باب ٽيون
ٿر ۾ سومرن جي حڪومت
1-امرڪوٽ تي سومرن جي حڪومت
يارهين صديءَ جي وچ ڌاري يا ان کان ٿورو اڳ، امرڪوٽ تي پرمارن
کان سومرا راجپوتن حڪومت هٿ ڪئي. ان بابت سربستو
احوال اتهاسن مان نٿو ملي، پر ”ٽاڊ راجستان“ موجب
انهن ۾ هاڪارو راجا همير سنگهه سومرو ٿيو آهي،(1)
جنهن پنهنجي فوج سميت پونگل جي يدوونسي راجا دوسا
جي (جو سنبت 1100 گاديءَ تي ويٺو) جي ملڪ تي 1043ع
۾ ڪاهي ڦرمار ڪئي. دوسا جي کي جڏهن اها خبر پيئي
تڏهن همير سنگهه کي قاصد رستي چوائي موڪليائين، ته
پنهنجي ڪيتري وقت کان وٺي دوستي آهي ۽ وري توهان
منهنجي راڄ ۾ ڦرمار ڪريو، اهو چڱو نه آهي. پر همير
سنگهه هن جي ڳالهه نه مڃي، تڏهن دوساجي ڪاوڙجي
راڄڌاني ڍاٽ (امرڪوٽ) تي ڪاهي ويو ۽ هميرسنگهه کي
شڪست ڏنائين ۽ ڦرمار ڪري موٽي ويو.(2)
ڪڇ جي ڪيرٽي گڍ(1)
جو راجا ويهياس مڪواڻو سخت بيمارٿيو ۽ ڪيترو وقت
سڪرات ۾ رهيو، پر سندس ساهه نڪتو ئي نٿي. تنهن تي
سندس پٽ ڪيسر چيو ته ”پتاجي! شانت ٿيو، توهان جي
دل ۾ جيڪا به پڇاڙيءَ جي تمنا هجي سا ٻڌايو، اُميد
هت پوري ڪئي ويندي.“ اهو ٻڌي پڇاڙي دم کڻندڙ راجا
چوڻ لڳو ته ”همير سومري سان لڙي کيس جيتڻ جي اڇا
هئم، ڇاڪاڻ جو هڪ دفعي همير منهنجي برخلاف راجا
پونئري کي مدد ڪئي هئي، پر اوچتي موت اچڻ ڪري اها
سُڌ پوري نه ٿي. هاڻ هن جا گهوڙا آڻي منهنجي
پهرئين تيرهئي تي، ڀانن ۽ چارڻن کي دان ڪرڻ جو وچن
ڏيو ته منهنجو جيءُ گتي ٿئي.“ ڪيسر اهڙو وچن ڏنو
ته سوروير سردار سرڳ پڌاريو.
ڪيسر ٻئي ڏينهن پنهنجن ماڻهن سان روانو ٿيو ۽ همير جا گهوڙا
ڪاهي آڻي تيرهئي جي ڏينهن تي ڪيرٽي گڍ جي ڀانن ۽
چارڻن کي دان ۾ ڏنا. ڪيسر وري ٻيو دفعو به ڪاهي
ويو ۽ ڪيتريون ڏاچيون ڪاهي آيو. وري ٽئين دفعي
امرڪوٽ تي ڪاهي ويو ۽ همير سومري جي گهراڻي جون
سومريون عورتون، جي دسهڙي جي پوڄا ڪري رهيون هيون،
تن کي زوري کڻي آيو. انهن عورت کي موٽائڻ لاءِ
همير سومرو وڏي لشڪر سان چڙهائي ڪري ويو. ڪيسر
بهادريءَ سان وڙهندي مارجي ويو ۽ همير کي فتحيابي
ملي. ڪيسر جو پٽ هرپال، پنهنجن ٿورن ماڻهن سان
پنهنجي ماسات، گجرات جي راجا، ڪرڻ سولنڪيءَ وٽ،
1055ع(1)
۾ ڀڄي ويو ۽ راجپوت عورتن ”جوهر“ ڪيو، جن سان گڏ
سومريون به ستيون ٿيون ۽ همر سومرو خالي واپس
موٽيو.
(2)
همير سومري جاسل نالي هڪ ڇوڪريءَ کي زوري کڻي پاڻ وٽ قابو ڪيو،
جنهن کي ڇڏائڻ لاءِ ڪاٺياواڙ جي راجا راءِ نوگهن
1020ع ۾ امرڪوٽ تي ڪاهه ڪئي، جا حقيقت هن موجب
آهي.
2-راءِ نوگهن جي امرڪوٽ تي ڪاهه
راءِ ڪنواٽ جو پٽ راءِ دياس (راءِ ڏياچ) سن 1003ع ۾ گرنار ڪوٽ
(جهونا ڳڙهه کان 3 ڪوهه اوڀر طرف) ۾ ڪاٺياواڙ جي
گاديءَ تي ويٺو. هي ذات جو سمو هو. اُنهن کي سندن
وڏي ڏاڏي چوڙا جي پٺيان ”چوڙا سما راجپوت“ سڏيندا
هئا. راءِ گهراڻي جي راڄ کان پوءِ ڪي سما ڪاٺيا
واڙ ڏي لڏي ويا ۽ اُتي پنهنجو راڄ قائم ڪيائون.
