏ ڏسي ماري سگهندا هئا. پر جي ڪو ڏوهاري
ڀڄي ويندو هو يا خون بها ڏئي جند ڇڏائيندو هو يا ڪو سڱ ڏئي. اها بلوچڪي رسم نه فقط مسلمانن ۾ هوندي هئي، پر هندن ۾ به. هندن مان به جيڪي
عامل هوندا هئا، سي به ميرن وانگر سٿڻون، پهراڻ ۽ ٽوپيون وغيره پائيندا هئا. پر واڻيا ۽ شاهوڪار ڌوتيون ٻڌندا هئا. بعضي بعضي ٿوري عذر تي
هندن کي مسلمان ڪندا هئا، جيئن ته رسي چوڻ سان جو انهيءَ مان رسول جو لفظ سمجهي سگهجي ٿو. انهيءَ ڪري ويچارا هندو منشي سرڪاري لکپڙهن ۾ به
رسول آباد شهر کي وزيرآباد ڪري لکندا هئا.
تمام گهڻا هندو مير صاحب جي نوڪري ۾ هوندا هئا، بلڪه انهن کي وڏا وڏا عهدا هوندا هئا، پڇاڙيءَ ۾ مير صاحب جو وزير هندو هوندو هو، جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو. انهيءَ کان اڳ منشي
ڪشنداس، مير منشي هوندو ۽ انهيءَ جو ڀاءُ بشنداس ۽ انهيءَ جا پٽ ۽ ڀائٽيا به نوڪريءَ ۾ هوندا هئا.
مير رستم خان جي وقت کان وٺي خيرپور ۾ تمام عمدا ڪاريگر ۽ هنر وارا ماڻهو هوندا هئا. سونارا، لوهار، هٿيارن ۽ زرهن جوڙڻ وارا ۽ زينن جوڙڻ وارا وغيره سڀ اتي موجود هئا. انهن جي
ڪمن تي لک خرچبا هئا، پر مير علي مراد خان جي ڏينهن ۾ اهو خرچ گهڻو گهٽ ٿي ويو، تنهن ڪري ڪاريگر لڏي ٻين ملڪن ڏي هليا ويا. ميرن جي حڪومت ۾
عمدا هٿيار، خاص تراريون ايران ۽ ترڪستان کان اينديون هيون. بعضي هڪڙي ترار جو ملهه اڌ لک رپيا به هوندو هو، خود سنڌ ۾ تمام عمديون تراريون
ٺهنديون هيون ۽ بندوقون به سنڌي قسم جون پسند اينديون هيون ۽ ٺهنديون به هيون، مگر مير علي مراد خان هميشه انگريزي بندوقون پسند ڪندو هو ۽
هميشه ولايت کان گهرائيندو هو.
مهينا ۽ سال هجري ڪم ايندا هئا ۽ آبادي جي ڪم لاءِ فصلي سال ڪم ايندو هو. هندو ماڻهو سنبت ڪم آڻيندا هئا. وقت پهرن ۽ گهڙين سان شمار ٿيندو هو. سرڪاري وقت ڏيکارڻ لاءِ گهڙيال
گهڙي گهڙيءَ تي وڄائيندا هئا. چئن چئن پهرن يا 32 گهڙين پوري ٿيڻ تي ڌچر وڄائيندا هئا. پرهه ڦٽي مهل توب ڇٽندي هئي ۽ سج لٿي کان پوءِ ٽي
گهڙي مهل ڪوٽواليءَ ۾ نوبت وڄندي هئي، چار ڀيرا اهي نغارا وڄندا هئا، چوٿين دفعي وڄڻ کان پوءِ توب لڳندي هئي. انهيءَ کان پوءِ جي ڪو ماڻهو
ٻاهر گهمندو ڏسڻ ۾ ايندو هو ته چور يا خرابي ڪندڙ ڄاڻي روڪيو ويندو هو ۽ چوڪيدار انهن کي پڪڙي ويهاريندا هئا.
ڏيجي جو ڪوٽ، جو خيرپور کان اٺ ڪوهه پري آهي، انهيءَ ۾ توبون رکيل هيون، اڳي انهيءَ ۾ ڪنهن به يوروپي آفيسر کي وڃڻ نه ڏيندا هئا. انهيءَ جي در وٽ هڪڙو باغ هوندو هو جنهن جو
نالو دروازو باغ هوندو هو. انهيءَ ۾ ملاقات ٿيندي هئي. ڪوٽ ۾ مير سهراب خان جون جوڙايل عظيم توبون، گولا ۽ بارود وغيره رکيل هئا. هڪڙي توب
جو نالو صفن صفا ملڪ ميدان ۽ ٻي جو مريم، اهي تمام پري پنڌ تائين گولا اڇلائينديون هيون، سندن منهن ايڏو وڏو هو جو انهن ۾ ماڻهو ويهي سگهي.
