باب ٻيو
ٿرپارڪر جا راجپوت
1.راجپوتن جو اصل نسل
ٿر ۽ پارڪر تي آڳاٽي وقت کان وٺي پرمار سوڍا راجپتون جي سرداري
هئي. اُهي ڪڏهن سنڌ ۽ ڪڏهن دهليءَ جي بادشاهن جا
تابعدار ۽ ڪڏهن خودمختيار ٿي پئي رهيا. هت انهن
راجپوتن جو اصل نسل ڄاڻائڻ ضروري آهي:
راجپوتن جي جنم جي ڪهاڻي هڪ عجيب آکاڻي آهي: وشنو ڀڳوان جو ڇهون
اوتار پرسرام هو، جو رشي جمدگني جو پٽ هو. هڪ
دفعي راجا ڪرتويريه، جمدگني وٽ هڪ گانءِ ڏٺي جا
ڪامڌين هئي. ڪامڌين معنيٰ اُها گانءِ جنهن وٽان
اميدون پوريون ٿين، يعني جنهن کان جيڪي گهرجي سو
ملي. ههڙي عجيب گانءِ تي راجا جي دل ٿي. هن جمدگني
کان گانءِ گهري پر هن نه ڏنس. تنهن تي راجا اُها
گانءِ زبردستي ڪاهرائي هليوويو. اُن وقت سندس پٽ
پرسرام گهر ۾ موجود ڪونه هو، پر پوءِ جڏهن اچڻ وقت
ان ڳالهه جي خبر پيس، تڏهن تپي باهه ٿي ويو ۽ بنا
دير جي وڃي راجا کي ماري، گانءِ آڻي پنهنجي پيءُ
کي ڏنائين. راجا جي پٽن پنهنجي پيءُ جي وير وٺڻ
لاءِ جمدگنيءَ جي آشرم تي ڪاهه ڪئي. ان وقت پرسرام
ڪيڏانهن ٻاهر ويو هو ۽ جمدگني گهر ۾ اڪيلو ويٺو
هو. راجڪمار هن کي اڪيلو ڏسي کيس ماري هليا ويا.
پرسرام پوءِ جڏهن پنهنجي آشرم ۾ موٽي اچي هيءَ
حالت ڏٺي، تڏهن سڄي ڳالهه معلوم ڪري پرن ڪيائين
ته اِهي راجڪمار ته پورا ڪندس، پر ڪوبه کتري ٻچو
جيئرو نه ڇڏيندس. هيءَ سڄي ڳالهه پراڻن ۾ ڏنل آهي
۽ ائين به ڄاڻايل آهي ته پرسرام ايڪيهه دفعا کترين
جو ڪُل ناس ڪيو هو.
آڳاٽن کترين جو ڌرم هو برهمڻن ۽ ٻين ذاتين جو بچاءُ ڪرڻ. کتري
ناس ٿي ويا ته برهمڻن ۽ ٻين جي سنڀال ڪير ڪري؟ اُن
تي خود برهمڻ اچي ڪڪ ٿيا، ڇاڪاڻ جو ان وقت هندستان
۾ دائت، اسسر ۽ دانو گهڻا هئا، جي عالمن جي چوڻ
موجب سٿين لوڪن مان هئا. اُهي برهمڻن کي مڃيندا ته
ڪونه هئا، پر هنن کي پاڻ آزاريندا هئا. کتري
انهيءَ ڪري برهمڻن جو وڏو بچاءُ هئا، پر هاڻي ته
اهڙو ڪو کتري ٻچو بچيو ئي ڪونه هو، جوهنن دئتن جي
آزار کان کين بچائي.
اُنهيءَ وقت ڪيترائي رشي ۽ مني ابو پهاڙ تي رهندا هئا. برهمڻن
کي تڪليف ۾ ڏسي وسشٽ مني ابو جبل تي رشين ۽ منين
سان صلاح ڪئي ته هاڻي برهمڻن جي بچاءَ لاءِ ڇا
ڪجي. آخر سڀني پاڻ ۾ صلاح ڪري برهما، وشنو ۽ اندر
ديوتا کي وينتي ڪئي ته توهين ڪي کتري پيدا ڪريو،
جي دئتن کي ناس ڪري برهمڻن جو بچاءُ ڪن. رشين پوءِ
ابو پهاڙ جي ڏکڻ الهندي ڪنڊ تي يگيه جي اگني
دکائي، اندر ديوتا کي چيو ته اول اوهين ڪو کتري
اُپايو. رشين جو چوڻ مڃي اندر ديوتا ڊڀن جو هڪ
پتلو ٺاهي، ان تي امرت ڇٽڪاري پوءِ اُهو پتلو اگني
ڪنڊ ۾ اڇلايو ۽ پوءِ سنجيوني منتر (جيئارڻ جو
منتر) اُچاريائين: ته ڏسو ڪرتار جي قدرت جو اگني
مان هڪ ازغئبي مرد ٻاهر نڪري آيو، جنهن کي ساڄي هٿ
۾ گدا هئي. هو اگني مان نڪرڻ وقت چوندو آيو ته
”مار، مار“. انهيءَ سبب هن تي ”پرمار“ نالو پيو.