راءِ ڏياچ ست سال بادشاهي ڪرڻ کان پوءِ سن 1010ع ۾
پنهنجو سر وڍي ٻيجل کي ڏنو. هن جي مرڻ کان پوءِ
گجرات جي حاڪم، جهوناڳـڙهه جي حڪومت پنهنجي هٿ ۾
ڪري، ويرل سنگ نالي هڪ صوبو مقرر ڪري، پاڻ انهلواڙ
ڏي موٽي ويو.دشمن جي ڪاهه وقت راءِ ڏياچ جي هڪ
راڻي پنهنجي ننڍي پٽ ”نوگهن“ سوڌي هڪ اهير جي گهر
۾ وڃي پناهه ورتي. اهير معني ڳنوار، پر هي اهير
جنهن جو نالو ”ديوايت“ هو، سوهڪ جنگي جوان هو.سندس
گهڻا ذات وارا، راجا راءِ ڏياچ جي جنگي خاني ۾
عملدار هئا، جن، راءِ نوگهن کي گادي تي ويهارڻ جو
موقعو پئي ڳوليو .هن. وفادار اهير راڻي راجڪمار جي
تمام چڱي طرح سنڀال ڪئي.
گجرات جي حاڪم جي پاران جهوناڳڙه ۾ جيڪو صوبوهو، تنهن کي ڪٿان
خبر ملي ته ڪمار جي نوگهن ماءُ سميت ديوايت اهير
وٽ لڪل آهي .هن کي ڊپ لڳو ته متان ڪنهن وقت هن جا
همدرد سندس طرف وٺي ڪو دنگو فساد ڪن، تنهن ڪري
ديوايت کي گهرائي هن کي حڪم ڏنائين، ته اهو
راجڪمار هڪدم اسان جي حوالي ڪر، نه ته هن وقت لشڪر
موڪلي تنهنجو سڄو گهر ناس ٿوڪرايان. ٻي ڪا واهه نه
ڏسي، راجمڪار ڏيڻ قبول ته ڪيائين، پراوڏي مهل هڪ
ڀروسي واري ماڻهوءَ کي سمجهائي پنهنجي گهر
موڪليائين ته راجمڪار جي پوشاڪ منهنجي ”پٽ“وسڻ کي
پهرائي کيس وٺي اچ. وسڻ شاهاڻو ويس پهري اچي حاضر
ٿيو صوبي سمجهيو ته اهوئي راجمڪار آهي، سو ديوايت
کي حڪم ڏنائين ته هن کي منهنجي روبرو اُٿي ترار
سان قتل ڪر. هينئرديوايت ۽ وسڻ لاءِ آزمائش جو وقت
هو: ڪير جيڪر ٻئي جي لاءِ پنهنجو سر ڏي ۽ ڪير جيڪر
پنهنجو سڪيلدو پٽ هٿن سان ڪهي لاچار صوبي جي حڪم
تي، راجڪمار جي بچاءُ لاءِ. ديوايت پنهنجي دل تي
پٿر رکي پنهنجو پيارو پٽ قربان ڪيو وسڻ به مان ميٺ
۾ پنهنجو ڪند ڪلهن ڪان ڪورائي پنهنجي رت سان
ڪاٺياواڙ جي تاريخ جا ورق رڱي ويو.
ديوايت پنهنجو پٽ هينئن صدقي جي ٻڪري ڪري ڇڏيو، پر اوڏيءَ مهل
ئي پنهنجي دل ۾ هي پرن ڪيائين ته جيئن پنهنجو ٻچڙو
ڪٺو اٿم تيئن ڪڏهن هن صوبي ويرل سنگ کي ڪهي کيس
دوزخ جا در ڏيکاريندس، تڏهن منهنجو ٺپ ٺرندو. ڏهه
ورهيه هن ڳالهه کي ٿي ويا، پر هن کي پنهنجي قول
پوري ڪرڻ جو وجهه نه مليو. اهي ڏهه ئي ورهيه نوگهن
هن وٽ لڪل رهيو، هاڻي هو به اچي ڪجهه وڏو ٿيو.
ديوايت کي جاسل نالي هڪ نياڻي هئي، جانوگهن جي پناهه وٺڻ وقت
ننڍي هئي، سا هاڻي وڏي ٿي، ته سندس پيءُ کيس سنڌ ۾
مڱايو. سگهوئي پوءِ وهانءُ جا سانباها ٿيا.
اُنهيءَ موقعي تي ڪٿان ڪٿان جا اهير اچي گڏ ٿيا.
ديوايت ڏٺو ته هاڻي وجهه آهي، تنهن پنهنجن ڀائرن
کي گوشي ۾ چيو ته منهنجي نياڻيءَ جي وهانءُ کان
اڳ، مون کي هتي جي صوبي ويرل سنگ جو وهانءُ ملڪ
الموت سان ڪرڻو آهي، انهيءَ ڪم ۾ منهنجي مدد ڪريو.
هي سڀ نالي ڪري اهير هئا، پر گهڻو ڪري سڀئي جنگي
کاتي جا ماڻهو هئا. منجهانئن ڪن کي ”راوت“ يعني
جنگي جوان جو لقب مليل هو ۽ کين پنهنجي راجمڪار
لاءِ عزت هئي.
