سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: خيرپور رياست

 

صفحو ؛ 7

ڪمشنر صاحب ڪراچي ۾ ڪين هئا، گشت تي هئا ۽ سکر ۾ منزل هين. مير شاهنواز خان ۽ ٻه ٻيا ننڍا مير ڪراچي ۾ آيا ۽ مير صاحب سان گڏيا. سؤ کن سوارن سان خيرپور مان منزلون ڪري آيا هئا. آخر 21 ڊسمبر جي آگبوٽ ۾ چڙهي پهرين سمنڊ ۾ ۽ پوءِ درياهه جي منهن حجامڙي وٽان درياهه مان هليا. جهاز جو نالو فريئر هو. 3 جنوري سن 1859ع جي سکر ۾ پهتا. جتان ٻيڙين جي رستي سامان وغيره نائچن کان خيرپور موڪليو ويو. مير صاحب ڌار سڌو خيرپور جي ويجهو اچي لٿو ۽ سندس عملو به پوءِ خيرپور ۾ آيو.

ولايت مان خير سان موٽي اچڻ ڪري خيرپور ۾ خوشيون ٿي ويون. شهر ۾ داخل ٿيڻ وقت سلامي جون توبون ڇٽيون ۽ سڀ ماڻهو اچي کيس گڏيا. انهيءَ وقت سندس وڪيل حافظ  حڪومت خان هو. دوباغو، جتي اڳي ريزيڊنٽ جو بنگلو هوندو هو، اتي خوشيءَ ۽ مانيءَ جي مجلس ڪئي ويئي ۽ سکرن کي دعوت ڏني ويئي ۽ اتي ناچ  ۽ راڳ به ٿيا ۽ بازن جي شڪار ۽ ٻين قسمن جو تماشو به ٿيو. ٻئي ڏينهن صبح جو مير صاحب ڪوچ ڪري هميشه واري گشت تي نڪتو، جو اڪثر شهر ۾ نه رهندو هو. انهيءَ وقت سندس مختيارڪار مراد خان  هو ۽ هو تسنگ ۽ ڪشنداس سندس مير منشي هئا. چئن ڏينهن کان پوءِ سکر ۾ ڪمشنر صاحب سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ مير صاحب پنهنجي ملڪ جي سڌاري لاءِ هن  سان گهڻيون ئي صلاحون ۽ مشوره ڪيا. جيئن ته تعليم جي لاءِ اسڪول کولڻ ۽ ڪتابن ۽ ماسترن جي لاءِ ميجر گولڊ سمنڊ صاحب کان مدد وٺڻ، بمبئي جي ميڊيڪل ڪاليج مان ڪو  ڊاڪٽر گهرائڻ ۽ انگريزي دوائن جو بندوبست ڪرڻ، يورپين ۽ ڏيهي ماڻهن ۽ مسافرن لاءِ بنگلا ۽ مسافر خانا ٺهرائڻ، مصر، بمبئي ۽ يورپ مان چڱا چڱا وڻ ۽ ٻج گهرائڻ، مدراس مان نير جي ڪارخاني لاءِ ماڻهو گهرائڻ، اهي سڀ بندوبست نيٺ آهستي آهستي ٿيڻ لڳا ۽ ملڪ سڌري ويو ۽ مير صاحب انگريزي تعليم پکيڙڻ جو اهڙو شائق هو جو پنهنجن منشين جي اولاد سان منشي مولراج بي، اي کي پنهنجي خرچ تي ولايت موڪليائين، تعليم وٺڻ لاءِ ۽ هو بئرسٽر ٿي آيو، جو پوءِ انگريز سرڪار جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو ۽ اڃا تائين نوڪري ۾ آهي.

