سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: خيرپور رياست

 

صفحو ؛ 4

باب ستون

هيٺ ڏکڻ ۾ مير غلام علي خان،

مير ڪرم علي خان ۽ مراد علي خان جي حڪومت ۽

مٿي اتر ۾ سهراب خان جي حڪومت

 

جنهن ڏينهن مير فتح علي خان وفات ڪئي، انهيءَ ڏينهن يا انهيءَ جي ٻئي ڏينهن کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو مير صوبدار خان رکيائون ۽ چوٿين پنجين ڏينهن مير غلام علي خان گادي تي ويٺو. سڀ بلوچ سردار مسند نشيني جي ۽ ٻار جي ڄمڻ ۾ مبارڪ ڏيڻ ۽ ڀاءُ جي وفات جي ساڻس فاتحه ڪرڻ لاءِ مير وٽ آيا. مير سهراب خان به انهيءَ ڪم لاءِ آيو مگر مير ٺارو خان ڪين آيو، جو اهو مير سان رنج هو. سگهو ئي نوڪرن جي ڳالهه تي طرفين جو تڪرار ٿيو ۽ جنگ لڳي، جنهن ۾ مير ٺارو خان زخمي ٿيو ۽ قيد ٿي پيو. جڏهن ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو تڏهن کيس عزت آبروءَ سان روانو ڪيو ويو.

ٻئي سال ۾ زمان شاهه جي جاءِ تي شجاع الملڪ ڪابل ۾ بادشاهه ڪيو ويو، جو زمان شاهه کي فتح علي شاهه قاجار ايران جي بادشاهه شڪست ڏئي قيد ڪري، لوهه جي شيخ تپائي اکين مان لنگهائي انڌو ڪري ڇڏيو هو. سن 1803ع ۾ شجاع الملڪ وڏو  لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو. گهڻا ماڻهو ڊپ کان ٿر ڏي ڀڄي ويا. مير غلام علي خان لشڪر گڏ ڪري مير مراد علي خان کي حيدرآباد ۾ ڇڏي پاڻ شڪارپور آيو. لاڙڪاڻي وٽ مير سهراب خان به اچي گڏيس. پوءِ صلاح مشورو ڪري وڪيل موڪلي اهو ٺهراءُ ڪرايائون ته مير ڏهه لک رپيا سردست ڏين ۽ اڳتي هر سال پنج پنج لک ڍل موڪليندا رهن. ميرن اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ بادشاهه موٽِ ڪابل ويو ۽ مير غلام علي خان موٽي حيدرآباد آيو ۽ مير سهراب خيرپور ويو.

ٿوري وقت کان پوءِ قلات جي خان محمود خان سان نئين سر دوستي جاري  ڪئي ويئي ۽ مير غلام علي خان جي سندس ڀائٽيءَ سان شادي ٿي، جا ڀاڳناڙي ۾ ٿي. هوڏانهن دائود پوٽن جي حاڪم محمد صادق خان سان اُچ جي ڪن سيدن جي حق ڦرجڻ ڪري تڪرار ٿيو، جنهن تي مير ظاهر خدمتگار کي لشڪر ڏئي موڪليو ۽ انهيءَ بهاولپور تي ڪاهه ڪئي پر آخر صلح ٿيو ۽ سيدن جي حق واري زمين هنن کي موٽي ملي ۽ سبزل ڳڙهه وارو پرڳڻو سبزل ڪوٽ سميت ميرن کي مليو ۽ خان جو پٽ بهاول خان شرطن بجا آڻڻ تائين اول ڏنو ويو جو سگهو ئي پوءِ حيدرآباد مان موٽايو ويو.

انهيءَ  ساڳئي سال ۾ ڪڇ ۾ ۽ سنڌ ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ ماڻهو اَنَ تي پنهنجا ٻار وڪڻڻ لڳا. مير تمام گهڻو ان خزاني مان خريد ڪري ماڻهن کي ڏنو ۽ وڪڻيل ٻار موٽائي وٺي ڪڇ ڏي موڪليا، جنهن ڪري ڪڇ جو راءُ ۽ انگريز سرڪار خوش ٿيا ۽ سندن وچ ۾ دوستي قائم ٿي، ٻن ورهين کان پوءِ سن 1227هه مطابق 1811ع ۾ مير غلام علي خان کي شڪار ڪندي هرڻ جو سِنڱُ پير ۾ لڳو ۽ زخم ٿي پيس، جنهن خرابي ڪئي ۽ نيٺ انهيءَ وگهي وفات ڪيائين ۽ مير ڪرم علي خان سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو. اگرچه مير مير محمد نالي پٽ هوس. مير مراد علي خان به ساڻس گڏ حڪومت ڪندو هو، جيئن پهريان چار ئي ڀاءُ گڏ ۽ پوءِ ٽئي ڀائر گڏ حڪومت ڪندا هئا، جنهن کي چؤياري سڏيندا هئا.