ديوايت جي چوڻ تي هي راوت ۽ ڪوپا هٿيار کڻي اوچتو وڃي ويرل سنگ
تي ڪڙڪيا ۽ هن کي سندس سموري فوج سوڌو چٽ ڪري،
راءِ ڏياچ جي پٽ نوگهن کي جهوناڳڙهه جي گاديءَ تي
وهاريائون. راءِ نوگهن گاديءَ تي ويهڻ سان جاسل کي
پنهنجي ڀيڻ سمجهي، هن جو وهانءُ شاهاڻي نموني
ڪرايو. وهانءُ کان سگهوئي پوءِ هوءَ پنهنجي گهوٽ
سان گڏجي سنڌ ۾ (امرڪوٽ) ساهري ويئي. اُن وقت اُتي
جو حاڪم همير سومرو هو. جاسل جي سونهن جي هاڪ ٻڌي،
همير زبردستي کيس پنهنجي محلات ۾ کڻائي ويو.
جاسل ڏاڍي سلڇڻي، عقل واري ۽ برجستي هئي، تنهن همير کي چيو ته
”هينئر ته آءُ ڪيترو به رئنديس رڙينديس ته به
ورندو ڪجهه ڪونه، مون کي ضرور اوهان سان شادي ڪرڻي
پوندي. پر مڙس جي جيئري، يڪدم ٻيو مڙس ڪرڻ روا نه
آهي، تنهنڪري ڀلائي ڪري ڇهه مهينا مهل ڏيوم، پوءِ
آءٌ اوهان جي آهيان.“ همير هن جي ڳالهه قبول ڪئي.
جاسل کي اُميد هئي ته انهيءَ وقت اندر راءِ نوگهن
ضرور منهنجو تدراڪ ڪندو. ”ڪرنل بيل“ واري ”تاريخ
ڪاٺياواڙ“ موجب جاسل پوءِ پنهنجا قاصد راءِ نوگهن
ڏي موڪليا. گجراتيءَ ۾ لکيل قصي موجب قاصد ڪونه
ڊوڙايائين، پر خود جاسل جو مڙس ”ڏيپو“ هو سو منهن
مٿو پٽيندو جهوناڳڙهه ڏي ويو ۽ راءِ نوگهن سان سڄي
حقيقت ڪيائين. کيس هڪ دستخط به ڏيکاريائين جو هن
ننڍي هوندي جاسل کي لکي ڏنو هو، جڏهن پاڻ سندس گهر
۾ رهندو هو. انهيءَ ۾ لکيل هو ته آءُ جي ڪنهن به
وقت گاديءَ تي ويٺس ۽ تون مون تي ڪو ڪم رکندينءَ
ته ٻيون ڳالهيون ڇڏي اول تنهنجو ڪمڪندس.“
جاسل پنهنجي شاديءَ کانپوءِ اهو دستخط پنهنجي مڙس کي ڏيئي ڇڏيو
هو. راءِ نوگهن کي اهو ڪاغذ مليوته هن پنهنجا کار
سڃاتا ۽ ڳالهه ٻڌڻ شرط تپي باهه ٿي ويو. يڪدم وڏو
ڪٽڪ وٺي پنهنجي سر سن 1020ع ۾ امرڪوٽ تي ڪاهي آيو
۽ همير کي شڪست ڏيئي، جاسل جا بند خلاص ڪيائين.(1)
3-ٿر ۾ سومرن جي حڪومت
سوڍن جي اچڻ کان اڳ، پارڪر ۽ ڇاڇري جي اتر واري ڀاڱي کائڙ کان
سواءِ سڄي ٿر تي، امرڪوٽ سميت ۽ بدين تعلقي تي،
سومرا راجپوتن جي حڪومت هئي، جتي هو ڪيتري وقت کان
وٺي حڪومت ڪندا پئي آيا.
ميجر جنرل هيگ پنهنجي جوڙيل ڪتاب ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ جي صفحي 73
تي لکي ٿو ته، ”سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ پران طرف
جيڪي هندو حاڪم هئا،(2)
سي جيتوڻيڪ خليفن جي پاران مقرر ٿيل هئا، ته به
خودمختيار ٿي پئي گذاريائون.“ مطلب ته سن 711ع کان
وٺي ٿر ۾ سومرا راجپوتن جي بادشاهي هئي.
آخر سومرن جي سردار ابن سومار کي غزنوي گهراڻي جي پوين حاڪمن
ملتان جو نواب مقرر ڪيو. جڏهن غزنوي گهراڻي جو
پويون بادشاهه سلطان عبدالرشيد ڪمزور ثابت ٿيو ۽
حڪومت کسجي ويئي، تڏهن ابن سومار ساري سنڌ جو (سن
1051ع) خودمختيار حاڪم ٿيو. حقيقت ڪري سومرن جي
قوم، ٻه سو سال اڳ سنڌ جي ڪن ٽڪرن تي قابض هئي، پر
هو سنڌ جي حاڪمن جي تابعداري ڪندا ٿي آيا، جنهنڪري
تاريخن ۾ جدا بيان نه ڪيو ويو آهي.
تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته سومرن جي وڏي آبادي، اوڀر سنڌ جي
ٿرپارڪر ضلعي ۽ ”ٿري“ شهر ۾ هئي، ۽ انهن جي پهرئين
گادي ٿري شهر هو، پوءِ امرڪوٽ به ڪيتري وقت تائين
گاديءَ جو هنڌ رهيو. سلطان محمود غزنويءَ جي وقت ۾
انهن جو تخت گاهه منصوره هو، جنهن کي ابوالفضل
”بکر“ لکي ٿو. سلطان شهاب الدين غوري جي ڏينهن ۾
اُچ گاديءَ جو هنڌ هو. سن 752 هجري کان ٿورو اڳ
ڌاري ٺٽو پڻ سندن حڪومت هيٺ هو. انهن جي بادشاهي
ملتان کان وٺي ڪڇ جي رڻ تائين هئي. انهن ٿري،
امرڪوٽ ۽ ٻين جاين تي قلعا به ٺهرايا، مگر وقت به
وقت مغلن ۽ ٻين جي ڪاهن ڪري اهي قلعا ويران ۽
نابود ٿي ويا.(1)
4-وڳهه ڪوٽ
سومرن کي جڏهن سوڍن سن 1226ع ۾ امرڪوٽ مان هڪالي ڪڍيو، تڏهن هو
ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويا. هڪڙا اتر طرف ملتان ۽
انهيءَ پاسي ويا ۽ ٻيا ڏکڻ ٿر ۽ لاڙ ڏي ويا، جتي
انهن جي اڳ به حڪومت هئي. پر آهستي آهستي سوچن
اُهو پاسو به هٿ ڪيو ۽ سومرن کي ڪڇ جي رڻ ڏانهن
ڌڪي ڇڏيائون، تڏهن اونهن پنهنجو نئون راڄ ٺاهيو.
سومرو ۽ ويڳو ٻه ڀائر هئا، جي ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ
ڏي پراڻ طرف رهندا هئا، جن اُتي پنهنجي بادشاهي جو
بنياد وڌو. ان وقت ڪڇ جي راجا جو جوڙايل ڪوٽ،
رحمڪي بازار جي پريان ڪڇ جي رڻ ۾ هوندو هو، سو
ويڳي هٿ ڪيو ۽ اُهو سندس نالي پٺيان وڳهه ڪوٽ سڏجڻ
۾ آيو، جو ڍوري پُراڻ کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي
هوندو هو. سومرن جو تيرهون حاڪم چنيسر هو، جنهن سن
1282ع کان 1300ع تائين 18 ورهيه اتي حڪومت ڪئي.
سندس ڏينهن ۾ ”ليلان“ جو مشهور واقعو ٿيو. اهو ڪڇ
جي رڻ جو پاسو آهي ۽ چنيسر جي ڪوٽ جو ويرانو اڄ
تائين اُتي بيٺو آهي، جتان بعضي بعضي آڳاٽي زماني
جا سڪا لڀندا آهن. هي شهر 1809ع ۾ ڌرتيءَ جي سخت
زلزلي سبب نابود ٿي ويو.
جڏهن رڻ سمنڊ هو، تڏهن هي مکيه ساموندي بندر هو. هن جي پڪين سرن
جي جاين جا نشان سال 1835ع (برنس جي وقت تائين)
ڏسڻ ۾ پئي آيا 1745ع ۾ هڪ ڀڳل جهاز جو ڍانچو اتان
هٿ ڪيو ويو هو، جو گپ ۾ 15 فوٽ هيٺ گتو پيو هو.(1)
باب چوٿون
سوڍن ۽ راٺوڙن جي ٿر ۾ حڪومت
1-سوڍن جو سنڌ ۾ اچڻ
سن 974ع ۾ سنڌ ۾ ڌرڻي براهه جو وڏو پٽ مهيپال عرف ديوراج آيو،
جو راجا ٿيو. ٻئي پٽ باهڙ کي ڪجهه ڪونه مليو، تنهن
ڪري هو وڃي راڌڻپور ۾ رهيو. هن کي ٽي پٽ سوڍو،
سانکلو ۽ باگهه هئا.
(1)
سوڍو، سن 1125ع برابر 1181 سنبت ۾، سنڌ جي سومري حاڪم وٽ لنگهي
آيو (همير سنگ کان پوءِ سومرن جا ڪيترا ۽ ڪهڙا
حاڪم ٿيا سو ڪنهن به اتهاس ۾ ڄاڻايل ڪونه آهي)،
جنهن مهرباني طور کيس رتوڪوٽ ڏنو. رتوڪوٽ کپري
تعلقي ۾، کپري شهر کان 6 ڪوهه کن پري واقع آهي.
اهو ڪوٽ هاڻي ڊٺو پيو آهي، پر اُن جا کنڊر اڃا
تائين ناري جي ڪپ تي ڏسڻ ۾ پيا اچن، پر رتوڪوٽ
نالو اڃا قائم آهي.(2)
ڪي چون ٿا ته سوڍو پاڻ سان راجپوتن جو وڏو ڪٽڪ وٺي
آيو هو ۽ رتوڪوٽ سومري حاڪم کان پنهنجيءَ طاقت جي
زور سان ورتائين.