ولايت مان موٽي اچڻ کان پوءِ سرڪار وري به مير صاحب کي سندس ولي عهد مير شاهنواز خان جي حسن خدمتيءَ جي ڪري  ٻارهن هزار رپيا درماهي پينشن جي آڇ ڪئي پر مير صاحب وري به  قبول نه ڪئي ۽ انهيءَ جي بدران زياده ملڪ جو ٽڪر گهريائين جا ڳالهه انگريز سرڪار قبول نه ڪئي. انهيءَ کان پوءِ به وقت به وقت وائسرراءِ يا گورنر صاحبن جي ملاقات وقت ساڳيو عرض اشارتا يا ٻي طرح ڪندو رهيو، مثلاً جڏهن وائسراءِ لارڊ ڊفرن صاحب سان روهڙيءَ ۾ سندس ملاقات ٿي، تڏهن مير صاحب کي نقرس جي بيماري هئي، يعني پيرن جي سنڌن ۾ سور هو. لارڊ ڊفرن صاحب پارسي تمام چڱي ڳالهائيندو هو جو اڳي روم ۽ ايران جي طرف سفير ٿي رهي آيو هو. مير صاحب سئين ٿي نه بيهڻ ڪري انهيءَ بيماريءَ جو عذر ڪيو تڏهن لارڊ صاحب پارسي ۾ چيس ته بمبئي ۾ پهچڻ شرط اوهان جي پير جي علاج جو بندوبست ڪندس. مير صاحب ورنديءَ ۾ چيس ته آئون صاحب جو شڪر گذار آهيان مگر مون کي پير جي سور جو علاج نٿو گهري. پيٽ جي سور جو علاج ٿو گهرجي، يعني وڌيڪ  ملڪ ڪشادي گذران لاءِ، انهيءَ طرح وقت بروقت  موقعي ملڻ تي شڪايت به ڪندو رهيو ۽ عرض احوال به ڪندو رهيو، ساڳئي وقت ۾ سرڪار جي مدد لاءِ هر طرح ڪوشش ڪندو به رهيو ۽ جيڪي وڏا صاحب ايندا هئا، توڙي ڪمشنر صاحبن جي خدمت چاڪري به ڪندو رهيو، جنهن ڪري هو منجهانئس گهڻو خوش ٿيندا هئا ۽ ٿورو ٿورو ڪري سندس عزت افزائي ڪندا رهيا، اگرچه کسيل ملڪ وري نه ڏنائونس.

سال 1865ع ۾ جڏهن مانسفيلڊ صاحب سنڌ جو پنجون ڪمشنر هو تڏهن مير علي مراد خان جي سلامي واريون 15 توبون، جي وچ ۾ بند ڪيون ويون هيون، سي وري بحال ٿيون. سال 1875ع ۾ جڏهن پرنس آف ويلس صاحب هندستان آيو هو، تڏهن مير صاحب مختصر عملي سان بمبئي ڏي سندس ملاقات جي لاءِ ويو، جيئن ٻيا راڄائون ۽ نواب آيا هئا.

1876ع جي پڇاڙي ڌاري درياهه جي اٿل ڪري خيرپور جو شهر ٻڏڻ تي هو. گهڻي خرچ سان شهر جي چوڌاري بند ٻڌايو ويو. مير صاحب جو پٽ مير جان محمد خان خاص انهيءَ بند جي حفاظت لاءِ مقرر هو. مگر درياهه ۽ برسات جي زور ڪري اوچتو رات جي وقت کوکرن وٽان بند ڀڄي پيو ۽ شهر ۾ پاڻي ڪاهي پيو. زلزلو مچي ويو. ماڻهن کي پنهنجا سر بچائي ڪڍڻ محال هو. وچين ڀاڱي  کانسواءِ ٻيو شهر سڄو ٻڏي ويو ۽ جايون ڪري پيون. پوءِ وري مير صاحب جي مهرباني سان شهر آباد ٿي ويو. انهيءَ وقت مير صاحب جي  حڪم موجب مون پارسي شعر ۾ ڪي تاريخون لکيون هيون جي هيٺ ڏجن ٿيون.

دوش، شنيدم خبر دردناک خيرپورست اندر غم مبتلا

غرق بدر يا شده ديهات و شهر، خلق براز خوف برون شديپا

مال غريبان همگي دزد برد باز بهر سو در جور و جفا

اين خبر آرام دلم راببرد محو بتاريخ نموده مرا

فڪر همي ڪردم ازان غم که دل نعره زد و گفت غم ڪربلا

(ايضا) امسال از حڪم قضا درريا فراوان امده تڪثير جريان يکطرف تڪرير باران يڪطرف شد خيرپور عرق اندران ديده خرابي بيڪران نقص اميران يڪطرف رنج فقيران يڪطرف بيرون شد نداز خام ها، باناله و افسانه ها فرياد و افغان يڪطرف، اسباب و سامان يڪطرف دزدان بغارت تاختين آن و اين پردا ختند مال غريبان يڪطرف حال پريشان يڪطرف تاريخ مي جستم ڪه دل ناگه ببانگ نرم گفت اوبار طوفان يڪطرف پيکار دزدان بڪطرف (ايضا) هي هي غريبان (ايضا) ملڪ شه خيرپور ز آب پراز باک شد – مادء تاريخ آن آب غضبناڪ شد.

