سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو پهريون)

باب؛ 1

صفحو ؛ 2

 

باب پهريون

ٿر ۽ پارڪر جو طبعي گهاٽ ۽ ان جي پراچين حالت

(الف) طبعي گهاٽ

سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي جي طبعي ڀاڱا ٻه آهن: هڪڙو ڍٽ، يعني ڀٽن وارو  وارياسو ڀاڱو ۽ ٻيو ڏاڍي (سخت) زمين وارو ڀاڱو، جنهن ۾ نارو ۽ ميرپورخاص وارا ڀاڱا اچي وڃن ٿا. ٿر واري ڀاڱي ۾ به ٿر ۽ پارڪر ٻه جدا قسم جي زمين جا ٽڪرا آهن، جي ٿرپارڪرضلعي جو هڪ ڀاڱو  آهن. هاڻوڪي ٿرپارڪر ضلعي کي اهو نالو انهن مٿين ٻن ٽڪرن تان مليو آهي. انهيءَ ڀاڱي ۾ ٻيا به ڇهه تپا (سواءِ ٽن ديهن جي) جن ۾ ناري ۽ جمڙائو هيٺ آباد ٿيندڙ زمين وارو ٽڪر پڻ اچي وڃي ٿو، داخل ٿيل آهن. مگر زمين جي لحاظ سان اهي خاص سنڌ جو ڀاڱو آهن ۽ ان جو ٿر سان ڪو لاڳاپو ڪونهي. باقي چئن تعلقن مان ڏيپلي، مٺي ۽ ڇاڇري جا سڄا تعلقا ۽ ننگر پارڪر تعلقي جي ڏهن تپن مان ست تپا اصلي ٿر ملڪ آهي. عمر ڪوٽ ۽ کپري تعلقن جون ٽي ديهون به ٿر جو ڀاڱو آهن. باقي رهيو پارڪر سو ننگر پارڪر تعلقي جي فقط ٽن تپن هيٺ آيل ملڪ جو نالو آهي. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهبو ته جنهن ضلعي جو نالو هينئر ٿرپارڪر آهي، تنهن جو ڪيترو حصو ٿر ۽ ڪيترو ٽڪر پارڪر آهي.

1- نالو

ٿر:

”ٿر“ سنسڪرت لفظ ”سٿل“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بيٺل يا نه وهندڙ يعني خشڪ ملڪ (جتي درياءُ ڪونهي). انهيءَ ”سٿل“ جو اچار اول ڦري ٿيو ”ٿل“، يعني خشڪ زمين (ضد جل معنيٰ پاڻي) ۽ ”ٿل“ جو اچار ڦري ٿيو ٿر (1).

ٿر کي ريگستان به چون: ريگستان= واري + آستان= جاءِ، يعني واريءَ جي جاءِ. هن ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀٽون گهنيون آهن. ڀٽ کي ٿر جا ماڻهو ”ٿري“ چوندا آهن. تنهن ڪري ڀٽن يعني ٿرين واري ڀاڱي کي ٿرين جو ملڪ يا ٿري جو ملڪ به چوندا آهن، جنهن مان ”ٿر“ لفظ ٺهيو آهي.

پارڪر:

قديم وقت ۾ پارڪر واري ڀاڱي ۽ ڪڇ جي ملڪ جي وچ ۾ بيٺل ڪڇ جي رڻ ۾ پاڻي هوندو هو. جنهن کي ”کاري“ چوندا هئا. ماڻهن کي اچ وڃ لاءِ اها کاري پار ڪرڻي پوندي هئي. جنهن ڪري چوندا هئا پارکاري يا پار اُڪر، جنهن مان ڦري ٿيو پارکار ۽ پوءِ نالو پيو پارکر يا پارڪر. ٿر ۽ پارڪر وارو ٽڪر، ٿرپارڪر ضلعي ۾ سنڌ جي ڏکڻ- اڀرندي ڪنڊ تي آهي. ڪن بيانن موجب چوڻ ۾ اچي ٿو ته پارڪر لفظ جي معنيٰ آهي پهڻ يا پٿر جو ملڪ. ڇاڪاڻ جو هن ڀاڱي ۾ چوڌاري ننڍا ننڍا ٽڪر آهن باقي وچ ۾ ننگر پارڪر شهر وٽ ڪارونجهر ٽڪري آهي.

 2- پکيڙ

شروعات ۾ ٿر پارڪر ضلعي ۾ فقط ڏيپلو، مٺي ۽ ننگر پارڪر تعلقه داخل هئا. قديم تفصيل موجب فقط انهيءَ ٽڪر جي ڊيگهه 120 ميل ۽ ويڪر 40 کان 50 ميل، ۽ سموري ايراضي 4500 چورس ميل هئي. ڇاڇرو تعلقو جو ان وقت عمر ڪوٽ ضلعي ۾ داخل هو. سو جدا آهي، جو خود ايڏو وڏو تعلقو آهي جو ٻين ٻن تعلقن جو مٽ ٿيندو. هي تعلقو ايراضيءَ جي لحاظ کان سڄي سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو تعلقو آهي. پارڪر ڀاڱي جي ڊيگهه 03 ميل ۽ ويڪر 20 ميل ٿيندي. هي ضلعي 13-24 ۽ 21-36 اتر ويڪرائي ڦاڪ، 40-68 ۽ 5-71 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۾ آهي. اُن جي ڪل پکيڙ 13690 چورس ميل آهي.

”سنڌ گزيٽيئر“ موجب پکيڙ هيٺئين موجب آهي. (1)

تعلقو مٺي 1562 چورس ميل، تعلقو ڇاڇرو 2796 چورس ميل. تعلقو ڏيپلو، 1503 چورس ميل، تعلقو ننگر پارڪر 1617 چورس ميل، تعلقو عمرڪوٽ 1466 چورس ميل، جن مان 1018 چورس ميل ٿر ۽ 448 چورس ميل نارو يا ڏاڍي زمين. انهيءَ حساب سان جملي پکيڙ 8496 چورس ميل آهي.

ڪن تفصيلن موجب سڄي ڊيزرٽ جي پکيڙ 10542 چورس ميل آهي جنهن ۾ کپري تعلقي جي ڀٽن وارو ڀاڱو به اچي وڃي ٿو.

 3- حدون

هن ڀاڱي جي اتر ڏي جوڌپور رياست، ٿر پارڪر ضلعي جا کپرو، سامارو ۽ حيدرآباد ضلعي جا ٽنڊو باگو تعلقا. اڀرندي ڏي جوڌپور رياست، ڏکڻ ڪڇ جو رڻ الهندي ڏي ٿرپارڪر ضلعي جو سامارو تعلقو ۽ حيدرآباد ضلعي جو ٽنڊو باگو تعلقو آهن.

4- طبعي گهاٽ

سجھو ٿر ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: ٿر ۽ پارڪر، ٿر واري ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀٽون آهن ۽ ملڪ سڄو وارياسو آهي. ڪٿي ڪٿي ميدان به آهن. جن کي ڏهر چوندا آهن. اوڀر پاسي ڀٽون ننڍيون آهن. ڪٿي ڪٿي وڏيون ڀٽون آهن. ڪٿي ٿوريون ته ڪٿي گهڻيون، جي پريان ننڍين ٽڪرين وانگر پيئون ڏيکاري ڏين. رڳو ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ ڪانٽئي کان عمر ڪوٽ تائين 28 ميلن ۾ 140 ڀٽون آهن. ٿر جي اترئين ڀاڱي ۾ ننڍيون ۽ ڏاکڻئين ڀاڱي ۾، خاص ڪري مٺي تعلقي ۾، وڏيون ڀٽون آهن.

