تنهن کان پوءِ ھز ايڪسيلينسي گورنر صاحب بمبئي سر جارج لائڊ جي مبارڪباد جي پھتل تار پڙھي ويئي ۽ ھز ھائينس مير صاحب انهيءَ مبارڪ موقعي جي خوشيءَ ۾ ڇهه قيدي آزاد ڪيا ۽ ٽن
ڏينهن تائين رياست ۾ سڀ آفيسون ۽ اسڪول بند رھيا.
ھز ھائينس مير علي نواز خان، 9 تاريخ آگسٽ سن 1884ع جي تولد ٿيو ھو ۽ 37 ورھين جي ڄمار ۾ رياست جي گاديءَ تي ويٺو. ننڍي ھوندي ھو ڪوٽڏيجيءَ ۾ پڙھندو ھو. وڏي ھوندي انگريزي
تعليم لاھور جي ايچسين جيفسن ڪاليج ۾ ورتائين، جتي گھڻا ورهيه رھيو،. خيرپور جي رياست ۾ سندس خانگي تعليم لاءِ مسٽر ولسن نالي ھڪڙو قابل
ماڻھو مقرر ڪيو ويو ھو جو لاھور ۾ ساڻس گڏ رھندو ھو. جڏھن تعليم جو ڪم پورو ڪيائين، تڏھن ھن کي ڪپتان ريلي سان گڏ يورپ ڏي موڪليو ويو، جتي
نَوَ مھينا وڃي زيادھ تعليم ورتائين، جا ھن پوري طرح حاصل ڪئي ۽ يورپ ۽ ھندستان جا گھڻا ڀاڱا گھمي ڏٺائين، جنهن ڪري دنيا جي ھن کي چڱي
واقفيت حاصل ٿي آھي، انهيءَ جو نتيجو اھو ٿيو آھي ته مسند نشيني کان پوءِ ھڪدم رياست جي سڌاري جو ڪم
شروع ڪيو اٿس، جيئن مٿي سندس تقرير مان معلوم ٿو ٿئي.
1921ع جي نومبر مھيني ۾ ھز ھائينس مير صاحب دھلي ۾ چيمبر آف پرنسز يعني شھزادن واري مجلس ۾ به وڃي شامل ٿيو ۽ بمبئي ۾ به ڪيترا دفعا ويو آھي، پھرين ساڳئي سال جي آگسٽ مھيني ۾ ته
ھز ايڪسيلنسي گورنر صاحب بمبئي جي ملاقات لاءِ ويو ۽ نومبر ۾ ھز رائل ھائينس پرنس آف ويلس جي استقبال ۽ ملاقات لاءِ ويو.
ھز ھائينس مير صاحب کي ھڪڙو پٽ آھي، جنهن تي سندس ڏاڏي مير فيض محمد خان جو نالو آھي، جو 4 جنوري سن 1913ع جي ڄائو ھو. مير صاحب کي ٻه ڀائر آھن، ھڪڙو مير علي محمد خان، جو اٽڪل
34 ورھين جو آھي ۽ ٻيو مير غلام علي خان جو 32 ورھين جو آھي ۽ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جو بي. اي آھي ۽ ملٽري ۾ درجو ميجر جو اٿس.
ھز ھائينس مير علي نواز خان جي حڪومت جي شروع ٿيڻ تي رياست جي عھديدارن ۾ ھيٺيون ڦيريون گھيريون ۽ مقرريون ٿيون. نئون وزير شيخ محمد قادر صاحب ته اڳيئي مرحوم مير سر امام بخش
خان جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ ميان محمد ابراھيم خان صاحب جي جاءِ تي آيل ھو. نائب وزير گل حسن خان جي جاءِ تي شيخ شير علي ٿيو، جو اڳوڻي
وزير مرحوم شيخ صادق علي جو پٽ آھي ۽ انگريز سرڪار جي ملڪ ۾ سانگھڙ جو مختيارڪار ھو. مسٽر تولا رام پينشنر مختيارڪار زمينن جي حقن جي جاچ ۽
تپاس لاءِ انڪوائري آفيسر مقرر ٿيو. مسٽر عبدالمجيد دريشاڻي ايم اي، جو اڳي به خيرپور ھاءِ اسڪول جو پرنسپال ھو ۽ ڇڏي ويو ھو، سو وري اتي
آيو. مسٽر ميٺا رام جو پڻ اڳي رياست ۾ ھو ۽ پوءِ نڪري ويو ھو، سو وري مختيارڪار ڪري آندو ويو ۽ في الحال آدمشماريءَ جو سپرنٽينڊنٽ ڪري رکيو
ويو. ساڳيءَ طرح مسٽر گيانچند، جو اڳي رياست مان نڪري ويو ھو، سو وري ڪوآپريٽو سوسائٽين جو رجسٽرار ڪري رکيو ويو. ميان غلام قادر مختيارڪار
کي ڪن ڳالھين ڪري موڪل ڏني ويئي ۽ ھو رياست مان نڪري ويو ۽ رمضان خان پينشنر پوليس انسپيڪٽر کي رياست ۾ پوليس انسپيڪٽر ڪري رکيو ويو ۽
اڳوڻي انسپيڪٽر ميان غلام حسين استعيفيٰ ڏني. مير مريد احمد خان کي ٻيلن جو عملدار مقرر ڪيو ويو. ٻيا سڀ عملدار بحال رھيا.
