سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: خيرپور رياست

 

صفحو ؛ 11

 

باب اوڻيهون

سر مير علي مراد خان جا وزير، منشي ۽ ٻيا ڪامورا

 

شروعات ۾  جڏھن مير صاحب کي جنگيون ڪرڻيون ٿي ٿيون ۽ خوفناڪ وقتن ۾ گذارڻو ٿي ٿيو ۽ انگريز سرڪار ۽ ٻين آس پاس وارن حڪمرانن ۽ بادشاھن سان لکپڙھون ۽ واھپو رکڻو ٿي ٿيو. تڏھن سندس وڏو پٽ مير شاھنواز خان ۽ سندس وزير شيخ علي حسن ۽ سندس مير منشي ڪشنداس ھر وقت ساڻ ھم رڪاب رھندا ھئا ۽ صلاحڪار ھوندا ھئا. جڏھن پريندي مير صاحب مير رستم خان جي جاءِ تي مسند نشين ٿيو ۽ رياست جو رئيس ٿيو، تڏھن مير صاحب ڏاڍيون خوشيون ۽ بخششون  ڪيون. پنهنجي وزير شيخ علي حسن کي ھڪ لک رپيا نقد ۽ خلعت فاحزه عطا ڪيائين ۽ مير منشي ڪشنداس کي سوني ترار ۽ خلعت ڏنائين ۽ ٻين عملدارن کي انعام اڪرام ۽ وڏا درجا عطا ڪيائين.

شيخ علي حسن اصل ھندستان جو ماڻھو ھو ۽ زر طلب لشڪر ۾ گھوڙي سوار ٿي داخل ٿيو ھو. پوءِ پنهنجي چالاڪي ۽ جان نثاري جي ڪري چڙھي وڃي وزير ٿيو. انگريز سرڪار به کيس پسند ڪرڻ لڳي ۽ سندس طرفدار ٿي. انهيءَ ڪري ھن جو مٿو ڦري ويو ۽ ھمسري جو دم ھڻڻ ۽ سرڪشي ڪرڻ لڳو. انهيءَ ڪري مير صاحب پھرين ساڻس رنج ٿي کيس ڪڍي ڇڏيو، پر پوءِ سر چارلس نيپئر جي چوڻ تي وري ساڻس پرتو، مگر شيخ علي حسن سرڪشي ۽ فساد کان نه رھيو ۽ ڪوڙا ڪاغذ لکي سرڪار وٽ پيش ڪرڻ ۽ مير صاحب تي چغليون ھڻن لڳو، جنهن ڪري مير صاحب کان ملڪ جو ڀاڱو کسيو ويو، جيئن مٿي تاريخ مان معلوم ٿيو  ھوندو. مير صاحب شيخ علي حسن کي اصل ڪڍي ڇڏيو تڏھن مير منشي ڪشنداس کي سندس جاءِ تي وزير ڪيائين. انهيءَ منشي ڪشنداس ۽ سندس پٽ وشنداس جو نالو مٿي تاريخ ۾ به آيل آھي. اھي ٻئي ۽ سندن ٽيون ڀاءُ منشي ڪانسنگ، منشي ڀڳوانداس جا پٽ ھئا ۽ منشي ڪانسنگ کي چار پٽ ھئا، منشي اُتم چند، منشي سجانسنگ، منشي مولرام، منشي چندا سنگهه انهن منشين جو مير علي مراد خان جي ڏينهن ۾ ڏاڍو زور ھو ۽ مير صاحب جي  پٽن کان پوءِ انهن کي وڏا وڏا ۽ جوابداريءَ جھڙا عھدا ھئا.  بلڪه حڪومت جو سارو ڪارخانو انهن جي حوالي ھوندو ھو، جيئن ھيٺ معلوم ٿيندو.

پھرين مير صاحب جو وزير ۽ نائب سندس وڏو پٽ ۽ ولي عھد مير شاھنواز خان ھو جو سندس ولايت وڃڻ واري وقت ۾ ملڪ ھلائيندو ھو ۽ سندس مير منشي ڪشنداس ھو.  مير صاحب جي موٽڻ کان پوءِ مير شاھنواز خان مير صاحب جو صلاحڪار ھو، اگرچه پونئين ڏينهن ۾ ڪن سبب ڪري ڪن بدخواھن جي چورت تي مير صاحب جي ڏانهنس رغبت گھڻي گھٽجي ويئي. ٻيو پٽ مير فيض محمد خان ناظم عدالت ھو ۽ ٽيون پٽ مير خان محمد خان مدار المھام ۽ وزير حال ھوندو ھو. ۽ مير صاحب جو ننڍو پٽ مير غلام مھدي خان، جو تمام جرئت ڀريو ۽ چالاڪ ھوندو ھو ۽ جنهن سان پيءُ جي گھڻي محبت ھوندي ھئي، سو لشڪر جو سپهه سالار ھوندو ھو.