سوڍي جو پٽ ”چاچڪ ديو“ ۽ پوٽو ”راج ديو“ هتي رهيا ۽ هتي اچڻ کانپوءِ هو
”راڻا“ سڏجڻ لڳا. کپري تعلقي ۾ اڄ تائين ڳوٺ
”راڻاهو“ آهي، جتي ڪيترا سوڍا گهر ڪري وڃي ويٺا،
جنهنڪري ڳوٺ تي اهو نالو پيو. کپري تعلقي ۾ ۽
پٿوري طرف ڪي پٽ وسايا هئا ۽ اُها سموري ايراضي
رتيڪوٽ وارن راڻن جي هئي، جي اڄ تائين پنهنجي وڏي
ڏاڏي پرمار جي پٺيان پاڻ کي ”پرمار سوڍا راجپوت“
سڏائيندا آهن.
2-سوڍن راڻن جو شجرو
باهڙ جي پٽ سوڍي 1125ع ۾ رتو ڪوٽ هٿ ڪيو. سوڍي کان پوءِ سندس پٽ
چاچڪ ديو ۽ هن جو پٽ راجديو اُتي رهيا. راجديو
1226ع ۾ سوميشور، ڌارابرش ۽ درجنشال ٿيا. ڌارا برش
جا ٻه پٽ ها: وڏو درجنشال، جنهن جو اولاد ”امرڪوٽ
وارا راڻا“ آهن ۽ ننڍو آسراءِ لڏي پارڪر ڏي ويو
جنهن جو اولاد ”پارڪر وارا راڻا“ آهن.
درجنشال کان پوءِ راڻو کينهرو، راڻو اوتاردي، راڻو ٿرو، راڻو
همير، راڻو ڏوڏو، راڻو وسيو (ويرسين)، راڻو تيجسي،
راڻو چانپور، راڻو گانگو، راڻو پو عرف پرشاد، راڻو
چندرسين، راڻو ڀوڄراج، راڻو ايسرداس (هن کي
جيسلمير جي راجا راول سٻل سنگ سنبت 1710 ۾ گاديءَ
تان لاهي، راڻي گانگي جي پوٽي جئه سنگ عرف جڳ سنگ
کي امرڪوٽ جي گاديءَ تي وهاريو)، راڻو سُرتان سنگ،
راڻو آسڪرڻ، راڻو سنگرام سنگ، راڻو مهراج، راڻو
ڪيسر سنگ، راڻو کيمون، راڻو سنگرام سنگ ٻيو راڻو
شوراج سنگ، راڻو سٻڙ سنگ، راڻو مهراج ٻيو، راڻو
ڀڀوت سنگ، راڻو سرت سنگ، راڻو پيرڏان سنگ، راڻو
جسونت سنگ ۽ راڻو ارجن سنگ ٿيا. ارجن سنگ نهايت
قابل ۽ دانا راڻو هو. هن راڻي 25 جنوري 1947ع تي
وفات ڪئي. هن وقت (1953ع) سندس پٽ راڻو چندر سنگهه
آهي، جو پنهنجي خاندان جو سربراهه آهي.
مٿيون شجرو ”ارمڪوٽ اتهاس“ صفحي 83-84 تان ورتل آهي. هن ۾ ڪن
راڻن جو نالو ڪونه آهي، جن جو ٻين ڪن اتهاسن ۾
احوال آيل آهي. شايد اهو شجرو پورو نه به هجي.
3-کائڙ ۾ راٺوڙن جي حڪومت
راٺوڙ پنهنجي پيدائش ڏيوونس مان ڄاڻائين ٿا. هنن جون 24 ساکون
آهن. ٿر ۾ ٿوري انداز ۾ آهن. جڏهن راڻي سوڍي
رتوڪوٽ هٿ ڪيو، تڏهن راٺوڙن کي به دل ۾ آيو ته
اسين به ڇو نه سنڌ تي ڪاهه ڪري ڪجهه ڀاڱو هٿ
ڪريون. سنڌ ۾ انهيءَ وقت سومرن جي صاحبي هئي، پر
هو سوڍن ۽ راجپوتن سان پڄي ڪين ٿي سگهيا. راٺوڙن
رتيڪوٽ وارو پاسو ڇڏي، باقي کپري تعلقي جو رهيل
ڀاڱو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. پوءِ پنهنجي حد وڌائي
امرڪوٽ جي اتر طرف ڇوڙ اسٽيشن جي ڀرسان ڪيائون.
پوءِ اڳڀرو وڌي گڍڙو ۽ ان جي آسپاس وارو علائقو هٿ
ڪري، جوڌپور رياست جي ڪجهه ڀاڱي تائين وڃي پهتا.
انهيءَ سموري حد کي اڄ تائين ”کائڙ“ سڏيندا آهن.
کائڙ هٿ ڪرڻ ڪري هو ”کائڙيا راٺوڙ“ سڏجڻ لڳا. کائڙ
جو نالو شاهه جي رسالي ۾ سُر مارئيءَ ۾ ڪيترن ئي
هنڌن تي ڪم آيل آهي. کائڙ ۾ کٿا، لويون، ڪمريون اڄ
تائين ٺهن ٿيون. شاهه صاحب انهن جي ساراهه ۾ چوي
ٿو ته:
کائڙ کٿيون خاصيون اُچيون اُت اُڄن،
ڪڍيو پيڻ ڪهن، ملير گهرجي مارئي.