باب ارڙهون
سر مير فيض محمد خان ۽ سر مير امام
بخش جي حڪومت ۾ ملڪي انتظام، ماڻهن جي حالت وغيره جو بيان
مير سھراب خان ۽ مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان جي حڪومت ۾ ملڪي انتظام اڳوڻي نموني جو يعني ميرن جي صاحبي وارو ھو جو ٿورو ٿورو ٿي سڌرندو ويو ۽ ملڪ جي حالت به بهتر ٿيندي
وئي. مير علي مراد خان جي ڏينهن ۾ موچاري حالت ھئي. تڏھن به اڳوڻي نموني جي ھئي. مير صاحب ھاڻوڪي زماني جا سڌارا پنهنجي مرضيءَ موجب ۽
پنهنجي طبيعت موافق ۽ پنهنجن ماڻھن جي حالت موافق جيڪي ڪري سگھيو ٿي سي ٿي ڪيائين. مگر انگريز سرڪار جي ملڪ جي نموني تي گھڻو سڌارو ڪو نه
ٿي ڪيائين ۽ نڪي انگريز سرڪار انهيءَ نسبت ۾ کيس ڪنهن چيو ٿي يا زور ڪيو ٿي ۽ نه اھڙن سڌارن جي ڪرڻ لاءِ وزير يا ڪو ٻيو پنهنجو عملدار ٿي
ڏنائون، جيئن پوءِ ٿيڻ ۾ آيو ۽ نه ڪنهن به ٻئي قسم جي دست اندازي ٿي ڪيائون. بلڪه ريلوي، جا حيدرآباد ۽ روھڙي تائين رياست کان لنگھڻي ھئي،
سا به مير صاحب لنگھڻ نه ٿي ڏني، شڪار گاھون اڳي وانگي زور ھيون. آبادي ي فائدي جي نظر تي شڪار گاھن، ٻيلن ۽ جھنگن کي نقصان نه ٿي پھچي
سگھيو. حڪومت جو چرخو به اڳوڻي نموني تي ٿي ھليو. سر مير فيض محمد خا جي حڪومت ۾ ئي سرڪار جي زيادھ دست اندازي ٿيڻ لڳي ۽ ريلوي به کلي ۽
سرڪار جي طرفان وزير به ملڻ لڳو، جنهن جي معرفت انگريز سرڪار جي ملڪ وارو انتظام شروع ٿيڻ لڳو ۽ اھڙا سڌارا ٿورا ٿورا ٿي شروع ٿيڻ لڳا، جي
پوءِ ويا وڌندا ۽ ھاڻي اڄ تائين ٿيندا اچن. آدمشماري به اڳي کان زيادھ ٿي آھي، جيئن پھرين باب ۾ ڏيکاريل آھي. ڍل وغيره جي اوڳاڙڻ جو يا ملڪ
مان ٻي پيدائش ڪڍڻ جو بهتر بندوبست ٿيو آھي.
