سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو پهريون)

باب؛ 5

صفحو ؛ 5

Text Box:  

 

باب پنجون

سومرن جي حڪومت جو اوائلي دور

1-سومرن جو اصل نسل

ڪن تاريخن ۾ لکيل آهي ته سومرا عرب نسل مان آهن ۽ مامون عباسي جي خلافت وقت، بني تميم وارن سان گڏ ٻي هڪڙي عرب قوم”سامره“ مان لڏي سنڌ ۾ آئي هئي، جنهن پاڻ کي سومرا سڏايو هو. حقيقت ۾سامره شهر جو بنياد مامون کان پوءِ معتصم عباسي 836ع ۾ رکيو هو تڏهن خليفي سٺ هزار ترڪ لشڪر ۾ ڀرتي ڪيا هئا. مٿيون شهر سرمن رائي جي نالي سان 814ع تائين عباسين جو تخت گاهه رهيو. (1) علامه سيد سليمان ندوي پنهنجي هڪ مضمون ڇپيل ”تاريخ و سياسيات“ اردو اپريل 1951ع جلد پهريون صفحي 20 ۾ لکي ٿو ته ”سومرن جي قوم جو تعلق سامره شهر سان لڳائڻ لفظي صنعت گريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.“

ڪي تاريخ نويس سومرن کي يادو راجپوت بلند جي پٽ ”ساما“ جو اولاد ڀٽي راجپوت مڃين ٿا. ڪيترن ئي ڪتابن ۾ سومرن کي هندو راجپوت لکيو ويو آهي. مٽلاً:

(1)  ٽاڊ پنهجي ڪتاب ”راجستان“ ۾ سومرن کي پرمار راجپوت ڪري ڄاڻايو آهي.

(2)  سنڌ گزيٽيئر“ صفحي 179 ۾ لکيل آهي ته ”سومرا پرمار راجپوتن مان آهن.“

(3)  ”سومرا اصل هندو هئا ۽ سندن ڌرم هندو هيو.“ (انتخاب تاريخ طاهري، صفحو 14 ۽ 22 ۽ پڻ ”هسٽري آف انڊيا“، جلد 1 صفحو 484) سرايلئٽ.

(4)  ميجر جنرل هيگ پنهجي ڪتاب ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ صفحي 73 تي لکي ٿو ته:” سومرا اصل هندو هئا.“

(5)  سومرا، جن جو سنڌ تي راڄ هو. سي هندو جاتي جا آهن. (”بمبئي پريزيدنسي گزيٽيئر“ جلد 7، سال 1880ع، صفحو 99)

(6)  ”سنڌ ۾ سومرا راجپوتن پنهنجي بادشاهي برپا ڪئي“ (ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا، جلد3)

(7)  ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ صفحي 227 ۾ لکي ٿو ته ، ”سومرا اصل هندو راجپوت هئا.“

(8) شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ پنهجي ڪتاب قديم سنڌ“ صفحي 41 ۾ لکي ٿو ته، ”سومرا اصل راجپوت هئا، جي پوءِ مسلمان ٿيا.“

(9)  سنڌ جي آکاڻين (”گجراتي اتهاس “ صفحو24) ۾ دي جو نالو ”ڌوڌو“ ۽ چنيسر جو نالو ”چنديشور“ لکيل آهي.

(10) مسٽر اُميد علي ڪريم بخش هيڊ ماستر عمر ڪوٽ پنهنجي ڪتاب (”سنڌ جو گجراتي اتهاس “) صفحي 22 ۾ لکيو آهي ته: ”سومرا اصل هندو هئا.“

(11) سومرا اصل سنڌ جا سومرا راجپوت ذات مان هئا.“ (ڪاٺيا واڙ سروسنگره، صفحو116 )

(12)  سومرا اصل چندرونسيِ هئا، ڇاڪاڻ جوسوم ۽ سوُم اهي  ٻيئي لفظ چندرما جا پرماڻ آهن. ڪيترا سومرا پاڻ کي عرب جاتيءَ جا قريشي سمجهن ٿا، ان جو ڪارڻ هي آهي ته عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد ڪيترا قريشي سنڌ ۾ آيا ۽ سومرن جي مسلمان ٿيڻ کانپوءِ انهن جو پاڻ ۾ سڱابنديءَ جو رواج پيو ۽ پاڻ ۾ ملي ويا، جنهنڪري هو به پاڻ کي عرب خاندان جو ليکڻ لڳا. (ڪڇ نوڪيسري دودو اني چنيسر گجراتي، ليکڪ نرائڻ وشنجي، ڇپيل بمبئي، سال 1929ع، صفحو 12 جو فوٽ نوٽ)

