ڇپائيندڙ پاران
هيءُ ڪتاب ٿر جي تاريخ تي هڪ دستاويزي حيثيت رکي ٿو، جيڪو
سرڳواسي رائچند هريجن جي اڻ مَئي محنت جو ڦلُ آهي.
هن ڪتاب ۾ محقق ۽ تاريخ جي ماهر رائچند هريجن ٿر
جي طبعي، جاگرافيائي ۽ معاشي حالتن کان وٺي ٿري
ماڻهن جي اُٿڻي ويهڻي، رسم و رواج، تهذيب و تمدن
تائين هر موضوع تي مختصر پر جامع انداز ۾ ذڪر ڪيو
آهي. هيءُ ڪتاب سومرا دور کان موجودهه دور تائين
ٿر جي تاريخ جو هڪ آئينو آهي، جنهن ۾ ڪو به ٿر
ڄائو پنهنجي پراڻي تاريخ جو چهرو ڏسي عجب کائي
سگهي ٿو. پڙهندڙ حضرات هن ڪتاب جو مطالعو ڪندي
محقق جي ڪيل ڪاوش ۽ محنت کان منحرف ٿين، ائين ٿي
نه ٿو سگهي. ڪٿي ڪٿي مذهبي رنگ محقق جي ذهن کي
متاثر ڪيو آهي، پر اهو هڪ انساني ۽ فطري جذبو آهي،
جنهن کان بچڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي. سرڳواسي رائچند
هريجن سان ڪِن ڳالهين تي اختلاف راءِ رکي سگهجي
ٿو، پر محقق جنهن محبت، اڻ مَئي پيار ۽ جستجوءَ
سان هن تاريخي رٿا کي توڙ تائين رسايو آهي، ان
جذبي ۽ همٿ سان ڪوبه پڙهيل ڳڙهيل شخص اختلاف نه
رکندو.
ادبي بورڊ فاضل محقق جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي شعبي سان انهيءَ
لڳاءَ ۽ محنت جو قدر ڪري ٿو ۽ ڪتاب جو نئون ڇاپو
شايع ڪندي پڙهندڙ حضرات مان سٺي موٽ جي اُميد پڻ
رکي ٿو. بورڊ سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ
جي تاريخ بابت معياري ڪم ڪرڻ گهري ٿو. ادبي بورڊ
جي ماضيءَ واري تاريخ به اِن ڳالهه جي ثابتي ڏئي
ٿي. چچ نامو، تحفته الڪرام، جنت السنڌ وغيره سنڌ
جي تارخ تي، بورڊ جا ڇپايل بي مثال ڪتاب آهن.
موضوع جي مناسبت سان اهڙي نوعيت جا ڪتاب بورڊ جي
شروعاتي دور کان پوءِ نه اچي سگهيا آهن، جڏهن، ته
اها سنڌ به موجود آهي ۽ ان جا وارث به سلامت آهن!
ان جا ڪافي سبب آهن: ڪن ماڻهن جو خيال آهي، ته ان
دور کان پوءِ سنڌ قحط الرجال واري دور مان گذري
رهي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي تاريخ تي ڪم نه ٿي سگهيو
آهي. هاڻوڪي دور تي الزام آهن، ته هي دور پنهنجي
سفر ۾ علي ڪوفي، مير علي شير قانع، رحيمداد خان
مولائي، شيدائي، خداداد خان، عمر بن محمد دائود
پوٽي، علامه آءِ آءِ قاضي، مرزا قليچ بيگ، پير علي
محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي ۽ غلام محمد
گراميءَ جهڙيون علمي، ادبي ۽ تاريخي طرح قدآور
شخصيتون پئدا ڪري نه سگهيو آهي. ان ڳالهه کي ڪنهن
حد تائين مڃيندي چئي سگهجي ٿو، ته معتبر ليکڪن جي
اڻاٺ هوندي به ان وٽ اهڙا قلمڪار پڻ موجود آهن،
جيڪي جذبي ۽ پيار سان سنڌ جي تاريخ ۽ علم و ادب تي
ان کان به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. پر کين
اڃا اهڙو ماحول فراهم ڪري نه ڏنو ويو آهي. بورڊ
مستقبل ۾ سنڌ جي تاريخ تي سائنسي ۽ جديد انداز ۾
نئين سر ڪم ڪرڻ جو نيڪ ارادو رکي ٿو. تحقيق جي فن
۽ علم کي اڄ جي جديد ۽ سائنسي تقاضائن سان سلهاڙي
سنڌ جي جديد تاريخ تي ڪم ڪري سگهجي ٿو. اهو هاڻي
اڄ جي سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ ايڏو ڏکيو
ڪم نه رهيو آهي، جيڪو ڪم اڳ ڏينهن هفتن، مهينن ۽ سالن ۾ ڪري سگهبو هو، اهو
اڄ گهڙين ۾ ٿي وڃي ٿو. انٽرنيٽ ساري دنيا کي پاڻ ۾
ملائي هڪ پاڙو بڻائي ڇڏيو آهي. تاريخ سان دلچسپي
رکندڙ ماڻهن کي هيءَ سوکڙي آڇيندي خوشي محسوس
ڪريون ٿا.