گائڙ ۾ جن راٺوڙن راڄ ڪيو، تن مان هڪ هاڪارو راجا رڙمل هو، جو
جوڌپور جي گاديءَ تي سنبت 1474 برابر 1418ع ۾ ويٺو
جنهن جو نالو شاهه جي رسالي جي سر ڍول مارئيءَ جي
هيٺئين سٽ ۾ ڄاڻايل آهي:
”ڍوليو نرور سيئن راجا رنمل (رڙمل) رليو.“
هي تمام بهادر راجا هو. اڄ تائين ٿر ۾ ڪهاوت آهي:
ڪاڪو جنهن جو ڪونپجي ، ڀائي جنهن جو ڀارمل،
گهوڙو جنهن جو نو لکو ، اُهو راوت رڙمل.
هن جي وقت ۾ ڳوٺ ليلمي ۾ سندس آرامگاهه هو، جتي ڪڏهن ٿورو وقت
اچي رهندو هو. چون ٿا ته راجا رڙمل روا نئين کوهه
جي پاڻيءَ سان ڏندڻ ۽ سنان ڪندو هو. ليلمي ڳوٺ وٽ
هڪ ٻني آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا کوهه (ويرا)
آهن، جي راجا رڙمل کوٽا يا هئا.
کائڙ ۾ راٺڙن ڪيترا سال راڄ ڪيو، سا حقيقت ملي نٿي سگهي، مگر
ايترو پتو پوي ٿو ته راٺوڙن کان پوءِکائڙ جو ملڪ
راڻن کسيو. انهيءَ حڪومت جو اثر اڄ تائين کائڙ ۾
اچي ٿو. سنڌ توڙي ٿر ۾، هندن مسلمانن کي پوشاڪ جي
ڪري پريان ئي سڃاڻي سگهبو آهي، پر کائڙ ۾ ائين
پوشاڪ مان سڃاڻڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ جو اُتي مسلمان
به ذري گهٽ هندن جهڙي پوشاڪ ڪن ٿا. مسلمان مڙس اڄ
تائين انگرکر (پٺيو) پائيندا آهن. سندن عورتن ۽
ٻارن جي پوشاڪ مارواڙين ۽ ڪڇين جهڙي آهي. سندن
نالا به هند ڪي نموني جا آهن، جن جا مثال مسٽر
محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي ڪتاب ”سير ريگستان“ ۾
ڏنا آهن.
4- سوڍن جو ٿر ۾ زور وٺڻ
امرڪوٽ هٿ ڪرڻ کان پوءِ سوڍن جي دل وڍي، ۽ هو ٿر جي ٻين
ڀاڱن هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، جنهن ۾ هو سو ڀارا
ٿيا. هن وقت جيڪو نارو ڊويزن آهي، سو سمورو سوڍن
هٿ ڪيو ۽ سومرن کي هڪالي ايترو ته پري ڪيائون، جو
رڳو پراڻ جو الهندو پاسو سومرن جي تابع هو. باقي
ٻيو سمورو ٿر، پاڪر سميت سوڍا پنهنجي قبضي ۾ ڪري
ويٺا. مٺي تعلقي جو ٿورو ڀاڱو ۽ ڏيپلي تعلقي جو ڳچ
ڀاڱو، جنهن کي اڄ سامروٽي ٿا چون، سوڍن رڳو اهو
پاسو چڏيو، جنهن ڪري اُنهيءَ پاسي سوڍا ٿورا آهن،
ٻيو سمورو ڀاڱو سوڍن هٿ ڪيو، اتي سوڍا گهڻا آهن
سومرن کي ڪڇ جي رڻ ڏانهن هٽائي پوءِ کائڙ جي
راٺوڙن کي به هڪالي سڄو ٿر پنهنجي قبضي ۾ ڪيائون.
5-ٿر ۾ سوڍن جي حڪومت ۽ صوبا
سوڍن امرڪوٽ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي حد اڳتي مٺيءَ تائين
وڌائي ۽ راٺوڙن کي ڌڪي کائڙ به هٿ ڪيو، ۽ گادي
نشين راڻي جي پاران اتي صوبا موڪليندا هئا. انهيءَ
پاسي جيڪي راجپوت صوبا ٿي ويا، تن اُتي ڇڇر ۾ هڪ
ڳوٺ ٻڌايو، جنهن کي اول ڇڇر پوءِ ڇڇرو چوندا هئا،
جو لفظ نيٺ ڇاڇرو ٿيو. آسپاس جي حد کي ”ڇاڇراٽي“
چوندا آهن. اڄ تائين به انهيءَ نالي سان ٿري
سڏيندا آهن.
ڇاڇري کان 24 ميل اولهه طرف چيلهار جو ڳوٺ آهي، جو چيلي نالي
چارڻ
(1)
آتي هڪ کوهه ٻڌو هو، پوءِ ماڻهو اچي ويٺا ۽ ڳوٺ تي
نالو پيو چيلار ۽ هاڻي چيلهار سڏيندا آهن. اهو ڳوٺ
جنهن وقت ٻڌو ويو، تنهن وقت امرڪوٽ ۾ ڪلجي نالي
سوڍو مشهور هو، جنهن کي ڪلو سوڍو به چوندا هئا.
اهڙيءَ طرح سوڍا راجپوت، امرڪوٽ ۽ ٿر وسائي ويٺا،
سامروٽي ۽ رحمڪي بازار ڏي ۽ سومرن جي تخت گاهه
ڳهه ڪوٽ ڏي ڪونه ويا.