بلڪه جيستائين مير علي مراد خان حيات هو تيستائين مير صاحب پنهنجي ملڪ مان آگ گاڏي کي به لنگهڻ نه ٿي ڏنو ۽ نه ڪنهن ٻئي قسم جو داخل ڪرڻ تي
ڏنائين. گاڏي يا سرڪاري وزير وغيره جو جيڪو بندوبست ٿيو اهو مير صاحب جي وفات کان پوءِ ٿيو. انهيءَ ڪوٽ ۾ خيرپور اچڻ کان اڳي مير علي مراد
خان پنهنجو هندستاني ۽ پنجابي ۽ پٺاڻ ۽ ٻين ٻاهرين ماڻهن جو گهڻو لشڪر رکندو هو، جنهن تي گهڻو پيسو خرچ ڪندو هو، ايتري قدر جو بعضي انهن
کي پگهار وقت تي نه ملندو هو ته هو فساد ڪندا هئا، بلڪه اهڙي هڪڙي فساد مهل هڪڙي انگريز آفيسر کي خيرپور ۾ اچي بندوبست ڪرڻو ۽ ضامن پوڻو
ٿيو. اهو فساد سن 1882ع ۾ ٿيو، جيڪي بدمعاش ڏوهاري جنم قيد وارا ڪوٽ ۾ هئا سي هڪڙي جمعي جي ڏينهن وجهه وٺي اندران در بند ڪري پنهنجون
ٻيڙيون ڀڃي توبون هڻڻ لڳا ۽ ميرن جي جاين کي نقصان پهچايائون ۽ گهڻا ماڻهو مئا ۽ ڦٽيا. آخر مير صاحب گهيرو ڪرائي ڪوٽ ورتو. ڪلڪٽر سنڪليئر
صاحب ننگر مان جيڪب جو رسالو وٺي آيو، جنهن دست اندازي ڪرڻ ڪري مير صاحب گهڻو رنج ٿيو ۽ مٿي پڪاريائين به، مير صاحب اڪثر شڪار لاءِ ٻاهر
رهندو هو ۽ سندس نوڪرن جو لشڪر گهوڙن سميت به ساڻس رهندو هو، سندس مختيارڪار به مير جڏهن ڪوٽ ۾ ايندو هو تڏهن اڪثر هيئن ڪندو هو جو صبح جو
سوير شڪار تي ويندو هو. نائين ڏهين بجي موٽي اچي ناشتو کائيندو هو. پوءِ لانڍي ۾ ڪچهري ڪندو هو. عريضيون ملنديون هيون ته اهي پڙهي عرضدارن
کي چوندو هو ته اوهان جو جاچ بعد بندوبست ڪبو. پوءِ جيڪا ٽپال هوندي هئي، تنهن جو نيڪال ٿيندو هو. پوءِ راڳ، ڳائڻ ۽ وڄائڻ وارا ايندا
هئا، پوءِ آرام ڪندو هو ۽ ماڻهو به وڃي آرام ڪندا هئا، جڏهن وري ٻپهرن کان پوءِ اٿندو هو. تڏهن وهنجي سهنجي بندوق سان نشان چٽيندو هو يا
ڪتن ۽ بازن جو شڪار ڏسندو هو. اهو سندس هر روز جو ڪم هوندو هو.
ٽپال جو بندوبست هي هوندو هو ته جيڪي خط ٻاهر وڃڻا هوندا هئا، سي هڪڙي پيتي ۾ پوندا هئا، جا ڪوٽواليءَ ۾ رکيل هوندي هئي، ۽ چوڪيدار انهيءَ تي نظر ڪندو هو. پوءِ ڪوٽواليءَ جو
منشي اچي شام جي وقت سڀ خط ڪڍي گڏ ڪري رسيءَ سان ٻڌي، ڪڙهه ۾ نيندو هو، جتي ڏاڪ واري مقاطعدار جا گهوڙا هوندا هئا. سج لٿي جو ڏاڪ وارو
روهڙيءَ ۾وڃي سرڪاري پوسٽ آفيس ۾ وجهندو هو. هڪڙي ڀيري سرڪاري ٽپال کاتي جو يورپي آفيسر خيرپور ۾ آيو هو ۽ گهڻي خواهش ڪيائين ته ٽپال جي
بندوبست ۾ سڌارو ڪجي، پر مير صاحب انهيءَ کي به دست اندازي ڪرڻ نه ڏني، باقي ملڪ جي اندر قاصد ٽپال کڻي ويندا هئا.