پرمار لفظ جي معنيٰ آهي پراون يا ڌارين کي
ماريندڙ. ٽاڊ صاحب پرمار لفط جي معنيٰ ”پهريون
ماريندڙ“ يا ”ڌڪ هڻندڙ“ لکي آهي.
رشين ۽ منين جي چوڻ تي، پوءِ برهما ٻيو هڪ پتلو ٺاهي يگيه جي
اگني ۾ وجهي، منتر اچاريو ته اگني ڪنڊ مان هڪ ٻيو
جوان پيدا ٿيو، جنهن کي هڪ هٿ ۾ تلوار ۽ ٻئي هٿ ۾
ويد هئا. اُنهيءَ تي ”چلونڪي“ نالو پيو، ڇاڪاڻ ته
هو برهما پهريائين جڏهن پنهنجي هٿ جي تريءَ تي
پتلو ٺاهيو، تڏهن هي پيدا ٿيو، تنهن ڪري اهو نالو
مليس. چلونڪي لفظ جو اُچار پوءِ ڦري سلونڪي
(سولنڪي) ٿيو آهي.
شو ڀڳوان پوءِ اگني ڪنڊ مان هڪ ڪاري شڪل وارو جوان پيدا ڪيو.
انهيءَ جوان کي لڙائيءَ جو فن گهڻو ياد نه هو، مگر
پهريداريءَ لاءِ پختو هو، تنهنڪري هن کي دربان يا
پهريدار مقرر ڪيائون ۽ انهيءَ سبب هن تي ”پرٿوي
دوار“ نالو پيو. پرٿوي معنيٰ دروازو. هو گويا پر
ٿوي جي دروازي جو نگهبان هو، تنهن ڪري اهو نالو
مليس. پرٿوي دوار لفظ جو اُچار پهريائين ڦري
”پرٿهيار“ ٿيو ۽ هاڻي عام طرح پڙهيار چئبو آهي.
وشنو ڀڳوان اگني ڪنڊ مان پوءِ پاڻ جهڙو هڪ چتر ڀڄ (چئن ڀڄائن يا
ٻانهن وارو) مهاتيجوسي جوان پيدا ڪيو، جنهن جو رنگ
ڪرشن ورن (ڪارو) ۽ تمام بهادر هو. ڀريل ترڪش ٻڌل
هوس ۽ هڪ هٿ ۾ ڌنش (تير ڪمان) ۽ ٻئي ۾ تلوار هئي،
ان تي نالو پيو ”چترنگ“. سنسڪرت ۾ چتر معنيٰ چار
انگ معنيٰ بت. چترنگ معنيٰ چئن بتن وارو. حقيقتن
بت چار ڪونه هوس پر بهادر هو. چترنگ لفظ جو اُچار
پوءِ ڦري چوهاڻ ٿيو. هاڪارو راجا پرٿويراج چوهاڻ
راجپوتن مان هو.
اهڙيءَ طرح راجپوتن جي قوم ديوتائن جي مهربانيءَ سان پيدا ٿي.
ابو پهاڙ تي اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيا، تنهنڪري انهن
کي ”اگني ڪُل“ يعني اگني (باهه) جي ڪٽنب وارا به
چئبو آهي. اها اگني ڪنڊ، جنهن مان راجپوت پيدا ٿيل
چوڻ ۾ اچن ٿا، سا اڄ تائين ابو پهاڙ تي قائم آهي ۽
اها راجپوتن لاءِ تيرٿ جو وڏو آستان آهي.
راجپوتن جي جنم جي اها ڪهاڻي هڪ ڏند ڪٿا آهي، جا پراڻن ۾ ڏنل
آهي ۽ ڪرنل ٽاڊ به اهائي ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته سڄي
هندستان جا راجپوت اها ڳالهه سچي ڪري مڃين ٿا
(1)
پنهنجي هن حقيقت جي تصديق لاءِ
هو ڪيترن شلا ليکن جا حوالا پيش ڪن ٿا. اهڙن اٺن
شلا ليکن جو احوال ”ڌار رياست“ جي اتهاس ۾ آيل
آهي. ابوجبلتي اچليشور مهاديو جي مندر ۾ هڪ ليک
لکيل آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته پرمار دونهي مان
پيدا ٿيو هو ۽ شترو ماريا هئائين.