سج اُڀرڻ سان ڀٽ جي جنهن پاسي سج جو تِڙڪو (اُس) پوي ، تنهن کي چون تڙ ڪوڙ ۽ ٻئي پاسي کي گوچار، جتي ٻه ڀٽون اچي گڏجن ته انهيءَ هنڌ کي چون ٻُڪڙ، مٿئين پاسي کي مَٿاري ۽ ڀٽ جي پڇڙيءَ کي چون پوڇانڊو. ڀٽن جي وچ ۾ سنئون سڌو ميدان آهي تنهن ڪري چون ڏهر. ننڍي ڀٽ کي چون دڙو. دڙن جي وچ ۾ زمين ٽڪر جي ڪجهه سخت هوندي آهي ته ان کي چون تَلي.

ڀٽون سڀيئي اتر- اوڀر کان ڏکڻ- اولهه ڏي آهن، جي اولهه ۾ وڏيون آهن واريءَ جي ڀٽن سبب هن ملڪ ۾ ندي، نَئن يا واهه اصل ڪونهي. ماڻهن يا وهٽن لاءِ ڀٽ تي سڌو چڙهڻ مشڪل آهي، تنهن ڪري ڪجهه پاسيرو واٽ ٺاهي چڙهندا آهن، جنهن کي اپاج چوندا آهن.

پارڪر:

هي ننگر پارڪر تعلقي جو ڏاکڻو ڀاڱو آهي. ڊيگهه 30 ميل ۽ ويڪر 20 ميل ٿيندي. هتي ڀٽون ڪونه آهن. هتي زمين ڪڪريءَ ۽ پٿر واري آهي. ننگر پارڪر شهر وٽ جبلن جي هڪ قطار ڪڪڙ جي بيضي وانگر ڦري اچي ٿي، جنهن جي وچ ۾ ماٿريون آهن. اها قطار ڪارونجهر سڏجي ٿي. انهيءَ گول قطار جي ٻاهرين گولائي 20 ميل آهي ۽ وڏي ٽڪري جي چوٽي زمين جي سطح کان 1000 فوٽ اوچي آهي.

5- مکيه ڀٽون

ٿر ۾ گهڻيون ئي ڀٽون آهن جن مان مکيه هي آهن:

ڪانڪر ڀٽ، هيءَ سڄي ٿر ۾ مٿانهين ڀٽ ڏيڍ ميل ڊگهي هيلاريو لنجا ۽ پوسرڪي ساندن جي وچ ۾ آهي. لوڻڪي ڀٽ، اوچائي 588 فوٽ (1) دادئي جي تڙ جي اوتر ۾. سانڏور ڀٽ، اوچائي 408 فوٽ. ارنيارو ڀت، اوچائي 484 فوٽ، روجهڙ ڀت، اوچائي 518 فوٽ، ڌاريندڙ ڀٽ اوچائي 529 فوٽ، عالم سر ڀٽ، اوچائي 492 فوٽ. ڪاري ڀٽ، ڳوٺ ٻسارڻيا کان اڍائي ميل پري، اوچائي 595 فوٽ. جهونڊ ڀٽ، جهونڊ ڳوٺ وٽ. اوچائي 373 فوٽ، ويراڙو ڀٽ، اوچائي 459 فوٽ، گنگا سرو ڀٽ، اوچائي 428 فوٽ. ويسروڙي ڀٽ، ساهوءَ جي تڙ جي اوڀر ۾. ڌنوڙي ڀٽ، اوچائي 512 فوٽ، تڳوسر جي اتر ۾. ڍوڪاڻي ڀٽ، چارنور جي اوڀر طرف. جهرڪلي ڀٽ، جيئندي جي تڙ جي اوڀر طرف. چانگي جو ٽونڪ چيلهار جي اولهه طرف. ٻانهياري ڀٽ، تڙ حمير وٽ. ڪرڪر ڀٽ جيسي جي پار جي اتر طرف. شهمير ڀٽ، شهمير جي تڙ جي اتر طرف. سونياٻهه ڀٽ، جيسي جي پار جي اتر طرف. هاڏاري ڀٽ، ٺاري جي تڙ  جي اڀرندي طرف، ڪسل ڪوٽ ڀٽ، هن نالي سان ٻه ڀٽون آهن، هڪ چارنور جي الهندي طرف ۽ ٻي ڪانٽئي وٽ. ميگهي جي تڙ جي اولهه واري ڀٽ، هن تان تڙ حمير واري ڀٽ 36 ميلن تان ڏسجي ٿي. سامي ڀٽ، ميگهي جي تڙ جي اوڀر طرف. سائيني جي ڀٽ، ڇاڇري جي اولهه پاسي. هتان ڇوهٽڻ جو جبل 60 ميلن تان ڏسجي ٿو. ڪيل ڀٽ مٺي جي اتر طرف، جتان ڍوري ناري واري هوائي جهازن کي لائيٽ ڏيڻ جي روشنائي 74 ميلن تان ڏسجي ٿي. جهرڪلي ڀٽ، سال 1856 ۾ ڌرتي ڌٻڻ وقت ٻه اڌ ٿي پيئي هئي. ڪوهر اڙي ڀٽ، چيلهار جي ڏکڻ طرف، جتان ننگر پارڪر جي ڪارونجهر ٽڪري 72 ميلن تان ڏسجي ٿي. اسابو ٽُنڪ پاٻو ويري جي اڀرندي طرف، جتان ڇوهٽڻ جو جبل 60 ملين تان ڏسجي ٿو. مهڪي ڀٽ اُٺ ٿنڀي، نيتاري، گڏهه پٺو، ڳينڻ، گوگٽياري، ٽورياري ٽورو ٽونڪ ۽ مانگر ڀٽ وغيره. ازان سواءِ ٻيون به انيڪ ڀٽون آهن.

 

6- مکيه ڏهر

ڳچ مفاصلي ۾ سنئين سڌي زمين هجي، تنهن کي ڏهر چئجي، جتي آبادي ٿيندي آهي. ٿر ۾ هيٺيان وڏا ڏهر آهن:

1- ڏاڪي ڏهر، هن نالي سان ٽي ڏهر آهن: پهريون ڪيتار جي ڏکڻ- اولهه ۾ مٺا تڙ جي اتر طرف، ٻيو سلهه جي اولهه طرف ۽ اَڪلي جي اوڀر تائين ٽيون چار نور جي اولهه پاسي. 2- ڇڇي جو ڏهر، تاجي جي تڙ جي الهندي طرف، قابل شاهه جي اڀرندي طرف، ڪرنهور ڏيٿا ۽ سنگراسين جي وچ ۾. 3- وڇيري جو ڏهر، مصري شاهه جي اولهه طرف. جانب علي شاهه کان اڀرندي ۽ ڀڳيسل کان ڏکڻ طرف. 4- هيڪل ڪوري، ڌاريندڙي کان اولهه، ميگهي جي تڙ کان اوڀر ۽ رڙلي جي ڏکڻ اوڀر. 5- ميڻڇو ڏهر، ڌانڌو جي تڙ جي اولهه، وڪڙئي جي ڏکڻ ۽ جهرڪلي ڀٽ کان اوڀر طرف. 6 ڍوڪاري ڏهر. چارنور جي ڏکڻ ۽ ٻڍي جي تڙ جي اتر طرف. 7- لاٺي جو ڏهر، چارنور جي اتر اوڀر. 8- بي جو ڏهر، گوراڙي جي اولهه ۽ مصري شاهه جي اتر طرف. 9 ڏسارڻو ڏهر، رٻاسر جي ڏکڻ ۽ کُڏي جي اتر طرف، 10- پوسڪي جو ڏهر، پوسرڪي ۽ روهيڙي جي وچ ۾. 11- وي جو ڏهر، ڪانڪهئي جي اولهه، راڄوڙي جي اوڀر ۽ ڪرنهور کان اتر طرف. 12- ڀڪوئي جو ڏهر، ڀڪوئي ۽ عالم سر جي وچ ۾. 13- ٽانپي جو ڏهر، مٺا تڙ جي اولهه ۽ سوڀي جي تڙ جي اوڀر طرف. 14- ڇهو ڏهر، ڇاڇري جي اوڀر طرف، پريمي جي ويري وٽ. 15- گهوگهارو ڏهر، هريار جي اتر طرف. تالسر جو ڏهر. سينهار جو ڏهر، سجائي جو ڏهر، چوڻهار جو ڏهر ۽ ٻيا گهڻائي ڏهر آهن.