مير صاحب کي شڪار جو شوق گهڻو هوندو هو، تنهن ڪري گهڻيون آباد زمينون به ٻيلا ۽ مهاڙيون ٿي ويون. شڪار گاهن تي هزارين رپيا خرچ ٿيندا هئا، انهن جي سنڀال لاءِ ۽ شڪار جي بدوبست
لاءِ وڏو عملا هوندو هو رکيل هئا ۽ سخت بندش جا قانون هئا. انهيءَ لاءِ وڏا وڏا ڳوٺ ڦٽائي ڇڏيا هئائين. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو شڪارگاهن ۾
شڪار ڪندو هو ته ان کي سخت سزا ملندي هئي. اهڙن وقتن تي عزيزي خويشي ۽ ٻي مروت وسري ويندي هئي. شڪار رڳو ڏينهن جو نه ٿيندو هو پر رات جو
کڏڻن ۾ به ٿيندو هو. شڪارگاهه مان سوئر ۽ ٻيا جانور پاسي وارن ڳوٺن ۾ وڃي پوکون زيان ڪندا هئا ته انهن کي مارڻ ۽ ٽاهڻ جو ڪنهن کي حڪم نه
هوندو هو. شڪارين جو ڪم گهڻن وڏن ڪامورن کان انهيءَ نسبت ۾ زياده هوندو هو. ڪڏهن انهن شڪارن ۾ مير صاحب سان گڏ عالي سرڪاريون يا سندس گشت
تي هلڻ وارا ديرا به شامل ٿيندا هئا. شڪار ۾ ٽي ڏينهن هڪ هنڌ منزل مشڪل ٿيندي هئي. بعضي ته صبح جو هڪ هنڌ ۽ شام جو ٻئي هنڌ منزل ٿيندي هئي.
شهرن ۾ رهڻ کان، خاص خيرپور ۾ رهڻ کان مير صاحب کي نفرت ايندي هئي. شايد انهيءَ سبب ڪري جو انهيءَ شهر ۾ هن ننڍي هوندي پنهنجي والد جي وفات
کان پوءِ گهڻيون تڪليفون سٺيون هيون. اهي پنهنجون عادتون ولايت ۾ به وٺيو آيو ۽ لنڊن جي ٻن تماشن ۽ وڏن ماڻهن جي ملاقاتن جو به خيال نه
رهندو هوس. شڪارگاهن جي مير صاحب کي ايتري ڳڻتي رهندي هئي، جو سن 1939ع واري عهد نامي ۾ اهڙو هڪڙو شرط وڌو ويو هو ته انهن ۾ ڪنهن به قسم جي
دست اندازي نه ٿيندي. هڪڙي ڀيري سرڪاري آفيسرن ڏي ائين به لکيائين ته شڪارگاهون اسان کي اهڙيون پياريون آهن جهڙا اسان جا آل ۽ عيال. مير
فتح علي خان ته چار پنج لک رپيا سال ۾ شڪار جي پٺيان خرچندو هو. پر گهڻو ڪري سڀني ميرن کي اهو شڪار جو شوق نه پر مرض هوندو هو.
انهيءَ وقت ڌاري جيڪي مير صاحب سنڌ ۾ هئا، تن جي نسبت ۾ هيءُ چوڻي عام هئي، جنهن مان سندن طبيعت ۽ مشغولي جي خبر ٿي پوي.. ”مير نصير خان رنگ ۾ (يعني عيش عشرت ۾) مير سهراب خان
جنگ ۾ (يعني ملڪ هٿ ڪرڻ ۽ وڌائڻ ۾). مير رستم خان ڀنگ ۾ (يعني نشه خوري ۾) مير علي مراد خان جهنگ ۾ (يعني شڪار ۾).