مٺي تعلقي جو ڳچ ڀاڱو ۽ ننگر پارڪر جو ٿورو ڀاڱوجو ڪڇ جي رڻ جي
”وَٽ“ (ڪناري) سان آهي. ڪپري ۽ عمر ڪوٽ تعلقن جو
اتر وارو ڀاڱو، جو گڍڙي وٽان لنگهي جوڌپور رياست
سان گڏجي ٿو تنهن کي کائڙ سڏيندا هئا. ٿر جو باقي
رهيل ڀاڱو، جو اُنهن ٻنهي ڀاڱن جي وچ ۾ آهي،ت نهن
کي اصل ”ڍٽ“ يا ”ڍاٽ“ سڏيندا هئا. اُهو سمورو پاسو
عمرڪوٽ جي راڻن جي هٿ ۾ هو ۽ عمرڪوٽ سندن گاديءَ
جو هنڌ هو.
6-راڻن جي حڪومت
امرڪوٽ تي جيڪي گادي نشين ”راڻا“ ٿي گذريا آهن، تن مان ڪيترن جو
احوال ڪونه ٿو ملي، پر جيڪي مشهور راڻا ٿيا آهن ۽
جن بابت ٿورو گهڻو احوال اتهاسن مان ملي ٿو، سو
هيٺ ڏجي ٿو:
راڻو راج ديو:
سوڍو ۽ سندس پٽ چاچڪ ديو رتيڪوٽ ۾ رهيا. چاچڪ ديو کانپوءِ سندس
پٽ راجديو يا رائديو، رتيڪوٽ جي گاديءَ تي ويٺو.
هي بهادر جوان هو. هن کي دل ۾ خيال آيو ته رڳو
رتوڪوٽ ۽ ان جو آسپاس وارو ملڪ وٺي نه وهجي، پر
سڄو ٿر ۽ پارڪر پنهنجي قبضي ۾ ڪجي. سوڍي کان وٺي
هيستائين سو کن ورهيه اچي ٿيا هئا، تنهنڪري ڪافي
زور ورتو هئائون. سنڌ جي سومرن جي طاقت هنن کي
معلوم هئي، تنهن هوندي به هنن جوڳا بندوبست ڪيا.
آڳاٽن راجائن وٽ شعر جوگهڻو قدر هوندو هو. اڄ به جوڌپور،
جيسلمير، بيڪانير ۽ ٻين ڪن ڏيهي رياستن ۾ راجائن
جي درٻارين ۾ ڪوي ۽ راڳيندڙ موجود آهن. سوڍن وٽ به
ڪي ڪوي ۽ راڳيندڙ هئا.
راڻي رائديو وٽ جنڦ نالي هڪ ڪوي ۽ ٻڌيمان چارڻ هو، جنهن کي ڪي
ماڻهو ساڻ ڏنائون، جي ويس بدلائي جاچ ڪري آيا ته
ڪهڙي واٽ تان لشڪر وٺي وڃجي ۽ ڪهڙو هنڌ حملي ڪرڻ
لاءِ ٺيڪ ٿيندو، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر هئي ته
سومرا راجپوتن کي چارڻ جي امرڪوٽ ۾ اچڻ تي ڪوبه شڪ
ڪونه پوندو.
جنڦ چارڻ، سواءِ ڪنهن تڪليف جي امرڪوٽ جي سموري حالت کان واقف
ٿي موٽي ويو ۽ وڃي رائديو کي سموري حقيقت ڏنائين ۽
پڻ کيس امرڪوٽ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ همٿايائين. جڏهن
سموريون رٿون ٺاهي راس ڪيائون، تڏهن وڏوڪٽڪ تيار
ڪري نڪتا ۽ امرڪوٽ ۾ اچي سومرن جي سامهون ٿيا. تٿ
ستم سهائي مهنو ويساک سنبت 1282 مطابق 1226ع جي
لڙائي لڳي، جنهن ۾ 125 کن سومرا مارجي ويا ۽
امرڪوٽ راڻن هٿ ڪيو. سومرا هارائي ڀڄي ويا، جن مان
ڪن وڃي ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ ۾ پنهنجو نئون راڄ
ٺاهيو.
سوڍن لڙائي کٽڻ کان پوءِ جنڦ چارڻ جو چڱو قدر ڪيو، جو کيس
کاروڙي جو ڳوٺ، عمرڪوٽ کان 4 ميل پري ڇوڙ اسٽيشن
جي رستي تي آهي، سو کيس امداد ڪيو ۽ پڻ کيس
ڪيتريون گانيون ۽ مينهون دان ۾ ڏنائون. اتي اڄ
تائين سندس پوين جي زمينداري آهي.
اهو کاروڙي جو ڳوٺ اڳي تمام وڏو هو ۽ منجهس ججهي آبادي هئي. هن
وقت کاروڙي ۾ جيڪي ٿورا چارڻ رهن ٿا، سي انهيءَ
جنڦ چارڻ جو اولاد آهن ۽ راڻن سان اڄ تائين رستو
اٿن.
راڻي رائديو کان پوءِ راڻو جئه برهم، جيسر، سوميشور ۽ ڌارابرش
نمبر وار امرڪوٽ جي گاديءَ تي ويٺا.