(13)  ائبٽ صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ اُن جا ماڻهو“ جي صفحي 89 جي فوٽ نوٽ ۾ لکي ٿو ته، ”ڪو زمانو ڪڇ، گجرات ۽ سورت تي جيڪا راجپوت قوم حڪمران هئي، سا سومرا قوم هئي.“

(14) جوڌپور جي اتهاس بابت منشي ديوي پرشاد پنهنجي ڪتاب ”يوون راج ونسالي“ صفحي 23 ۾ سومرن کي هندو راجپوت لکيو آهي.“

(15)  گجرات جي مشهور تاريخي ڪتاب ”راس مالا“ ۾ لکيل آهي ته ”سومرا هندو راجپوت هئا.“

(16)  مسٽر عبدالغني عبدالله پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ جلد ٽيون صفحو 133-135، سال 1939ع ۾ لکي ٿو ته: ”سومرن جون جيڪي خاص رسمون ۽ چال چلت جون ڳالهيون، تاريخ طاهري ۽ چچ نامي ۾ لکيل آهن، تن مان به ثابت ٿئي ٿو ته سومرا عربي نسل مان نه آهن، ڇاڪاڻ جو اهي رسمون ۽ ريتون عربي تهذيب ۽ تمدن جي برخلاف آهن.“

اُنهن نُڪتن تي ويچار ڪرڻ سان سومرن جو راجپوت هئڻ ۽ پوءِ مسلمان ٿيڻ يقيني لڳي ٿو. هيٺيان دليل انهيءَ سلسلي ۾ وزنائتا آهن:

 (الف) جيڪي عربي نسل قومون، جي حڪومت وقت سنڌ ۾ آيون ۽ پوءِ سنڌ ۾ رهجي ويون، تن مان ڪابه قوم سنڌ کان ٻاهر ڪڇ، گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ڏي ڪانه ويئي، پر سومرن جي قوم قديم وقت ۾ گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ طرف حڪمران قوم جي حيثيت رکندڙ هئي، جهڙيءَ طرح ائبٽ صاحب گجراتي تاريخي ڪتابن مان ثابت ڪري ڌيکاريو آهي. جيئن هن وقت به سنڌ بنسبت وڌيڪ تعداد انهن هنڌن تي آهي.

(ب) سنڌ ۾ حڪمراني ڪندڙ سومرا سردارن جون جيڪي خاص رسمون سڀني تاريخن متفق راءِ سان بيان ڪيون آهن، جهڙوڪ: هٿن ۽ پيرن جا ننهن پاڙون ڪڍائي ڇڏڻ، زال هيڪر ٻار ڄڻيو ته ان سان وري همبستر ٿيڻ کان نفرت ڪرڻ، هڪ دفعو ڍڪيل ڪپڙو ميرو ٿيو ته وري ڌئاري نه پائڻ، پنهنجن غريب عزيزن ۽ زيردستن جي ڪلهن تي غلاميءَ جي نشانيءَ لاءِ داغ  هڻڻ وغيره، اهي رسمون عربي نسل قوم جي تهذيب بلڪ اسلام جي اصول جي بلڪل برخلاف هيون. 

(17)   ڍاٽ (اڳوڻو عمرڪوٽ پرڳڻو) ۽ راجپوتانا ۾ جيڪي اڄ ڏينهن تائين لوڪ گيت ڳايا وڃن ٿا، تن ۾ سومرن کي سوڍن سان گڏ ساراهيو ويو آهي. اُنهن گيتن جا نالا ڦولان، ڪنڪريون ڪوٽ ۽ آنٻا آنٻلي وغيره آهن. ڦولان گيت، جو سانوڻ مهيني ۾ ڳائڻ ۾ ايندو آهي ۽ جنهن ۾ هڪ وڏور ڪنيا جي ڪنواري رهڻ جو ذڪر آهي، تنهن ۾ اها ڪنواري ڪنيا ڦولان چوي ٿي ته ”مان نه هاڏي راءِ (بوندي رياست جي راجا) سان پرڻبيس، ۽ نه جيسلمير جي ڀاٽي راجا سان پرڻبيس، مگر سنڌ جي سومري سان پرڻبيس.“ (اَمرڪوٽ اتهاس، تيجسنگ سولنڪي صفحو 16)