راجا مونج کان پوئين شلا ليکن ۾ ۽ اتهاسڪ پستڪن ۾ پرمارن جي وڏي
جو ابوجبل تي مهرشي وسشٽ جي اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيڻ
برابر ڏيکاريل آهي، مگر اها ڪلپنا به اتهاس جي
انڌڪار ۾ پوءِ ڪيل معلوم ٿئي ٿي. پرمارن جي شلا
ليکن ۾ انهيءَ گهراڻي جي وڏي جو نالو ڌوم راج
ڏيکاريل آهي. ڌوم معنيٰ دونهون، جو باهه مان پيدا
ٿيندو آهي. شايد انهيءَ تي، پرمارن جي وڏي جو اگني
ڪنڊ مان پيدا ٿيڻ ۽ انهن جوا گني ونسي چوائڻ جي
ڏند ڪٿا، پوءِ من گهڙت ئي هجي ته عجب ڪونهي.
(1)
”پرٿوي راج راسا“ ڪتاب موجب چار گهراڻا ابو جبل تي ڪيل پگيه مان
پيدا ٿيا آهن، جنهن بابت ڪن جو رايو آهي ته پراچين
کتري، جي ٻڌ ڌرم ۾ شامل ٿي ويا هئا، تن کي شڌ ڪري
آريه ڌرم ۾ ورتوويو هوندو، يا اُهي چار گهراڻا به
هُن، شاڪ ۽ ٻين وانگر ٻاهران آيل هوندا، جن کي
برهمڻن شڌ ڪري، پنهنجي ڌرم ۾ ورتوهوندو، پر کوجنا
ڪندڙ اگني ونس کي سوتنترونس نٿا مڃن. اگني ونس ۾
چارئي ڪُل مڃيا وڃن ٿا، پر شلا ليکن ۽ پراچين
اتهاسڪ گرنٿن ۾ چوهاڻ سورج ونسي (ڏسو
ايپيگرافيائنڊ ڀاڱو ٻيو صفحو 119). (پرٿوي راج
وجيه ڪاويه سرگ پهريون). (جرنل آف رايل ايشياٽڪ
سوسائٽي لنڊن سن 1903ع). سولنڪي چندرونسي (ڏسو
اوجها سولنڪيون ڪا پراچين اتهاس. 4 سنبت 1964)
پڙهيار سوريه ونسي (ڏسورپورٽ آرڪيالاجيڪل سروي آف
انڊيا سن3-1904ع صفحو 280). پرمار برهم کتري ونسي
(ڏسو پنگلاسوتر ورت) مگر مرهٽن جي ونساولي ۾
پرمارن کي سوريه ونسي لکيواٿن.
(2)
ڪي يورپي اتهاس ليکڪ لکن ٿا ته پرمار، پڙهيار، سولنڪي ۽ چوهاڻ
راجپوت گوجرن جو اولاد آهن، جي آرين وانگر وچ
ايشيا مان لڏي ڇهين عيسوي صديءَ جي اوائل ڌاري اتر
هندستان ۾ آيا هئا.
(1)
پرمارن جي مڃتا، ته هومهرشي وسشٽ جي اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيا آهن.
سا تاريخ دانن، ودوانن ۽عالمن کي قبولڪونه آهي. هو
ان کي من گهڙت سمجهن ٿا. ڇاڪاڻ ته مالوا جي پرمار
راجا مونج (سنبت 1028-1054 عيسوي سن 971-997ع) کي،
راجا پنڊت هلايڌ ”پنگل سوترورتي“ پستڪ ۾ برهم کتر
گهراڻي جو چيو آهي. انهيءَ شبد (لفظ) جي وياکياڻ
ڪندي، اتهاس ويتائن (تاريخدانن) ۾ مت ڀيد آهي. ڪي
چون ٿا ته برهمڻ وسشٽ جي يگيه جي رکيا ڪرڻواري ۽
راڪشسن جي حملي کي ٽارڻ واري کي راجپوت چيو
ويوآهي. ٻيو هيءُ به رايو آهي ته هي ماڻهو برهمڻ ۽
کتري ٻنهي ذاتين جو گڏيل سنتان آهن، جو اهڙين
شادين جو رواج اڳي هندن ۾ عام هو. يا اهي وڌرمي
هئا ۽ برهمڻن جي ستڪار سان شڌ ٿي انهن کي ڇتري ڪيو
ويو. انهيءَ ڪري انهن لاءِ ”برهم کتر ڪلين“ لفظ
لاڳو ڪيو ويو.