1877ع ۾ جڏهن سر وليم ميريويدر صاحب سنڌ جو ڪمشنر هو، تڏهن دهلي ۾ جيڪا نوابن ۽ راجائن ۽ اميرن جي درٻار ٿي هئي، تنهن ۾ مير صاحب جو وڃڻ ٿيو. اتي سونهري جهنڊو ۽ ٻيو سامان سرڪار کيس عطا ڪيو، ۽ اتي سندس  ٻين راجائن ۽ نوابن سان معرفت ٿي ۽ دوستي جو رستو جاري ٿيو. انهن مير صاحب کي پنهنجي ملڪ ۾ اچي شڪار ڪرڻ جون دعوتون ڏنيون. مير صاحب فقط ڪپورٿلا جي راجا وٽ وڃي شڪار ڪيو ۽  ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پٽيالي جي مهاراجا جي شادي ۽ تاج پوشيءَ  جي دعوت تي پنهنجو وزير منشي اتم چند وڏي اٽالي سان موڪليائين.

1882ع ۾ هڪڙي ڏينهن مير صاحب پکين جو شڪار ٿي ڪيو. گهڻو لشڪر پکين جي پٺيان هو ته هڪڙو حر وجهه وٺي، مير صاحب جوو اُٺَ تي سوار هو، تنهن تي تپاچي جا ٻه فائر ڪيا پر نه لڳا، ٽئين سان مير صاحب کي زخمي ڪري وڌائين. مير صاحب جي نوڪرن انهن کي اڦٽ ماري وڌو. پنهنجن ماڻهن کي مير صاحب پاڻ حڪم ڏنو ته جيئرو  مونکي منزل تي وٺي هلن. منزل تي پهچڻ کان پوءِ به مير صاحب ٻه مهينا کن بيمار پيو هو. سکر جو ڊاڪٽر پيڪاڪ علاج ڪندو هو. گولي اندر گهڙي ويئي جا وٺي ڪڍڻي پئي. نيٺ جڏهن  مير  صاحب شفاياب ٿي  خيرپور ۾ آيو تڏهن ڏاڍيون خوشيون ۽ خيراتيون ٿيون. چوڻ ۾ اچي ٿو انهيءَ حر کي پير علي گوهر شاهه ۽ شيخ علي حسين جي دوستن جي چورت هئي، جو اهي مير صاحب سان ناراض ۽ ناساز هئا ۽ حر انهيءَ ڪنگريءَ واري پير جا مريد هئا.

1887ع ۾ لارڊ رئي گورنر صاحب بمبئي جو شڪارپور ۾ گهوڙن جي ميلي تي تشريف فرما ٿيو هو. مير صاحب به اتي ويو هو ۽ ملاقات ڪيائين. اهو پهريون ئي دفعو هو جو تندرستي کان پوءِ اهڙي جلسي ۾ ويو هو. وري 1889ع ۾ لارڊ رئي سان گڏجي سکر  جي لئنسڊائون برج يا پل کولڻ لاءِ تشريف فرما ٿيا هئا.

سن 1891ع ۾ جڏهن جيمس صاحب بهادر سنڌ جو ڪمشنر هو، تڏهن مير صاحب کي جي سي آءِ (يعني نائيٽ گرائونڊ ڪراس آف دي انڊين امپائر) جو خطاب مليو، ۽ انهيءَ سان گڏ ٻه هزار رپيا لوازمو به عطا ٿيو، جو مير صاحب قبول نه ڪيو. انهيءَ لاءِ بمبئي جو گورنر صاحب بهادر لارڊ هئرس ڪراچي آيو ۽ پوءِ شڪارپور ۾ آيو جتي دربار ٿي. مير صاحب به اتي آيو. شڪارپور جو ڪليڪٽر ۽ خيرپور جو پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل ميهو هو، تڏهن دستوري جبو مير صاحب کي ڍڪايو ويو ۽ 19 توبون سلاميءَ جون ڇوڙيون ويون. انهيءَ ڏينهن ۽ انهيءَ رات شهر ۾ ڏاڍي خوشي ظاهر ڪئي وئي هئي ۽ آتشبازي ۽ چراغبندي ڪئي ويئي هئي.