زمين جي آبادي جي بنسبت ۾ ڪا پوري سروي ۽ سٽلمينٽ ڪان
ٿيل آھي، مگر انهيءَ جو ڪم ھلندڙ آھي ۽ ديھن، جاگيرن، ٻيلن ۽ شڪار گاھن جون حدون ماپ ڪرائي نروار ڪيون ويون آھن ۽ انهن جا نقشا يا چڪ به تيار ڪيا ويا آھن، حساب ڪيو ويو آھي ته
ساري رياست ۾ 1250 چورس ميل يا اٽڪل اٺ لک ايڪڙ آبادي جي لائق زمين آھي، جنهن مان اٽڪل چوٿين پتي جيترو غير آبادي پئي آھي. باقي مان قريب
تي پتي جيتري زمين ھر سال واري واري سان آبادي ھيٺ اچي ٿي. مکيه فصل جوار، ٻاجھر، ڪڻڪ، چڻا، مٽر، مڱ آھن. وونئڻ ۽ تماڪ به ٿين ٿا، نير
ساري سنڌ کان زيادھ ھتي ٿو ٿئي ۽ واپار لاءِ ٻاھر ويندو آھي. آفيم ۽ ڀنگ لاءِ پوک ٿيندي آھي، مگر انهيءَ لاءِ ڪي رڪاوٽون آھن ۽ رياست جي
حد اندر اُھي ڪم ايندا آھن نه ٻاھر. کوھن ۽ زمين جي سڌاري لاءِ رياست مان ماڻھن کي وياج کان سواءِ تقاوي ملندي آھي، تنهن ڪري آبادي گھڻي
وڌي آھي ۽ سرڪاري ڍل سال بسال وڌندي ٿي وڃي. حساب ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته زمين مان سرڪاري پيدائش جا ڪي سال اڳي چار پنج لک رپيا مس ھئي سا
وڌندي وڃي، تيرھن چوڏھن لکن سان لڳي آھي، بلڪه زياده. ڏنل تقاوي جي بنسبت ۾ به حساب ڪيو ويو آھي ته ھر سال اٺن ھزارن کان وٺي چاليھن پنجاھن
ھزارن تائين گھرج آھر ڏني وڃي ٿي، پوءِ ڪي روڪ ۽ ڪي جنس ۾. ڏڪار اڪثر گھٽ پوندو آھي. 1899ع – 1900ع سال واري ڏڪار ۾ ٿر واري پاسي کي البت
تڪليف رسي ھئي. سڀ چوپايو مال مري ويو، مگر ڏڪارين جي مدد لاءِ رياست جي سرڪار جي طرفان رياست جي رھاڪن توڙي جوڌپور ۽ جيسلمير مان آيلن
ماڻھن جي لاءِ کاٽي وغيره جا ڪم جاري ڪرايا ويا ھئا، رياست جا گھڻا ماڻھو مال چارڻ وارا آھن، خاص ٿر جي پاسي وارا.
باراني آبادي تمام ٿوري ٿئي ٿي ۽ اھا آبادي کوھن جي لاءِ تقاوي ملڻ ڪري زياده ٿيندي وڃي ٿي، مگر مکيه آبادي واھن تي ٿي ٿئي. رياست ۾ وڏو واهه مير واهه آھي جو مير سھراب خان،
رياست جي باني کڻايو ھو ۽ جنهن جي ڪناري تي خيرپور جو شھر آھي. اھو سکر جي سامھون درياهه مان نڪري ٿو ۽ ڏکڻ ڏي وھي ٿو ۽ خيرپور کان لنگھي
ڪوٽ ڏيجي ڏي وڃي ٿو ۽ گھڻو ملڪ آباد ڪري ٿو. انهيءَ جي مدد لاءِ سر مير عليمراد خان ٻھ واهه کڻايا ھئا، ھڪڙو سٺيو واهه ۽ ٻيو ابل واهه،
انهيءَ کان پوءِ سر مير فيض محمد خان جي وقت ۾ انجنيئري کاتو قائم ڪيو ويو آھي، جنهن سئين واهه کي گھڻو سڌاريو آھي ۽ انهن مان ھيٺيون مکيه
شاخون ڪڍيون آھن، فيض واهه، فيض بخش، فيض گنج، فيض نهر، ۽ فيض موج. انهن واھن جي شاخن سميت ڊگھائي اٽڪل ٽي سئو ميل آھي ۽ انهن تي 314 چورس
ميل زمين جا آباد ٿين ٿا. ٻيا رياست ۾ وڏا واهه ھي آھن. غرقڻو، جلدي، سنهڙو، مين واهه، احمد پور واھ، مانڌو واھ، حمر جي واهه، ويھو واهه ۽
پندھو واهه.
