انگريزن جي پارڪر تي ڪاهه (1842ع)
۽ ان تي قبضو (1843ع)
ڪلهوڙن جي وقت، کوسا اچي پارڪر ۾ رهيا. سندن ڌنڌو
هو ڌاڙا هڻڻ. پوءِ انهن سان سوڍا شامل ٿيا. انگريز
سرڪار بار بار ميرن کي لکيو. پر هو ايڏا خوفناڪ
ڌاڙيل بڻجي پيا هئا، جو ميرن کي سولائيءَ سان هٿ
اچڻ وارا نه هئا. تڏهن انگريز سرڪار، 1 - نومبر
1832ع ۾، ننگر پارڪر تي لشڪر چاڙهي موڪليو. اُن
وقت ننگر پارڪر جو راڻو جگوجـِـي هو. لشڪر جي اچڻ
جو ٻـُـڌي، هو ڀڄي ويو. ويرا واهه جو راڻو انگريزن
جي فائدي ۾ هو ۽ انگريزن سان ڪو به مقابلو نه
ڪيائين. جگوجيءَ جي جاءِ تي راڻي ڪـِـرڻ کي
ويهاريو ويو ۽ کيس ڌاڙيلن تي نظرداري رکڻ جي هدايت
ڪئي ويئي. سوڍو جگوجي، ميرن جي هٿ آيو، تن کيس
گرفتار ڪري انگريزن وٽ موڪلي ڏنو. انگريزن اُن کي
ڪجهه وقت ڪڇ ۾ قيد ڪري رکيو ۽ آخر ڀوڏيسر جو راڻو
مقرر ڪيو. سن 1833ع کان 1843ع تائين ميرن جو ضابطو
پارڪر مٿان رهيو ۽ باقاعدي ڍل پڻ اڳاڙيندا هئا.
ميرن ٿر ۾ قلعا ٺهرايا، جن ۾ سندن پاران ڪاردار
رهندا هئا. پر پارڪر ۾ ڪو به قلعو ڪونه ٺهرايائون.
جڏهن انگريزن 1843ع ۾ ميرن کان سنڌ ورتي، تڏهن ملڪ
۾ جتي ڪٿي گوڙ ٿي پيو. خاص ڪري ٿر ۽ پارڪر وارن
راڻن سڌيءَ طرح آڻ نٿي مڃي، تنهنڪري گورنمينٽ
سهولت خاطر پنهنجا عملدار ڌار ڌار هنڌن تي مقرر
ڪيا ۽ پارڪر واري ڀاڱي تي پهريون ايجنٽ ڪئپٽن
اسٽئنلي ريڪس آيو، ٻيو ايجنٽ تروٽ صاحب آيو، جو سن
1846ع کان 1871ع تائين رهيو. تروٽ صاحب، 1856ع ۾،
پارڪر کي حيدرآباد ضلعي سان لڳائي ڇڏيو. تروٽ صاحب
کان پوءِ مسٽر پالن آيو، تنهن ننگر پارڪر بازار
ٺهرائي. اڄ تائين اُن بازار کي ”پالن بازار“ ڪري
چئبو آهي.