7- ڪارونجهر ٽڪري

ٿر ۽ پارڪر واري ڀاڱي ۾ ڪو به وڏو جبل ڪونهي. فقط پارڪر ۾ چوڌري ننڍا ننڍا ٽَڪر آهن. وچ ۾ ننگر پارڪر شهر وٽ جبلن جي هڪ وڏي قطار ڪڪڙ جي بيضي وانگر ڦري اچي ٿي، جنهن جي وچ ۾ ماٿريون آهن. اها قطار ڪارونجهر سڏجي ٿي. انهيءَ گول قطار جي ٻاهرين گولائي، ڪي 32 ميل ۽ ڪي 20 ميل ٻڌائين ٿا. پر سنڌ گزيٽيئر ۾ 12 ميل ڄاڻايل  آهي. وڏي جبل جي چوٽي زمين جي سطح کان هزار فوٽ مٿي آهي. (1)

هيءَ ٽڪري ننگر اپرڪر شهر جي ڀرسان ڏکڻ الهندي طرف ۽ ڪڇ جي رڻ جي اتر- اڀرندي ڪنڊ تي آهي. ٻين جبلن وانگر هن جو پٿر تمام سخت نه آهي، ته به عمارت جي ڪم اچڻ جهڙو آهي. هتي هندن جي تيرٿ جا ڪي آستان آهن ۽ ڪيترائي قدرتي نظارا ڏسڻ جهڙا آهن.

سارڌرو:

ننگر پارڪر شهر کان ڏکڻ -  الهندي طرف ٻن ميلن جي پنڌ تي ٽڪريءَ جي اندر آهي. جو گورڌري نئن جي منهن وٽ آهي. اتي مهاديو جو هڪ مندر آهي ۽ پاڻيءَ جو هڪ ڪُن آهي جو اونهو آهي ۽ سدائين پاڻي سان ڀريل رهي ٿو. منجهس برسات جو پاڻي اچي ٿو. عام طرح هندن جو چوڻ آهي ته ڪنهن ويد يا شاستر ۾ ڪارونجهر جي اُنهيءَ ڪُن جو ذڪر آيو آهي ۽ اهو اعتقاد رکيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن مُردي جا هڏا هن ڪُن ۾ وڌا ويندا ته گويا اُهي گنگانديءَ ۾ وڌا ويا! ڪُن جي مٿان ديويءَ جو هڪ مندر آهي، جتي شِوَجو لُنگ به ٺهيل آهي. اتي هندو ماڻهو مئل ماڻهن جي ڪريا ڪرم ڪندا آهن، ۽ انهن جا هڏا (شنک) انهيءَ ڪُن ۾ وجهندا آهن. هتي مارچ مهيني ۾ شوراتڙيءَ جو هر سال ميلو لڳندو آهي، جو هڪ ڏينهن هلندو آهي. سارڌري کان مٿڀرو پاراشر جو آستان آهي، جتي هڪ هنڌ چون ٿا ته پاراشر رشي ڏهه هزار سال بيهي تپشيا ڪئي هئي. پير جي هر هڪ آڱر تي هڪ- هڪ هزار سال بيٺو هو. آڱرين جا اهڙا ڏهه نشان جبل تي اڄ تائين موجود آهن.

گئو مکي:

سارڌري کان ڏکڻ طرف ميل کن پنڌ پري ٽڪريءَ ۾ آهي. هتي ٻن ٽڪرين جون چوٽيون اچي پاڻ ۾ گڏجن ٿيون. جتان برسات جو پاڻي آبشار جي صورت ۾ ٽيهارو فوٽ هيٺ ڪري ٿو. جبلن جي چوٽين جي گڏجڻ ڪري قدرتي طرح پٿرن مان ڳئون جي شڪل ٺهي پيئي آهي، جنهن جي ٿڻن مان اهو گڏ ٿيل پاڻي سمي سدائين پيو هيٺ وهي. (1). (پٻ جبل ۾ به هڪ هنڌ ڳئون جي ٿڻن جهڙا ڳوڙها آهن جتان چون ٿا ته اڳي کير وهندو هو ۽ هاڻي پاڻي وهي ٿو. ) (2) اتي ڪو ميلو ڪونه لڳندو آهي، پر هندو ماڻهو هن کي تيرٿ سمجهي زيارت (درشن) لاءِ ايندا آهن، جنهن لاءِ ڪو وقت مقرر ٿيل نه آهي.

ڀيم ڪُن:

گئو مکي جي اتر پاسي 25 کن وکن تي پاڻيءَ جو هڪ ڪُن آهي جنهن جي ويڪر 20 فوٽ ۽ ڊيگهه 30 فوٽ کن آهي، جو سدائين پاڻيءَ سان ڀريو پيو آهي. هن کي ”ڀيم گوڏا“ به چوندا آهن. هي تمام اونهو آهي.

انچلشور:

ننگر پارڪر جي اتر- اولهندي طرفن ميلن جي پنڌ تي ٽڪريءَ جي اتاهينءَ جي اڌ پنڌ تي، وچ ۾ هي آستان آهي. هن کي انچلاس به چوندا آهن، جتي مهاديو جو لُنگ ٺهيل آهي. انهيءَ جاءِ تي پاڻيءَ جا لاڳيتو ٽي چشما آهن، جي ڌار ڌار ويجهين ٽن ٽڪرين مان نڪرن ٿا. وڏن پٿرن جي آڏو اچڻ سبب انهن چشمن جو پاڻي پٿرن جي هيٺان وهي ٿو ۽ ٻارهن ئي مهينا وهندو رهندو آهي. انچلاس جي آستان تي ديوان سترامداس عامل رهندڙ حيدرآباد سنڌ جي (جو ننگر پارڪر ۾ سب انسپيڪٽر پوليس هو) هڪ مسافر خانو ٺهرايو هو. جنهن ۾ ساڌو سنت ۽ فقير ماڻهو اچي رهندا آهن ۽ ڀڄن- ڀاو ڪندا آهن. هتي ڦڳڻ چانڊوڪي يارهينءَ جو ميلو به لڳندو آهي، جو هڪ ڏينهن هلندو آهي. هن ٽڪريءَ جي تمام اُتاهين چوٽي ننگر پارڪر شهر جي ڀرسان سڌو ڏکڻ طرف ”صاحب چنگا“ نالي آهي. مٿس ٽريگنا ميٽريڪل جي دڙي ٺهيل آهي، جا ٿلهي وانگر ۽ پڪي چن سان لتل آهي.

جهرڻو:

جهوني ڪاسبي ڳوٺ جي ڀرسان جوگا ميرو تلاءُ آهي، ان جي اڀرندي پاسي جبل جي تري ۾ هڪ جهرڻو آهي، جتان بڙ بڙ ڪري پاڻي پيو نڪري، جو فوٽ کن مٿي کڄي  هيٺ ڪري آسپاس ريلا ٿيو وڃي.