مير غلام علي خان جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ يعني سن 1809ع ۾ انگريز سرڪار ۽ سنڌ جي ميرن جي وچ ۾ عهدنامو ٿيو، جنهن موجب طرفين جي وچ ۾ دوستي قائم ٿي ۽ هڪٻئي وٽ وڪيلن جي اچڻ وڃڻ جو رستو کليو ۽  ميرن انجام ڪيو ته سنڌ ۾ فرينچ ماڻهن کي اچڻ ۽ رهڻ نه ڏيندا. هن مير جي راڄ ۾ صلح قائم هو ۽ علم ۽ هنر زور ورتو. ۽ ايران جي بادشاهه سان دوستي قائم ٿي ۽ وڪيلن جي به آمدرفت شروع ٿي ۽ انگريز سرڪار سان تازو عهدنامو ٿيو، جنهن موجب انگريز سرڪار سنڌو نديءَ جي سروي ڪرڻ لڳي ۽ بمبئي جي گورنر صاحب جي پاسي سان ڪڇ جي پاسي کان واپار جي آيل مال تي محصول نه پوڻو هو.

سن 1814ع ۾ شاهه شجاع، محمد عظيم خان کان ڀڄي سنڌ ۾ آيو ۽ حيدرآباد کان اچي نڪتو، پٺيانس عظيم خان، ايوب شاهه کي لشڪر سان موڪليو، جو شڪارپور ۾ آيو. ميرن به هڪڙو لشڪر شاهه شجاع کي ساڻ ڏنو، جو شڪارپور آيو، پر سگهو ئي هڪڙو صلحنامو ٿيو، جنهن موجب ميرن ٻارنهن لک رپيا چٽي ڀري ايوب شاهه کي ڏنائون ۽ ان جي آڻ مڃيائون ۽ ان جو سڪو هلائڻ قبول ڪيائون ۽ شاهه شجاع جو طرف ڇڏي ڏنائون، تنهن ڪري شاهه شجاع لڪي لڌياني ڏي هليو ويو. محمد عظيم خان موٽي ڪابل ڏي ويو ۽ مير موٽي حيدرآباد آيا.

1817ع ۾  افواهه اٿي ته پنجاب جي راجا رنجيت سنگهه مٺڻ ڪوٽ ورتو آهي ۽ سنڌ تي ٿو ڪاهي ۽ سندس ڏوهٽو نهال سنگهه وڏو لشڪر ۽ توبخانو وٺيو سنڌ تي ٿو اچي. مير ڪرم علي خان سڀني بلوچن ۽ سرائين سان صلاح ڪري آغا ابراهيم جي پٽ آغا اسماعيل شاهه کي وڪيل ڪري بمبئي جي گورنر صاحب بهادر سرجان مالڪوم ڏي موڪليو ته انگريز سرڪار کان مدد وٺي جو سرڪار جي ساڻن دوستي هئي.  پٺ تي مير ٽيهه هزار لشڪر وٺي ۽ ڪي توبون کڻي سنڌ جي سرحد ڏي هليا. خيرپور ۾ مير سهراب خان به پنهنجي لشڪر سميت ساڻن شامل ٿيو. پوءِ سڀئي شڪارپور ڏي روانا ٿيا.

هوڏانهن آغا ابراهيم شاهه جي چوڻ پٺيان گورنر صاحب بهادر جي سفارش تي وائسراءِ صاحب بهادر راجا رنجيت سنگهه ڏي لکيو ته ميرن سان انگريز سرڪار جي دوستي آهي انهن سان وڙهڻ جي نه ڪري. راجا جواب لکيو ته کيس اهڙو ڪو به ارادو ڪونهي ۽ نهال سنگهه رڳو گهمڻ جي لاءِ اوڏانهن ويو آهي ۽ ميرن ڏي به راجا دوستي جو خط لکيو. مير خوش ٿيا ۽ موٽي حيدرآباد آيا.