(18) اڳي راجپوتن ۾ رواج هو ته ڇوڪريءَ کي ڄمڻ شرط ماري ڇڏيندا هئا. سومرن ۾ به اهو رواج مسلمان ٿيڻ بعد به هليو آيو (ڪڇ نوڪيسري دودو اني چنيسر، گجراتي صفحو 10)

پر سام جي اسماعيلي دروزي امام جو هڪ خط، جو هن 432 هجريءَ ۾ سنڌ جي سيخ ابن سومر راءِ ڏانهن لکيو ۽ کيس سنڌ ۽ ملتان ۾ ٻيهر اسماعيلي حڪومت قائم ڪرڻ جي غيرت ڏياري آهي، سو سومرن ۽ عربن جي تعلقات تي هڪ معتبر شاهد آهي. تاريخ معصومي ۾ آهي ته غزنين جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي سومرن پنهنجي سردار ”سومري“ کي حڪومت جو والي بنايو، جنهن ”صاد“ نالي هڪ زميندار جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. (”عرب و هند کي تعلقات“ مصنف علامه سيد سلمان ندوي،“ ۾ ”سعد“ لکيل آهي). ان مان ثابت ٿو ٿئي ته انهيءَ نو ”مسلم سومري حاڪم، ڪنهن قديم عرب مسلمان خاندان مان شادي ڪئي، جنهن مان اهو گهراڻو شروع ٿيو. (تاريخ و سياسيات“ اردو، اپريل 1951ع، جلد پهريون، علامه سيد سليمان ندوي جو مضمون صفحو 20)

”تاريخ فرشته“ ۾ ٺٽي جي سومري حاڪم جو نالو جنيسر لکيل آهي، جو اصل ۾ چنيسر آهي. ”طبقات ناصري“ ۾ ملڪ سنان الدين چنيسر والي ديول و سنڌ“ جي نالي ۽ ذڪر سان هن جو نالو لکيل آهي، جنهن سال 625 هجريءَ ۾ دهليءَ جي اطاعت قبول ڪئي. (حواشي ”تاريخ معصومي“ ڊاڪٽر عمرالدين دائود پوٽو.) چنيسر جو اصل نالو ”چندايشور“ هو جو هندو نسل جو پتو ڏئي ٿو، ۽ ملڪ سنان الدين جو لقب اسلام ۾ اچڻ جي ثابتي آهي. (علامه سيد سليمان ندوي جو مضمون ”تاريخ و سياسيات“ صفحو 21-22)

سومرن کي اصل ”سومراءِ“ چوندا هئا. سوم جي معنيٰ هنديءَ ۾ چنڊ  آهي. اهڙيءَ طرح سنگهار کي ”سنگهراءِ“ ۽ ڀونگر کي ”ڀونگراءِ“ سمجهڻ گهرجي. (تاريخ و سياسيات اردو صفحو 22، علامه سيد سليمان ندوي)

مٿين تاريخي حوالن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته سومرا اصل هندو هئا ۽ پوءِ مسلمان ٿيا.

2-سومرا ڪڏهن مسلمان ٿيا

سومرن جي مسلمان ٿيڻ بابت تاريخ دانن جا ڌار ڌار رايا آهن، جيئن ته:

(1) پرسڌ اتهاسڪار راءِ بهادر پنڊت گوري شنڪر هيراچند اوجها، سپرنٽينڊنٽ راجپوتانا ميوزيم اجمير، پنهنجي ”راجپوتانا اتهاس“ ۾ 12 صديءَ جي مليل شلا لکين ۾، سومري راجا جو نالو ”جئسنگهه“ ڏيکاريو آهي. ان موجب 11 صديءَ تائين ته اُهي هندو هئا.

(2) ”راس مالا“ ۾ لکيل آهي ته علاوالدين جي لشڪر دودي کي شڪست ڏني، ان کان پوءِ سومرا مسلمان ٿيا. ڇاڪاڻ ته اُن وقت جي سومرا مسلمان هجن ها ته پنهنجو اهل و عيال ڄام ابڙي جي شرڻ ڪونه موڪلين ها، جو هڪ هندو راجا هو.