مير منشي ڪشنداس، جو گويا وزير ھو، تنهن جي ھيٺان ھي عملدار ھئا. ديوان مولچند دفتردار ھوندو ھو، جو ڪمدارن جو حساب ڪتاب تپاسيندو ھو. ڪمدار ھاڻوڪن مختيارڪارن وانگر تعلقي تعلقي جي مٿان عملدار ھوندا ھئا. دفتردار جي مٿان وري متصدي ديوان پرتابراءِ ھوندو ھو، جو مير صاحب جي سرسات ۽ سيڌي سامان، نقد توڙي جنسن جو بندوبست ڪندو ھو ۽ گشت جي ڪم جو به جوابدار ھوندو ھو. اھي سڀئي مالي ڪم وارا عملدار المھام صاحب جي ھٿ ھيٺ ھئا.

سن 1875ع ڌاري منشي ڪشنداس پيرسنيءَجي ڪري گوشه نشين ٿيو ۽ سندس ڀائٽيا منشي سجانسنگ ۽ منشي اتم چند مير منشي ۽ وزير مقرر ٿيا. سن 1877ع ۾ جڏھن مير صاحب دھلي واري درٻار تان ٿي آيو ۽ سندس در جو وڌيو ۽ منشي اُتم چند سندس طرفان مھاراجا پٽيالي جي دعوت تان ٿي آيو، تڏھن مير صاحب انهيءَ پنهنجن منشين سجانسنگ ۽ اُتم چند کي اضافو ڏنو ۽ سندن پگھار ھزار رپيو ڪيائين ۽ جاگيرون به ڏنائين. سن 1878ع ۾ جڏھن بمبئي جو گورنر صاحب سر رچرڊ ٽيمپل خيرپور ۾ تشريف فرما ٿيو، تڏھن منشي اُتمچند جي ڏاڍي سرخروئي ٿي. سر رچرڊ پارسي ڄاڻندو ھو ۽ منشي اتم چند به پارسي عربي ۾ ھوشيار ھو. تنهن ڪري گورنر صاحب منجھانس ڏاڍو خوش ٿيو، ايتري قدر جو کيس بلبل بوستان خيرپور ڪري سڏيائين.