ٻائن جو ٻيسڻو:

جهوني ڪاسبي جي ڀرسان اوڀر هڪ طرف هڪ پٿر آهي، جنهن جي هيٺيان خال آهي ۽ مٿان ڇٽيءَ وانگر ڇٿ اٿس جنهن جي هيٺيان اٽڪل ويهه کن ماڻهو ويهي سگهن ، جو ٽن پاسن کان بند ٿيل آهي. چون ٿا ته اڳي جڏهن ملڪ ۾ امن امان ڪونه هو ۽ بي بندوبستي هئي. ان وقت ڌاڙا لڳندا هئا، تڏهن ڌاڙيلن کي پريان ايندو ڏسي دهل وڄايو ويندو هو. اهو ٻڌي ڳوٺ جون عورتون پاڻ بچائڻ لاءِ هن پٿر جي هيٺان وڃي لڪنديون هيون ۽ مرد ماڻهو کليل پاسي کان هڪ وڏي پٿر جي ڇپ ڏيئي ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ بي اوکا ٿي هٿيار کڻي وڃي ڌاڙيلن جو مقبالو ڪندا هئا.

چندڻ گڍ:

هي قلعو راڻي چندڻ سنگهه پٽ گوبندراءِ جو ٺهرايل هو. جنهن کي چندڻ گڍ چوندا هئا. جڏهن پارڪر جي راڻن بغاوت ڪئي، تڏهن مئي 1859ع ۾ انگريزي فوج ڪرنل ايونس جي ڪمان هيٺ ننگر پارڪر تي چڙهي آئي هئي ۽ اهو قلعو توپن سان اُڏائي ڇڏيائين(1).

.هن ٽڪريءَ جي چوڌاري ننگر پارڪر، ڀوڏيسر، موندرو مئو، آڌيگام، کارڙيو، ڪاسبو ۽ گهرٽياري وغيره ڳوٺ آهن، تن مان ننگر پارڪر جو ڳوٺ  سڀني کان وڏو تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. انهن ڳوٺن ۾ واپاري ۽ ٻيا ڪاشتڪار ماڻهو رهن ٿا. هن ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ ڪيترائي ڪولهي ۽ ٻيا، گهر جوڙي رهندا آهن جي اڪثر مزور ماڻهو آهن، مگر سانوڻيءَ ۾ اُهي به پوک جو ڪم ڪندا آهن. اُهي ڪارونجهر ٽڪريءَ مان گاهه ۽ ڪاٺين جون ڀريون ڪري اچيو مٿين ڳوٺن ۾ وڪڻن. گاهه کانسواءِ گُگراني، ڪونڀٽ، ٿوهر، سرهه، ڄار، ٻٻر وغيره قسمن جا وڻ به آهن. گُگراني مان گگر ۽ ڪونڀٽ مان کونر، ماکيءَ جون مکيون به گهڻيون ٿينديون آهن، جنهن ڪري ماکي جام پيدا ٿئي ٿي. اُها به ٻين ملڪن ڏانهن واپاري ماڻهو وڪري لاءِ موڪليندا آهن. هن ٽڪريءَ ۾ سوئر، بگهڙ سوئر، گدڙ، چراخ (رجک) وغيره جهنگلي جانورن رهن ٿا ۽ مور پکي به هن ۾ گهڻا آهن، ڪارونجهر جي ٽڪريءَ مان نديون يا نئيون اهڙيون ڪونه ٿيون نڪرن، جنهن ڪري آباديءَ کي فائدو رسي، مگر برسات پوڻ بعد ڪنهن نئن ۾ ٻه چار ڏينهن ۽ ڪنهن ۾ هڪ ٻن مهينن تائين پاڻي وهندو آهي. انهن مان گورڌڙو، ڀٽياڻي، موندرو ۽ سابوسڻ مکيه نئيون آهن. گورڌڙو اڀرندي پاسي وهي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوي ٿو. ڀٽياڻي اوڀر طرف نڪري گورڌري سان گڏجي ٿي. مطلب ته سمورين نين جو پاڻي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوندو آهي.

هن ٽڪريءَ جي چوڌاري وڏا وڏا تلاءُ آهن جن مان ڪن ۾ ٻارهن مهينا پاڻي رهندو آهي، ڪن ۾ پنج ڇهه مهينا ۽ ڪن ۾ ٻه ٽي مهينا پاڻي هوندو آهي. جن تلائن ۾ پاڻي رهندو آهي، تن مان هڪ لورائيءَ جو تلاءُ ڳوٺ گهر ٽياريءَ جي ويجهو آهي ۽ ڀوڏيسر جو تلاءُ ڳوٺ ڀوڏيسر جي ويجهو آهي،جنهن جي سنڌ گزيٽئر موجب ڊيگهه 400   فوٽ ۽ ويڪر 200 فوٽ آهي. تنهن کان سواءِ ڀاڻسر، نرياسر ۽ راڻاسر وغيره تلاءَ آهن جن ۾ چئن مهينن کان اٺن مهينن تائين پاڻي رهي سگهي ٿو. لورائيءَ جو تلاءُ سال 1900ع  ۾ برسات جي پاڻيءَ سان ڀرجي پيو هو، جو سال 1912ع ۾ برسات گهٽ پوڻ سبب سڪي ويو. ٻارهن سال سانده پاڻيءَ سان ڀريل رهيو.

ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ ڪيترائي قديم ڦٽل ڳوٺن جا کنڊهر  آهن، جي اڳئين زمان جي يادگيري ڏياري رهيا آهن.

8- تلاءُ

ٿر ۾ واريءَ جي ڀٽن هئڻ ڪري ندي، واهه يا ڍنڍ ڪانهي. ماڻهو پيئڻ لاءِ کوهن جو پاڻي ڪم آڻين. کوهه بلڪل اونها ٿا ٿين، جنهن جي ڪري پاڻيءَ جي سخت تڪليف آهي. ڪٿي ڪٿي ته چئن پنجن ميلن تان به ماڻهو پيئڻ جو پاڻي آڻيندا آهن. مئي، جون ۽ جولاءِ ۾ برسات پوڻ وقت تلائن ۾ پاڻي ڪٺو ٿيندو آهي، پر تلاءُ به بلڪل ٿورا آهن، جن ۾ پاڻي به ٿورو وقت رهندو آهي، برسات تي به پروسو ڪونهي. ڪٿي ڪٿي ته ننڍا ٽوڀا آهن، جن ۾ پنج- ست ڏينهن مس پاڻي رهندو آهي. مکيه تلاءَ هي آهن :

ڇڇي تلاءُ: قابل شاهه ڳوٺ جي اوڀر طرف، ڇڇي جي ڏهر ۾ آهي. هن ۾ اٽڪل اڍائي مهينا کن برساتي پاڻي رهندو آهي.

آڻند جي ترائي: گڍڙي کان ٻه ميل ڏکڻ طرف، ننگرپار ڪر ڏي ويندڙ رستي تي آهي. هن ترائيءَ ۾ ٽي- چار مهينا پاڻي رهندو آهي.

گڍڙي جوتلاءُ: گڍڙي شهر جي ڏکڻ طرف آهي. هن ۾ ڇهه مهينا کن پاڻي رهندو آهي.

راڻاسر تلاءُ: چيلهار ڳوٺ جي اتر طرف ڏيڍ ميل پنڌ تي عمر ڪوٽ ڏي ويندڙ رستي تي آهي. هن ۾ پنج – ڇهه مهينا پاڻي رهندو آهي. چيلهار ۾ ٻي آ ڇڇي نالي ترائي ۾ ٽي – چار مهينا پاڻي رهندو آهي.

ڪاٺو تلاءُ: چارنور جي اوڀر طرف ميل پنڌ تي آهي، ڌوڪاري جي ڏهر ۾ چار مهينا پاڻي رهي ٿو.

کينئسر جو تلاءُ: کينئسر ڳوٺ ۾  اوڀر طرف آهي. هتي چار مهينا پاڻي رهي ٿو.

مٺيءَ جو تلاءُ: مٺي شهر جي ڏکڻ طرف، هن ۾ اٽڪل ٽي مهينا پاڻي رهي ٿو.

ڀوڏيسر جو تلاءُ: ڀوڏيسر ڳوٺ وٽ، هن ۾ ست اٺ مهينا بعضي ٻارهن مهينا به پاڻي رهي ٿو.