(3)  گجراتي ڪتاب ”جاڙيجو وير کنگهار“ جي صفحي 11 تي لکيل آهي ته سنڌ ۾ سومرا ۽ سوڍا راجپوتن کي مسلمان بنائڻ وارو گجرات جو حڪم سلطان محمود بيگڙو هو. ”مرات سڪندري“ وارو ائين لکي ٿو ته هن 1471ع، 1472ع ۽ 1506ع ۾ سنڌ تي ڪاهون ڪيون.

(4)  سومرا علاوالدين جي ڪاهه بعد ڪڇ ڏانهن ويا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته اُهي پنهنجي مکيءَ سميت لکپت جي اولهه طرف رڻ مان لنگهي رهيا هئا، ته پاڻي کٽي وڃڻ سبب بلڪل وياڪل ٿيا. اُن وقت بهاوالدين نالي هڪ مسلمان اولياءَ پر گهٽ ٿيو ۽ هڪ ئي ڪونري مان سڀني کي پاڻي پياريائين. اُن جي اها ڪرامت ڏسي وڙسر (ڪڇ) ۾ اچڻ بعد انهن جو مکي سڄيءَ قوم سميت ملسمان ٿيو.(1)

(5)  سر ايلئيٽ ”هسٽري آف انڊيا“ جلد پهريون صفحي 256 ۾ لکي ٿو ته ”سومرا شيخ بهاوالدين ملتاني(2) جي فيض سان مسلمان ٿيا.“

(6) جن سومرن سنڌ تي حڪومت ڪئي، سي هندو هئا. چنيسر سومرو جنهن ”چچ نامي“ جي لکڻ موجب سن 1282ع کان 1300ع تائين 18 ورهيه حڪومت ڪئي، سو هندو ڌرم رکندو هو. ڇاڪاڻ ته ان جو لاش ليلان جي لاش سان گڏ هندو رسمن موجب ساڳيءَ چکيا تي سآڙيو ويو. (ڏسو تحفته الڪرام، جلد 3، صفحو 423)

(7) سومرن جي مسلمان ٿيڻ بابت ڪنهن به اتهاس ۾ چٽي خاطري ڪانهي ته ڪڏهن مسلمان ٿيا، پر اها پڪ آهي ته هو اصل هندو راجپوت هئا ۽ پوءِ مسلمان ٿيا.

3- سومرن جي حڪومت جو عرصو

سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت بابت جدا جدا تاريخن مختلف بيان لکيو آهن. ”تحفته الڪرام“ ۾ سومرن بابت ٻن ٽن آکاڻين کان سواءِ وڌيڪ ٻيو ڪو به بيان ڏنل ڪونه آهي. ”تاريخ معصومي“ ۾ سومرن جي حڪومت بابت ڪجهه تفصيل ڏنل آهي. ”آئين اڪبري“ ۾ سومرن جي 36 سردارن جا نالا آهن. جن پنج سو ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي. ”تاريخ فرشته“ وارو لکي ٿوته سومرن فقط هڪ سو ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي. ”منتخب التواريخ“ ۾ لکيل آهي ته سومرن جي 19 سردارن، سن 1053ع کان 1400 تائين 350 ورهيه حڪومت ڪئي، ته تحفته الڪرام وارو لکي ٿوته سومرن 505 ورهيه 1351ٿ تائين حڪومت ڪئي. ”تاريخ طاهري“ ۾چيل آهي ته سومرن سن 1300ع کان 1430ع تائين حڪومت ڪئي، ته ”تاريخ معصومي“ ۾ ڄاڻايل آهي ته سومرن جي حڪومت شروع ئي سن 1320ع کان ٿي. ”تحفته الڪرام“ وارو سومرن کي سنڌ جو خودمختيار حاڪم نٿو ليکي، پر چوي ٿوته ٻه سو ورهين تائين سومرا دهليءَ جي غزنوي ۽ غوري شهنشاهن جا ڍل ڀرو هئا، ۽ سن 1320ع ۾ پنهنجو اڳواڻ مقرر ڪيائون، مگر ”منتخب التواريخ“ جو مصنف چوي ٿو ته سومرن پنهنجو اڳواڻ 1053ع ۾ مقرر ڪيو.(1)