ولايت مان موٽڻ کان پوءِ مير صاحب وٽ سندس مختيارڪار يا خزانچي هوت سنگ برک هوندو هو. انهيءَ ڪري ننڍا مير توڙي ٻيا وڏا ماڻهو مٿس حسد ڪندا هئا. پيسن جي ڏيتي ليتي سڄي انهيءَ جي
معرفت ٿيندي هئي. گهربل پيسا هميشه اهو موجود ڪري ڏيندو هو. مير صاحب جو انهيءَ تي ۽ مير منشي ۽ ڪشنداس ۽ سندس ڀاءُ وشنداس تي گهڻو ويساهه
هوندو هو. حڪيم امام الدين، جو پهرين مير صاحب وٽ وڏو مان لهندو هو ۽ ساڻس گڏ ولايت ۾ به هو، تنهن کي هوت سنگ ۽ سيد جعفر علي شاهه چوري
ڪڍايو، بلڪ قيد ۾ وجهرايو. انهيءَ سيد کي مير صاحب گهڻو مان ڏيندو هو.
مير صاحب پاڻ توڙِ ٻيا مير صاحب، جهڙا خيرپور وارا تهڙا حيدرآباد وارا مذهب جا شيعا هوندا هئا، مگر سندن ڪن خدمتگارن کانسواءِ ٻيا ماڻهو سڀ سني هوندا هئا. محرم ۾ تعزيا، تابوت ۽
سيجون وغيره کڻندا هئا ۽ نغارا وڄرائيندا هئا ۽ عاشورن ۾ ڪارا ڪپڙا ڪندا هئا ۽ نذر نياز ڪندا هئا. انهيءَ ڪري خيرپور جا عاشورا سنڌ ۾ مشهور
هوندا هئا ۽ انهيءَ کان پوءِ سيوهڻ جا، سيد جعفر علي شاهه ۽ امام علي شاهه ڪربلائي کي تمام گهڻي تعظيم ڏيندا هئا ۽ ٻيا سيد به انهيءَ ۾
شامل ٿيندا هئا، انهن کي خاص بخششون ملنديون هيون. انهن سيدن کي ساري رياست جي پيدائش مان چاليهون حصو ملندو هو، جنهن مان محرم جو خرچ
تمام گهڻو ڪندا هئا. سيد امام علي شاهه کانپوءِ سندس ٻه پٽ علي رضا شاهه ۽ علي حسين شاهه کي ساڳيو پيءُ وارو مان ۽ انعام اڪرام ملندو هو.
سيد مهر دريا شاهه هر سال عاشورن ۾ ايندو هو ۽ ماتم ڪندو ۽ ڪرائيندو هو ۽ وڏا انعام اڪرام پائيندو هو. مير صاحبن جي پيروي ڪري هندو ماڻهو
به ماتم ڪرڻ ۽ نذر نياز ڪرڻ ۽ ٻئي اعتقاد رکڻ ۾ شامل ٿيندا هئا. عاشورن جي ڏينهن ۾ خود مير صاحب شڪار بند ڪري ڏيجي جي ڪوٽ ۾ اچي رهندو هو ۽
ماتم ڪندو هو ۽ انهيءَ سبب ڪري مير صاحب جي وفات کان پوءِ سندس وصيت موجب سندس لاش ڪربلا ڏي موڪليو ويو ۽ اتي خاص حجري ۾ دفن ڪيو ويو ۽
گهڻو خرچ نذر نياز ۽ خيرات تي ڪيو ويو، جيئن مٿي ذڪرڪيو ويو ته مير علي مراد خان جو مرشد يوسف فقير کوکر هوندو هو، جو اڳڙن جي ويجهو
رهندو هو. اهو يوسف فقير درازن واري سچل فقير جو مريد ۽ خليفو هو. انهيءَ ڪري مير صاحب درازن واري درگاهه کي گهڻي داد دهش ڪندو هو.
مير علي مراد خان مرحوم جي حڪومت جي شروع ۾ توڙي پڇاڙيءَ ۾ انگريز سرڪار وٽ ڪيتري عزت هئي سا مٿين لکڻي مان معلوم ٿيندي. هتي زياده ايترو لکڻ مناسب آهي ته سرڪاري اعليٰ آفيسر
جيئن ته گورنر صاحب بهادر وغيره سان ملاقات ڪرڻ وقت جيڪا رسم ادا ٿيندي هئي سا بيان ڪجي، جو انهيءَ مان به زياده تعظيم معلوم ٿيندي ۽ اها
گهڻو ڪري اڃا تائين اهڙن وقتن تي هلندي اچي ٿي.