سن 1893ع ۾ جيمس صاحب بهادر سکر ۾ خيرپور جي خاندان مان جيڪي ننڍا وڏا مير صاحب هئا ۽ ڪي رياست  ۾ ڪي انگريز سرڪار جي حد ۾ رهندا هئا تن سڀني کي سڏائي روبرو احوال وٺي يادداشتون تيار ڪرائي مٿي سرڪار ۾ سفارش ڪيائين، جنهن موجب انهن جي  قرض جي جاچ ۽ ادائي جو به بندوبست ٿيو ۽ انهن جي گذران لاءِ جيڪي حڪمرانن جي قطار ۾ هئا، تن کي پشت به پشت جاگيرون ڏياريائين، ڪن کي فقط حياتي تائين ڏياريائين ۽ ڪن کي پينشنون ڏيارئين ۽ ڪن کي آبادي جون زمينون ڏئي  زميندار ڪيائين ۽ جيڪي ننڍا هئا تن کي مدرسته الاسلام ڪراچي ۾  پڙهڻ لاءِ ويهاريائين ۽ انهيءَ مدرسي ۾ مير صاحب والي رياست جي کان پيسن جي گهڻي مدد ورتائين، جنهن مان انهن ننڍن ميرن جي  رهائڻ ۽ کارائڻ پيارڻ واري جاءِ جو بندبست ڪيائين ۽ انهيءَ تي مير صاحب جو نالو رکيائون، ۽ انهيءَ کان سواءِ سنڌ جي غريب مسلمان ٻارن لاءِ ڪيتريون ئي اسڪالرشپون مير صاحب جي نالي سان مقرر ڪيائون، ۽ انهن جي ڏيڻ بابت قانون ٺهرايائون جي اڃا تائين هلندا اچن، ۽ جن مان گهڻن غريب مسلمانن کي فائدو پهتو آهي ۽ پيو پهچي.

سن 1311هه مطابق سن 1894ع ۾ مير علي مراد خان وفات ڪئي.  جنوري مهيني ۾ دڙي جي منزل تي سخت بيمار ٿيو. سڀ امير امراءُ ڪمشنر صاحب ۽ ڪليڪٽر صاحب ۽ ٻيا ماڻهو اتي آيا ۽ تنبن ۾ لهي پيا. ڊاڪٽر ۽ طبيب اچي گڏ ٿيا مگر ڪو به علاج نه هليو. هزارين رپيا خير خيرات ۽ صدقي ۾ خرچ ڪيا ويا ۽ ٻه لک رپيا مدينه منوره ۽ ڪربلا معليٰ ۽ نجف اشرف ڏي ۽ ٻين خيراتي ڪمن جي لاءِ نذر ڪري رکيا ويا. آخر 2 تاريخ اپريل جي يعني 25 رمضان مهيني جي 81 ورهين جي عمر ۾ 65 ورهين جي حڪومت کان پوءِ وستڙن جي منزل تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪيائين. سندس وفات جو سال گدا شاعر جي چيل تاريخ جي هيٺين شعر مان ٿو نڪري.

سلا نقش گدا بروي، ببهشت

گفت هاتف بهشت يافت مکان

۽ حياتيءَ ۾ سندس سجع جا مهرتي هوندي هئي سا هي هئي. علي مراد مرا دادو بخت ياري ڪرد، اگرچه صحيح ۾ پاڻ علي مراد فقير لکندو هو. پوءِ سندس  لاش ڪربلا  ڏي نيڻ جي لاءِ وڏي تجمل سان کڻي ڪراچي ۾ آيا ۽ اتان اگٻوٽ ۾ چاڙهي روانو ڪيائون ۽ اتي خاص جاءِ هٿ ڪري دفن ڪيائون.