سومرن جي حڪومت جي عرصي بابت ڌار ڌار تاريخن ۾ اختلاف آهن. سومرن جي حڪومت جو پهروين دور عيسوي ڏهين صديءَ کان شروع ٿئي ٿو. تڏهن اُنهن جي حڪومت ٿر ۽ ان سان لاڳيتو حصن تي هئي. سوڍن جي اچڻ وقت به اُتي سومرن جي حڪومت هئي. پوءِ سوڍن جڏهن سومرن کان 1226ع ۾ عمرڪوٽ ورتو، تڏهن به انهن جي حڪومت ڪا ختم ڪانه ٿي ويئي. انهن وري ڏکڻ ۾ وڳهڪوٽ ۽ روپاهه (روپا ماڙ)(1) ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ نيٺ ٺٽو تخت گاهه ڪيائون. انهن کي 1351ع ۾ سمن پنهنجي سردار ڄام اُنڙ جي هٿ هيٺ ٺٽي مان لوڌي ڪڍيو. پوءِ چئن سالن تائين ڀٽڪڻ بعد عمر سومري وري 1355ع ۾ عمرڪوٽ جي حڪومت سوڍن کان هٿ ڪئي. جتي ئي سومرا حاڪم ٿيا. پڇاڙي ۾ همير سومري کان وري راڻي همير سوڍي 1439ع ۾ عمرڪوٽ هٿ ڪيو ۽ سومرن جي حڪومت صفا ختم ٿي ويئي.

”آئين اڪبري“ ۾ 36 سومرن حاڪمن جا نالا آهن ۽ حڪومت جو عرصو پنج سئو سال ڏيکاريل آهي، شايد اڳين ۽ پوين سڀني سومرن جي حڪومت جو عرصو ۽ نالا ڄاڻايل آهن، ڏهين صديءَ کان وٺي پندرهين صديءَ جي اڌ تائين 500 کن سال به ٿين ٿا. ”تحفته الڪرام“ وارو به شايد سڀني جو عرصو شمار ڪري ٿو. پويان تاريخ لکندڙ مٿين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ کان سواءِ ويا آهن اُنهن تاريخن جو نقل ڪندا، جنهنڪري تاريخي حوالن ۾ البت هڪ ٻئي جي برعڪس حقيقتون ٿي پيون آهن.

4-علاو الدين جي سنڌ تي ڪاهه

سومرن جي حاڪم ڀونگر (1300ع-1315)(1) کي ٻه پٽ چنيسر ۽ دودو هئا ۽ ٻاگهي نالي هڪ ڌيءَ هئي. اُن وقت گاديءَ جو هنڌ ”روپاهه“ هو. جڏهن ڀونگر مري ويو، تڏهن تخت تي چنيسر جو حق هو، ڇاڪاڻ جو هو وڏو هو پر دودو وڌيڪ بهادر هو. سنڌيءَ ۾ اڄ تائين پهاڪو آهي ته ”تون ته ڪو دودو آهين!“ سندس بهادريءَ سببان اميرن دودي کي تخت تي وهاريو. چنيسر کي لڳي ڪاوڙ، سو ٻيو ڪو وجهه نه ڏسي دهليءَ جي بادشاهه سلطان علاوالدين خلجيءَ وٽ دانهين ويو ۽ هن کي پنهنجيءَ ڀيڻ ٻاگهيءَ جي سڱ جي لالچ به ڏنائين جنهن ڪري سلطان کيس پنهنجو لشڪر سالار خان جي اڱواڻئ هيٺ  مدد لاءِ ڏنو،(2) جو چنيسر وٺي سنڌ ۾ آيو. اها خبر جڏهن سومرن کي پيئي تڏهن اُنهن به پنهنجو لشڪر تيار ڪري، جنگي سردار ساهڙ سلطان(1) جي هٿ هيٺ روانو ڪيو. ميرپور ماٿيلي وٽ(2) سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ سومرن جي هار ٿي. علاوالدين جو لشڪر اڳتي ڌوڪيندو پئي ويو. جڏهن اها خبر دودي کي پئي، تڏهن عمرڪوٽ جي سوڍن ۽ ٻين کي مدد لاءِ چيائين، جن مدد جو دلاسو ڏنو ۽ صلاح ڪري سومرن جو ڪٽنب 140 راجائي ڪُل جي عورت سميت، ڪڇ ڏي ڄام ابڙي وٽ پناهه لاءِ موڪليو ۽ سوڍن کيس پنهنجو لشڪر هاسي سوڍي جي اڳواڻيءَ هيٺ مدد لاءِ ڏنو، جنهن ۾ 140 سوڍا ۽ ٻيا ٻين قومن جا ماڻهو هئا.