جڏهن مير صاحب انگريز سرڪار جي حد ۾ ايندو هو تڏهن پهرين ٻه يوروپين آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي در جي وارا ڪمشنر صاحب جي مير منشي سميت مير صاحب جي استقبال لاءِ
ويندا هئا ۽ گهڻي عزت سان کيس وٺي سندس ٺهرايل تنبو يا بنگلي ۾ آڻيندا هئا. پوءِ جڏهن ٺهرايل وقت تي مير صاحب گورنر صاحب وغيره جي بنگلي يا
تنبوءَ ۾ ملاقات لاءِ ايندو هو، تڏهن انهيءَ صاحب جو سيڪريٽري ضلعي جو ڪليڪٽر صاحب ٻاهر اچي مير صاحب کي هٿ ڏئي اندر وٺي ويندا هئا ۽ اندر
صاحب پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي ڪيترا قدم کڻي اچي ملندو هوس ۽ هٿ ۾ هٿ ڏئي اندر وٺي وڃي پنهنجي سڄي پاسي خاص ڪيمخواب جي پوش واري ڪرسيءَ تي
ويهاريندو هو. انهيءَ وقت ٺهرايل تعداد توبن جو ڇوڙيندا هئا، جتي توبون نه هونديون هيون، اتي بم گولا ڇوڙيندا هئا. ڪلاڪ کن جي صحبت کان
پوءِ مير منشي گلاب پاڻي، عطر ڏيڻ ۽ پان سوپاري يا چاءِ وغيره جي رسم پوري ڪندو هو. پوءِ جيڪي تحفا مير صاحب جي طرفان آندا ويا هوندا سي
پيش ٿيندا هئا، جيئن ته ڪي قيمتي هٿيار، ڪيمخواب، لنگيون وغيره، پوءِ رخصت وٺي مير صاحب نڪردو هو ۽ ساڳي طرح موٽندو هو ۽ ساڳي طرح توبون
ڇٽنديون هيون، جيڪڏهن رات رهڻ جو اتفاق ٿيندو هو ته سرڪار جي طرفان مير صاحب ۽ سندس صاحبزادن ۽ عملي جي لاءِ مهمانيءَ جو بندوبست ٿيندو
هو، جو اڪثر مير منشي ڪندو هو.
ٻئي ڏينهن وري باز ديد ملاقات ٿيندي هئي ۽ گورنر صاحب بهادر وغيره مير صاحب جي بنگلي يا تنبوءَ تي ايندو هو. ٻه صاحبزادا ڪن خاص اميرن سان گڏ يا سندس وزيرن سان گڏ صاحب جي
استقبال لاءِ ٻاهر ويندا هئا ۽ صاحب کي وٺي اندر ايندا هئا ۽ اچڻ وڃڻ وقت توبن جي سلامي ٿيندي هئي ۽ تحفا ڏيڻ ۾ ايندا هئا. جيئن ته
تراريون، بندوقون ۽ پستول، وغيره، مير صاحب جي طرفان پڪل طعام، مٺايون ۽ ميوا موجود ڪبا هئا، جي مير صاحب ۽ صاحبزادا، صاحب سان گڏ کائيندا
هئا ۽ رات جي وقت آتشبازي ۽ چراغ بندي ٿيندي هئي. ڏينهن جو هر قسم جو شڪار جانورن ۽ پکين جو ٿيندو هو، جنهن ڪري مهمان صاحب گهڻو خوش ٿيندا
هئا. صاحب جي عملي وارن مسلمانن کي رڌل طعام ملندو هو ۽ هندن کي ڪچو سيڌو ملندو هو.
معلوم هجي ته مرحوم مير علي مراد خان جي حڪومت جي عرصي ۾ ڪمشنر صاحب بهادر جو منشي مرحوم خدا داد خان هو، جو هميشه اهڙين ملاقاتن وقت ڪم ايندو هو. اهو صاحب ترين افغاني خاندان
جو هو ۽ سکر جو رهاڪو ۽ پارسي ۾ قابل هو ۽ ڪي ڪتاب به لکيا اٿس ۽ 1853ع کان وٺي ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ رهيو ۽ تمام گهڻن ڪمشنرن صاحبن سان
گذاريائين جي سڀ مانُ ڏيندا هئس. پوءِ مختيارڪاري جي درجي تي اچي به اتي ڪم پئي ڪيائين، سندس حسن خدمتي جي ڪري خان بهادري جو لقب مليس ۽
جاگير ۽ زمين مليس، وقت بوقت انعام ملندا رهيس. آخر ۾ پينشن ورتائين ۽ وفات تائين سکر ۾ گوشه نشين ٿي رهيو. سنڌ جي مسلمانن جي لاءِ گهڻا
چڱا ڪم ڪيائين، کيس ٻه پٽ آهن هڪڙو عبدالمجيد خان جو ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ نوڪر هو ۽ هاڻي ڊيپوٽي مئنيجر انڪمبرڊسٽيس جو آهي ۽ ٻيو
عبدالحميد خان جو ولايت مان تعليم وٺي آيو آهي ۽ پنهنجي والد جي جاءِ تي جاگيردار ۽ زميندار آهي ۽ ميونسپل ڪمشنر به آهي.