سانگاهه ۽ لورائي: پارڪر ۾ وڏا تلاءَ آهن جن جوبيان اچي چڪو آهي. ازان سواءِ ٻيا به ڪيترا ننڍا ننڍا تلاءَ آهن جن ۾ ٿورو گهڻو پاڻي رهي ٿو.

9- ٿر جا ڀاڱا

ملڪ جي بيهڪ، طبعي بناوت، زمين جي خاصيت، ڀلائي، ڍلائي ۽ ٻين سببن جي ڪري ٿر جا جدا جدا ڀاڳا آهن، جيئن ته:

1- کائڙ: ڇاڇري شهر کان وٺي اوڀرطرف ٿورو ۽ اتر طرف گڍڙي تائين، هن ڀاڱي کي کائڙ چوندا آهن. هن ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀٽون ننڍيون آهن ۽ وڏا ۽ ڊگها وڻ گهٽ آهن. هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو اتر وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو.

2- ڪنٺو: هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو ڏاکڻون ڀاڱو ۽ ننگرپارڪر تعلقي جو اتر وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. هتي جي زمين ڀلي ۽ آباديءَ لائق آهي، جنهن ڪري کيتي سٺي ٿيندي آهي.

3- پارڪر: هن ۾ ننگر پارڪر تعلقي جو ڏکڻ وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. زمين سنئين ۽ ڪڪرالي آهي. هتي واريءَ جون ڀٽون ڪونه آهن، رائو گهڻو آهي. ڪارونجهر ٽڪري هن ئي ڀاڱي ۾ آهي.

4- سامروٽي: هن ۾ مٺي تعلقي جو ڏکڻ- اولهه ۽ ڏيپلي تعلقي جو اتروارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. هتي جي زمين ڀلي آهي، جنهن ڪري ڪڻڪ ۽ بصر به ٿئي.

5- ونگو: هن ۾ ڏيپلي ۽ تعلقي جو ڏکڻ – اولهندو ڀاڱو اچي وڃي ٿو.

6- وٽ: هن ۾ ڏيپلي ۽ مٺي تعلقن جا ڏکڻ وارا ڀاڱا اچن ٿا. هي زمين جو ٽڪرو ڪڇ جي رڻ سان دنگئي ۽ ويجهو آهي، جنهن جي ڪري هتي پاڻي تانگهو آهي.

7- مهراڻو:اڱوڻيءَ مهراڻ نديءَ جي وهڪري جي ڀر وارو ڀاڱو آهي. هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو اولهه ۽ عمر ڪوٽ تعلقي جو ڏکڻ – اوڀر وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا.

8- ڍاٽ: هي سڄي ٿر جي وچ وارو ٽڪرو آهي. هن ۾ عمرڪوٽ تعلقي جو ٿورو ٽڪر، ڇاڇري تعلقي جو گهڻو ۽ مٺي تعلقي جو ڪجهه اتريون ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هن  ڪري سڄي ملڪ کي ڍاٽ به سڏيندا آهن ۽ رهاڪن کي ڍاٽي چئبو آهي.

9- اڇڙو ٿر: هن عمر ڪوٽ تعلقي جو اتريون ڪنارو ۽ کپري تعلقي جو اتر- اڀر وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو ۽ اڳتي خيرپور رياست ۽ جيسلمير تائين دنگ اٿس. هن کي بوئٺ ۽ ڊيئا به چوندا آهن. هتي آبادي گهٽ ۽ ماڻهن جي بستي ڇڊي آهي.

(ب) ٿر جي پراچين حالت

ايامن کان وٺي ڌرتيءَ جي مٿاچري تي ڪئين تبديليون ٿينديون رهيون آهن. ٿر ۾ واريءَ جون ڀٽون آهن، جن جو مثال ائين سمجهجي جيئن سمنڊ ۾ لهرين ۽ ڇولين وقت سمنڊ جو مٿاڇرو هيٺ مٿي نظر ايندو آهي. اهي ڀٽون ڪي هوا لڳڻ سان ڪونه ٺهي سگهيون هونديون. ڪي چون ٿا ته اُتي اڳي سمنڊ هو(1). نه رڳو اهو ٽڪرو پرسارو ڪڇ ملڪ به سمنڊ جي تري ۾ هو (2). رامائڻ واري وقت ۾ راجپوتانا جاڪي ڀاڱا به سمنڊ هيٺ هئا(3)، ۽ سمنڊ جي ڇولين جي ڪري قدرتي واريءَ جا دڙا ٺهي پيا هئا، جي سمنڊ جي سڪي وڃڻ ڪري ظاهر ٿي بيٺا آهن. ٿر ۾ اڃا تائين ڪٿي زمين تي شنک، ڪوڏيون، کانکروٽا، رائو (پٿرن جي ڀور) ۽ ٻيون اهڙيون شيون لڀن ٿيون جي سمنڊ هئڻ جي ثابتي آهن ۽ واريءَ جون ڀٽون جيڪي آهن، سي سڀ اتر- اوڀر کان ڏکڻ – اولهه ڏي آهن، جي چمڪندڙ ۽ صاف واريءَ سان سٿيون پيئون آهن. اهي بلڪل اوچيون آهن ۽ سڀيئي ساڳئي رخ تي آهن، جنهن جي ڪري ئي چيو وڃي ٿو ته اهي سمنڊ جي ڇولين جو نتيجو آهن.

ٿر جي واريءَ جو رنگ ڳاڙهو آهي جو ڪراچي ۾ ڪلفٽن وٽ گڏ ٿيل واريءَ جهڙو آهي ۽ نه ته مٺي درياءَ جي ڇڏڻ ڪري جيڪا واري ڏسبي آهي، اها سفيد هوندي آهي. ۽ ڳاڙهي. ٿر ۾ خاص ڪري ڏيپلي تعلقي ۾ لوڻ جا سن آهن جن مان سارڻ جو سَن مشهور آهي. انهن سنن جو پاڻي سمنڊ جهڙو کارو آهي جو هيٺان نڪري ٿو. واريءَ ۾ پٿرن جي پور يعني رائو به ندين جي وهڪري ۾ آيل ڇولين سبب ڀڄي ذرا ذرا ٿيل آهي. ٿر ۾ ٽن- چئن پرهن (پرهه: پنج فوٽ)هيٺ پٿر آهي جنهن کي روهه چوندا آهن. سمنڊ ۾ به هيٺ پٿر ٿيندا آهن. ٿر جي جي کوهن ۾ گهڻو ڪري پاڻي کارو ۽ ٻاڙو آهي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اڳ اُتي ضرور سمنڊ هو، نه ته مٺي درياءُ جي ڇڏيل ملڪ جو پاڻي ضرور مٺو ٿيندو آهي.