پهريائين مير صاحب مرحوم جو جنازو خيرپور مان سکر آندائون. اتي اسپتال ۾ سول سرجن جي صلاح ۽ مشوره سان ضروري دوائون ۽ خوشبوئن سان خاص صندوق ۾ بند ڪيائون ۽ اسپيشل گاڏي تي چاڙهي ڪراچي روانو ڪيائون ۽ مير محمد مراد خان، مير امام بخش خان، مير علي مدد خان، مير گل حسن خان ۽ ڪيترا ٻيا معزز ماڻهو اٽڪل هڪ سؤ جنازي جي صندوق ساڻ ٿيا. ٻئي ڏينهن تاريخ 13 اپريل 1894ع مطابق 27 رمضان 1311هه جي صبح جو ڪراچي جي صدر اسٽيشن تي گاڏي پهتي. ڪشنر صاحب بهادر سر جيمس ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر لوڪس صاحب ۽ ڪمانڊنگ آفيسر صاحب ۽ ڪيترائي ٻيا يورپي آفيسر، هندو ۽ مسلمان معزز ماڻهو ماتم جي پوشاڪ ۾ حاضر هئا. فوج ، توبخانو ۽ باجو وغيره به حاضر هئا، پهرين مير محمد مراد خان سان دستوري معذرت ڪري، جنازي جي صندوق تي ڪيمخواب ۽ گل وجهي چئن گهوڙن وارن ڪاري گاڏيءَ تي رکيائون ۽ سلامي جون 19 توبون ڇوڙيون ويون ۽ لشڪر به بندوقن سان سلامي ڏني ۽ ماتم جو باجو وڄڻ لڳو. جنازي جي پٺيان درجي وار گاڏيون قطار ٻڌي هلڻ لڳيون، سرڪار گزٽ ڪارن ڪنارن سان انهيءَ تاريخ خاص طرح ڪڍيو ويو، جنهن ۾ مير صاحب مرحوم جي وفات جي خبر ڇاپي ويئي ۽ سرڪار جي طرفان افسوس ظاهر ڪيو ويو. جيڪي ماڻهو آيا هئا تن کي دستور موجب عمدو طعام کارايو ويو. ٽي ڏينهن جنازو اتي رهيو ۽ انهيءَ وچ ۾ حافظ جنازي تي ڪلام الله پي پڙهيو ۽ غريبن  ۽ مسڪينن کي خيرات پي ملي. اهي ٽيئي ڏينهن ڪمشنر صاحب بهادر اچي جنازي تي  تازا گل وجهي ويندو هو. تاريخ 6 اپريل رمضان جي عيد هئي. عيد جي نماز پڙهڻ کان پوءِ جنازي جي صندوق کڻائي ڪياماڙي تي آيا، رستي ۾ جنازي جي مٿان وقت به وقت رپيا گهوريندا  اڇلائيندا آيا. هڪڙو خاص اگٻوٽ جو  ٻه هزار رپيا ڏيئي ڪرائي تي ڪيو ويو هو، تنهن ۾ صندوق رکيائون، جيڪي مير صاحب خيرپور مان جنازي سان آيا هئا سي به لاش سان ڪربلا روانا ٿيا. هز هائينس حاجي نور محمد خان به اگٻوٽ تائين آيو هو. ڪربلا ۾ جنازي جي دفن ڪرڻ لاءِ خاص حجرو هٿ ڪيو ويو هو، جيڪي ماڻهو جنازي سان ڪربلا ويا هئا سي جون مهيني ۾ موٽي آيا.

مٿي جن خيرات وارن ٻن لکن جو ذڪر ڪيو ويو تن مان پنجاهه هزار ڪربلا معليٰ ڏي خيرات لاءِ موڪليا ويا. باقي ڏيڍ لک رپيا مير فيض محمد خان والي رياست ۽ جيمس صاحب ڪمشنر جي صلاح سان سنڌ  ۾ خيراتي ڪمن ۾ خرچ ڪيا ويا. جيئن ته مسجدون وغيره جي مرمت لاءِ مدرسته الاسلام ۾ شاگردن جي مدد لاءِ ۽ مدرسه ۾ شيعن شاگردن جي لاءِ مسجد جوڙائي ويئي ۽ اسڪالرشپن ۽ ٻين خير جي ڪمن ۾ لڳايا ويا.