باب پندرهون
سر مير فيض محمد خان جي حڪومت
مرحوم مير علي مراد خان جي وفات کان ھڪ ھفتو پوءِ يعني تاريخ 7- اپريل سن 1894ع مطابق پھرين شوال سن 1211هه يعني عيد جي ڏينهن سندس پٽ مير فيض محمد خان کي حڪومت جي گادي تي
ويھاريو ويو ۽ مٿس پڳ رکي ويئي. انهيءَ ڏينهن خيرپور ۾ ھڪڙو وڏو جلسو ڪيو ويو. جئلس صاحب، سکر جو ڪليڪٽر، جو خيرپور جو پوليٽيڪل ايجنٽ ھو
سو به آيو ۽ سڀ مير صاحب ۽ ٻيا وڏا ماڻھو اچي گڏ ٿيا. مير فيض محمد خان وڏي شان ۽ شوڪت سان آيو ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ صاحب ھڪڙي تقرير ڪئي،
جنهن ۾ مير صاحب کي مخاطب ٿي چيائين ته اوھان جي والد بزرگوار وانگي اوھان تي به انگريز سرڪار پورو ڀروسو ٿي رکي ۽ اميد ٿي رکي ته اوھين به
ان وانگي پنهنجا سڀ حق بجا آڻيندؤ ۽ پنهنجي رعيت کي سکيو رکندؤ). مير صاحب مناسب لفظن ۾ سندس شڪر گذاري ڪئي. سن 1894ع جي اپريل مھيني ۾ مير
صاحب جي منظوريءَ سان انگريز سرڪار کيس خان بهادر قادر داد خان ڊيپوٽي ڪليڪٽر کي وزير ڪري ڏنو، جنهن کي سن 1893ع ۾ سي آءِ اي جو خطاب مليو
ھو، جو انگريز سرڪار وٽ تمام ھوشيار ۽ آزمودگار عملدار شمار ٿيل ھو.
انهيءَ کان پو مير فيض محمد خان رياست جي حڪومت جو ڪم شروع ڪيو ۽ پنهنجي وزير جي معرفت ۽ سندس صلاح سان ملڪ ۾ ٿورو ٿورو ڪري گھڻا سڌارا ڪيائين، پريندي پريندي انهيءَ وزير صاحب
ديوان اتم چند ۽ ٻيا جيڪي ديوان مرحوم مير علي مراد خان وٽ برکه ھئا ۽ جن جي گھڻي ھلندي ھئي تن کي خيرپور مان ٻاھر ڪڍيو، جي وڃي روھڙي ۽
سکر ويٺا. پوءِ انگريز سرڪار جي انتظام ۽ حڪومت جي بندوبست جي نموني تي رياست ۾ بندوبست ڪرڻ لڳو. سڀني کاتن ۾ سڌارو ڪرڻ لڳو. انهيءَ ۾
ڪمشنر صاحب بهادر ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ صاحب جي صلاح سان ھو ڪم ڪندو ھو، تنهن ڪري کيس ڪا به دقت پيش نه آئي ۽ مير صاحب به انهيءَ نظر تي ساڻس
شامل رھيو. اگرچه ڪن ڳالھين ڪري مير صاحب کي روڪ ۽ بندش ٿي ٿي، پر ھو ملڪ جي فائدي ۽ خلق جي سڌاري ۽ انگريز سرڪار جي مرضيءَ جي خلاف ڪجهه
ڪري نٿي سگھيو. انهيءَ وزير صاحب جا گھڻا ئي اتي جا شاھوڪار ماڻھو ۽ ننڍا مير دشمن ٿي پيا، جيئن ته وزير صاحب جرات وارو ماڻھو پنهنجو خير ۽
سڌاري جو ڪم ڪندو رھيو. ان ڪري انگريز سرڪار به مٿس ڪيل دانهن تي خيال ڪو نه ٿي ڏنو، انهيءَ ڪري رياست ۾ اھڙا سڌارا ٿي ويا، جي اڳي ڪڏھن نه
ٿيا ھئا ۽ سگھو ئي ماڻھو انهيءَ جو فائدو وٺڻ لڳا. مير فيض محمد خان به پنهنجي والد وانگي شڪار جو شوقين ھوندو ھو ۽ ھميشه گشت ۾ رھندو
ھو، تنهن ڪري ملڪ جي سڌاري جو بار سڄو ئي وزير صاحب تي ھو، جنهن کي رڳو کانئس دستوري منظوري وٺڻي پوندي ھئي.