ننگر پارڪر ۾ بغاوت (1859ع)
انگريزن جو ملڪ تي پورو پورو ضابطو ٿيندو پئي ويو
۽ سڀني راجائن توڙي رعيت کي، ڪن کي دٻاءَ سان ۽ ڪن
باغين کي پنهنجي ٻٽيءَ پاليسي رستي جاگيرون ڏيئي،
آڻ مڃائيندا رهيا. تنهن هوندي به پارڪر جا سوڍا
زور هئا. هو اڃا تائين پاڻ کي خودمختيار سڏائڻ لڳا
۽ هر ڪنهن ڳالهه ۾ انگريزن جو دخل برداشت نٿي ڪري
سگهيا. ميرن جي سنـَـد موجب، پارڪر جو راڻو
ڪرڻجـِـي، سوراچند ۽ راڻپور ڳوٺن توڙي ننگر پارڪر
شهر جي اڌ ڊيوٽيءَ ۽ پارڪر جي ٽرانس ڊيوٽيءَ جو
حقدار هو. ويرا واهه جي سوڍي کي ويرا واهه ڳوٺ،
معافي مليل هو ۽ پڻ موکئي رڻ جي پيدائش به ملندي
هيس. کيس اڌ شهري محصول ۽ پنهنجي علائقي جي آباد
ٿيل ڍل جو چوٿون حصو به ملندو هو. سر چارلس نيپئر،
15- آڪٽوبر 1844ع ۽ مئي 1847ع ۾، ٻنهي جاگيردارن
جون سنـَـدون ستن سالن تائين قائم ٺهرايون ۽ ملندڙ
ڍل جو اڌ ڪاٽي ڇڏيو. راڻي جي پرڌان، اُڪمالڌيوَ کي
موڪرئي جو ڳوٺ به سنـَـد موجب مليل هو. مٿين ٽنهي
۽ ٻين سوڍن کي جيڪي ملندڙ حق هئا، اُهي انگريز
سرڪار ختم ڪري ڇڏيا. بٽئين توڙي خاص حقن جي اُڳاڙڻ
جي ٺڪرن کي بندش ڪانه هئي. انهن ناجائز طور
چـَـرائـِـي ۽ ٻيا ٽئڪس به وصول پئي ڪيا. پارڪر جو
ڀاڱو 1856ع ۾ ڪمشنر جي حوالي ڪيو ويو، جو اڳي تروٽ
صاحب پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ جي ماتحت هو. ڪمشنر
حيدرآباد کان پنهنجو ڪاردار موڪليو ۽ روينيو سروي
چالو ڪئي. چراگاهه جو ٽئڪس به هاڻ حڪومت پنهنجي
حوالي ڪيو. آفيم تي ليسن وڌو ويو، جو اڳي سوڍا غير
قانوني آفيم آڻي وڪرو ڪندا هئا ۽ ان ۾ زبردست نفعو
هو. ڪئپٽن ريڪس جي عملي ۾ ننگر پارڪر جا ڪاردار
برهمڻ هئا، اُهي سوڍن سان ٻڌل هئا. پوليس عملو
گهڻو ڪري ٺڪرن تي مشتمل هو. راڻي ڪرڻجيءَ جي هڪ
خاص نوڪر تي، ڪنهن کوهه کي نقصان رسائڻ جي ڏوهه
هيٺ، ڪاردار ڏنڊ وڌو ۽ ڪاسبي جي پٽيل سان راڻي جو
زمين جي دنگ بابت تڪرار ٿيو، جنهن جو فيصلو تروٽ
صاحب راڻي جي خلاف ڪيو. تروٽ صاحب حڪم ڪيو ته دنگ
تي پٿر هڻايا وڃن، مگر راڻي حڪم جي ڪا به پرواهه
نه ڪئي. ٽيليگراف کاتي جا ڪي نوجوان نينگر، ڪولهين
سان سـُـٺي نموني پيش نه آيا. مسٽر ڏيئومل
مختيارڪار ننگر پارڪر جي، راڻي سان ڪن ڳالهين جي
ڪري ناسازي پيدا ٿي.
مٿين مڙني سببن جي ڪري راجپوتن جا دلي جذبا جوش ۾
اچي ويا ۽ راڻي جي سڏ تي سندس ڀاءُ ڀوپتسنگهه ويرا
واهه جو راڻو لاڌو سنگهه، ٻهراڻيءَ جو ٺـَـڪر ڪلجي
۽ ٻيا اچي راڻي جي ڪئمپ ۾ داخل ٿيا. تنهن کان
سواءِ پنج هزار ڪولهين جو لشڪر به اچي حاضر ٿيو.