(2)هڪ
اها به معنيٰ ڪڍي وڃي ٿي ته جن جا وڏا برهمڻن مان
کتري ٿيا هجن، انهن کي ”برهم کتر“ چوندا آهن يا
انهن ماڻهن کي جن ۾ برهمڻن ۽ کتري ٻنهي جا گڻ
موجود هجن.(3)
ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته ، ”پنجين صديءَ جي پڇاڙي کان ستين صدي
جي شروعات تائين سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جا راجائون
هئا. اُهي اولشودر هئا پوءِ برهمڻي ڌرم کي مڃڻ لڳا
ته برهمڻن سندن شڌي ڪري کتري بنايو. اهي اگني ڪل
مان پيدا ٿيا، جنهن ڪري اگني ڪل مان پيدا ٿيل کتري
راجپوت سڏجڻ۾ آيا. ان کان ٿورا ورهيه اڳ چيني سياح
هوان شيانگ 640ع ۾ هندستان ۾ اچڻ وقت، راءِ سهاسي
ٻئي جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيو هو. هن پنهنجي سفرنامي ۾
جھاڻايو آهي ته ”سنڌ جو راجا شودر هو.“
(1)
سولنڪي پاڻ کي اگني ونسي چوائين ٿا ۽ پنهنجو مول پرش چولڪيه
سمجهن ٿا. پر اڳين شلا ليکن، ٽامي پترن ۽ اتهاسن ۾
اگن ونسي ڄاڻايل ڪونه آهن.
(2)
چوهاڻ به اگن ونسي چوائين ٿا، پر سورهين صديءَ جي
مليل شلا ليکن ۾ ڪٿي به ائين ڄاڻايل ڪونهي.
2- راجپوتن جا 36 ونس
اگن ڪُل مان پيدا ٿيل راجپوتن جون چار ذاتيون: پارمار، پڙهيار،
سولنڪي ۽ چوهاڻ، پوءِ ڇهه ٿيون، مگر هاڻي وڌي
ڇٽيهه ٿيون آهن:
(1) اکيه واڪ يا سوريه. (2) اندوسوم يا چندرونس. (3) گهلوت 24
ساکون. (4) يدو 4 ساکون. (5) تنور 17 ساکون. (6)
راٺوڙ 13 ساکون. (7) ڪشواها يا ڪڇواها. (8) پرمار
35 پرمار 35 ساکون. (9) چوهاڻ 26 ساکون. (10)
سولنڪي يا چالوڪ 16 ساکون. (11) پڙهيار 12 ساکون.
(12) چاوڙا هڪ ساک (13) ٽانڪ يا تکيڪ. (14) جوٽ،
جيٽي، جاٽ. (15) هُن يا هڻ. (16) ڪاٺي. (17) بلا.
(18) جهالا 2 ساکون. (19) جيٺو يا ڪامري. (20)
گوهل. (21) سرويا. (22) سلار. (23) ڏاٻي. (24) گوڙ
5 ساکون. (25) ڏوڏا. (26) گوهر وال. (27) ٻڙ گوجر
3 ساکون. (28) سينگر هڪ ساک. (29) سيڪروال هڪ ساک.
(30) ويس هڪ ساک. (31) ڏاهيا. (32) جوهيا. (33)
موهل. (34) نڪومپ،(35) راجپالي. (36) ڏاهيا، جا
ساک هينئر گم ٿي ويئي آهي. انهن کان سواءِ هول ۽
ڏاهريا ٻيا ٻه ڪل آهن.
ڪيترن راجپوت ڪُلن جون ساکون ڪونه آهن، انهن کي ”اڪا“ چوندا
آهن. جي سڄي قوم جو ٽيون حصو آهن.
3- پرمارن جون 35 ساکون
پرمارن جون 35 ساکون آهن: (1) موريه (هن مان چندر گپت ٿيوهو.)
(2) سوڍا (ڍاٽ يعني ٿر جا راجا). (3) سانگلا
(1)پونگل
جا جاگيردار ۽ ٻيا ڪيترا مارواڙ ۾ رهن ٿا. (4)
کير، انهن جي راڄڌاني کيرارو هئي. (5) اُمرا يا
سومرا، هاڻي مسلمان آهن. (6) وهل، چندراورتي جو
راجا (7) ميپاوت،ميواڙ ۾ ٻيجولي جا جاگيردار (8)
ٻلهر، اتر هندستان ۾ آهن. (9) ڪاٻا، اڳي سوراشٽر ۾
هئا ۽ ٿورا هاڻي سروهي ۾ آهن. (10) اُمٽ، مالوا ۾
اُمٽ واڙا جو راجا. (11) ريهور (12) ڍونڍا (23)
سورٽيا (13) هرير، مالوا ۾ ننڍا ننڍا جاگيردار
آهن. (15) چونرا (16) کيچڙ (17) سوکڙا، (18)
پرڪوٽا (19) ڀوجا (20) سمپل (21) ڀيٻا (22)
ڪالنپسر (23) ڪالموهه (24) ڪوهلا (25)پويا. (26)
ڌونڌ (27) ڪهرڙيا (28) ڏيوا (29) ٻرهر (30) جيپرا
(31) پوسرا (32) ڌوتا (33) رڪوموا (34) ٽيڪا (35)
اها ساک هاڻي ڪانه آهي.