اٽڪل ٽي سئو ميل ڊيگهه ۾ وڏا وڏ ارستا جڙي ويا آھن ۽ خاص سر مير فيض محمد خان جي وقت ۾. انهيءَ کان پوءِ اھو ڪم پيو ھلي. ھڪڙي وڏي شاھي سڙڪ حيدرآباد کان روھڙي ڏي ٿي وڃي ۽ اھا
خيرپور مان لنگھي ٿي. انهيءَ کان سواءِ ٻيون ڪيتريون ئي سڙڪون آھن، جي تعلقي جي وڏن شھرن کي خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي سان ٿيون ڳنڍين. رياست مان
اتر الھندي واري سرڪاري ريلوي به لنگھي ٿي ۽ انهيءَ تي ھي اسٽيشنون آھن، ڪوٽ لعلو، سيٺارجا، راڻيپور، گمبٽ، پير ڪٽپر، ٽنڊو مستي خان ۽
خيرپور .
رياست خيرپور ۾ ٽپال جي ڪم لاءِ خيرپور منجهه ھڪڙي سب پوسٽ آفيس آھي، نو برانچ پوسٽ آفيسون، انهيءَ جي ھيٺ ٻين شھرن ۾ آھن. رياست جي سرڪار، سرڪاري ڪم لاءِ سرڪاري تڪليفون ڪم
آڻيندي اھي. مٿين پنجن ريلوي اسٽيشنن تي جي تار آفيسون آھن سي رياست جي ماڻھن کي ڪمائتيون ٿي سگھن ٿيون. رياست جو ٽپال کاتو سن 1897ع کان
وٺي انگريز سرڪار جي پوسٽل کاتي سان لاڳو ٿي سنڌ ۽ بلوچستان واري سرڪل ۾ داخل آھي.
جيڪو واپار جو مال رياست مان ٻاھر ويندو آھي سو ھي آھي: اَن، ڪپاهه، اُنَ، کلون، تماڪ، نير، سادو ڪپڙو ۽ چانهيو. ھٿ جا اڻيل ڪپڙا ۽ چم جون شيون ۽ ڪنڀرن جا ٿانوَ ۽ سرون ۽ ٻيا
اھڙا رواجي ڌنڌا اُتي ھلندا آھن، مگر کيس گمبٽ جا ۽ رنگريزي خيرپور جي مشھور آھي. غاليچن اُڻڻ جو ڪارخانو سن 1900ع ۾ وڌو ويو ھو، جنهن ۾
امرتسر کان استاد گھرائي رکيا ويا ھئا ۽ ڪيترائي ٻار اھو ڪم اتي سکندا آھن. ڪاٺ جي ٽڪڻ جو ڪم ۽ ڪاشيءَ جو ڪم، زردوزي ڪم ۽ ريشمي ڀرت جو
ڪم به خيرپور جي ھنري اسڪول ۾ ٿيندو آھي.
سال 24-1923ع کان وٺي بٽائي جي بدران ڪاسڪي جوار ۽ ٻاجھريءَ تي خيرپور تعلقي ۾ آزمائش طور مقرر ڪئي وئي آھي، جوار في ايڪڙ ڏهه ڪاسا ۽ ٻاجھري في ايڪڙ ساڍا ست ڪاسا، ڪاسڪي جو
مطلب آھي ته مقرر ڪري انهيءَ جي قيمت ھلندڙ اگهه موجب ٺھرائجي. ھر سال 15 تاريخ جنوري جي پيسا وصول ڪجي. اھو رواج ھاڻوڪي حالت جي نظر تي
آبادگارن کي بٽائي کان زياده پسند آھي. اھو ڪاسڪيءَ جو انداز ھن نظر تي مقرر ڪيو ويو آھي ته آباگارن کي خراب فصلن جي ھئڻ جي حالت ۾ معافي
ملي سگھي ٿي.
سرڪاري ڍل ۽ محصول اڳاڙڻ جو انتظام قديم وقت وارو ھليو اچي ٿو. بعضي زمين جي پيدائش مان سرڪار بٽائي ڪندي آھي. اتي جي ماڻھن کي ٺھرايل ڍل کان بٽائي زياده پسند ايندي آھي.