ڪي چون ٿا قديم زماني ۾ ضرور ڪو سخت زلزلو، مصيبت جي صورت ۾ هن ملڪ تي آيو هوندو،جنهن زمين جي اها حالت پيدا ڪئي. اهڙا زلزلا وقت به وقت ٿين پيا، جي زمين جي صورتحال بدلائي ڇڏين ٿا. جيئن ته سنڌ ۾ هڪ زلزلو راجا ڪيشي ڪمار جي وقت ۾ سندس ظلمن سبب 536 ق-م ۾ ٿيو، جنهن ۾ گاديءَ جو هنڌ ۽ ڪيترا شهر ناس ٿي ويا(1). سن 962ع جي زلزلي ڪري سنڌو ندي پنهنجو رخ بدلائي ويئي (2) الور جو شهر ناس ٿي ويو. برهمڻ آباد جو ناس ٿيڻ به زمين جي زلزلي جي ڪري ٿيو. 1819ع ۾ سنڌ اندر اهڙو ته موتمار زلزلو آيو جوسنڌ ۽ ڪڇ جي رڻ جي گهڻي صورت بدلجي ويئي. ويجهڙائي ۾ سن 1934ع ۾ بهار جو زلزلو ٿيو، جنهن بابت پنڊت جواهر لال نهرو لکي ٿو ته ”روبرو ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته اتي ڪيترن هنڌن تي وڏا خال ۽ ٻرگهل ٿي پيا هئا. واهن ۽ ڪڙين وغيره جون پليون ڊهي پيئون هيون ۽ سڄي ايراضي پاڻي جي ڍورن ۽ واريءَ جي ڊٻن وارو برپٽ ٿي پيئي هئي، ڄڻ ته ڪنهن راڪاس بهار پرانت کي مٽيءَ جو پنوڙو سمجهي هٿن ۾ اٽي وانگر ڳوهي مروٽي سروٽي صورتحال ئي ڦيرائي ڇڏي هئي(3) مئي 1935ع ۾ ڪوئيٽا جي زلزلي ڪري به زمين جي حالت بدلجي ويئي هئي. اهڙيءَ طرح ٿر ۾ به زلزلي جي ڪري سمنڊ جي پاڻي هٽي وڃڻ ڪري زمين هيٺ مٿي دڙا ۽ ڀٽون ٿي پيئي آهي.

ڪپتان اسٽئنلي نيپئر ريڪس سال 1847ع ۾ ڪڇ ڀڄ ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيو. مٺي، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر تعلقا، جي انهيءَ سال برٽش سرڪار جي حفاظت هيٺ آيا، تن جو انتظام ڪپتان ريڪس جي حوالي ڪيو ويو، جنهن جو هيڊڪوارٽر ڀُڄ هو. هن صاحب سرڪاري رڪارڊ ۽ ملڪي روايتن مان کوجنا ڪرڻ بعد ٿر ۽ پارڪر جي حالتن تي هڪ ڪتاب سال 1856ع ۾ لکيو، جو سال 1859ع ۾ بمبئي سرڪار ڇپائي پڌرو ڪيو. اهو پهريون ڪتاب آهي جو ٿر ۽ پارڪر جي اڳين ۽ پوين حالتن تي ڪجهه روشني وجهي ٿو. ڪپتان ريڪس جي تحقيقات موجب پارڪر ۾ هڪ قديم سلطنت جو پتو لڳي ٿو، جنهنجو مکيه شهر پاري ننگر هو، جنهنجو بيناد عيسوي پهرين صديءَ ۾ چوڻ ۾ اچي ٿو. ماڻهن جو مذهب جين ڌرم هو. انهيءَ وقت پاري ننگر جي آدمشماري چاليهه هزارهئي ۽ وڏو بندرگاهه هو. جو هاڻي ڪڇ جو رڻ آهي، سو خود عربي سمنڊ جو ڀاڱو هو ۽ جهاز سڌا لنگهي پاري ننگر جي بندر تائين ايندا هئا، جو هاڻوڪي ننگر پارڪر کان چوڏهن ميل ۽ ويراواهه جي اڀرندي طرف هو. ان وقت سنڌو ندي جي هڪ شاخ اُتان وهي ننگر پارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي، جا هاڪڙي جي نالي سان سڏبي هئي. نديءَ جو هتان وهڻ ثابت ڪري ٿو ته ٿر ملڪ ان وقت سنئين سڌي زمين وانگر هو ۽ پوءِ جڏهن زلزلو آيو تڏهن ندي وهڪرو ڦيرائي ويئي، شهر غرق ٿي ويو ۽ ڪيترن ئي ميلن ۾ زمين هيٺ مٿي ٿي پيئي، جنهن جي ڪري ڀٽون پيدا ٿي پيئون. عربي سمنڊ هتان هٽي سُڪي ويو، جنهن ڪري هاڻوڪي ڪڇ جو رڻ ظاهر ٿيو. ڪهڙي زماني ۾ اهو زلزلو ٿيو، تنهن بابت ڪپتان ريڪس يا ٻئي ڪنهن به تاريخ نويس نه ڄاڻايو آهي.

ڪپتان ريڪس، جنهن ٿر جي حالتن  جو خاصو مطالعو ڪيو آهي، سو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”ٿر جي زمين جو ڀٽن جي شڪل ۾ ٿي وڃڻ، ڌرتيءَ جي ڪنهن سخت اٿل پٿل جو نتيجو آهي، جيئن ڌرتيءَ جي ڌٻڻ يا زمين جي اندر واري طاقت جي پلٽي کائڻ سان ٿئي. هوائن جي لڳڻ سان ائين ڪونه ٿيندو، باقي هاڻي هوائون ڀٽن جي شڪل ۾ ٿوري ڦيرگهير ڪن پيئون“ (1).

جيڪڏهن واريءَ جون ڀٽون سمنڊ جي ڇولين جي ڪري ٺهيون ۽ پوءِ سمنڊ جي سُڪي وڃڻ جي ڪري ظاهر ٿي بيٺيون ته پوءِ سنڌو ندي جي شاخ هاڪڙو ندي ڀٽن هوندي ٿر مان ڪيئن وهي سگهي هوندي، جنهنجي وهڻ بابت ٽاڊ راجستان ۽ ٻين ڪيترين ئي تاريخن ۾ ثابتيون آهن. نديءَ جي وهڪري ڪري اتهاسڪار انهيءَ راءِ تي پهتا آهن ته واريءَ جون ڀٽون سمنڊ جي سڪي وڃڻ بعد پوءِ ڪنهن زلزلي سبب ٿيون آهن، پر جي زلزلي سبب ٿين ها ته سڀئي ساڳئي رخ يا ڊول تي اتر-اوڀر کان ڏکڻ-اولهه ڪونه ٿين ها، ضرور آڏيون ابتيون ٿين ها. تنهنڪري ڀٽن جي ٺهڻ جو ڪارڻ پڪ سان چئي نٿو سگهجي ۽ نڪو ڪنهن به تاريخدان انهيءَ بابت پنهنجو آخرين رايو ڏنو آهي. ٿر جي ڀٽن جي بناوت ۽ بيهڪ مان اهو رايو وڌيڪ وزنائتو ٿئي ٿو ته اهي سمنڊ جي ڇولين جو نتيجو آهن ۽ نه زلزلي جو ڪارڻ.

ڪيترا ماڻهو چوندا آهن ۽ عام طرح ائين سمجهبو آهي ته ٿر هڪ ويران ۽ سڃو ملڪ پئي رهيو آهي، جنهن کي ڪابه تاريخي حيثيت ڪانهي مگر ائين نه آهي. ٿر جي تاريخ بابت ڪنهن به صاحب ڪڏهين خير ڪا تڪليف ورتي آهي. ٿر ۾ ڪيترا جهونا کنڊهر ۽ کوهه لڌا ويا آهن، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اتي اڳي ماڻهن جون آباديون رهنديون هيون. جيتوڻيڪ وڏا شهر بلڪل ڪونه هئا ته به اڄوڪي جهڙو وسندڙ ملڪ هو، بلڪ انهيءَ کان به وڌيڪ آباد هو.