4- راجپوت لفظ جو
بنياد
رامائڻ ۽ مهاڀارت جي وقت کان وٺي، چيني ياتري هوان شيانگ
(629-640ع) جي هندستان ۾ اچڻ تائين، راجپوت اکر ڪم
نه ايندو هو.
(1)پراڻن ۽ ٻين اتهاسن ۾ راجپوتن بدران کتري لفظ ڪم ايندو هو. ويد
۽ اُپنشد ۾ راجنيه لفظ ڪم ايندو هو. سوتر ڪال ۾
ڪٿي ڪٿي ”اگر“ اکر ڪم آندل آهي جين گرنٿن ۾ به
600ع کان 1200ع تائين راجپوت لفظ ڪم آندل نه آهي.
”پرٿوي راج راسا“ (جو چاند بردائي چارڻ لکيو آهي)
۾ به راجپوت لفظ ڪم آندل ڪونهي. مسلمانن جي اچڻ
تائين راجائون پاڻ کي کتري چوائيندا هئا ۽ پوءِ
راجپوت لفظ ڪم اچڻ لڳو.
(2)
راجپوت لفظ جي معنيَ آهي ”راجه پتر“ يعني راجا
جوپٽ.
5- ”سنگهه“ لفظ جو بنياد
کتري پنهنجي نالي جي پٺيان سنگ/سنگهه لفظ گڏيندا آهن. سنگهه لفظ
جي معنيٰ شينهن، يعني بهادر. هن لفظ جو بنياد ٽين
وڪرمي صدي کان ملي ڏهن ايران جي راجا هندستان
سڀيتا کي پنهنجو ڪري پنهنجي نالي سان گڏ سنگهه لفظ
ويرتا جي ڪري لڳايو. پهريائين گجرات، راجپوتانا،
مالوا، ڪاٺياواڙ ۽ دکن تي راڄ ڪرڻ واري شاڪ جتي
ايراني کترب ونسي بهادر راجا ردر داما جي پٽ مها
پرتابي راجا رد سنگهه جي (پوشاڪ سنبت 103-118-
وڪرمي سنبت 238-253، عيسوي سن 181-196) جي مليل
شلا ليکن ۽ سڪن ۽ شاڪ سنبت 103 وڪرمي 238 ويساک
سنڌي پنچم ۽ عيسوي 181 جي مليل شلا ليک ۾ ان جي
نالي سان گڏ ”سنگهه“ اکر لکيل ملي ٿو (ڏسو ڀائونگر
انسڪرپشنس صفحو 22). مالوا جي پرمار راجائن جي
نالي جي پڇاڙيءَ ۾ سنگ لفظ لڳائڻ جو رواج وڪرمي 10
صديءَ ۾، ميواڙ جي گهلوتن ۾ 12 صديءَ ۾، ڪڇواهن ۾
12 صدي جي پڇاڙيءَ ۾، چوهاڻن ۾ تيرهين صديءَ ۾ ۽
مارواڙ جي راٺوڙ ۾ 17 صديءَ ۾ جاري ٿيل سمجهجي ٿو.
راجپوتن جي ڪري سکن جي ڏهين گرو گوبند سنگهه (سنبت
1722-1765) ارڙهين صديءَ ۾، سکن ۾ سنگهه لفظ ڪم
آندو. ڪهڙي به ڌرم جو ماڻهوسک پنٿ ۾ آيو ته ان جي
نالي جي پٺيان ”سنگهه“ ضرور لڳائيندا آهن.
(1)
6-پرمارن جي حڪومت
پرمار راجپوت، جو اندر ديوتا جي ڪرپا سان اگني ڪنڊ مان پيدا
ٿيو، تنهن دانو۽ اسسرن (سٿين) لوڪن کي ماري،
برهمڻن جو بچاءُ ڪيو۽ هن پوءِ نه رڳو ابو پهاڙ ۽
انجي آسپاس وارن ملڪن تي حڪومت ڪئي، پر هو ساري
اتر هندستان جو راجا ٿيو. ”پرٿوي پرمارن جي آهي“،
اها مشهور ڪهاوت آهي. انهن جو وڏو راڄ هو، تنهن
ڪري هنن جا پويان ”راجپوت“ يعني ”راجا جا پٽ سڏجڻ
لڳا.