بٽائي ۾ سرڪار ٽي پتي کڻندي آھي، پوءِ پوک ڀلي ھجي يا ڍلي ھجي. وڏا زميندار ڪي ٿورا آھن، تنهن ڪري باقي ٻه پتيون اڪثر آباد ڪندڙ زميندار
کي ملن ٿيون، حساب ڪيو ويو ته آبادي جي ھر ھڪ ايڪڙ تي سرڪار کي ساڍا پنج رپيا ٿا ملن. جيڪو سرڪاري ان بٽائي ٿيندو آھي، تنهن جي رکڻ لاءِ
ريلوي اسٽيشنن جي ويجھو گدام سرائون ٺھرائي ڇڏيون اٿن، ٺھرايل ڍل مقرر ڪئي ويئي آھي. جيئن ته ڄانڀو سرنهن، چڻا ۽ مٽر وغيره..
پيدائش جا مکيه اُپاءَ ھي آھن. زمين جي ڍل مان اٽڪل سورنهن لک رپيا، ٻيلن مان اٽڪل ستٽيهه ھزار ۽ شراب، ڀنگ وغيره تي محصول اٽڪل پنجونجاهه ھزار، فوجداري ڏنڊ اٽڪل ٻارنهن ھزار،
پلي ۽ مڇي جي مقاطعن مان اٽڪل يارنهن ھزار، کلن جي محصول مان اٽڪل ٻارھن ھزار، لوڻ مان اٽڪل ٽيتاليهه ھزار. زمين جي چڱي اجاري يعني اڪثر
محصول مان اٽڪل ايڪونجاهه ھزار، پر لوڻ انگريز سرڪار جي ملڪ مان ايندو آھي ۽ فائدي تي وڪامندو آھي.
انهيءَ مان اٽڪل سوا ٻه لک جاگيردارن ۽ ٻين معافيدانن کي ملي ٿو ۽ ٻئي خرچ جون رقمون ھي آھن. ملڪ جي حڪمراني، پوليس جي حفاظت، تمام فائدي جا ڪم، ھز ھائينس جو ۽ ان جي ڪئمپ جو
خرچ، صاحبزادن جو ماھيانو خرچ وغيره.
وزيرن جي رکڻ کان پوءِ رياست جي روينيو پيدائش سال بسال
وڌندي ويئي آھي. پھرئين وزير خان بهادر قادر داد خان جي وفات وقت يعني سال 1903ع ۾ رياست جي پيدائش تيرھن لک ڇهه ھزار ھئي. ٻئي وزير سردار محمد يعقوب جي وفات وقت يعني 1907ع ۾
چوڏھن لک اٺھٺ ھزار ھئي، شيخ صادق علي صاحب جي وفات مھل يعني 1912ع ۾ ارڙھن لک اڻونجاهه ھزار ھئي. ھاڻي شيخ محمد قادر صاحب جي ڏينهن ۾
ستاويهه لک ۽ ستاويهه ھزار ھئي.
ملڪي حڪمراني ۽ انصاف جو بندوبست ھي آھي. انگريز سرڪار جي حڪومت جاري ٿيڻ کان پوءِ به گھڻن ورھين تائين رياست جي حڪومت جو انتظام ٽالپرن جي ڏينهن وارو ھليو آيو. جڏھن کان وٺي
رياست کي انگريز سرڪار جي معرفت وزير ملڻ لڳا آھن، تڏھن کان وٺي انهيءَ انتظام ۾ ھر طرح جو سڌارو ٿيڻ لڳو آھي، حڪومت جو سارو مدار مير صاحب
تي آھي ۽ رعيت جي موت ۽ حياتيءَ جو اختيار به انهيءَ کي آھي. انهيءَ جي ھٿ ھيٺ ٻيو وڏو اختيار وارو سرڪار جو ڏنل وزير آھي، جنهن کي ضلعي جي
مئجسٽريٽ ۽ ضلعي ۽ سيشن جج واريون سڀ اختياريون آھن. انهيءَ جي ھيٺان به نائب وزير رھن ٿا: جن مان ھر ھڪ کي رياست جا ٻه ڊويزن يا ڀاڱا
آھن. ھڪڙو خيرپور وارو ڀاڱو، جنهن ۾ خيرپور ۽ گمبٽ جا ٻه تعلقا آھن ۽ ٻيو مير واهه وارو ڀاڱو، جنهن ۾ ميرواهه ۽ فيض گنج ۽ ناري جا تعلقا
آھن. ھر ھڪ تعلقي تي مختيارڪار رکيل آھي.