سن 1891ع ڌاري مير صاحب جي درٻار ۾ خيرپور جي رھاڪن کان سواءِ ٻيا ڪي ٻاھريان ماڻھو به نوڪري ۾ وڏن وڏن عھدن تي داخل ٿيا. سيٺ ھوتسنگ  شڪارپور وارو ڪيترا سال مختيارڪار ھو ۽ مالي ڪم ۾ گويا مدار المھام جو نائب ھو. ميان واحد بخش پراڻي سکر  وارو رياست جو وڪيل ھو ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ صاحب وٽ مير صاحب جي طرفان آمدورفت ۽ ڪم ڪار ڪندو ھو، پر پوءِ سگھو ئي  انهن ٻنهي کي نوڪري ڇڏڻي پئي. ھڪڙو انگريز مسٽر ائڊسن نالي سيٺ ھوتسنگ جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو، مگر انهيءَ مان به مير صاحب راضي نه ٿيو ۽ منشين سان ھن جو تڪرار ٿي پيو، جنهن ڪري ھو نوڪري مان نڪري ويو. انهيءَ کان پوءِ مولوي محمد باقي ھڪڙو ھندستاني قابل ماڻھو مالياتي ڪمن تي رکيو ويو ۽ پنڊت ديا شنڪر ھڪڙو ھندستاني برھمڻ وڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ وٽ ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو. ڪن سالن کان پوءِ  مولوي محمد باقر اوچتو رياست ڇڏي ڀڄي ويو ۽ مٿس سکر ۾ رياست جي پاران مقدمو به ھليو. ساڳي طرح پنڊت صاحب تي به الزام آيو ۽ آخر ھنن کي به خيرپور ڇڏڻي پئي، جنهن  کان پوءِ ميان علي بخش چوڌري جيڪب آباد جو رھندڙ وڏي درجي تي پھتو ۽ گھڻا ورهيه ھليو، بلڪه مير صاحب جي وفات کان پوءِ به نوڪري ۾ ھو ۽ آخر مير فيض محمد خان جي حڪومت ۾ مسٽر قادر داد خان وزير ھن تي جعلسازيءَ جو مقدمو ھلائي ھن کي سزاياب ڪرايو. انهن کان سواءِ سيد فتح علي شاهه ھالاڻي وارو رياست جي واھن کوٽائڻ ۽ بندن جي سنڀال تي مقرر ھو. ڪن ورھين کان پوءِ انهن کي به نڪرڻو پيو. پوءِ سندس پٽ  غلام حسين شاهه آيو جو پڻ پوءِ نڪري ويو، انهيءَ جو  ننڍو ڀاءُ سيد شھاب الدين شاهه اڃا تائين رياست ۾ مختيارڪار آھي. سيٺ ھوتسنگ شڪارپور جي نڪرڻ ڪري سندس پٽ سيٺ کٽڻ سنگ نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو ۽ وڌي وڃي مختيارڪار ٿيو ۽ مير خان محمد خان مدار المھام جي ھٿ ھيٺ ڪم ڪندو ھو. سن 1882ع ۾ مير خان محمد خان وفات ڪئي، جنهن ڪري مير صاحب کي ڏاڍو صدمو  پھتو، تڏھن مالي ڪارخانو سارو منشين جي حوالي رھيو ۽ کٽن  سنگ انهن جي ھٿ ھيٺ رھيو. سرائي لطف علي خان، مير صاحب جو خاص مقرب ۽ حاضر باش ھوندو ھو ۽ مير صاحب جو مٿس گھڻو اعتبار ھوندو ھو. مير صاحب جي مھر سندس  حوالي ھئي ۽ سندس روبرو ڪاغذن جي مھر  ھڻندو ھو ۽ توشا خاني ۽ حبيب خاص يعني خانگي خزاني جو ڪم به ڪندو ھو ۽ صلاحڪار به ھوندو ھو ۽ اپيلن ٻڌڻ ۾ به مدد ڪندو ھو ۽ نير جي پيدائش تي جيڪو خاص ۽ خلاصو عملدار مقرر ھو ۽ جنهن کي فوطو ڪري سڏيندا ھئا، تنهن تي به نظرداري ڪندو ھو. ميان بلي خان لاشاري جاگيردار مينا مدد خان ڀرڳڙي ناري جو ڪاردار به معتبر ۽ مقرب ھوندو ھو، ۽ نازڪ پوليٽيڪل ڪمن سان ڪمشنر صاحبن ۽ گورنر صاحبن ڏي وڪيل ٿي ويندا ھئا. ڊاڪٽري جي عھدي تي راءِ تارا چند ھو جو راءِ جواھر سنگ جو پٽ ھو، جو رياست بلرامپور جي  ھڪڙي معزز خاندان مان ھو. ھو ھميشه مير صاحب سان ھم رڪاب رھندو ھو ۽ مير صاحب جي خاص مصاحبن مان ھڪڙو ھو، وڏي پگھار کان سواءِ ھڪ جاگير به مليل ھوس. جنگي عملدارن مان علي محمد خان پٺاڻ اصل ملتان جو ويٺل ۽ جمعدار الھداد خان ۽ جمعدار حمد ناصر  خان ۽ ٻيا ڪي وڏا  عھديدار ھئا ۽ انهن جي ھٿ ھيٺ  وڏو لشڪر پٺاڻن، مرين، بگٽين ۽ ٻين ٻروچن جو رھندو ھو جن کي زر طلب سڏيندا ھئا. اھي سڀ جنگي عملي وارا مير صاحب جي حياتيءَ جي پڇاڙيءَ تائين ساڻس رھيا ۽ وفادار ۽ نمڪ حلال ٿي گذاريائون.