مير صوبدار خان، مير فتح علي خان جو پٽ، جو هاڻي 25 ورهين جي عمر جو هو، تنهن مير غلام علي خان جي پٽ مير محمد وانگي ڌار جاگير ۽ حصو گهريو ۽ انهيءَ تي مير مراد علي خان سان تڪرار ڪيائين ۽ فساد ڪرڻ لڳو ۽ وڙهڻ لاءِ لشڪر گڏ ڪيائين، پر سگهو ئي مير مراد علي خان لاچار ڪيس ۽ فساد بند ڪيائين ۽ مير ڪرم علي خان هن جو پرچاءُ ڪيو ۽ کيس ڌار جاگير ملي.

1828ع ۾ مير ڪرم علي خان وفات ڪئي ۽ سندس لاش حيدرآباد ۾ دفن ڪيو ويو. اهو پهريون ٽالپر هو جو ات دفن ٿيو. ان کان اڳ ۾ هو  خدا آباد ۾ دفن ٿيندا هئا.

مير ڪرم علي خان کي اولاد ڪو نه هو. هاڻي مير مراد علي خان اڪيلو حڪومت ڪرڻ لڳو. هن مير جي ڏاهپ ۽ تجويز ڪري خيرپور وارا مير توڙي ميرپور وارا مير توڙي ٻيا بلوچ سردار ساڻس ٺهيا آيا. ايران جي بادشاهه فتح علي شاهه سان هن جي دوستي گهاٽي ٿي. انگريز سرڪر سان به سندس دوستي زياده ٿي ۽ واپار جي سهولت لاءِ هڪڙو تازو عهد نامو ٿيو. ڪڇ جي راؤ سان توڙي جيسلمير جي راجا سان توڙي راجا رنجيت سنگهه سان هن جي دوستي اڳي  کان زياده ٿي. سندس ڏينهن ۾ شاهه شجاع وري به سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي ۽ شڪارپور ۾ اچي رهيو ۽ انهيءَ هنڌ جو محصول کيس مهمانيءَ ۾ ڏياريو ويو. ڪابل ۾ انهن ڏينهن ۾ فساد هو جو  شدوزئي ۽ بارڪزئي شاهي خاندانن جي وچ ۾ تڪرار هو جو نيٺ پويان فتحياب ٿيا، تنهن ڪري سنڌ خودمختيار ٿي، ۽ مير پنهنجو سڪو جاري ڪيو، جنهن ڪم لاءِ ضربخانو ٺهيو.

1833ع ۾ مير مراد علي خان وفات ڪئي ۽ چار پٽ ڇڏيائين. مير نور محمد خان، مير نصير خان، مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان، انهن مان به مير نور محمد خان کي ٻه پٽ هئا. مير شهداد خان ۽ مير حسين علي خان ۽ مير نصير خان کي به ٻه پٽ هئا. مير حسن علي خان ۽  مير عباس علي خان.

 

باب اٺون

انگريز سرڪار جا عهدناما ۽ مياڻي جي جنگ ۾ سنڌ جي فتح

 

مير مراد علي خان جي وفات کان پوءِ سڀ بلوچ سردار گڏ ٿيا ۽ صلاح مشوري کان پوءِ ملڪ جا چار ڀاڱا ڪيائون، هڪ هڪ ڀاڱو فوتي مير جي هڪ هڪ پٽ کي ڏنائون. هوڏانه مير سهراب خان جنهن 1830ع ۾ نوي ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي جو گهر جي ماڙيءَ تان ڪري پيو هو، تنهن جو ملڪ خيرپور سندس ٻن پٽن رستم خان ۽ مير علي مراد خان ۽ سندس ٽن ڀائٽين مير محمد حسن خان ولد مير رستم خان ۽ مير محمد خان ولد مير غلام حيدر خان ۽ مير نصير خان ولد مير  مبارڪ خان (جنهن پڻ 1839ع ۾ وفات ڪئي هئي)، تن جي وچ ۾ ورهائي ڏنو ويو. ساڳيءَ طرح مير پور واري مير علي مراد خان ولد مير ناري خان جي مرڻ ڪري سندس حصي وارو ملڪ سندس ٽن پٽن مير شير محمد خان، مير شاهه محمد خان ۽ مير خان محمد خان جي وچ ۾ ورهايائون. اهڙيءَ طرح ساري سنڌ ورهائجي ٽڪر ٽڪر ٿي ويئي ۽ هر هڪ ٽڪر هڪڙي جوان مير کي ملي ويو، جنهن پاڻ کي خودمختيار حاڪم ٿي سمجهيو. پر حيدرآباد جي ميرن مان مير نور محمد خان، جو سڀ کان وڏو هو عقل ۽ تجويز وارو ۽ سخي هو، تنهن کي سڀني پنهنجو سردار ڪري سمجهيو، ڄڻ ته ساري سنڌ جو نالي خاطر اهو ئي هڪڙو حاڪم هو.