عالمن جو خيال آهي ته پرمار پهريائين شايد اتر ۾ هجن ۽ اُتان
ڌارين جي ڪاهن ڪري ستين صدي ڌاري رجپوتانا ۾ آيا
هجن. ابوجبل ۽ ان جي چوگرد سروهي، پالنپور، مارواڙ
۽ دانتا رياستن جي ڪيترن ئي ڀاڱن تي انهن جي حڪومت
هئي.انهن جي راڄڌاني ”چندراوتي“هئي، جا آبو روڊ
ريلوي اسٽيشن کان 4 ميل ڏکڻ ۾ آهي. ٽاڊ راجستان۾
لکيل آهي ته ”پرمارن جي وهل ساک جو راجا اُتي راڄ
ڪندو هو.“ ڪي يورپين ليکڪ لکن ٿا ته ستين صديءَ ۾
پرمارن اُتر کان هڪالجي اڦبو پهاڙ وٽ ڀيلن کي
ڀڄائي چندراوتي جو راڄ ٺاهيو يا هٿ ڪيو ۽ هڪ شاخ
مالوا ۾ به پنهنجو اڌڪار ڄمايو.
(1)
پرمارن کان سواءِ ٻيا جوان، جي اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيا، تن به
راڄ ڪيو. جيئن ته پڙهيار راجپوتن مارواڙ پاسي
پنهنجو راڄ برپا ڪيو. اهڙي طرح اگني ڪنڊ مان جيڪي
بهادر پيدا ٿيا تن سڀني راڄ ڪيو، تنهن ڪري سڀني جي
اولاد تي ”راجپوت“ نالو پيو ۽ پوءِ هر ڪو پنهنجي
وڏي ڏاڏي جي نالي جي پٺيان پرمار راجپوت، چوهاڻ
راجپوت وغيره سڏائڻ لڳو.
پرمار ۽ اُن کان پوءِ جيڪي ست پيڙهيون ٿيون، تن ابوپهاڙ ڏي راڄ
ڪيو. مگر پوءِ سندن اٺين پيڙهي ۾ راجا چندرسين
پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ابو پهاڙ مان
ڦيرائي مالوا طرف ”ڌارا ننگر“ ۾ ڪيو، جنهن بابت
چيل آهي ته:
”جهان پرمار تهان ڌار اور ڌار تهان پرمار
ڌار بنا پرمار نهين او نهين پرمار بنا ڌار.“
راجا چندرسين کان پوءِ چوٿين پيڙهي راجا ڀيمڪ ٿيو، جنهن جي
نياڻي رڪمڻيءَ جو وهانءُ سري ڪرشن سان ٿيو هو.
جنهن کي اٽڪل پنج هزار ورهيه ٿيندا. ان وقت سنڌ جو
راجا جئدرٿ هو، جو پڻ کتري هو ۽ دهليءَ جي راجا
ڌرت راشٽر جي ڌيءَ سان پرڻيو هو ۽ مهاڀارت جي
لڙائيءَ ۾ ارجن جي هٿان مئو هو.
راجا ڀيمڪ کان پوءِ اٺين پيڙهي جيڪو راجا ٿيو، تنهن پنهنجي
گاديءَ جو هنڌ ڌارا ننگر مان ڦيرائي اُجين ۾ ڪيو،
جيئن ته چوڻي آهي ته:
”پرٿوي پنوارتڻي اني پرٿوي تڻي پنوار،
ايڪا آٻو گڍ ٻيسڻو دوجي اجيڻي ڌار.“
اُن کان پوءِ ڏهين پيڙهي راجا ڀرتري ۽ راجا وڪرماجيت ۽ سندس
پوين سورهن پيڙهيون اُجين ۾ راڄ ڪيو،مگر پوءِ
راڄڌاني ڦيرائي ٻاڙ مير جي نزديڪ ”جهوني گڍ“ ۾
ڪيائون، جو هاڻي ڦٽي پيو آهي. ٿورن سالن بعد هنن
جهوني گڍ کان 7-8 ميل پري ”ڪيرارو“ نالي شهر
پنهنجو تخت گاهه ڪيو. اُهي راجپوت اڳي جڏهن اُجين
۾ هئا، تڏهن مهاراجا ۽ راجا سڏبا هئا. مگر ڪيرارو
۾ اچڻ کان پوءِ هو ”راءِ“ سڏجڻ لڳا ۽ سنڌ ۾ اچڻ
کان پوءِ ”راڻا“ سڏجڻ لڳا.
جوڌپور رياست ۾ شِو ۽ ڪوٽڙو ٻه شهر هڪ ٻئي سان لاڳيتو آهن، تنهن
ڪري ٻنهي کي گڏي ”شو ڪوٽڙي“ چوندا آهن. پرمارن
پنهنجي گادي ڪيرارو مان ڦيرائي شوڪٽڙي ۾ ڪئي. اتي
تنهن وقت چارراءِ نالي راجا هو، جنهن کي ٻه پٽ ۽
ٽين نياڻي هئي. ڪن جي چوڻ موجب وڏي جونالوسوڍو،
جنهن جو اولاد ”سوڍا“ ۽ ننڍي جو نالو سانکلو ،
جنهن جو اولاد ”سانکلا“ سڏجن ٿا،جي جوڌپور ۽
بيڪانير پاسي گهڻا آهن. ٿرپارڪر ضلعي ۾ سوڍا
راجپوت گهڻا آهن ۽ اهي پنهنجي وڏي ڏاڏي ”پرمار“ جو
نالو گڏي پاڻ کي ”پرمار سوڍا“ راجپوت سڏائيندا
آهن.