ايتري ۾ علاوالدين جو لشڪر ”روپاهه“ تي چڙهي آيو. دودي بهادري سان مقابلو ڪيو. نيٺ دودو، هاسو سوڍو ۽ ٻيا بهادر مارجي ويا ۽ سومرن جي هار ٿي. سالارخان خوشيءَ وچان جيئن ئي ڪوٽ ۾ گهڙو، ته ڇا ڏسي اندر ته سڃ پيئي واڪا ڪري!  نيٺ جڏهن خبر پيس ته سومرن پنهنجا ٻار ٻچا ٻاگهيءَ سميت ڪڇ ڏي موڪلي ڇڏيا آهن، تڏهن روپاهه کي نابود ڪري سڌو ڪڇ ڏي رخ رکيائين. اهو لشڪر جتي رات رهندو هو، اُتي بچاءُ لاءِ پنهنجي چوڌاري کاهي کوٽيندو هو. کاهين جا اهڙا نشان انهن هنڌن تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

ابڙو ڪڇ جي ”وڏسر“ ڀاڱي جو حڪمران هو. ڪڏهن به لڙائيءَ ۾ نه هارائڻ جي ڪري هن کي ”اَجيت اڙٻنگ“ جو لقب مليل هو. جڏهن علاوالدين جو لشڪر ”وڏسر“ تي ڪاهي آيو، تڏهن پهريائين کيس سومريون حوالي ڪرڻ جو نياپو موڪليائين، پر ابڙي پناهه هيٺ آيلن جي بچاءُ واسطي جان ڏيڻ جي به پڪ ڪري ڇڏي هئي، تنهنڪري هن سومرين کي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ جواب موڪليائين ته ”جيستائين منهنجي سرير ۾ ساهه آهي، تيستائين سومريون اوهان جي حوالي ڪرڻ ته پري رهيو، پر اوهان اُنهن ڏي اک کڻي به نهاري نٿا سگهو!“ سالار خان اهو جواب ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ يڪدم پنهنجي لشڪر کي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. پنجن هفتن جي لڙائيءَ کان پوءِ هڪ ننڍي رياست جا ڪڇي بهادر ۽ سنڌ جا سورما سومرا، پنهنجي سردار ”ابڙي“ ۽ سندس پٽ ”ممٽ“ جي هٿ هيٺ وڙهي شهيد ٿيا ۽ لڙائي ختم ٿي. هاڻي انهن سومرين لاءِ ٻيو ڪو رستو ڪونه رهيو، تڏهن انهن واليءَ در وينتي ڪئي ته ”اي سٻاجها سائين! تون ئي اسان جي لڄ رک!“ چون ٿا ته قدرت الاهيءَ سان زمين ڦاٽي پيئي ۽ وڏا سوراخ ٿي پيا، جن ۾ اهي ستيون گهڙي ويون ۽ غارن جا منهن بند ٿي ويا.(1) اڄ به اُتي ستين جوآستان“ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي ڪي ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن. لشڪر خوش ٿي قلعي ۾ گهڙيو، پر اُتي ڪاريءَ وارا ڪک ڏسي بيحد پشيمان ٿيو ۽ نراس ٿي رڻ واري رستي دهليءَ ڏانهن واپس روانو ٿيو.

5-علاوالدين جي لشڪر ڪڏهن ڪاهيو

سلطاني لشڪر جي ڪاهه ۽ دودي ٽئين جي لڙائي بابت ڌار ڌار تاريخي ڪتابن ۾ مختلف احوال آهن. ڪنهن به تاريخ ۾ اهو چٽائيءَ سان ڏيکاريل نه آهي ته سلطاني لشڪر سنڌ تي ڪڏهن ڪاهه ڪئي. موجوده تاريخون، جي اسڪولن ۾ پاڙهيون وڃن ٿيون، تن ۾ سومرن جي حڪومت جو عرصو، سن 1051ع برابر 445 هجريءَ کان 1351ع برابر 753 هجري ڄاڻايل آهي، يعني 302 سال. انهيءَ عرصي ۾ جملي 18 حاڪم ڏيکاريل آهن. سومرن جي حڪومت بابت ”ائـبٽ“ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ جي صفحي 88 جي فوٽ نوٽ ۾ ڌار ڌار تاريخن جا حوالا ڏنا آهن، جي اسان مٿي لکي آيا آهيون.