مرحوم مير علي مراد خان کي ڏاڏي پوٽي واري پهرئين ديري مان يعني مري بلوچ خاندان جي اهليه مان ٻه پٽ هئا، هڪڙو مير شاهنواز خان، جو سندس ولايت وڃڻ وقت سندس جاءِ تي حڪومت ڪندو هو، جنهن جو مٿي ذڪر آيو آهي، ٻيو مير فيض محمد خان، اڳئي گهر مان ٽي نياڻيون به هيس، اڃا به وڏو پٽ مير سهراب خان نالي هئس جو ننڍي هوندي مري ويو هو، ٻئي ديري مان ٻه پٽ هئس، هڪڙو  مير جان محمد خان ۽ ٻيو مير خان محمد خان، ٽئي گهر  مان هڪڙو پٽ مير غلام مهدي خان هوس. چوٿون ديرو جو بهاولپور جي نواب صبح صادق جي خاندان مان هو، تنهن مان اولاد ڪو نه هئس.

مير شاهنواز خان 43 ورهين جي عمر ۾ آڪٽوبر سن 1874ع ۾ وفات ڪئي ۽ کيس مير محمد مراد خان پٽ هو. مير فيض محمد خان انهيءَ کان پوءِ ولي عهد ٿي رياست جو والي ٿيو ۽ انهيءَ جو بيان هيٺ ڪيو ويندو. مير خان محمد خان 35 ورهين جي عمر ۾ مارچ سن 1888ع ۾ وفات ڪئي ۽ لاولد هو. مير جان محمد خان  ساڳئي سن 1880ع ۾ وفات ڪئي ۽ انهيءَ جو پٽ مير غلام حسين هو ۽ مير غلام مهدي خان 27 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. انهيءَ طرح مير علي مراد خان جي ٻين سڀني پٽن سندس حياتي ۾ وفات ڪئي. سواءِ مير فيض محمد خان جي جو کانئس پوءِ گادي تي ويٺو.

مير علي مراد خان مرحوم جي طبيعت ۽ هلت  چلت بابت ساڳئي صاحب ڪپتان پوسٽنس، جنهن مير رستم خان بابت مٿي لکيو، تنهن مير صاحب مرحوم بابت به هيئن لکيو آهي.

”مير علي مراد خان خيرپور جي مير صاحبن مان تمام مشهور ماڻهو آهي. هو نهايت گهڻي طبع، تجويز، تميز ۽ سمجهه وارو آهي. عالي دماغ ۽ مستقل مزاج ۽ پڪي ارادي ۽ خودمختيار طبيعت وارو ماڻهو آهي. شڪل ۾ تمام سهڻو آهي. اگرچه سانورو آهي جو سندس ناناڻا مري بلوچ آهن. هو اهڙو خوش خلق ۽ خوش طبع ۽ مروت وارو آهي  جو جيڪو ڏسندس سو پسند ڪندس. جوانيءَ ۾ شرابخوري جي عادت ۽ زالن جي صحبت گهڻي هوندي هيس. اگرچه  پوءِ انهن کي گهڻو روڪيائين، جنهن ڪري سندس تندرستي کي نقصان ڪو نه رسيو. اهڙو بهادر ۽ همت وارو ۽ سالم طبع هلندو آيو جو ملڪ جي مشڪل مسئلن کي حل ڪندو ۽ ملڪ هلائڻ جي ڪم ۾ هن کي ٻاهرين دست اندازي پسند نه هئي، تنهن ڪري ٻين بلوچن کان، بلڪه حيدرآباد وارن ميرن کان به پاڻ کي شروع کان وٺي ڌار رکيائين، پنهنجا ڪامورا خانگي خدمتگار اڪثر ٻاهر جا رکندو هو. لشڪر به اڪثر هندستاني ۽ پنجابي، پٺاڻ ۽ بهاولپوري رکندو هو. شڪ ناهي ته شروع ۾ هن جو ارادو هو ته حيدرآباد توڙي خيرپور وارن ميرن کان ڌار ٿي ساري سنڌ جي حڪومت پنهنجي هٿ رکي. پر انگريز  سرڪار جي اچڻ کان پوءِ انهيءَ سان واسطو رکيائين ۽ انهن جو طرف ورتائين.