ڄام شورو، سنڌ (انعام الله شيخ)
15-
صفر 1426 هجري سيڪريٽري
مطابق 26- مارچ 2005 سنڌي ادبي بورڊ
پيش لفظ
سنڌي ادبي بورڊ جي ٺهراءَ موجب، هيءُ ڪتاب بنده جي حوالي ڪيو
ويو، انهيءَ لاءِ شايع ڪرڻ کان اڳ نظرثاني ڪري اُن
۾ ضروري درستيون ڪيون وڃن. ابتدائي اسڪول جي هڪ
لائق استاد جو هيءُ قلمي ڪشالو قابل قدر سمجهي،
باوجود مشغوليءَ جي مون هيءَ خدمت بجا آندي ۽ سڄي
ڪتاب کي پڙهي، اُن ۾ ڪي درستيون ڪيم، جن جو ذڪر
ڪرڻ ضروري آهي.
جيتريقدر ٿي سگهيو آهي، اوتريقدر ڪتاب جي زبان ۽ اسلوب بيان کي
هموار ڪيو ويو آهي. هر هڪ بابت هيٺ ننڍن عنوانن جي
سٽاءَ کي پڻ سڌاريو ويو آهي. باب ٻيو ۽ چوٿون
راجپوتن سان تعلق رکن ٿا، جن کي جيڪر گڏي پيش ڪجي
ها، ساڳيءَ طرح باب ٽيون ۽ پنجون سومرن سان تعلق
رکن ٿا، جن جي مواد کي جيڪر يڪجاءِ ملائجي ها، مگر
ائين ڪرڻ سان اُهي باب دوباره لکڻا پون ها، انهيءَ
ڪري مصنف جي سٽاءَ کي قائم رکيو ويو آهي. هر باب
اندر جتي جتي ضرورت محسوس ڪئي ويئي، اُتي ڪن
عنوانن کي اڳي پوءِ ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ
مضمون جو سلسلو ملي بيهي، خصوصاً باب ٻارهين کان
سترهين تائين، مصنف جي اصلوڪي سٽاءَ کي بدلائي سڄي
مواد کي نئين سر ترتيب ڏيئي رکيو ويو آهي ۽ بابن
جا عنوان پڻ نئين سر قائم ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته
خود مضمون ۾ ڪابه ڦير گهير نه ڪئي وئي آهي، فقط
ترتيب ۾ سڌارو آندو ويو آهي.
تاريخي مواد جي جيتريقدر ٿي سگهيو آهي، تصحيح ڪئي ويئي آهي.
البته ڪتاب جي مواد جي گهڻي ڀاڱي جو دارومدار
روايتن تي آهي، جي تاريخي مطالعي لاءِ ڪارآمد ٿي
سگهن ٿيون، بشرطيڪ انهن کي تنقيدي نگاهه سان ڏٺو ۽
ڀيٽيو وڃي. انهيءَ ڪري مصنف طرفان نقل ڪيل روايتن
۾ ترميم ڪرڻ مناسب نه سمجهي، اُنهن جي صحت جو
اندازو هر پڙهندڙ جي پنهنجيءَ راءِ تي ڇڏيو ويو
آهي. مثلاً باب پنجين ۾ ”عمرڪوٽ يا امر ڪوٽ“ واري
عنوان هيٺ ڏنل حوالا دلچسپ آهن، مگر سواءِ ”ٽاڊ“
جي گڏ ڪيل ڏند ڪٿائن ۽ ٻين راجستاني روايتن جي، يا
ڪن پوين تاريخي ڪتابن جي، اسان وٽ ڪنهن به آڳاٽي
تاريخي ڪتاب يا معاصرانه ماخذ جي تصديق موجود
ڪانهي، جنهن جي بناءِ تي ”عمرڪوٽ“ جي بدران ”امر
ڪوٽ“ کي صحيح تسليم ڪجي.