سومره 443 هه کان 446 هه مطابق 1051ع کان 1054ع

ڀونگر پهريون 446هه کان 461 هه مطابق 1054ع کان 1068ع

دودو پهروين 461هه کان 485هه مطابق 1068ع کان 1092ع

سنگهار 885هه کان 500هه مطابق 1092ع کان 1106ع

خفيف 500هه کان 536هه مطابق 1106ع کان 1141ع

عمر پهريون 536هه کان 576هه مطابق 1141ع کان 1180ع

دودو ٻيو 576هه کان 590هه مطابق 1180ع کان 1193ع

پنهون 590هه کان 623هه مطابق 1193ع کان 1226ع

کينهرو پهريون 623هه کان 639هه مطابق 1226ع کان 1241ع

محمد طور 639هه کان 654هه مطابق 141ع کان 1256ع

کينهرو ٻيو 654هه کان 658هه مطابق 1256ع کان 1259ع

طائي 658هه کان 682هه مطابق 1259ع کان 1283ع

چنيسر 682هه کان 700هه مطابق 1283 کان 1300ع

ڀونگر ٻيو 700هه کان 715هه مطابق 1300ع کان 1315ع

خفيف ٻيو 715هه کان 733هه مطابق 1315ع کان 1332ع

دودو ٽيون 733هه کان 758هه مطابق 1332ع کان 1356ع

عمر ٻيو 758هه کان 793هه مطابق 1356ع کان 1390ع

ڀونگر ٽيون 793هه کان 803هه مطابق 1390ع کان 1400ع

همير 803هه کان 844هه مطابق 1400ع کان 1439ع

وري ”منتخب التواريخ“ ۾ ڏنل فهرست، جنهن کان ”عجائب الاسفار“ واري نقل ڪئي آهي، اُن موجب نمبر4 سنگهار بدران سنجر، نمبر8 پنهون بدران ٻاهو، نمبر9 کي نهرو بدران خيرو، نمبر 12 طائي بدران دودو ٻيو، نمبر 13 چنيسر بدران طائي ۽ نمبر 14 ڀونگر بدران چنيسر ڏيکاريل آهن، يعني جملي 20 حاڪم ڏيکاريل آهن ۽ سنن ۾ به تفاوت آهي.

”الوحيد“ اسپيشل ايڊيشن ”سنڌ آزاد نمبر“ 15 جون 1936ع ۾ سومرن حاڪمن بابت صفحي 87 تي ڄاڻايل آهي ته مٿين فهرستن کي ڏسندي، جيڪڏهن اعتبار ڪبو ته ”منتخب التواريخ“ تي ڪبو، ڇو ته ”لب تاريخ سنڌ“ واري جيڪا سومرن حاڪمن جي لسٽ ڏني آهي، سا به ”منتخب التواريخ“ مطابق آهي. انهيءَ تاريخ جي ڪن سنن ۾، نمبر 11-12-13 موجود ڪونه آهن. جيڪڏهن اُنهن نمبرن کي ڪڍيو وڃي ته پوءِ سال ۽ تاريخون درست ٿي وينديون. انهيءَ حساب سان سلطان علاوالدين خلجيءَ ۽ دودي ٽئين جو زمانو هڪ ٿيندو، جيئن ”تاريخ طاهري“ ۽ ”تحفته الڪرام“ ۾ درج آهي.(1)

مرزا قليچ بيگ جي لکيل تاريخ (جلد 2 ص 36) موجب دودي ٽئين 1332ع کان 1356ع تائين حڪومت ڪئي. ”امرڪوٽ اتهاس“ صفحو 18) ۽ ”روح رهاڻ“ (صفحو 60) ڪتابن ۾ دودي سومري ۽ علاوالدين جي لڙائيءَ جو سال 1333ع لکيل آهي. انهيءَ ڳالهه ۾ سڀيئي تاريخون متفق راءِ آهن ته علاؤالدين جي لشڪر سان لڙائي ڪندي دودو مارجي ويو. علاؤالدين جي حڪومت جو عرصو 1295ع کان 1315ع تائين آهي، ته پوءِ سن 1323ع ۾ علاؤالدين ڪيئن ڪاهيو! پر جي 1333ع ۾ لڙائي لڳي ۽ اُن وقت دودو مارجي ويو، ته پوءِ وري چچ نامي، تحفته الڪرام، منتخب التواريخ ۽ ٻين تاريخن جي لکڻ موجب دودي ٽئين جي حڪومت 1356ع تائين ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟


(1)  زوال روما“ مصنف گبن، لنڊن 1890ع جلد 4 صفحو 47

(1)  ”بمبئي پريزيڊنسي گزيٽيئر“، جلد 7، ڪڇ، پالنپور ۽ ماهي ڪانٺا، صفحو 99 ۽ 100.

(2)  حضرت شيخ بهاوالدين ذڪريا ملتاني 72 رمضان المبارڪ 566هه-1150ع ۾ تولد ٿيا ۽ 1270ع ۾ وصال فرمايائون.

(1)  ائبٽ جو ”سنڌ“، صفحي 88 جو فوٽ نوٽ.

(1)  بدين شهر کان ڏکڻ طرف ”ڪڍڻ“ ڳوٺ جي پريان ”روپاهه“ جي ڦٽل شهر جا کنڊر آهن، جنهن کي ”روپاماڙي“ جي نالي سان به سڏيندا آهن. اڳي هي وسندڙ شهر هو. ان وقت ڏکڻ سنڌ تي سومرا حڪومت ڪندا هئا ۽ سندن گاديءَ جو هنڌ ”روپاهه“ شهر هو. دودو ۽ چنيسر اتي ڄاوا ۽ نپنا هئا. (وڏو قصو دودو چنيسر، حاجي حقير ابن مڱڻ، صفحو 6)

(1)  ڏسو ”چچ نامو“ جلد ٻيو صفحو 36، ”ڪڇ نوڪيسري دودواڻي چنيسر“ گجراتي، صفحي 5 ۾ ڀونگر جي مرڻ جو سال 1296ع برابر چيٽ سنبت 1352 ڏيکاريل آهي.

(2) عام طرح مشهور آهي ته چنيسر جي فرياد تي سلطان علاوالدين خلجي سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ هڪ وڏي جنگ لڳي، جنهن ۾ دودو مارجي ويو، ۽ سلطان به باقي ستن ڄڻن سان بچيو. اهي سڀ من گهڙت ڳالهيون آهن. سلطان سنڌ ۾ ڪونه آيو هو. (تاريخ هند، علامه ذڪاءُ الله، جلد ٻيو صفحو 139) سلطان جو لشڪر، جنگي سردار سالار خان جي اڳواڻيءَ هيٺ سنڌ ۾ آيو هو.

دهليءَ جي بادشاهه التمش (1212-1236ع) جي پاران ناصر الدين قباچه 608هه کان 622 هجري تائين ملتان ۽ سنڌ جو گورنر هو. ان جي پٽ جو نالو علاوالدين هو ۽ دودو ٻيو ان وقت سومرن جو حاڪم هو. 614هه ۾ غوري قوم جا ماڻهو سنڌ تي ڪاهي آيا هئا. شايد اُنهن کي هڪالڻ لاءِ ناصرالدين پنهنجي پٽ علاوالدين کي موڪيلو هجي ۽ هو آيو هجي. ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه پوءِ دودي ٽئين ۽ علاوالدين خلجيءَ جي وچ ۾ لڙائيءَ جي مشهور ٿي ويئي هجي.

(1) ”انتخاب تاريخ طاهري“ صفحو 43، پر، ”تحفته الڪرام“ ۾ ”سپڙ سخي“ لکيل آهي. بحواله تاريخ سنڌ، جلد 3 جو فوٽ نوٽ صفحو 126.

(2) ”سنڌ جي رنگين تاريخ“ مسٽر ميمڻ، صفحو 26 ۽ ”تاريخ“ سنڌ مولچند منگهومل واسواڻي صفحو 60.

(1)  ”امرڪوٽ اتهاس“ (صفحي 20) ۾ لکيل آهي ته اُهي سومريون، ڪڇي راجپوتڻين سان گڏ باهه ۾ جلي ميون، يعني ”جوهرڪيائون.“

(1)  بحواله ”تاريخ هنڌ“ سر ايليئٽ، جلد 1 ص 272 ۽ جلد 3، ص 337

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org