نائب وزير سب ڊويزنل مئجسٽريٽ ۽ فرسٽ ڪلاس سب جج آھن ۽ مختيارڪارن کي به فوجداري توڙي ديواني، ٻئي اختياريون آھن. اھڙيون ساڳيون اختياريون مير صاحب جي ويجھن عزيزن يا صاحبزادن
کي به آھن. انگريز سرڪار وارا قانون ۽ قاعدن جا ڪتاب ھتي به جاري آھن، خاص ڪري انڊين پينل ڪوڊ ۽ ڪرمنل پروسيڊ ڪوڊ تڪرارن ۽ مقدمن جي گھٽائڻ
لاءِ پٽيلن ۽ وڏيرن ۽ نيڪ مردن جو پڇا تي بندوبست به رکيل آھي ۽ انهيءَ جي معرفت مختيارڪار جي روبرو راڄوڻا فيصلا ٿين ٿا ۽ ڌرين جي مرضيءَ
موجب پرچاءِ يا ٺھراءَ ٿين ٿا، يا فيصلي لاءِ امين مقرر ٿين ٿا. امينن جو فيصلو اھڙو آخري ۽ ٻڌندڙ آھي، جھڙو جج يا منصف جو ۽ امينن جي
فيصلي ۾ ڪورٽ في وغيره جو خرچ ڪون ٿو ٿئي. تنهن ڪري ڌريون خوشيءَ سان اھڙو فيصلو پسند ڪنديون آھن. قرضي آبادگارن تان قرض جي بار ھلڪي ڪرڻ
لاءِ ٿورن ورھين کان ڪيترائي قانون جاري ڪيا ويا آھن، جيئن ته وڪرن توڙي گروي نامن ۽ مقاطعن جو ضروري رجسٽر ٿيڻ، ڪورٽن کي دستاويزن جي
سچائي ۽ اصل بنياد جي جاچ ڪرڻ. فرض جي شروع کان وٺي تحقيقات ڪرڻ قرض ادا نه ھئڻ ڪري قيد نه ڏيڻ، آبادي وارن چئن مھينن ۾ ھارين کي سمن تي
گھرائڻ جي بندش، ڊڪري جي تعميل ۾ زمين جي وڪري ڪرڻ تي بندش ۽ آبادگارن کي مدد ڏيڻ يا رليف جو ائڪٽ جاري ٿيڻ.
پوليس جي ڪم لاءِ ٻن سون کان مٿي سپاھي رھن ٿا. انهن جي مٿان ناطم مقرر آھي، جنهن جي ھيٺان مدد لاءِ ھڪڙو انسپيڪٽر رھيٿو، چاليھارو پوليس عملدار آھن، پنجاهه سٺ گھوڙي سوار آھن
۽ ڏهه پندرھن شتر سوار آھن ۽ نوي يا سئو ڪانسٽيبل ۽ ويھارو منشي آھن، ٽيھارو کن چونڊيلن ماڻھن کي بندوقون مليل آھن، باقي ٻين کي تراريون
مليل آھن. ڳوٺ جا چڱا مڙس ڳوٺ جي پوليس وارا فرض ادا ڪندا آھن. گھڻا ڏوهه اڪثر چوري، ڪپت، ايذا، ڪاهه ۽ پنهنجو پاڻ کي ايذا رسائڻ جا آھن.
رياست جي لشڪر ۾ ٻه سئو کن قواعد سکيل پيادا آھن ۽ سئو کن بي قائده سوار ۽ چار توبون آھن. جيڪي پيادا آھن سي باقاعدي پوليس وانگي ڪم ايندا آھن ۽ باجي وارا به انهن منجھان ھوندا
آھن، جيڪي سوار آھن سي پھري جو ڪم ڏيندا آھن ۽ ڪي مير صاحب وغيره جي حاضري ۾ رھندا آھن، توبون فقط سلاميءَ جي لاءِ رکيل آھن، سينٽ جان
ائمبولنس سوسائٽيءَ جي ھڪڙي شاخ به قائم ٿيل آھي جا چڱيءَ طرح پئي ڪم ڪري.