مير صاحب تمام وڏي دل وارو ۽ سخي مرد، ڏاهو، مهمان نواز ۽ مسافر پرور هو.سندس سخا ۽ بخشش سنڌ ۾ مشهور آهي. هو ڏاڍو خبدار ۽ تيز فهم ۽ قابل شخص هو. عربي، پارسي، سنڌي لکڻ، پڙهڻ ۾ ڏاڍو هوشيار هو. مسلماني مذهب مان چڱي طرح واقف هو، بلڪه هندو مذهب مان به واقف هو ۽ وٽس ايران، هندستان ۽ ٻين هنڌن جا عالم فاضل گهڻا ايندا هئا ۽ انعام اڪرام پائيندا هئا. شيعي مذهب رکڻ ڪري ساداتن کي گهڻو مان ڏيندو هو ۽ انهن کي گهڻو ڏيندو وٺندو هو. راڳ ۽ ڳائڻ جو گهڻو شوق هوندو هوس، هندستاني ۽ پنجابي گويا، ڪٿڪ ۽ سنڌي راڳ ڳائڻ وارا هيشه ساڻس رهندا هئا. اهو هڪڙو پهاڪو ٿي ويو هو ته جنهن گوئي مير علي مراد خان وٽ نه ڳايو هوندو سو گوئيو سڏجڻ جو لائق ناهي، مير صاحب کي راڳ جي چڱي ڄاڻ هوندي هئي ۽ شڪار جو شوق انهيءَ حد هئس جو هميشه جهنگ ۾ لانڍين منجهه گذاريندو هو ۽ هر قسم جو شڪار ڪندو هو ۽ بندوق چڱي طرح هڻڻ ۽ نشان چٽڻ ۾  ولايت تائين مشهور هو. هو فقيرن ۽ درويشن ڏي گهڻو صدق ۽ اعتقاد رکندو هو ۽ انهن کان هميشه دعا گهرندو هو. هيٺيون پارسي غزل سندس چيل آهي:

آه دل از فراق تو دامان من گرفت

پروانه پيش شمع راه انجمن گرفت

پروانهء  فراق تو تنها نه سوخت دل

بس جان درين شرر گه پروانه تن گرفت

در محفلي ڪه شخص غمت ميزبان بود

مهمان چگو نه روي ازان انجمن گرفت

در دور حسن روي تو اسلام ڪفر گشت

داد از برهمني ڪه صنم از ثمن گرفت.

قاتار زلف پر شڪست چين رخ گرفت

مرغ دل از خطاره ملڪ ختن گرفت

درهيچ دين شنيد که ازيک نگه گناهه

برمن گذشت ورو زمن بوالخرن گرفت

رفتم بکوي دوست دهم شرح اشتياق

شوقش بگشت آتش و دامان من گرفت

جز هجر او نصيب نگشتم علي مراد

آن هم زمان عمر بن يغما زمن گرفت

۽ هي بيت به مير صاحب جو آهي.

از خضام نبود هيچ دلم را مطلب

غرض آنست ڪه آهو صفتان رم نکنند

سچل فقير درازن وارو مير صاحب جي وقت ۾ هو ۽ انهيءَ ڏي مير صاحب جو گهڻو اعتقاد هو. سچل فقير جو پارسي ديوان، ديوان آشڪار مير صاحب، خوشخط ڇاپائي پڌرو ڪيو جو اڃا موجود آهي.

مير صاحب جي وڏي پٽ مير شاهنواز خان جي نسبت ۾ ڪپتان لئنگلي هئين لکي ٿو ته ”جڏهن مير شاهنواز خان ننڍو هو تڏهن سر چارلس نيپئر چوندو  هو  ته هن جي شڪل نپولين بونا پارٽ جهڙي آهي ۽ هو ڪارو نپولين آهي. هو خوبصورت ۽ تيز فهم ۽ جرئت وارو آهي. هو ٿوري گهڻي انگريزي لکي پڙهي سگهي ٿو. زياده تعليم جي لاءِ هن جي گهڻي خواهش آهي ۽ انهيءَ ڪم لاءِ انگلينڊ ڏي وڃڻ گهري ٿو. جڏهن فساد وقت هن شڪار پور ۾ مدد ڪئي تڏهن هن ڏاڍي همت ۽ بهادري ڏيکاري، جنهن ڪري ڪمشنر صاحب مٿي سرڪار ۾ سندس گهڻي تعريف ڪئي.“ []

 

 

باب چوڏهون

مير سهراب خان، مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان جي حڪومت ۾ ملڪي انتظام ۽ ماڻهن جي حالت وغيره جو بيان

 