سڀني گڏجي، 15- اپريل 1859ع جي ڏينهن، انگريزن
خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. انهن پهرين اچي
تارون ڪپي. رستا ڀڃي ڇڏيا. خزانو لـُـٽي، ڪاردار
جي ڪچهريءَ کي باهه ڏني. پوليس ٿاڻي تي حملو ڪري،
سوارن کي ڀڄائي ڇڏيو ۽ ڪيترو نقصان ڪيائون. ڏيئومل
مختيارڪار، اها خبر ترت حيدرآباد موڪلي، جا 18-
اپريل 1859ع جو حيدرآباد پهتي. ڪرنل ايونس، جو اُن
اسٽيشن جو ڪمانڊنگ آفيسر هو، تنهن هڪدم ”ٿرڊ
بلوچي ريجمنٽ“ جي هڪ وِنگ ننگر پارڪر ڏانهن رواني
ڪئي ۽ ڪجهه توبخانو ڪراچيءَ کان روانو ٿيو. ترت ئي
ڪرنل اِيونس کي آرڊر مليو ته خود وڃي سڀني فوجن جي
ڪمانڊ وٺي، جيڪي ڊيسا، احمد آباد ۽ حيدرآباد کان
ٿي آيون. تنهنڪري هو به روانو ٿيو ۽ اسلام ڪوٽ وٽ
اڳ موڪليل فوج کي وڃي رسيو ۽ اُتي ٿر جو ڊپٽي
ڪليڪٽر ۽
سپرنٽينڊنٽ به اچي مليا. ڏيسا فوج جا اڳ ۾ ننگر
پارڪر پهتي هئي، تنهن تي سوڍن پهرين حملو ڪيو ۽
اُنهن جواب ۾ توبزني ڪئي، جنهن جا ٺڪاءَ ڪرنل
اِيونس پنجاهه ميل پري پئي ٻڌا. هو 2- مئي 1859ع
جو ويرا واهه پهتو، ته سڄو شهر خالي هو. ٻئي ڏينهن
ڀوڏيسر پهتو، جتي ان کي ڀوڏيسر جا سوڍا مليا. 3-
مئي تي سڀني فوجن جو سخت مقابلو ٿيو. ڪارونجهر جبل
۾ راڻي چندن جو ٺهرايل چندن گڍ توبن اُڏائي ڇڏيو،
تنهنڪري حمله آور سوڍا ڇڙوڇڙ ٿي ويا، ڪي مارواڙ
ويا ته ڪي ڪارونجهر جبل ۾ لڪي ويا. انگريزن شهر تي
قبضو ڪيو ۽ راڻي ڪـِـرڻ ۽ لاڌوسنگهه کي گرفتار
ڪيائون ان طرح گوڙ بند ٿيو.
پوءِ ڪرنل ايونس، ڀوڏيسر جي ٺـَـڪرن کي ساڻ ڪري،
ٻين سوڍن کي دٻائڻ ڪاڻ روانو ٿيو ۽ ڇاهٺ ميل پري،
ڪجرڙالو ۾، باغين جي ڪئمپ تي حملو ڪيائين. سوڍا ڪي
مارجي ويا ۽ ڪي ڀڄي ويا. ساري مارواڙ ۾ انهن جي
ڳولا ٿي. ڪرنل ايونس، ايجنٽ گورنر جنرل راجپوتانا
کي پارت ڪري، واپس ننگر پارڪر روانو ٿيو. ان وقت
لاڌو سنگهه جو پٽ اُڌيسنگهه ٻاهر ويل هو. واٽ تي
راڻيواڙي ڳوٺ ۾ ڍول وڄي رهيو هو، اُتي سندس گهوڙي
نچڻ لڳي. تڏهن ڪنهن ڪولهيءَ چيو ته: ”پاڻ هتي پيو
گهوڙيون نچائي ۽ پڻس جيل ۾ پيو آهي!“ اهو ٻڌي
اُڌيسنگهه باهه ٿي ويو ۽ هڪدم ماڻهو گڏ ڪري، جيل
جو دروازو ڀڃي، سڀني کي آزاد ڪيائين. پوءِ پنهنجي
سر بندوق کڻي، تروٽ جي تنبوءَ ڏانهن ڪاهي ويو.