ھڪڙو وڏو جيل ڪوٽڏيجي ۾ آھي ۽ ھڪڙو ننڍو جيل خيرپور ۾ آھي. ھر سال قيدين جو تعداد سراسري ٻه سو يا انهن کان ٿورو گھٽ وڌ رھي ٿو.
تعليم جي ڪم اڳي کان ھاڻي گھڻي ترقي ڪئي آھي، اڳي مسجدن وارا ملن جا اسڪول يا مڪتب گھڻا ھوندا ھئا. ھاڻي اُھي گھٽجي انهن جي بدران پورا مڪتب ٿيا آھن.
سن 1904ع ۾ ھڪڙو اينگلو ورنيڪيولر اسڪول شروع ڪيو
ويو ھو. جو ھنري اسڪول بنايو ويو ھو ۽ آبرو وارن مسلمان ڇوڪرن جي رھڻ لاءِ انهيءَ سان لاڳو ھڪڙو بورڊنگ ھائوس به ٺھرايو ويو. انهيءَ کان سواءِ 18 ڇوڪرن جي رھڻ جا وڏا ۽ 16
پرائمري يا 5 مقاني اسڪول، 50 ڇوڪرين جا، 38 گرانٽي يا مدد ڏنل مسلمانن جا مڪتب ۽ 2 ھندو سنڌي اسڪول آھن. انهن کان سواءِ ھڪڙو مدد ڏنل
انگلو ورنيڪيولر سيڪنڊري اسڪول ۽ ھڪڙو مدد ڏنل پرائمري اسڪول ۽ ھڪ عربي اسڪول ۽ ھڪ ھنري اسڪول ۽ ھڪ زنانو اسڪول خيرور ۾ آھن. ٻن ورھين کان
ھڪڙو ھاءِ اسڪول به اتي جاري ڪيو ويو آھي، جنهن سان بورڊنگ ھائوس به شامل آھي. اھڙا بورڊنگ ھائوس رياست ۾ ڇھن ٻين ھنڌن تي به آھن. ھنري
اسڪول ۾ سواءِ رواجي تعليم جي واڍڪو، لوھارڪو، درزڪو، جنڊي جو ڪم، ڀرت ۽ زردوزي ڪم ۽ اُڪر جو ڪم به سيکارڻ ۾ ايندو آھي. غاليچن اُڻڻ جو
ڪارخانو، جنهن تي جائلس صاحب جو نالو پيل آھي، سو به انهيءَ ھنري اسڪول جو ڀاڱو آھي. تازو ڪوٽڏيجي ۾ ھڪڙو زنانو اسڪول به جاري ڪيو ويو
آھي، جنهن ۾ ٽالپرن جون ڇوڪريون به پڙھن ٿيون.
مير فيض محمد خان جي ڏينهن ۾ رياست جو ڇاپخانو به قائم ٿيو، جنهن کي فيض پريس نالو مليو آھي. پھرين لٿو گراف ڪم ھلندو ھو، پر پوءِ وزير ميان محمد ابراھيم جي ڏينهن ۾ انهيءَ ۾
ٽائيپ جو به بندوبست ڪيو ويو ۽ ھاڻي اھا تمام عمدن پريسن مان ھڪڙي آھي ۽ تمام عمدو ڪم ڪري ٿي.
رياست ۾ ٽي اسپتالون يا شفا خانا ۽ چار ڊسپينسريون يا دوا خانا آھن، جي سڀ خيراتي دوائون ٿيون ڏين. انهن تي ھر سال اٽڪل 6000 رپيا خرچ ٿو ٿئي. خيرپور ۾ ھڪڙي زناني اسپتال به
آھي ۽ ھڪڙي جانورن جي به اسپتال آھي، جنهن ۾ ھر سال پنجن ڇھن ھزار جانورن جي دوا ٿي ٿئي. پنج ويڪسينيٽر آھن جي رياست اندر ٽڪا ھڻن ٿا، ڄمڻ
مرڻ جو داخلا تپيدارن ۽ ڍڪ منشين ۽ پوليس وارن جي معرفت ڪجي ٿو. ٻه ساني گھوڙا ۽ ٽي ساني گڏهه به جدا جدا جاين تي رکيل آھن. 1903ع کان اڳي
رياست پنهنجا سڪا ھلائيندي ھئي، انهيءَ کان پوءِ انگريز سرڪار وارا سڪا ھلندا اچن. |