انهيءَ وقت ڌاري آغا ڪاظم شاهه ولد آغا اسماعيل شاهه، جو شڪارپور جو ناظم هو، تنهن جو ڪاغذ پهتو ته شاهه شجاع الملڪ جنهن کي مهمان ڪري رکيو هئائون سو انهيءَ پرڳڻيءَ جو پاڻ مالڪ ٿي ويهي رهيو آهي ۽ مون کي ڪڍي ڇڏيو اٿس. هي خبر ٻڌي مير لشڪر گڏ ڪري  روانا ٿيا ۽ خيرپور، جنهن کي انهن ڏينهن ۾ سهراب پور سڏيندا هئا، تنهن مان اتي جا مير به پنهنجي لشڪر سميت اچي گڏيا. پوءِ گڏجي شڪارپور هليا ۽ شڪارپور کان ٽن ڪوهن تي منزل ڪيائون ۽ هڪڙو وڪيل شجاع الملڪ ڏي موڪليائون، ميرن جو لشڪر ارڙهن هزار هو ۽ پٺاڻن جو ٻه ٽي هزار مس هو، پر انهن ٿورن افغانن هنن کي شڪست ڏيئي ڇڏي ۽ حيدرآباد لشڪر جو سردار ڪاظم شاهه ۽ خيرپوري لشڪر جي سردار گولي شاهه جو پٽ غلام مرتضيٰ شاهه ٻئي مارجي ويا. گولو شاهه پاڻ پوءِ پٺن جي ڦرڙي يا ٻلهاڙي جي سبب 1237هه ۾ وفات ڪري ويو ۽ خيرپور جي مقام قبه قادر بخش ۾ دفنايو ويو. بلوچ ڀڄي پنهنجي منزل گاهه تي آيا. آخر آعا اسماعيل شاهه کي وڪيل ڪري موڪليائون، جنهن شجاع الملڪ سان وڃي هن شرط تي صلح جو ٺهراءُ ڪيو ته شجاع الملڪ سنڌ مان نڪري وڃي ۽ کيس  ٻارهن لک سنڌي روپيا (يعني اٺ لک انگريزي رپيا) ملندا. انهيءَ موجب هو پيسا وٺي لڌيانه هليو ويو. پوءِ آغا اسماعيل شاهه شڪارپور جو حاڪم ڪيو ويو ۽ سندس پٽ آعا زين العابدين شاهه سندس نائب ڪيو ويو ۽ مير پاڻ پٺ تي روانا ٿيا. اهو واقعو 1249هه مطابق 1833ع جو آهي.

انهيءَ وقت ڌاري شجاع الملڪ انگريز سرڪار کان مدد گهري ۽ سرڪار سروليم مئڪناگٽن کي لشڪر ڏئي انهن سان روانو ڪيو ته انهيءَ  کي وڃي ڪابل جي تخت تي ويهاري ۽ ساڳئي ڪم لاءِ جنرل سرجان ڪين کي حڪم مليو ته بمبئي مان لشڪر وٺي وڃي. پر انهيءَ کان اڳي ڪرنل پاٽنجر، جو ڪڇ ۾ ريزيڊنٽ هو، سو ميرن ڏي اجازت وٺن لاءِ موڪليو ويو ته لشڪر ڪراچي جي رستي درياهه مان لنگهائي وڃي ۽ انهيءَ کي سرسات وغيره جي مدد ملي.