اھي سڀ عھديدار مير صاحب جي نوڪريءَ ۾ ھئا ۽ معتبر ۽ زور وارا مگر جھڙو زور منشين کي  ھو اھڙو ڪن ٿورن کي ھو. چارئي منشي ڀائر منشي ڪارخانو تمام چڱو ھلائيندا ھئا. اھي چارئي ڀائر رياست جا چار عناصر سڏبا ھئا. انهن جي اولاد مان به ڪي نوڪري ۾ ھئا، جيئن ته منشي منگھارام پٽ منشي وشنداس جو مير صاحب جي خاص ديري عالي سرڪار  جو ساري عمر مختيارڪار ھو ۽ منشي مولسنگ پٽ منشي ڪشنداس جو ۽ منشي ھرگوبند پٽ منشي سجانسنگ جو، جنهن جو ڀاءُ منشي مولراج انگريزي پڙھي بي- اي امتحان پاس ڪيو، انهن کي مير صاحب ولايت ڏي  پڙھڻ لاءِ موڪليو ۽ اتان بئرسٽر ٿي آيو، پوءِ انگريز سرڪار جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو. ھاڻي سکر ۾ سٽي مئجسٽريٽ آھي. منشي سجانسنگ صلح پسند ۽ نرم طبع جو ماڻھو ھو. منشي اُتم چند صاف دل ۽ پرھيز گار ھو ۽ البته نرم مزاج ۽ رعب وارو مدبر ھو. پارسي شعر به چوندو ھو. مسلماني مذھب ۽ قرآن ۽  حديث مان چڱو واقف ھو. شعر ۾ سندس تخلص صبا ھوندو ھو.[] منشي چندا سنگ انگريزي، دان، تيز فھم، انشاءَ پرداز ۽ حاضر جواب شاعر ھو ۽ قاعديدان به چڱو ھو.

مير صاحب جي وفات کان پوءِ، جڏھن مير فيض محمد خان رياست جي واڳ  ورتي ۽ انگريز سرڪار کيس مسٽر قادرداد خان وزير ڪري ڏنو، تڏھن منشي صاحبن کي نڪرڻو پيو. پھريون ڪم جو مسٽر قادر داد خان ڪيو سو اھو ھو ته منشي صاحبن کي رياست مان روانو ڪيائين جو کيس پڪ ھئي ته سندن ھلندي ايتري قدر ھئي، جو خود سندس ھلي نه سگھندي. ھن کي رواني ڪرڻ کان پوءِ ملڪ ۾ سڌارا ڪرڻ لڳو.

انهن منشين جي خاندان جو اصل باني نواب سورجمل ڪڪريجا ھو، جو قريب ٻه سؤ ورھيه اڳي دھليءَ جي پاسي جو رھاڪو ھو، سئو کن ورھيھ ٿيندا جو انهيءَ خاندان جو منشي ڀڳوانداس ملتان مان سنڌ ۾ آيو ۽ مير سھراب خان وٽ اچي نوڪر ٿيو. انهيءَ جو ڀاءُ منشي لالداس قابل حڪيم ۽ طبيب ھو ۽ پالڪيءَ ۾ چڙھندو ھو، جنهن ڪري ھن کي لعلداس پالڪيءَ وارو چوندا ھئا.


باب ويهون

مير فيض محمد خان، مير امام بخش خان ۽ مير علي نواز خان جا وزير

 

مٿئين باب ۾ مرحوم سر مير علي مراد خان جي وزيرن ۽ ٻين ڪامورن جو احوال ڏنو ويو آھي. ھن باب ۾ سندس پونين جانشينن جي وزيرن ۽ ٻين ڪن خاص ڪامورن جو ذڪر ڪجي ٿو. مٿي معلوم ٿيو ھوندو ته مرحوم مير سر فيض محمد خان کي پھرين انگريز سرڪار جي طرفان خان بهادر قادر داد خان وزير ٿي مليو، جنهن ملڪ ۾ گھڻا سڌارا ڪيا، انهيءَ جي وفات کان پوءِ سندس وزير سردار محمد يعقوب ٿيو، جنهن انهن سڌارن کي وڌايو. انهيءَ جي وفات کان پوءِ شيخ صادق علي وزير ٿيو، جنهن جي وزارت جي ڏينهن ۾ مير فيض محمد خان وفات ڪئي ۽ مير امام بخش خان گادي تي ويٺو. انهيءَ جي حياتيءَ ۾ وري شيخ صادق علي وفات ڪئي، جنهن جي جاءِ تي ميان محمد ابراھيم وزير ٿيو. انهيءَ مير صاحب جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ ميان محمد ابراھيم نڪري ويو ۽ شيخ محمد قادر وزير ٿي آيو جو اڃا ھلندو اچي. سگھو  ئي پوءِ مير امام بخش خان وفات ڪئي ۽ ھز ھائينس مير علي نواز خان گاديءَ تي ويٺو، جنهن جي حڪومت پئي ھلي.