1- ڪڇ جو رڻ

ڪيترين ئي روايتن موجب راجپوتانا، ٿر ۽ ڪڇ جا ملڪ سمنڊ جي تري ۾ هئا. جتي هينئر سُڪي آهي اُتي ڪو وقت اڳي پاڻيءَ جون لهرون پئي لڳيون پوءِ زلزلي سبب يا ٻي ڪنهن خدائي قدرت سبب زمين مٿي چڙهي آئي، جنهنڪري سمنڊ جو پاڻي هٽي ويو ۽ سُڪيءَ جا ڀاڱا ظاهر ٿي بيٺا، پر ڪڇ جي رڻ واري زمين اڃا هيٺ هئي ۽ اهو عربي سمنڊ جو ڀاڱو هو ۽ ان وقت سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ هاڪڙو نالي پنجاب مان نڪري امرڪوٽ جي اڀرندي پاسي کان لنگهي ننگرپارڪر وٽان وهي ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. مطلب ته ڪنهن وقت ڪڇ جي رڻ ڏي سمنڊ جو منهن هو ته ڪنهن وقت مٺي درياءُ جو.تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته عيسوي سن کان سواءِ ٽي سئو ورهيه اڳي جڏهين سڪندر اعظم سنڌ مان ٿي لنگهيو تڏهين به اُتي سمنڊ جي پاڻيءَ ڇوليون پئي هنيون(1). ڪي صديون پوءِ به اُتي پاڻي هو.

60 عيسوي ۾ يوناني سياح پيريلس اُتان لنگهيو هو، جنهن به ڪڇ جي رڻ بابت ذڪر ڪيو آهي ته اُتي پاڻي هو. الائسي ريڪلس چوي ٿو ته ”رڻ چوٿين صديءَ تائين کليل سمنڊ هو، پوءِ ڌرتيءَ جي سخت ڌوڏن سبب زمين هيٺ مٿي ٿي ويئي ۽ رڻ ٺهي پيو ۽ سمنڊ هٽي ويو. ننگرپارڪر جي اتر- اڀرندي ۾ جو ويرانو آهي، سو دراصل سامونڊي بندر ۽ واپاري مرڪز هو“ (1)

سن 1024ع ۾ سلطان محمود غزنوي سومناٿ جي مندر تي ڪاهه ڪرڻ بعد ڪڇ جي رڻ مان ٿي موٽيو، ته جنهن تنهن پئي ڊپ ڏنس ته هتي جون لهرون تنهنجو لشڪر لوڙهي ڇڏينديون. شايد سگهوئي پوءِ پاڻي ڪو سڪو آهي جو سن 1360ع ۾ سلطان فيروز شاهه جي لشڪر ڪيتريون ئي راتيون رڻ ۾ گهاريون. پر اُن وقت هتي جي پاڻيءَ جو ڪوبه ذڪر ڪونهي. فقط ڪن خاص ٽڪرن ۾ پاڻي هو(2).

ڪڇ جو رڻ اڀرندي کان الهندي ڏي اسي ڪوهن ۾ ۽ اُتي کان ڏکڻ ڏي ستٽيهن ڪوهن ۾ سُڃ لڳائي بيٺو آهي. ٽاڊ راجستان موجب اُن جي ديگهه 150 ميل ۽ ويڪر ڀُڄ کان ٻلهياري تائين 70 ميل آهي(3). اُن جي جملي پکيڙ 7 هزار چورس ميل آهي(4).

ائين سمجهڻ نه گهرجي ته ڪو سن 1362ع ۾ انهيءَ سموري ايراضي ۾ پاڻي ڪونه هو. اڄ تائين ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ طرف ڳوٺ رحمڪي بازار جي ويجهو پراڻ آهي. پراڻ لفظ جي معنيٰ آهي پُراڻو درياءُ. اڳي سنڌو ندي جي شاخ هتان وهندي هئي ته ڪڇ جي رڻ مان دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا، جي ڪناري وارن بندرن تي اچي پڳهه هڻندا هئا. ويڳاگڍ (وڳهه ڪوٽ)، وينگڍ (ونگو)، ٻلهياري، رحمڪي بازار ۽ ويراواهه سامونڊي بندر هئا (1). نديءَ جو پاڻي گهاڙي شيخاڻي، تعلقي بدين وارو رڻ پسائي لکپت تائين پهچندو هو(2).

سنڌ ۽ ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي حصي جو پيٽ ٿو معلوم ٿئي ۽ پوءِ ڪنهن طبعي يا قدرتي سبب جي ڪري مٿي چڙهي آيو آهي. هن ۾ ٻيو ڪوبه ساهوارو دائمي رهائش نٿو ڪري سگهي، سواءِ جهنگلي گڏهن (گورخرن) جي، جي رڻ جي ٻيٽن ۾ گاهه جي ڳولا لاءِ ڦرندا رهندا آهن. ڪن ٻيٽن ۾ کارو پاڻي پڻ آهي(3).

هاڻي رڻ جو گهڻو ڀاڱو سُڪو پيو آهي. ڪٿي ڪٿي رڃ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. گرمي سبب ڪٿي ڪٿي پوٺو تپندو آهي ته پريان پاڻيءَ جي ڏيکاري پيو ڏيندو اهي ۽ ويچارا هرڻ پاڻيءَ جي آسري تي ڊوڙي ڊوڙي ساهه ڏيندا آهن. واقفڪار کانسواءِ ٻيو ماڻهو به سچ پچ پاڻي سمجهندو. ننڍڙو پٿر به پري کان جبل جي ڏيکاري پيو ڏيندو آهي.

ٿر ۽ ڪڇ جي آمدرفت اُٺن رستي انهيءَ رڻ مان ٿيندي آهي، پر برسات پوڻ وقت رڻ ۾ پاڻي بيهندو آهي، جو بعضي ڪن هنڌن تي 4-5 فوٽ يا وڌيڪ اونهو به بيهندو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي گرڻيون يعني ڌٻڻيون به آهن، جن ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا وهٽ اٽڪيو ته نڪرڻ ئي مشڪل! جيئن جيئن نڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو، تيئن تيئن ويندو وڌيڪ ڦاسندو، تنهنڪري برساتي موسم (چوماسو) ۾ رڻ جي مسافري تڪليف واري آهي. ڪٿي ڪو واريءَ جو دڙو آهي، جتي ننڍن ٻوٽن کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه ٿئي. اهڙن هنڌن تي مسافر ساهي پٽي اُٺن کي چارو وغيره ڏيندا آهن.

2-هاڪڙو ندي

آرين جي اچڻ کان اڳ ڪڇ جو رڻ ۽ راجپوتانا جو ڪجهه حصو سمنڊ هيٺ هئا ۽ ڪڇ جو رڻ کنڀات جي نار سان ڳنڍيل هو. مهاڀارت جي زماني کان پوءِ عربي سمنڊ گهٽجندو ويو. اُن وقت سنڌو ندي جي هڪ شاخ هاڪڙو نالي اُتر ۾ پنجند وٽان نڪري بهاولپور، اڀرندي سنڌ (ٿر) عمرڪوٽ وٽان لنگهي، ننگرپارڪر وٽ ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ابوالفضل ”آئينِ اڪبري“ ۾ ۽ ٽاڊ ”راجستان“ ۾ هاڪري بابت اشارا ڏنا آهن.

رياست بهاولپور، جيسلمير ۽ ٿر ۾ ان جا ڦٽل نشان بيٺل آهن. ڪپتان ريڪس به لکي ٿو ته ”سنڌو نديءَ جي تاريخ هاڪڙو نالي ننگرپارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي، جنهن ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا ۽ ويراواهه جي ڀرسان پاري ننگر جو مشهور بند رهو، جتي اچي بيهندا هئا.“

ويراواهه جي ڀرسان هڪ ٽڪري آهي، جنهنجو نالو ڏوتڙ آهي. ڏو = ٻه، تڙ = درياءُ جو ڪنارو، جتي جهاز ۽ دنگيون بيهن. چون ٿا ته انهيءَ ٽڪريءَ وٽ اڳي ٻن جهازن جي بيهڻ لاءِ تڙ هو، تنهنڪري اهو نالو پيس.

درياءُ يا هاڪڙي جي پيٽ کي ”سنگها“ سڏين ٿا، اُن ۾ هاڻي پوک ٿئي ٿي. اُن وقت ٿر ۾ ڀٽون شايد ڪونه هيون ۽ زمين سنئين هئي، ۽ پوءِ ڌرتيءَ جي زلزلي سبب زمين جي هيٺ مٿي ٿيڻ ڪري، هاڪڙو ندي بند ٿي ويئي، ڇاڪاڻ جو اڳي سنڌ ۾ خوفناڪ زلزلا ٿيندا هئا.