مٿي جيڪو بيان ڪيو ويو آهي تنهن مان معلوم ٿيندو ته ڪڏهن کان وٺي انگريز سرڪار جو سنڌ سان واسطو رهيو. پهريائين پهريائين هن 1758ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي واپار لاءِ ڪوٺين ڪڍڻ جي ٺٽي ۽ اورنگا بندر ۾ موڪل ڏني، پر سندس پٽ ميان سرفراز سن 1775ع ۾ اهي ڪوٺيون بند ڪرائي ڇڏيون. وري سن 1799ع ۾  مير فتح علي خان مسٽر ڪرؤ کي ڪراچي ۾ جاءِ ڏني، پر پوءِ زمان شاهه افغان بادشاهه جي چورت تي انهن کي حڪم ڏنائين ته ڏهن ڏينهن اندر پنهنجو ڪارخانو بند ڪري هليو وڃي. انهيءَ ڪري ڪمپني کي لک رپين کان وڌيڪ نقصان پيو. سرڪار انهيءَ جي عيوضي لاءِ  تنگ  طلبي ڪئي پر انهيءَ وقت نپولين بونا پارٽ ايران سان ٺاهه پي ڪيو، تنهن ڪري سن 1809 ۾ سرڪار مسٽر سمٿ جي معرفت ميرن سان  عهدنامي ڪرڻ لاءِ کيس موڪليو ۽ پاٽنجر صاحب انهيءَ جو اسسٽنٽ هو. آخر مير غلام علي خان ۽ سندس ٻن ڀائرن سان دوستيءَ جو عهد نامو ٿيو، جنهن موجب ميرن فرينچن کي سنڌ ۾ اچڻ کان روڪڻ جو  ذمو کنيو ۽ هڪ ٻئي ڏي وڪيلن موڪلڻ جو بندوبست جاري ٿيو. مير مراد علي خان جي سخت بيمار ٿيڻ ڪري ميرن جي لکڻ تي بمبئي جي گورنر  صاحب ڊاڪٽر برنس کي موڪليو، جنهن مير کي ڇٽايو ۽ ميرن گهڻو مان ۽ انعام ڏنس. سن 1831ع ۾ انهيءَ ڊاڪٽر جي ڀاءُ سرالگزينڊر برنس کي سرڪار ولايت مان آيل گهوڙا تحفي طور  راجا رنجيت سنگهه کي پهچائي ڏيڻ لاءِ درياهه جي رستي موڪليو، پر حيدرآباد وارن ميرن انهيءَ تي اعتراض آندو. مگر خيرپور واري مير رستم خان انگريز سرڪار سان گهاٽي دوستي رکڻ جي خواهش ڏيکاري. آخر سن 1832ع ۾ هڪڙو عهدو نامو ٿيو، جنهن موجب هندستان جي واپارين کي واپار لاءِ ٺهرايل محصول تي سنڌ ۾ اچڻ جي  موڪل ملي، مگر هميشه لاءِ ڪو به انگريز واپاري نه رهڻو هو. مير رستم خان توڙي مير مراد علي خان سان اهو عهد نامو ڌار ڌار ڪيو ويو ۽ درياهه جي رستي توڙي خشڪيءَ رستي آمدرت جاري ٿي. سگهو ئي پوءِ دوراني بادشاهت ڪابل ۾ ٺٽي ۽ شاهه شجاع الملڪ هڪاليو ويو. ڪابل ۾ دوست محمد حڪومت هلائڻ لڳو ۽ قنڌار ۽ هرات خودمختيار ٿيا. راجا رنجيت سنگهه انهيءَ گوڙ ۾ افغانن کان ڪشمير ۽ ملتان جو ڀاڱو ڦري ويو ۽ سنڌ ۾ به شڪارپور وٺڻ جو خيال رکيائين ۽ ميرن کان ٻارهن لک ڍل گهرڻ لڳو. پر سندن چوڻ تي انگريز سرڪار هٿ وڌو ۽ راجا کي روڪيو ۽ انهيءَ جي بدران مير سرڪار جو وڪيل حيدرآباد ۾ ويهاريو. انهيءَ وچ ۾ ڪابل جي گڙٻڙ ڪري رشيا اتي دست اندازي ڪرڻ ٿي گهري. تنهن ڪري وائسراءِ آرڊڪلنڊ، رجا رنجيت سنگهه ۽ شاهه شجاع سان عهد نامو  ڪري شاهه شجاع کي ڪابل جي تخت تي ويهارڻ جو انجام ڪيو ۽ ميرن کان شاهه شجاع جي بدران راجا رنجيت سنگهه کي پندرهن لک رپيا ڏياريا. اُنهيءَ 1838ع واري عهد نامي  جي ڏڍ تي انگريز سرڪار ميرن کي درياهه جي رستي شاهه شجاع جي مدد لاءِ لشڪر موڪلڻ ۽ شڪارپور ۾ پهرين منزلگاهه ڪرڻ جي موڪل گهري. انهيءَ وقت حيدرآباد ۾ ننڍن ميرن واري چؤياري هئي ۽ خيرپور ۽ خيرپور وارا مير خود مختيار هئا، بلڪه ٻيا بلوچ سردار به خود سر هوندا هئا. ميرن پهرين انڪار ڪيو، آخر لاچار ٿي اها ڳالهه قبول ڪيائون. مگر جڏهن لشڪر وارو جهاز منوڙي تي آيو، تڏهن انهيءَ تي توبون ڇوڙيائون، جهاز جي توبن منوڙي جو قلعو ڊاهي وڏو ۽ لشڪر لهي ڪراچي ورتي ۽ حيدرآباد ۾ انهيءَ لشڪر جي لاءِ جيڪا سرسات گڏ ٿي هئي سا ميرن ناس ڪرائي ڇڏي ۽ اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ڀڄي جان ڇڏائي.