ٿورو پنڌ ويو ته جوش ۾ ڀرجي ويو، ۽ وٺي بندوق جا
فائر ڪيائين. تنهنڪري تروٽ ڀڄي هڪ مينگهواڙ لاڌوءَ
جي گهر، چم جي ڇوڙن ۾ وڃي لڪو:
آيو اُڌيسنگهه اوچتو، ڀورو ڀڄايو،
ڪـَـر ڀوري راڪنپيا، موچي بچايو.
راڻن تروٽ جي ڳولا ڪئي، مگر هو نه مليو. تڏهن انهن
ڪن سپاهين کي ماري ڇڏيو. ڪرنل ايونس جي فوج به
ويجهي هئي، جنهن کي هڪ سوار وڃي ڏينسي وٽ خبر
ٻڌائي ته وري فساد شروع ٿيو آهي. فوج هڪدم اچي،
19- جون 1859ع تي گهيرو ڪيو. راڻو، وزير ۽ ٻيا شهر
ڇڏي ڀڄي ويا. راڻي ڪارونجهر ۾ وڃي پناهه ورتي، جتي
اُن کي سندس هڪ گـَـهرو دوست، ڪاسبي جو لهاڻو سيٺ
مهاوجي، هنس پري ٻائو ۽ روپلو ڪولهي کاڌي جو سامان
رسائيندا هئا ۽ خبر چار ٻڌائيندا هئا. تروٽ کي خبر
پيئي، تڏهن روپلي کي جاگير جي لالچْ ڏنائين ته
راڻي جو ڏس ڏئي، مگر هو وفادار هو، تنهن چيو ته:
”مون کي ڪا خبر ڪانهي.“ پوءِ کيس ڏاڍي مارڪٽ
ڪيائون. هٿ جي تـِـرين ۾ تيل وجهي، آڱرين تي وٽيون
ٺاهي، باهه ڏنائون.... تڏهن به روپلو ست تي ثابت
رهيو. آخر تروٽ، هنس پري ٻائي ۽ سيٺ مهاوجيءَ کي
گهرائي، لب لالچْ تي ريجهايو، تن دغا ڪري راڻي کي
گرفتار ڪرايو. سگهو پوءِ وزير ۽ ٻيا سوڍا به
گرفتار ٿيا. جنهن تابعداري مڃي، تنهن کي آزاد ڪيو
ويو.
ڀوڏيسر جا ٺـَـڪر حملي وقت انگريزن سان مددگار
رهيا ۽ ڪرنل ايونس، 23- آگسٽ 1859ع تي، هنن جي
خدمتن جو اعتراف ڪيو. هن سفارش ڪئي ته ڀوڏيسر جو
ڳوٺ، جنهن جي سالياني پيدائش ٽي سؤ رپيا هئي، سو
ٺـَـڪرن کي هميشه لاءِ ڏنو وڃي. انهن کي نيٺ ڇهه
هزار ايڪڙ جاگير ملي.
ننگر پارڪر جي راڻي ۽ ويرا واهه جي ٺڪرن آڻ نٿي
مڃي. تن جون اڳ مليل جاگيرون ضبط ڪيون ويون. ننگر
پارڪر جي راڻي، ويرا واهه جي ٺڪر لاڌو سنگهه ۽
سندس پٽ اُڌيسنگهه پوءِ به آڻ نه مڃي. اُڌيسنگهه
کي تروٽ گهڻو ئي لالچايو ۽ کيس سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس
جاگير ۽ هڪ بنگلي ڏيڻ جي آڇ ڪيائين، پر هو نه
مڙيو، تنهنڪري ان کي عمر ڪوٽ ۾ بند رکيو ويو.
اُڌيسنگهه جي وفات بعد، سندس پٽ سامتسنگهه کي سن
1887ع ۾ ڇهه هزار ايڪڙ سيڪنڊ ڪلاس جاگير ملي ۽
راڻي جي وارثن کي ٽي هزار ايڪڙ ٿرڊ ڪلاس جاگير
ملي. مهاوجيءَ جي خدمتن لاءِ ڪرنل ايونس، پنهنجي
ليٽر نمبر 233، تاريخ 20- آگسٽ 1859ع ۾، سنڌ جي
ڪمشنر مسٽر فريئر ڏانهن هن ريت لکي موڪليو:
”مهاوجي تمام عزت ڀريو لهاڻو آهي. اسان کي رسد
پهچائڻ ۽ خبرون ڏيڻ ۾ هي تمام دور انديش آهي.