مير سهراب خان توڙي مير رستم خان جي حڪومت ٿوري وقت جي هئي ۽ اڳوڻي قسم جي هئي ۽ راڄداري نموني جي هئي. مير علي مراد خان جي حڪومت گهڻي تائين هلي، جنهن  عرصي ۾ هن گهڻا سڌارا ڪيا، اگرچه نمونو اڳوڻو ڊول جو هو، انهيءَ حڪومت جي طرز ۽ ملڪ جي ٻي حالت جو هيٺ مختصر بيان ڏجي ٿو، انهيءَ لاءِ انهيءَ کان پوءِ جڏهن انگريز رياست جي لاءِ وزير مقرر ڪري ڏنا، تڏهن جيڪو سڌارو ٿيو ۽ ملڪ جي جيڪا حالت ٿي تنهن سان مقابلو ڪري سگهجي.

زمين جي  ڍل ٻڌڻ ۽ اوڳاڙڻ جو بندوبست اڳوڻي نموني جو هو، يعني بٽائي ڪرڻ سان. اهو رستو زميندارن  ۽ آبادگارن کي زياده پسند هو، جو هنن کي سهولت وارو هو. سرڪاري حصو جو ڪاردار وٺندو هو، سو زمين جي لياقت آهر پيدائش جو چوٿون حصو يا پنجون حصو هو. مقاطيدار وري پنهنجو حصو وٺندو هو، ليڪن اهو غريب هارين کي ڏاڍو ستائيندو هو. هيٺين فصلن تي اڪثر بٽائي جي بدران پيسا وٺڻ ۾ ايندا هئا. اَنَ جي هميشه بٽائي  ٿيندي هئي ۽ نير جي به، ڪپهه ۽ ڪمند ۽ تماڪ ۽ ڀاڄين ۽ ميون جي لاءِ نقد پيسا وٺڻ ۾ ايندا هئا. ڪپهه جي لاءِ في بيگا يا جريب تي ڏيڍ رپئي کان اڍائي رپين تائين وٺبا هئا. ڪمند جي لاءِ چئن  رپين کان ساڍن ڇهن رپين تائين تماڪ جي لاءِ هڪ رپئي کان سوا چئن رپين تائين. بعضي ڪاسگي جي رستي به ڍل وٺبي هئي، يعني بيٺل پوک جو تخمينو ڪري في جريب تي انهيءَ تان بٽائي جو حصو وٺبو هو. انهيءَ ڪم لاءِ هوشيار ۽ آزمودگار ڪامورا رکيل هئا ۽ انهن کي چڱو پگهار ملندو هو. ڪاسگي بٽائي موجب مقرر ٿيندي هئي. سرڪار جي طرفان  تقاوي ڏيڻ ۾ ايندي هئي. بعضي جنسي ٻج ڏيڻ ۾ ايندو هو. تقاوي جا پيسا

واڻين کان وٺبا هئا. جي سؤ تي ساڍا ٽي يا چار رپيا درماهو وياج وٺندا هئا ۽ جي جنس ڏبي هئي ته خرار جي بدران ڏيڍ خرار وٺبو هو. مختيارڪارن ۽ ڪاردارن کان پوءِ مک عملدار ارباب ۽ مکي ۽ ڪوٽوار  هوندا هئا. ارباب وڏيرا هئا جي موروثي نيڪ مرد هئا ۽ انهن کي فصل لهڻ وقت ڪي ملندو هو. مکي هندن جي پنچات جو وڏو هو. ڪوٽار به موروثي هئا، جن کي پيدائش مان ڪجهه ان ملندو هو، انهن کي ديهن جي حدن يا دنگن وغيره جي زياده خبر پوندي هئي.


[1]  مون کي مرحوم مير علي مراد جي ملاقات جو شرف حاصل هو، ٻه ٽي ڀيرا سرڪاري ڪم سان سندس ملڪ ۾ وڃڻ ٿيو، جڏهن آئون روهڙيءَ جو  مختيارڪار هوس. گشت ۾ سندس منزل تي وڃڻ ٿيو هو ۽ پاڻ ملاقات جي وقت تمام گهڻي مهرباني ڪندو هو ۽ سندس حڪم موجب منهنجي آسائش جو نهايت چڱو بندوبست ٿيو هو. اگرچه سخت گرمي جي ڏينهن ۾ وڃڻ ٿيو هو، ملاقات وقت جيڪا ساڻس صحبت ٿي اها لذت جهڙي هئي ۽ وسرڻ جي نه آهي. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org