نيٺ سن 1839ع ۾ ميرن آعا اسماعيل شاهه کي ڪراچي ڏي سرجان ڪين سان صلح ڪرڻ لاءِ موڪليو، جنهن وڃي هڪڙو تازو عهد نامو ڪيو، جنهن موجب انگريز سرڪار ميرن کي ٻاهرين ڪاهن کان بچائڻ جو ذمو کنيو ۽ انهيءَ لاءِ ٽي هزار انگريزي لشڪر سنڌ ۾ رکڻ لاءِ ميرن سالياني ٽي لک روپيا ڏيڻا ڪيا ۽ ٽيويهه لک رپيا چٽي به ڀري ڏنائون ۽ حيدرآباد ۾ هڪڙو  ريزيڊنٽ به وهارڻو ڪيائون. مير صوبدار خان کي سرڪار سان سازش هئڻ ڪري انهيءَ عهدنامي کان معافي ڏنائون ۽ خيرپور واري مير رستم ته اڳ ئي ڌار اهڙو عهدو نامو سرڪار سان ڪيو هو، بلڪه سرڪار کي لشڪر سان مدد ڏيڻ جو انجام ڪيو هئائين ۽ بکر جو قلعو به انگريز سرڪار کي سندن ڪم لاءِ ڏنائين. ڪراچي، ٺٽي سکر ۽ شڪارپور ۾ انگريز سرڪار ايترا پيسا هاريا جو ميرن جي مدد کان سواءِ ئي ماڻهو ۽ واپاري سرڪار کي ضروري مدد ڏيڻ لڳا. انهيءَ بندوبست ۾ ميجر آوٽرام گهڻي همت ڪئي جو ڪرنل پاتنجر جي جاءِ تي ريزيڊنٽ مقرر ٿي آيو هو. آخر انگريزي لشڪر سنڌ مان لنگهي خراسان ڏي ويو. ۽ ويندي خيرپور ۾ راس بيل صاحب کي ڌار ريزيڊنٽ ڪري ڇڏي ويا. پر اهو ورهه کن جي اندر گذاري ويو ۽ خيرپور به حيدرآباد واري ريزيڊنٽ ميجر پاٽنجر سان لاڳو ڪئي ويئي. انهن کان پوءِ به ٻيا ريزيڊنٽ ٿيا، نيٺ ميجر آوٽرام ڪڇ کان حيدرآباد ۾ آيو . سگهو ئي هو پنهنجو اسسٽنٽ ڪپتان وائٽ لاڪ حيدرآباد ۾ ڇڏي پاڻ خيرپور ويو جو قلات جي نسبت ۾ ڪنهن بندوبست ڪرڻ جو ضرور ٿيو هو.