پارڪر ۾ هي نه هجي ها ته ڪرنل تروٽ به اسان جون
گهرجون پوريون نه ڪري ها.“ ڪمشنر بلوي وقت مدد
ڪندڙ ماڻهن لاءِ سخت سفارش ڪئي، تنهنڪري بمبئي
سرڪار، پنهنجي ليٽر نمبر 1560، تاريخ 7- اپريل
1860ع ۾، ڪيترن کي جاگيرون ۽ انعام ڏنا: ڦول
ٻائيءَ کي ڳوٺ ڦيٿاپر، ست هزار بيگا زمين ۽
حياتيءَ تائين معافي ملي. مهاوجي لهاڻي کي اٺ هزار
بيگا زمين ۽ حياتيءَ تائين معافي ملي. هنس پري
ٻائي کي جبل جي سموري پيدائش ملي. لاڌو مينگهواڙ
کي به زمين جو ٽـُـڪر مليو ۽ ٻين ڪيترن کي معافيون
مليون.
راڻي ۽ وزير تي راجڊوهيءَ جو مقدمو هليو، جو 1860ع
۾ پورو ٿيو. راڻي کي چوڏهن سال جيل ۽ وزير کي ڏهه
سال جيل مليو. روپلي ڪولهيءَ جو نالو امر ٿي ويو،
اهو ئي سندس انعام آهي.
هن بلوي ۾ سوڍن جيڪا سورهيائي ڏيکاري، تنهن جا بيت
اڃا تائين پارڪر ۾ ڳائجن ٿا:
گوري گرورَ گجيو، جهيڪ مچائي رڻ جنگ،
لڙيو ساٿ ڪلياڻ رو، اُوئان راجپوتانان رنگ.
رنگ ڪلا رنگ مهاسينگا، رنگ هو سڀ رهاڻ،
رنگ ڪارونجهر را ڪونگرا، رنگ سوڍا راڻ.
وِجو ڏاڍو ويرَ ورَ، ڀوجل ننڍو ڀوُپ،
ڪٽڪا سان رٽڪا ڪريا، رنگ ڪلاڪـُـل روپ.
ڪلي چڙهي هوڪو ڪري، باجي هاڪ ويراڻ،
گلي ئي پر تروٽ گيو، ميل فرنگي ماڻ.
ڀورا ڏر ڀانجي، گانجي پرتشڻان جيت،
مهيتپت کڙنگ مانجي، پارڪر رڻ پريت.
چندن گڍ نڇاور ٿيو، جوڌي مچايو جنگ،
لڙيو ساٿ ”ڪـِـرڻ“ جي رو، ان راجپوتانان رنگ.
--------
سوڍن کي جاگيرون
انگريزن چالاڪي ڪري باغي سوڍن کي جاگيرون ۽ انعام
ڏنا، تنهنڪري هو خوش ٿي ماٺ ڪري ويهي رهيا.
(1) ڀوڏيسر جاگير: هيءَ فرسٽ ڪلاس جاگير، ڇهه هزار
ايڪڙ، ڪرنل اِيونس جي زوردار سفارش سان ملي.
(2) ويرا واهه جاگير: هيءَ سيڪنڊ ڪلاس جاگير، ڇهه
هزار ايڪڙ، سامتسنگهه کي ملي ۽ ارڙهن سؤ پنج رپيا
عيوضو پڻ مليو. سندس پٽ امر سنگهه بنا اولاد هو،
تنهنڪري سندس پتنيءَ اڀيه سنگهه کي گود جو پٽ ڪيو
هو. جلد ئي اها ڀٽياڻي سرڳواس ٿي، تنهنڪري جاگير
سرڪار پنهنجي حوالي ڪئي. اڀيه سنگهه اپيل ڪئي ته
جاگير واري زمين قبولي طور مون کي ملي ۽ آباد ٿيل
زمين جي مان ڍل ڀريندس. انهيءَ تي موروثي هارين
اعتراض ورتو. سرڪار موروثي هارين وارا نمبر هارين
کي ڏنا ۽ ٻي جاگير اڀيه سنگهه کي قبولي ٿي ملي.