انهيءَ بندوبست جو نتيجو اھو ٿيو ته رياست جي اندر ٿورئي عرصي ۾ ھڪ سؤ کان وڌيڪ اسڪول پئجي ويا ۽ خاص طرح خيرپور ۾ ھنري ۽ ديني ۽ ٻيا، وڏا وڏا اسڪول جاري ٿي ويا ۽ سوين شاگرد
تعليم وٺڻ لڳا. گھڻا ٻيلا وڍجي ويا. آبادي زياده ٿيڻ لڳي. بٽائي، ڍل ۽ ٻي پيدائش جو بهتر بندوبست رکيو ويو. وڏا وڏا کوهه کوٽيا ويا ۽ پليون
ٻڌايون ويون ۽ پڪا رستا جوڙيا ويا. مطلب ته سگھو ئي ملڪ جي پيدائش اڳوڻن پنجن لکن جي بدران پندرھن لک ٿي ويئي. عمارتون به وڏيون ۽ عمديون
جڙي ويون. ھڪ لائبرري يا ڪتب خانو ۽ ھڪ اسپتال ۽ چار ڊسپينسريون جاري ٿيون، ھڪڙي ننڍي پيادل پلٽڻ رکي ويئي.اسڪول سان گڏ شاگردن جي رھائش ۽
کارائڻ پيارڻ لاءِ به بندوبست ڪيو ويو. ڪراچي مدرسته الاسلام ۾ سالياني ڇھن ھزارن رپين ڏيڻ کان سواءِ ٻيا ڏهه ھزار رپيا ھوسٽل جي لاءِ ڏنا
ويا. جيڪي سڌارا ٿيا تن جو مفصل بيان ھيٺ ڏنو ويندو.
سن 1894ع ۾ جڏھن سر ايوان جيمس صاحب کان پوءِ سر چارلس آليونٽ صاحب سنڌ جو ڪمشنر ٿيو ۽ ھز ايڪسنيلنسي وائسراءِ صاحب ۽ بمبئي جو گورنر صاحب بهادر لارڊ سئينڊ ھرسٽ ڪراچي ۾ آيا،
تڏھن سکر ۾ مير صاحب به اچي ساڻن ملاقات ڪئي ۽ وري مٿين صاحبن روبرو ملاقات پير صبريه وٽ ڪئي، جو ڳوٺ رياست جي حد ۾ آھي.
سن 1899ع ۾ وري به ساڳيو گورنر صاحب بهادر لارڊ سئنڊ ھرسٽ جيڪب آباد ۾ آيو ۽ اتي درٻار ڪيائين ۽ مير صاحب به اتي ويو ۽ اتي کيس سي. آءِ. اي جو خطاب مليو ۽ پنهنجي والد مرحوم
وانگي نائيٽ ٿيو ۽ سر جولقب مليس.
سن 1900ع ۾ وري به ھزايڪسيلينسي واسئسراءِ صاحب سان ڪراچي ۾ ملاقات ٿي. ھز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بمبئي جي سان ڪوٽ ڏيجي ۾ ملاقات ٿي.