مٿين وزيرن جي ڏينهن ۾ جيڪي سڌاري جا ڪم رياست ۾ ٿيا، سي مٿين مير صاحبن جي حڪومت جي احوال ۾ ڏنا ويا آھن.

ھن باب ۾ مٿين سڀني وزيرن جي حياتيءَ جو مختصر احوال يا سوانح عمري ڏني ويندي. مگر انهن جي احوال ڏيڻ کان اڳي وزيرن کان ھيٺ ڪن مکيه عملدارن جا نالا ڏينداسين جي مرحوم مير فيض محمد خان ۽ مير  امام بخش خان جي ڏينهن ۾ ھئا ۽ جن مان ڪي اڃا به آھن ۽ ٻين جي جاءِ تي جيڪي نوان ٿيا سي ھز ھائينس مير علي نواز خان جي حڪومت جي احوال ۾ ڏنا ويا آھن.

1.      ميان محمد پريل خان نائب وزير مير واهه ڊويزن جو، ميان محمد ابرھيم وزير جي وقت ۾ انگريز سرڪار کان ورتو ويو. دادو تعلقي جو ويٺل آھي ۽ ذات جو پنوھر آھي. ھن کان اڳي ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس ۾ مير منشي ھو.

2.      بابو غلام محمد خان نائب وزير خيرپور ڊويزن جو، مرحوم خان بهادر قادر داد خان جي وقت کان رياست ۾ نوڪر ٿيو. اصل ضلع جلندھر چودرن جو ويٺل آھي. ذات جو اعواڻ آھي، پنجاب يونيورسٽيءَ جو بي اي آھي.

3.      ملڪ شير دل جان رياست ۾ ناظم پوليس جو آھي، جو اڳوڻي ناظم مرزا نواز علي بيگ ولد مرزا محمد باقر بيگ گردي جي خرابي ڪري، وفات ڪرڻ تي انهيءَ جي جاءِ تي مقرر ٿي آيو. اڳي انگريز سرڪار جي ملڪ ۾ پوليس انسپيڪٽر ھو. ھو مشھور نومڙين جي خاندان مان آھي جو ڪوھستان جي ٿاڻي احمد خان جو ويٺل آھي. سندس وڏو ڀاءُ ملڪ صوبدار خان فرسٽ ڪلاس جاگيردار آھي. ھن سن 1823ع ۾ وفات ڪئي آھي، ڪوٽري سندن جاگير ۾ آھي. سندس ننڍو ڀاءُ شاھنواز خان انگريز سرڪار وٽ پوليس انسپيڪٽر آھي.

4.      ميان گل حسن خان نائب وزير ڪئمپ شاھيءَ جو، جنهن کي ھميشه مير صاحبن جي خدمت ۾ رھڻو ٿو پوي. ھو شڪارپور جو رھاڪو آھي ۽  پٺاڻن جي دراني خاندان مان آھي. ھي نئين انتظام جي شروعات ۾ خان بهادر قادر داد خان جي زماني کان وٺي ھليو اچي ۽ وزير ميان محمد ابراھيم سان گڏ رياست مان نڪتو.

5.      ميان احمد رحمت اللھ متصدي جي عھدي تي رھيو. وڪالت جو امتحان پاس ڪيل ھوس. ڪراچي جو ويٺل ۽ ميمڻ ذات جو آھي. ھي به جھونو آھي ۽ مرحوم قادر داد خان جي زماني کان رياست ۾ نوڪر ٿي رھيو.

6.      ميان محمد الياس ملٽري سيڪريٽري ھو ۽ ميان محمد ھارون جيلن جو سپرنٽينڊنٽ ھو. اھي ٻئي ميان محمد دائود جا پٽ آھن، جو وزير ميان محمد ابراھيم جو ڀاءُ ھو. اھي به وزير سان گڏ رياست مان نڪري ويا.


[]  انهن منشين مان منشي اُتم چند سان منهنجي گھڻي معرفت ھئي، خاص ڪري ان وقت جڏھن ھو گوشه نشين ٿيو. مون کي به شعر جو شوق ھو ۽ ھن کي به، ھڪ ٻئي کي پنهنجو شعر ڏيکاريندا ھئاسين. ھن جي صحبت مون کي گھڻي پسند ھئي، ھو ڏاڍو قابل ۽ ھوشيار ماڻھو ھو. جيڪو ھندو ماڻھو پارسي ۽ عربي ۾ اھڙو قابل ٿورو ھوندو، خاص ڪري سنڌ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org