راڻو ڌارا برش:
تيج سنگ سولنڪي پنهنجي ڪتاب ”امرڪوٽ جو اتهاس“ جي صفحي 13-14 تي
لکي ٿو ته: ”هن راڻي کان امرڪوٽ جي حڪومت سومرن
کسي ورتي. دودي ٽئين سومري امرڪوٽ تي سن 1330ع(1)
۾ قبضو ڪيو ۽ سن 1330ع کان 1439ع تائين، 109 سال
امرڪوٽ تي سومرن جي حڪومت رهي. سنڌ جي باقي حصي
ٺٽي ۽ بکر مان سن 1351ع ۾، سمن جي حاڪم ڄام انڙ
کين ڀڄائي ڪڍي ڇڏيو هو، تنهن ڪري 1351ع کان پوءِ
1439ع تائين جيڪي سومرا حاڪم ٿيا، تن جي گاديءَ جو
هنڌ امرڪوٽ هو، جن مان مشهور عمر سومرو ٻيو ۽ همير
سومرو ٻيو ٿيا. هن وقت سنڌ اندر جيڪي تاريخون
پاڙهڻ ۾ اچن ٿيون، تن ۾ لکيل آهي ته سومرن جي
آخرين راجا همير سومري کان سمن جي ڄام انڙ سن
1351ع ۾ سنڌ هٿ ڪئي، سو درست نه آهي، ڇاڪاڻ ته
همير سومرو ٻيو، سن 1400ع ۾ امرڪوٽ جي گاديءَ تي
ويٺو، پر ڄام انڙ 1351ع ۾ سنڌ جي حڪومت هٿ ڪئي
هئي، تنهنڪري مٿيون لکيل احوال برابر آهي. حڪومت
کسجي وڃڻ بعد راڻي ڌارابرش جو وڏو پٽ درجنشال
امرڪوٽ ۾ ئي رهيو ۽ ننڍو پٽ آسراءِ لڏي پاڪر ويو،
جتي اڄ ڏينهن تائين سندس پويان رهن ٿا.“
”سوڍن جي صاحبي“ صفحي 14 تي ڪاڪو ڀيرومل مهرچند لکي ٿو ته
”راڻي رائديو جنهن سن 1226ع ۾ امرڪوٽ ورتو، تنهن
جون چار پيڙهيون امرڪوٽ ۾ رهيون، پنجين پيڙهي راڻو
درجن سنگ ۽ آسراءِ ٿيا، تن ڀاڱا ورهايا. راڻو درجن
سنگ وڏو هو، سو امرڪوٽ ۾ رهيو ۽ ننڍو پٽ آسراءِ
ننگرپارڪر ڏي ويو. انهيءَ ورهاڱي وقت، مٺي ۽ ڇاڇر
وارو ٽڪر به راڻن جي هٿ هيٺ هو ۽ حڪومت جي انتظام
رکڻ لاءِ هتي هنن پنهنجا صوبا مقرر ڪيا، جي وقت به
وقت امرڪوٽ ۾ اچي، گادي نشين راڻي جو سلام ڀريندا
هئا ۽ گهرج مهل مدد ڪند اهئا.“
”سوڍن جي صاحبي“ يا ٻين اتهاسن مان پتو پوي ٿو ته دودي ٽئين
امرڪوٽ تي سن 1330ع ۾ (جيئن ”امرڪوٽ اتهاس“ ۾ لکيل
آهي) قبضو ڪونه ڪيو پر امرڪوٽ تائين پنهنجي حڪومت
جي حد وڌائي. ڇاڪاڻ ته سلطان علاوالدين جي لشڪر
جڏهن دودي تي ڪاهيو، تڏهن امرڪوٽ جي هاسي سوڍي،
دودي جي يار، ست ويهون (140) سوڍن جو لشڪر وٺي وڃي
دودي جي مدد ڪئي هئي.(1)
ٿر ۾ علاوالدين ۽ دودي جو داستان اڄ تائين ڪچهرين ۾ مڱڻهار ۽
ٻيا سگهڙ کڻندا آهن، جنهن ۾ به هاسي سوڍي جي همت ۽
مدد جو ذڪر اچي ٿو.
سومرن کي جڏهن سن 1351ع ۾ ڄام اُنڙ لوڌي ڪڍيو، تڏهن چار سال
دربدر ٿيڻ کانپوءِ عمر سومري ٻئي اچي سن 1355ع ۾
امرڪوٽ تي قبضو ڪيو ۽ امرڪوٽ سومرن جي هٿ ۾ 1355ع
کان 1438ع تائين 84 سال رهيو ۽ نه 109 سال، جيئن
”امرڪوٽ اتهاس“ ۾ ڄاڻايل آهي.
جيڪڏهن دودو امرڪوٽ هٿ ڪري ها ته سندس ڪٽنب ڄام ابڙي سمي وٽ
ڪونه موڪلي ها. ڇاڪاڻ ته ابڙي امرڪوٽ جي سوڍن مان
شادي ڪئي هئي،(2)
جنهنڪري هو سوڍن جي دشمن کي پناهه اصل ڪونه ڏئي ها
۽ ڄام ابڙي وٽ سومريون، سوڍن جي صلاح ۽ مدد سان
موڪليون ويون، نه ته دودي جو ابڙي سان ڪو لاڳاپو
ڪونه هو. راڻي ڌارا برش کان دودي ٽئين نه، پر عمر
سومري ٻئي پوءِ 1355ع ۾ امرڪوٽ هٿ ڪيو.
|