سن 1838ع ۾ جنرل سرجان ڪين شاهه شجاع کي ڪابل جي تخت تي ويهاري موٽيو ۽ رستي ۾ حيدرآباد مان لنگهندو ۽ مير صاحبن سان ملاقات ڪندو بمبئي ڏي ويو. سن 1840ع ۾ مير نور محمد خان وفات ڪئي ۽ بلوچن مير محمد نصير خان کي پنهنجو رئيس ڪري مڃيو ۽ سن 1842ع ۾ سرچارلس نيپئر ريزيڊنٽ مقرر ٿي آيو. ميرن سان دستوري ملاقات ڪري سکر ڏي ويو ۽ اتي خيرپوري ميرن  سان ملاقات ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ سگهو ئي مير علي مراد خان جو پنهنجي ڀاءُ مير رستم خان ۽ پنهنجي ڀائٽيي مير نصير خان ولد مير مبارڪ خان سان تڪرار ٿي پيو ۽ انهن سان لڙائي ڪيائين، جنهن ۾ انهن کي شڪست ڏنائين. سرچارلس نيپئر، مير علي مراد خان جو طرف ورتو. مير رستم خان ٻڍاپي ۾ ٿر ڏي ڀڄي ويو. آخر نونهار يا نونارن وارو عهدنامو ٿيو، جنهن موجب هنن جون نَوَ ديهون مير علي مراد خان کي مليون. مير علي مراد خان اڃا به راضي نه هو جو مير رستم خان پنهنجي پڳ پنهنجي هڪڙي پٽ کي ٿي ڏني ۽ انهيءَ کي پنهنجو وارث ڪرڻ ٿي گهريائين، پر مير علي مراد خان کي اها طمع پنهنجي لاءِ هئي. سرچارلس ڳجهي طرح هن کي همٿايو ۽ خاطري ڏنائينس ته ادا پڳ  توکي ملندي، تنهن ڪري مير علي مراد خان سارو انگريز سرڪار جي فائدي ۾ ٿي بيهي رهيو. هوڏانهن وري ساڳي طرح  سرچارلس نيپئر حيدرآباد ۾ مير صوبدار خان کي پنهنجو ڪيو ۽ ٻين ميرن کي اوترو رخ نه ٿي ڏنائين، جنهن ڪري هن جي به ناسازي رهي. خيرپور وارا ننڍا مير نصير خان ۽ محمد حسن خان حيدرآباد ۾ مير رستم خان جي لاءِ مدد وٺڻ واسطي آيا. 1843ع ۾ مير رستم خان به اتي آيو. سڀني ميرن، سواءِ مير صوبدار جي، هن جي آڌرڀاءُ ڪئي. پوءِ پاڻ ۾ صلاح ڪري ميرن مرزا خسرو بيگ ۽ يوسف خدمتگار ۽ غلام علي نظاماڻي کي وڪيل ڪري سرچارلس ڏي موڪليو، جيڪو ان وقت سيوهڻ جي ويجهو هو ۽ اڳئي حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن وٽ نئون عهد نامو پيش ڪرايو هئائين ۽ انهيءَ تي سندن منظوري جي صحيح گهري هئائين. جنهن جو مطلب هو ته ڪراچي، ٺٽو، سکر، بکر ۽ روهڙي هميشه لاءِ انگريز سرڪار کي ڏنا وڃن ۽ روهڙيءَ جي اتر وارو وڏو پرڳڻو جو ميرن اڳي بهاولپور جي نواب کان  کسي ورتو هو. سو انهيءَ کي موٽائي ڏين، ميرن انهيءَ عهد نامي تي صحيح ڪرڻ کان دارمدار پئي ڪيو پر سر چارلس ان جي تعميل لاءِ زور رکيو. مير رستم خان چوائي موڪليو ته آئون انگريز سرڪار کي سامهون ٿيڻ نٿو گهران، اچي صاحب وٽ پيش ٿو پوان. سر چارلس جواب موڪليس ته مون وٽ نه اچ پنهنجي ڀاءُ مير علي مراد خان وٽ وڃ ۽ انهيءَ سان ٺاهه ڪر. ان موجب لاچار ٿي هو انهيءَ وٽ ڏيجي جي ڪوٽ ۾ ويو ۽ مير علي مراد خان سرچارلس ڏي لکي موڪليو ته مير رستم خان قرآن تي لکي ڏنو آهي  ۽ ملڪ توڙي پڳ مون کي ڏني اٿس. پر خود سر چارلس کي توڙي ٻين ماڻهن کي اهو شڪ هو ته مير رستم خان ائين ڪو نه ڪيو آهي، يا ته ڏاڍي زور هيٺ ائين ڪيو آهي. نتيجو اهو ٿيو جو مير رستم خان ڀڄي ٿر ڏي ويو ۽ اچي حيدرآباد کان نڪتو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو، هن جي غير حاضريءَ ۾ خيرپور ۾ گڙٻڙ ۽ ڀاڄ اچي پئي. مير علي مراد خان اچي خيرپور تي قبضو ڪيو. بلوچ سڀ  انهيءَ ڳالهه جي خلاف ٿيا. بلڪه حيدرآباد جي ميرن به پنهنجن وڪيلن جي هٿ سر چارلس کي چوائي موڪليو ته جيسين مير رستم خان کي وري پنهنجي گادي ۽ پنهنجو ملڪ نه ملندو، تيسين اسين انهيءَ ٻئي عهدنامي تي صحيح نه ڪنداسين، پر سر چارلس اها پوئين ڳالهه قبول نه ڪئي ۽ زور رکيائين ته مير رستم خان جي بدران مير علي مراد رئيس شمار ۾ اچي ۽  حيات خان مريءَ کي ناحق کڻي قيد ڪيائين ۽ مير رستم جي ٿر ڏي وڃڻ ڪري سر چارلس پاڻ به هن جي پٺيان امام ڳڙهه جي قلعي تي ڪاهي ويو ۽ اهو خالي ڏسي انهيءَ کي توبن سان ڊاهي ڇڏيائين. تنهن کان پوءِ سر چارلس حيدرآباد ڏي رخ رکيو. ميجر آئو ٽرام کي وري به حيدرآباد جي ميرن ڏي موڪليائين ته عهد نامو قبول ڪن، نه ته جنگ ٿيندي. ميجر وڃي مٿو هنيو. ميرن مير رستم خان جي ڳالهه وچ ۾ آندي. ميجر  چيو ته انهيءَ ۾ اوهان کي هٿ  وجهڻو ناهي. آخر ڏاڍن حيلن سان فيبروريءَ جي 12 تاريخ حيدرآباد توڙي خيرپور جي ميرن عهد نامي تي صحيح ڪئي. اها ڳالهه ٻڌي بلوچن کي باهه وٺي ويئي ۽ ڏاڍا ڪاوڙيا. اگرچه مير توڙي عام بلوچ ميجر آئوٽرام سان تمام ٺهيل هئا ۽ هن کي ڏاڍو مان ڏيندا هئا ته به هينئر هن کي جٺيون ڪرڻ لڳا ۽ اهڙو تنگ ڪيائونس جو هو حيدرآباد جو قلعو ڇڏي هليو ويو ۽ انهيءَ رات سڀ بلوچ گڏ ٿيا ۽ قرآن تي هٿ رکي قسم کنيائون ته جيسين مير رستم خان جو داد نه ٿيندو، تيسين اسين تراريون کپ ۾ نه وجهنداسين. 13 تاريخ صبح جو اٺ هزار بلوچ ڪاهي نوآباد ۾ درياهه جي ڪپ تي ريزيڊنٽ جي بنگلي تي ويا ۽ ڇهه توبون به نيائون. چار ڪلاڪ انگريزي سپاهي جيڪي اتي موجود هئا، تن ريزيڊنٽ کي بچايو ۽ پوءِ تجويز سان سڀ سامان ۽ ماڻهو اگٻوٽ ۾ وجهي سرچارلس جي منزل ڏي روانا ٿيا، ۽ ٻئي ڏينهن مير بلوچن کي وٺي مياڻي ۾ آيا ۽ اچي اُتي منزل ڪيائون.