حقيقت ۾ هن ڪتاب جو بهترين سرمايو اُهوئي مواد آهي، جو لائق
مصنف پنهنجي ذاتي تلاش ۽ تجربي جي بناءِ تي، مڪاني
موضوعن بابت ڏنو آهي. ٿر جي مختلف حصن ۽ ڀاڱن،
ڳوٺن ۽ شهرن، ذاتين ۽ پاڙن، قصن ۽ ڪهاڻين، ريتن ۽
رسمن، شادين ۽ غمين، ڪچهرين ۽ ميلن، گيتن ۽ شعرن
بابت مصنف جو ڪجهه لکيو آهي، سو نهايت قيمتي آهي،
ڇاڪاڻ ته اُهوئي نئون مواد آهي جو سنڌي ادب ۽
تاريخ جي موجوده سرمايي ۾ ناياب آهي. ڪيترو نه
بهتر ٿئي ها، جو لائق مصنف ٿر جي ٻولي ۽ ان جي
محاورن، مڪاني گيتن ۽ شعرن تي اڃا به تفصيل سان
روشني وجهي ها، جنهن لاءِ ڪافي گنجائش موجود هئي،
خود مصنف جي چوڻ موجب ”نج ٿري شعر ڪٺو ڪجي ته جيڪر
ڪتاب جڙي پوي.“ اُميد ته مصنف پنهنجي پياري وطن جي
انهيءَ پکڙيل ذخيري کي گڏ ڪري، هڪ نئون ڪتاب
جوڙيندو ۽ سنڌي ادب جي سرمايي ۾ قيمتي اضافو ڪندو.
سنڌ يونيورسٽي خادم العلم
حيدرآباد سنڌ نبي بخش
14 جنوري 1956 (ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ)
ديباچو
تاريخ ۽ تمدن جو اڀياس هر هڪ قوم ۽ ملڪ لاءِ ضروري آهي. جنهن
قوم کي پنهنجي ملڪ ۽ وڏن جي سُڌ نه آهي، سو ملڪ ۽
سا قوم ڪڏهن به سڌري نٿا سگهن. انگريزيءَ ۾ چوڻي
آهي ته ”جيڪڏهن ڪنهن قوم کي مرده ڪرڻو هجي، ته اُن
قوم جو اڳيون اتهاس ناس ڪيو وڃي، ته اُها قوم
ازخود فنا ٿي ويندي.“
البت هاڻي اسان جي وطني ڀائرن ۾ علم ادب لاءِ جذبو جاڳيو آهي ۽
ملڪ جي تاريخ پڙهڻ جو شوق وڌندو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ
اڃا تائين سنڌ جي جهوني اتهاس ۽ تمدن ۽ گهڻو مواد
ملي نه سگهيو آهي، تڏهين به ڪي ڪتاب نڪتا آهن، جن
مان ٿورو گهڻو سنڌ جي اتهاس جو پوي ٿو پر انهيءَ
اتحاد ۾ به ”ٿر“ واري ڀاڱي کي ڪنهن به ياد ڪونه
ڪيو آهي ۽ ڪنهن به مورخ ٿر جي تاريخ بابت باريڪ
بينيءَ سان کوجنا نه ڪئي آهي.
سنڌ جي جهونن کنڊرن، جهڙوڪ موهن جي دڙي، جهڪر جي دڙي، ۽ ٻين
ڪيترن تاريخي آستانن بابت آثار قديمه جي کاتي
کوجنا ڪئي آهي ۽ ڪتاب به لکيا آهن. ٿر ۾ به جيڪي
پراڻا کنڊر آهن ۽ ڪيتريون ڏند ڪٿائون وڏن کان ٻڌڻ
۾ اينديون آهن، پر اُنهن بابت اڄ تائين ڪنهن به
صاحب، قلم هٿ ۾ نه کنيو آهي.
ريگستان جي تاريخ بابت ٽڙيل پکڙيل، سي به تمام ٿوريون حقيقيتون،
ڪن ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڪن صاحبن ڪوشش ڪري لکيون آهن،
پر اُهي به ڪي قدر اڻپوريون. تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي
پرکڻ سان ڪيترين جي ته اُنڍ منڍ جو پتوئي نٿو پوي،
ته به اُنهن صاحبن جي ڪيل ڪوششن ۽ ورتل محنتن کي
داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. اهڙا لکندڙ به
بلڪل ٿورا آهن.