ڪن اتهاسن ۾ لکيل آهي ته ڌوم راجا جي ونس مان آبوءَ جو پهريون
راجا سڌوراج ڏهين صديءَ جي پڇاڙي ۾ ٿيو. سڌوراج
کان پوءِ راجا ڌرڻي براهه ٿيو، جنهن جي نالي
راجپوتانا ۾ ايئن مشهور آهي ته هن کي نو ڀائر هئا،
جن کي هن پنهنجو راڄ ورهائي ڏنو ۽ انهن 9 راڄڌانين
جي ڪري نوڪوٽي (نون ڪوٽن واري مارواڙ) مشهورٿي.
انهيءَ بابت هڪ ڇند به آهي:
”منڏوور سانوت هئو اجمير سنڌو سو،
گڍ پونگل گجمال هئو لودروي ڀانڀو
آل پال ارٻڌ ڀوڄراج جالنڌر،
جوگراج ڌر ڍاٽ هوئا هانسو پارڪر،
نوڪوٽ ڦراڙو سنجو گتا ٿر پنوار ٿاپيا،
ڌرڻي براهه ڌرڀائيان، ڪوٽ بانٽ جُو جُو ڪيا.“
ٿر جي سوڍن وٽ جي دستخط احوال آهن، تن مان معلوم ٿئي ٿوته وڪرمي
سنبت 1054-994 عيسوي ڌاري الور، امرڪوٽ، ننگر
پارڪر، مارواڙ جي راجا ڌرڻي براهه جي هٿ ۾ هئا ۽
پٽس جو گراج امرڪوٽ تي راڄ ڪندو هو.
(1)
974 عيسوي ڌاري آبو جي پرمار راجا ڌرڻي براهه جو وڏو پٽ مهپال
عرف ديوراج آبو جو راجا ٿيو. ڌرڻي براه جي ٻئي پٽ
باهڙ (هن کي چهڙراءِ، چاڙ راءِ يا چار راءِ به
چوندا هئا) کي ٽي پٽ هئا؛ سوڍو سانکلو ۽ باگهه،
سوڍي جو اولاد سوڍا، سانکلي جو اولاد سانکلا مشهور
ٿيا راجپوتن جون ساکون اهڙي طرح وڏن جي نالن تي ۽
ڪن حالتن ۾ ڳوٺن جي نالن تي مشهور آهن ۽ سڏجن
ٿيون) جيئن ته ڌرڻي براهه جو وڏو پٽ مهپال آبو جو
راجا ٿيو ۽ ٻئي پٽ باهڙ کي ڪجهه به ڪونه مليو،
تنهن ڪري هو وڃي راڌڻپور ۾ رهيو، جتان سندس وڏو پٽ
نالي ”سوڍو“ سنڌ ڏي آيو.
(2)
7- امرڪوٽ تي پرمارن جي حڪومت
امرڪوٽ جي پراچين اتهاس جي پوري خبر ڪانهي، پر ڪن اتهاسن ۾ ٿورو
احوال آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته ڇهين صدي عيسوي
ڌاري اُتي پر مارن جي حڪومت هئي. لدروي ۽ پونگل جي
يدوونسي راجا منڏم راءِ امرڪوٽ جي پر مار راجا سوڍ
جي ڪنيا سان وهانءُ ڪيو.
(3)
منڏم راءِ کي انهيءَ راڻيءَ
مان ٽي پٽ ڪيهر، مولراج ۽ گوگلي نالي ٿيا.(4)
سن 997ع- 1054 سنبت ۾ مارواڙ جي راجا ڌرڻي براهه
پرمار مارواڙ جي نون قلعن جي ورهاست پنهنجن نون
ڀائرن ۾ ڪئي. ان وقت امرڪوٽ جو گراج پرمار کي حصي
۾ مليو.
جيسلمر جي اتهاس ۾ آيل حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو ته يارهين صديءَ
جي شروعات ۾ به امرڪوٽ تي پرمارن جي حڪومت هئي. ان
وقت ڏکڻ ٿر يعني هاڻوڪي مٺي، ڏيپلي ۽ ڇاڇري شهر
کان اولهه طرف سڄي ملڪ تي سومرن جو راڄ هو، جنهن
کي ”ديرڪ“ پرڳڻو چوندا هئا، جن پوءِ پرمارن کان
امرڪوٽ به هٿ ڪيو. ڇاڇري کان اوڀر کائڙ تي راٺوڙن
جو راڄ هو ۽ پارڪر تي پرمارن جو راڄ هو.