سن 1903ع جي جنوري مھيني ۾ دھليءَ جي درٻار ٿي، جنهن ۾ ٻين راجائن ۽ نوابن وانگر مير صاحب به اوڏانهن ويو ھو. انهيءَ درٻار جو مختصر احوال ھي آھي. شھنشاهه جي طرفان ھز
ايڪسيلينسي وائسرراءِ لارڊ ڪرزن درٻار جي تخت تي ويٺو ۽ سڀني نوابن ۽ مھاراجائن ۽ راجائن ۽ ٻين درٻارين صاحب موصوف جو سلام ڪيو. پوءِ درٻار
مان سڀئي نواب ۽ راجائون ھاٿين جي سواري سان نڪتا، پھرين سڀ کان وڏي ھاٿي تي لارڊ ۽ ليڊي ڪرزن سوار ٿيا، پوءِ ھڪ پاسي ڊيوڪ آف ڪئناٽ ۽ ٻئي
پاسي لارڊ ڪچنر جا ھاٿي ھئا. انهيءَ جي پٺيان نظام حيدرآباد دکن ۽ پوءِ نمبر وار ٻيا نواب ۽ راجائون ھاٿين تي ھئا. ھز ھائينس مير فيض
محمد خان انهيءَ جلوس ۽ سرگشت ۾ شامل ٿي نه سگھيو، جيتوڻيڪ خان بهادر قادر داد خان وزير سندس لاءِ ھندستان جي بلند شھر مان ھڪڙو عمدو ھاٿي
به خريد ڪري موجود ڪيو ھو ۽ ان جو ساز سامان به تيار ڪرايو ھئائين. مگر افسوس جو پيري ۽ ضعيفي سبب ھز ھائينس سواري جي تڪليف پاڻ تي گوارا
ڪري ڪين سگھيو، جنهن ڪري انهيءَ جلوس ۾ شامل نه ٿيو، مگر درٻار ۾ وڃي حاضر ٿيو ھو ۽ اتي کيس چڱي عزت ملي، راجائن جي ڪيمپ ۾ مھاراجا
ڪولاپور جو ۽ نواب پالن پور جو ۽ نواب عدن جو وٽس ملاقات لاءِ آيا ھئا. انهيءَ درٻار جي موقعي تي وزير صاحب جي حڪمن ۽ ھدايتن موجب ڪيئمپ جو
عمدو انتظام دھلي ۾ ڪيل ھو. خيرپور مان ويندي خواھ دھلي مان موٽندي رياست بهاولپور جي طرفان مھماني جو عمدو بندوبست ٿيل ھو.
انهيءَ سال 1903ع جي مئي مھيني جي 31 تاريخ خان بهادر قادر داد خان اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ وفات ڪري ويو. سندس جاءِ تي سردار محمد يعقوب خان وزير مقرر ٿيو. خان بهادر جو احوال
ٻئي باب ۾ ڏنو ويندو. مرحوم مير فيض محمد خان سان به مون کي معرفت ۽ ملاقات جو شرف حاصل ٿيو ھو. پر ٽي ڀيرا ڪراچيءَ ۾ به ڪنهن ٻئي ھنڌ
ملاقات جو اتفاق ٿيو ۽ پاڻ نهايت مھرباني سان پيش ايندو ھو. سندس مھرباني جي ڪري ھڪڙي ڳالهه ڪافي آھي ته ٻه ٽي ڀيرا جڏھن پنهنجن وزيرن سان
ڪنهن سبب جي ڪري رنج ٿي ٿيو، تڏھن مون کي وزير ٿيڻ لاءِ خواھش ڪيائين ۽ انهيءَ مطلب لاءِ معتبر ماڻھو ۽ خط ٿي موڪليائين، پر مون کي ڪي
ڳالھيون پسند نه آيون ۽ ڪي آڇيل شرط نامناسب نظر آيا، تنهن ڪري شڪر گذاري سان معافي گھريم، نموني لاءِ سندس ھڪ خط جو نقل ٿو ڏيان جو مختصر
آھي، جنهن مان سندس علميت ۽ فضيلت ظاھر آھي. اھي سڀ خود سندس ھٿ جا لکيل آھن ۽ تمام خوش خط آھن.
عاليجاھ رفيع جائگاه دوست مھربان خير خواه از آبا و اجدءَ مرزا قليچ بيگ خان سلامت- معتمد الخدمت غلام رسول خدمتگار را بنا بر خير عافيت پرسي آن دوست روانه فرموده شد مھرباني
نموده از خيريت طبع خوش اطلاع، کنند که تسلي شود و آنچ معتمد مذڪور زباني بيان کند معتبر تصور فرمايند خاص خيال دلي ھمين ست که بازوي آن
دوست معرفت صاحب مشفق مھربان پوليٽيڪل ايجنٽ صاحب برائي عھدھ وزارت خود درخواست ڪرده گرفته شود ليڪن معلوم ھست که آن عاليجاھ اينمعني را
قبول خواھند ڪرديانه مھرباني نموده ازراي، خود خبر دھند- رقعه فيض محمد بنده خدا يا مھو خود.
سن 1940ع ۾ جڏھن ھز ايڪسيلينسي لارڊ لئمنگٽن گورنر صاحب بهادر بمبئي جو خيرپور آيو ۽ سردار محمد يعقوب وزير ھو، تڏھن سندس خواھش موجب جيڪو مرحبائي شعر جلسي ۾ پڙھڻ لاءِ مون لکي
موڪليو ھو سو ھتي ڏجي ٿو، جو انهيءَ ۾ مير صاحب جي حڪومت ۾ يارھن ورھين جي عرصي ۾ رياست جي علحدن سڌارن جو ذڪر آيل آھي. |