سر چارلس هالن ۽ مٽيارين مان تاريخ 17 فيبروري جي مياڻي ۾ آيو ۽ سخت جنگ لڳي. انگريزي لشڪر ٻه ٽي هزار ماڻهو مس هئا، پر بلوچن جو لشڪر ٽيهن هزارن کان به مٿي هو، بلوچن شڪست کاڌي ۽ سڀ مير خيرپور جي ميرن سميت اچي حيدرآباد کان نڪتا. انهيءَ جنگ ۾ پنج هزار بلوچ ماريا ۽ انگريزي لشڪر جا فقط 257 ماڻهو هئا، جن مان 19 آفيسر هئا. بلوچن جو سڀ سامان توبون وغيره انگريزن کي هٿ اچي ويو. ٻئي ڏينهن مير سڀ وڃي سر چارلس وٽ پيش پيا ۽ نظربند ڪيا ويا ۽ تاريخ 19 فيبروريءَ جي سر چارلس حيدرآباد ۾ اچي قلعو ورتو ۽ خزانو هٿ ڪيائين. مير صوبدار انگريزن جو طرف وٺي جنگ ۾ شامل نه ٿيو هو،  پر تنهن کي به وٺي ويا. مير پور وارو مير شير محمد خان وقت تي پهچي نه سگهيو هو، جو سر چارلس اوچتو ڪاهي آيو هو، سو هاڻ لشڪر گڏ ڪري ڪاهي آيو. سر چارلس پنج هزار لشڪر وٺي 22 تاريخ فيبروري جي اوڏانهن ويو ۽ دٻي جي ڳوٺ وٽ پهتو. مير شير محمد سان ويهه هزار لشڪر هو، سخت جنگ لڳي. مير شڪست کاڌي ۽ ڀڄي نڪري ويو. مير علي مراد خان به سر چارلس جي چوڻ پٺيان، مير شير محمد کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نڪري ويو. ڪن ڏينهن کان پوءِ هو به اچي پيش پيو ۽ انهيءَ کي سنڌ ۾ رهڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ ٻين ميرن کي قيد ڪري پوني ڏي ڏياري موڪليائون ۽ پوءِ ڪلڪتي ڏي روانو ڪيائون. ٻڍو مير رستم خان ۽ سندس ڀائٽيي نصير خان پوني ۾ وفات ڪئي ۽ ٻيا ڪلڪتي ۾ رهيا، جتي سن 1854ع ۾ جيڪي بچيا سي موٽي آيا ۽ حيدرآباد ۾ پينشنون ملين. سنڌ انگريز سرڪار جي ملڪ سان شامل  ڪئي ويئي ۽ سر چارلس نيپئر جي حوالي ڪئي وئي، جو سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org