سومرن امرڪوٽ وٺي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيو ته آهستي آهستي ڏکڻ
ٿر ۾ سندن زور گهٽجي ويو ۽ اتي ڪجهه وقت بعد
”مڪواڻا“ راجپوتن زور ورتو ۽ ملڪ تي قبضو ڪري
ڪيرٽي(1)
۾ گاديءَ جو هنڌ ڪري ويٺا، جن
مان ڪيسر مڪواڻو مشهور راجا ٿي گذريو آهي.
8-ٿر جو آباد ٿيڻ
ٿر بابت جيتريقدر تاريخي حقيقتون ملي سگهن ٿيون، ان مان پتو پوي
ٿو ته امرڪوٽ ۽ پارڪر تمام جهونا وسايل ڀاڱا آهن.
پارڪر واري ڀاڱي ۾ هندن جا جيڪي تيرٿ آستان آهن،
تن جو هندو ڌرمي ڪتابن (پراڻن) ۾ به ذڪر آهي. اهي
آستان جينين جا ٺهرايل آهن. پاري ننگر جو اتهاس
تمام جهونو آهي ۽ امرڪوٽ بابت به ڪيترن ئي اتهاسن
۾ آڳاٽو احوال ملي ٿو. باقي ٿر جي وچ وارو ٽڪر به
پراڻن کنڊهرن، کوهن ۽ ٻين نشانن مان سمجهجي ٿو ته
وسندڙ ۽ آباد هو.
ٿر ۾ پهريائين پرمار راجپوتن جي حڪومت هئي، ان بعد سومرا راجپوت
قابض ٿيا. 1125ع ۾ سوڍا راجپوت ٿر ۾ آيا، جن اول
امرڪوٽ هٿ ڪيو ۽ پوءِ اُن جو آسپاس وارو ملڪ هٿ
ڪري پارڪر ڏي وڌيا. ان کان اڳ وچيون ٿر ڪڏهن آباد
ته ڪڏهن ويران پئي رهيو ۽ منجهس ڦورو ۽ چور اچي
پناهه وٺندا هئا. راجپوتن جي اچڻ بعد ڀيل به هت
آيا، جي انهن جا ملٽري يا جنگي سپاهي هئا، جن هتي
اچي ٻنيون ڪيون ۽ پنهنجا تڙ يعني کوهه کوٽي ڳوٺ
ٻڌي ويٺا ۽ پوءِ کوسا به اچي رهيا. هندن مان
راجپوت، ڀيل، ڪولهي مينگهواڙ، برهمڻ مهيسوري
سونارا، نائي، چارڻ، سوٽهڙ، جاٽ، مالهي ۽ بجير سڀ
مارواڙ کان آيل آهن. لهاڻا ۽ سارسوت برهمڻ،
ٽالپورن جي ڏينهن ۾ سنڌ کان ملازمت ۽ واپار جي
سانگي اچي رهيا.
مسلمان قومون، کوسن کان سواءِ گهڻو ڪري ڪلهوڙن ۽ ميرن جي حڪومت
يا ڪجهه وقت اڳ آيل آهن ۽ ڪي ذاتيون تازو هندن مان
مسلمان ٿيل آهن، جهڙوڪ: سنگراسي، ڏوهٽ، ڀٽي،
ڪيلهڻ، چوهاڻ، نٻا، نرا، بجير وغيره، جي اصل
راجپوت هئا. ذاتين تي اڃا اُهو هندڪو نالو رکيل
آهي.
جيڪي ماڻهو ايندا ويا، تن مان گهڻا مارواڙ کان آيل آهن، جو اُتي
سخت ڏڪار پوندا هئا، جنهنڪري گذران جي ارادي سان
به آيا ۽ ڪي ٻين سببن جي ڪري به آيا هوندا.
جيڪي آيا سي سکيا ٿيڻ ڪري پنهنجا ڳوٺ ٻڌي رهاڪو ٿيندا ويا. ٿر
جا موجوده شهر، جهڙوڪ: مٺي، ڏيپلو، ڇاپرو، چيلهار،
اسلام ڪوٽ، ڪانٽيو ۽ گڍڙو وغيره تازا وسايل آهن،
جن جو بنياد ٽن چئن سون سالن جي اندر آهي.
امرڪوٽ، پاري ننگر، ننگرپارڪر، ڀوڏيسر، ويراواهه، ڪيرٽي ۽ هنجتل
وغيره (۽ ٻيا ڪي شهر هوندا جن جو اتهاس نٿو ملي)
جهونا وسايل آهن.
|