ٿر اتهاس بابت پهرين کوجنا ڪئپٽن اسٽئنلي نيپئر ريڪس ڪئي. هو
صاحب سن 1847ع ۾ ڪڇ ڀڄ ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ
مقرر ٿي آيو. ننگر پارڪر، مٺي ۽ ڏيپلي تعلقن جا
ڀاڱا، جي تازو برٽش سرڪار جي هٿ هيٺ آيا هئا، تن
جو انتظام هن جي حوالي ڪيو ويو هو. هن جو هيڊ
ڪوارٽر ”ڀڄ“ ۾ هو. هن صاحب سرڪاري رڪارڊ ۽ ملڪي
روايتن مان کوجنا ڪري ٿر ۽ پارڪر تي انگريزيءَ ۾
هڪ ڪتاب
*
سال 1856ع ۾ لکيو جو 1859 ۾
بمبئي سرڪار طرفان شايع ٿيو. اهو پهريون ڪتاب آهي
جو ٿر ۽ پارڪر جي اڳين ۽ پوين حالتن تي ڪجهه روشني
وجهي ٿو، پر اهو ڪتاب هينئر ناياب آهي.
سن 1924ع ۾ مسٽر ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، ٿر بابت هڪ ننڍو ڪتاب
”سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“ لکي ڇپائي پڌرو
ڪيو، جو ڪتاب جيتوڻيڪ مختصر آهي ته به اُن ۾
حقيقتون دلچسپ آهن. هن صاحب کي ٿر سان خاص دلچسپي
هئي، جنهن ڪري وقت به وقت اخبارن ۾ ٿر جي تاريخ
بابت مضمون لکندو رهندو هو. ڪافي وقت اڳ صاحب
موصوف کان خط رستي احوال مليو هو ته پاڻ ٿر بابت
هڪ ڪتاب ”مارئيءَ جو ملڪ“ لکي ”سنڌي ساهت لاءِ
صلاحڪار بورڊ“ کي ڇپائڻ لاءِ ڏنو آهي، مگر اُهو
ڪتاب اڄ تائين ظاهر ڪونه ٿيو.
سن 1934ع ۾ مسٽر تيج سنگ سولنڪي تپيدار، ”امر ڪوٽ اتهاس“ نالي
ڪتاب لکي، ٿر جي حقيقتن تي وڌيڪ روشني وڌي. هن
صاحب تاريخي حقيقتن هٿ ڪرڻ لاءِ ڪافي محنت ورتي
آهي.
سنڌ جي اهل قلم صاحبن مان وري به جناب اسماعيل عرساڻي صاحب ٿر
بابت ٻه ڪتاب ”بدنصيب ٿري“ ۽ ”سير ريگستان“ لکيا
آهن. پهرئين ۾ ٿر جي تهذيب و تمدن، ماڻهن جي
اقتصادي، معاشرتي ۽ سماجي حالتن، بي علمي، جهالت ۽
اٻوجهائيءَ بابت روشني وڌل آهي، ٻئي ڪتاب ۾ ڪجهه
تاريخي ۽ جغرافيائي حالات، ۽ موجوده ٿر جا حالات
درج ٿيل آهن. هن ڪتاب لاءِ صاحب موصوف جيڪا محنت
ورتي آهي ۽ حقيقتن کي جنهن باريڪبينيءَ سان قلمبند
ڪيو آهي، سو بلڪل تحسين جي لائق آهي. ڪو ٿري
باشندو به ايتريقدر حقيقت ۾ اونهو ڪونه وڃي ها،
جيترو هي صاحب ويو آهي. انهيءَ ڪتاب نه رڳو ٿر جي
تاريخ ۾ اضافو ڪيو آهي، پر علم ۽ ادب ۾ به.
ڪجهه وقت اڳ مون خيال ڪيو ته ٿر بابت تاريخي حقيقتون هٿ ڪريان ۽
انهيءَ ڏس ۾ ڪوشش ڪيم. ٿر جو ملڪ، پرائمري ماستر،
ٻهراڙين جا اسڪول، اڻ پڙهيلن سان گذر، لئبريرين جي
سهوليت ته بجاءِ خود پر اخبار جي به سهوليت ڪانه،
علم دوست صاحبن سان ملاقات کان محروم، نڪو مدد گار
۽ صلاح ڏيڻ وارو، اٽلو هِجو ۽ ٽوڪبازي! ڪنهن سان
کڻي ڳالهه ڪر ته چون ته ”تنهنجو مغز خراب ٿيو
آهي: ٻيا عالم آهن ئي ڪونه، جو تون هليو آهين
تاريخ لکڻ! وقتي دل مايوس ٿيو وڃي، پر اندر ۾ جو
پڪو ارادو هوم، سو اڳتي وڌائيندو رهيو. ڪوشش ڪري
هتان هُتان ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا هٿ ڪري مطالع
ڪيم ۽ مليل مواد قلمبند ڪندو ويس. وقتي ڪٿي ڪن
سگهڙن ۽ جهور پير مردن کان به احوال پڇي لکندو
ويس. 10-21 سالن جي ڪوششن بعد ڪجهه احوال ڪٺو ڪيم
۽ لکي تيار ڪيم. مگر مايوس ٿي پيس ۽ وڌيڪ لکڻ جو
خيال لاهي ڇڏيم.