هاڪڙو ڪڏهن بند ٿيو، ان بابت چٽي طرح چئي نٿو سگهجي، پر ڪئپٽن ريڪس لکي ٿو ته ”عيسوي پهرين صديءَ ۾ پاري ننگر وڏو بندرگاهه هو.“ انهيءَ مان انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته هاڪڙو ندي به شايد عيسوي پهرين صديءَ کان پوءِ بند ٿي هوندي.

3-مهراڻ ندي

آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌو نديءَ مان ڪيتريون ئي شاخون پئي نڪتيون آهن ۽ بند ٿيون آهن. خود سنڌو ندي به پيئي وقت به وقت وهڪرا ڦيرائي. آر-جي- بئنر جي بهاولپور رياست کان وٺي (جتان هاڪڙو نديءَ جو وهڪرو معلوم ٿئي ٿو) کيرٿر جبلن جي قطار تائين 18 جاين تي سنڌونديءَ جي جهونن وهڪرن جا نشان معلوم ڪيا آهن.

اڄ تائين ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ رحمڪي بازار جي ويجهو پُراڻ آهي. پراڻ لفظ جي معنيٰ آهي پراڻو درياءُ. ڪي چون ٿا ته سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ اڳي اُتان وهندي هئي. سنسڪرت ۾ سنڌو معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ، اُن جو ڌاتو يا بنياد آهي ”سينڌ“، معنيٰ وهڻ. جنهن سنڌوءَ جي بنيادي معنيٰ آهي ”جا سدائين پيئي وهي“. اهو سٿين يا تاتاري نالو آهي. سنسڪرت ۾ مهارڻو، مها =وڏو ۽ اَرڻو= جل. سمنڊ يا وڏو سمنڊ. سمنڊ جو پاڻي کارو ٿيندو آهي، پر هن نديءَ جو پاڻي مٺو هو، جنهنڪري اُن کي مٺو مهراڻ ڪري چوندا هئا ۽ ڪڇ جي رڻ مان ٻيڙيون ۽ جهاز هلندا هئا، جي رحمڪي بازار ۽ ٻلهياري (تعلقي ڏيپلي) وٽ اچي پڳهه هڻندا هئا، جنهنڪري اهي بندر هئا ۽ نديءَ جو پاڻي رڻ مان وهي لکپت تائين پهچندو هو ۽ لکپت جي ساريال پوک جو مدار ئي انهيءَ پاڻي تي هو.

هن بابت ڪرنل جيمس ٽاڊ لکي ٿو ته ”بکر کان اتر 7 ميل پنڌ تي سنڌو نديءَ مان هڪ شاخ نڪري لکپت جي ڀرسان سمنڊ ۾ پوي ٿي. اها سنڌ جي اوڀر پاسي ڀٽن جي ڀرسان وهي ٿي. هن کي مٺي ندي يا مٺو مهراڻ چون ٿا. (1). انهيءَ ڪري اڄ تائين ڀٽن جي ڏاڍي زمين جي دنگ واري ٽڪر کي ”مهراڻو“ چوندا آهن. هيءَ ندي هاڪڙو شاخ بند ٿيڻ کان پوءِ وهندي هئي.

هينري ڪزنس لکي ٿو ته ”قديم زماني کان وٺي سنڌ ۾ ٻه وڏيون نديون وهنديون هيون: هڪڙي هاڻوڪي سنڌو ندي ۽ ٻي مهراڻ ندي. سن 962ع ۾ هڪ خوفناڪ زلزلو آيو، جنهن سکر ۽ بکر وارا ٽڪر ٽوڙي ڇڏيا. انهيءَ زلزلي سبب الور وٽان مهراڻ رخ ڦيرايو ته پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب شهر ڦٽي ويو.“ (2)

چوڻ ۾ اچي ٿو ته مهراڻ ندي وڳهه ڪوٽ جي ڀرسان وهندي هئي ۽ اڄ تائين وڳهه ڪوٽ جي ويجهو زمين مان پاڻيءَ جون ڳريل ڪاٺيون ۽ ٻيا اهڙا نشان ملندا آهن، جنهن مان سمجهجي ٿو ته مهراڻ ندي ضرور اڳي اِتان ئي وهندي هئي.


(1)  ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي.

(1)  جي ڊبليو - سمٿ جو گزيٽيئر واليوم بي، ”ٿر پارڪر ڊسٽرڪٽ“ سال 1999ع صفحو 31

(1)  ڀٽن جي اوچائيءَ لاءِ ڏسو گريٽ ٽريگنا ميٽريڪل سروي آف انڊيا. سال 1863ع، صفحه 163- 166.

(1) سنڌ گزيٽيئر، واليوم بي، ٿر پارڪر ڊسٽرڪٽ. سال 1919ع صفحو 3.

(1)   گرنار ۾ آنٻاجي جو ڏهرو آهي، اتان دتاتريه رشي جو آستان هڪ ڪوهه پنڌ تي آهي، جتي هڪ جهرڻو آهي. جنهن جو منهن گانءِ جي منهن جهڙو آهي، جتان هميشہ پاڻي پيو وهي. هن کي به گئو مکي چوندا آهن. ڏسو تاريخ گجرات، گجراتي، مگن لال بخت چند سال 1870ع، صفحو 27

(2)  ”قديم سنڌي“ مرزا قليچ بيگ فريدون بيگ. صفحو 51

(1) سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، سال 1924ع، صفحو 46

(1)  سنڌ گزيٽيئر جلد پهريون صفحو 5. ”وقائع راجستان“ اردو ڀاڱو پهريون صفحو 88 ڇپيل لکنو سال 1952ع..

(2)  ڪڇ جو اتهاس“ گجراتي ڄيٽا ڀائي - ني- گانڌي انجار، صفحو پهريون

(3)  راجپوتانا اتهاس“، هندي ڀاڱو پهريون، جڳديش سنگهه گهلوت، صفحو 6.

(1)  ”سنڌجي هندن جي تاريخ“، جلد پهريون، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، صفحو 33.

(2)   ”پراچين سنڌو سڀيتا“، مهاراج دوارڪا پرساد شرما، صفحو 44.

(3)  ”جواهر جيوني“. سنڌي ترجمو، ڀاڱو ٻيو، کيڪ تيرٿ وسنت، صفحو 182

(1)  الوحيد اسپيشل ايڊيسنل ”سنڌ آزاد نمبر“، جون 1935ع، صفحو 75.

(1)  ”ٽاڊ راجستان“، انگريزي، جلد پهريون، صفحو 13

(1) ”دي ارٿ ائنڊ اٽس انهابيٽئنٽس آريونيورسل جاگرافي“، جلد پنجون، صفحو 142

(2) ”تاريخ فيروز شاهي“، بحواله هسٽري آف انڊيا، سرايلئٽ، جلد ٽيون.

(3)   ”ٽاڊ راجستان“، گجراتي، جلد پهريون، ڇپيل سستو ساهتيه پستڪاليه احمد اباد، سنبت 1982ع.

(4)  ”سنڌ جي تاريخ“، مرزا قليچ بيگ، سنڌي ايڊيسن سال 1903ع.

(1)  ”جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ واليوم VIII نمبر2، جون 1947ع، صفحو 88.

(2)  ”سنڌ گزيٽيئر“، صفحو 148-149.

(3)  ”امپيريئل گزيٽيئر“ جلد چوٿون، صفحو 59.

(1) ”ٽاڊ راجستان“، جلد پهروين، گجراتي صفحو 717.

(2)  ”ائنٽيڪئيٽيز آف سنڌ“، هينري ڪزنس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org