اپريل 1947 ۾ جناب عرساڻي صاحب مٺي ۾ آيو. هو صاحب اُن وقت اسان
جو فرسٽ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب هو.
ساڻس ڳالهه ڪيم ۽ ڪچو ڦڪو لکيل مواد ڏيکاريم. صاحب
موصوف مواد نظر مان ڪڍي ڪتاب لکي پوري ڪرڻ لاءِ
همٿايو ۽ پڻ هر مدد ڪرڻ جو انجام ڪيو. انهيءَ همت
افزائيءَ تي اُجهاڻل آرزو وري نئين سر روشن ٿيس.
خوش قسمتيءَ سان آگسٽ 1947ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين
حيدرآباد ۾ ٻي سال پڙهڻ جو موقعو مليو. خوش ٿيس ته
اُتي اهل قلم صاحبن سان ملندس ۽ خاص ڪري ڪاليج جي
لئبريريءَ جو فائدو وٺندس. مگر ملڪ جي آزاديءَ ڪري
پيدا ٿيل حالتن، سموريون اُميدون خاڪ ۾ ملائي
ڇڏيون. ڪجهه به ڪري نه سگهيس! مئي 1948ع ۾ ڪاليج
مان موٽي آيس. اُن وقت به عرساڻي صاحب اسان جي
ضلعي جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب هو. هن
صاحب وري همٿايو، جنهن ڪري ڪتاب لکي پورو ڪيم.
ڊسمبر 1950ع ۾ جناب مير محمد بخش خان صاحب ٽالپر، ساڪن
هزهائينيس مير شير محمد خان جو ڳوٺ، ميرپورخاص سان
ملاقات ٿي. لکيل مواد ڏسي پسند ڪيائون، ڪي ناياب
ڪتاب مطالعي لاءِ ڏنائون ۽ پڻ همٿايائون، جنهن ڪري
مليل ڪتابن جي مطالعي بعد سڄو مسودو نئين سر
سڌاريم.
پڙهندڙن کي معلوم ٿيندو ته ناچيز کي ڪيترن ڌار ڌار انگريزي
هندي، گجراتي، اردو ۽ سنڌي ڪتابن مان مدد وٺڻي
پيئي آهي. جن جا حوالا متن ۾ ڏنل آهن ۽ ڪتاب جي
آخر ۾ فهرست ڏني ويئي آهي. آءٌ انهن ڪتابن جي
مصنفن جو پڻ تهدل شڪر گذار آهيان.
جيتوڻيڪ مون پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي، پر آهيان پرائمري
ماستر، سو به ڊيزرٽ ڊويزن ۾، جتي نه رڳو ڏيکاريل
تڪليفون، پر ٻيون به انيڪ مشڪلاتون آهن انهيءَ
هوندي به جيڪا ڪوشش ورتي اٿم، اُن جو اندازو
قارئين ڪتاب پڙهڻ سان لڳائي سگهندا.
اڃا به ٿر جي تاريخ جون ڪي حقيقتون هونديون جي هن ناچيز کي هٿ
نه آيون آهن، البت جيڪي هٿ آيون آهن، سي آئينده
تاريخ نويسن لاءِ بنياد جو ڪم ضرور ڏينديون.
جيڪڏهن ڪو صاحب ڪتاب کي ڪارائتي ڪرڻ لاءِ ڪارگر
صلاحون ۽ وڌيڪ احوال موڪليندو ته احسان مند رهندس.
انسان عيبن جو گهر آهي: جيڪڏهن ناظرين کي ڪي اوڻايون معلوم ٿين،
ته نه رڳو درست ڪرڻ فرمائين پر هن بندي کي به
اُنهن کان آگاهه ڪن ته ٻئي دفعي درستيون ڪيون وڃن.
هن ڪتاب لکڻ جي مراد صرف ٿر جي تاريخي حقيقتن تي
روشني وجهڻ آهي. پڙهندڙن جيڪڏهن انهيءَ مان فائدو
ورتو ته آءٌ پنهنجي ڪيل ڪوشش سجائي سمجهندس.
چيلهار، ضلعو ٿرپارڪر سنڌ
تاريخ 1- نومبر 1953ع رائچند هريجن
|