(3) راڻپور جاگير: ٽي هزار ايڪڙ زمين ۽ ٻه هزار هڪ
سؤ اٺونجاهه رپيا روڪڙا مليا. اها جاگير هينئر
اچلسنگهه جي حوالي آهي.
(4) ڦيٿاپر جاگير: اها ٻه هزار ايڪڙ ڦول ٻائيءَ کي
ملي هئي.
(5) ڌنيگاڻو: موندرو، کارڙيو، ڪاسبو، آڌيگام وغيره
ڳوٺن ۾ به سوڍن کي ڪي ٿورا نمبر معافي آهن.
مکيه شهر
ننگر پارڪر:
ڪارونجهر جبل جي هنج ۾، 21-24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽
4-70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾، هي مشهور شهر سوڍي
آسراءَ پهرين اچي آباد ڪيو هو. هن وقت تعلقي جو
هيڊ ڪوارٽر آهي. پاسي ۾ نـِـمن جي عجيب وڻڪار
اٿس. اهي نمون، تروٽ صاحب هڪ ميل تي سريکي نموني
لڳارايون هيون. ڪارونجهر جي اُتانهينءَ چوٽيءَ تي
چڙهي، هندستان جي ڪن ڀاڱن جو ديدار ڪري سگهجي ٿو.
پاسي ۾ باغات آهي، جنهن مان سڀ قسم جي ڀاڄي ميسر
ٿئي ٿي. هتي نواڙون، نودون، کيس وغيره ٺهن ٿا. اڳي
اوسواڙ قوم جي اڪثريت هئي، پر هينئر انهن مان رڳو
هڪڙو گهر رهندڙ آهي، باقي لوهاڻا، ميمڻ، ٻروچ،
مينگهواڙ، گرڙا ۽ ڪولهي رهن ٿا. ننگر پارڪر ۾ هيرڻ
جي پوک جام ٿئي، جنهن مان ڪافي اُپت آهي. هتي
پرائمري اسڪول، مڊل اسڪول، اسپتال، ٿاڻو،
مختيارڪار جي آفيس، تار ۽ ٽپال آفيس، ديرو، مسافر
خانو ۽ جانورن جي اسپتال آهن. هتي لکڻ ڀارتي جو
مندر آهي. گوڙدرو ندي، ڪارونجهر جبل مان اٿاهه
پاڻي کڻي لنگهي ٿي، تڏهن لکڻ ڀارتي مندر وٽ اچڻ
سان ٻه اڌ ٿي وڃي ٿي. چون ٿا ته لکڻ ڀارتي مڙهيءَ
وٽ اڳي هڪ ٻاوو رهندو هو. هڪ دفعي برسات نه وسڻ
ڪري، ماڻهن وڃي ٻاوي کي عرض ڪيو، ٻاوو ٻه ڏينهن
ساندهه اُتي بغير پاڻيءَ ۽ مانيءَ جي ويٺو رهيو.
ٽئين ڏينهن سخت برسات آئي. ماڻهن وڃي ٻاوي کي عرض
ڪيو ته هاڻ هتان اُٿي، نه ته پاڻي ٻوڙي ڇڏيندئي،
مگر ٻاوو اُتان نه اُٿيو. پاڻي جڏهن ٻاوي وٽ پهتو،
تڏهن ٻن وهڪرن ۾ ورهائجي، ٻاوي کان پاسو ڪري اڳتي
وهي ويو. پوءِ اُن جاءِ تي مندر ٺهرايو ويو، جنهن
کي لکڻ ڀارتي مندر چئبو آهي. هتي 1862ع ۾
ميونسپالٽي قائم ٿي هئي، جا 1872ع ۾ بند ٿي ويئي.
ويرا واهه:
هيءُ ننگر پارڪر تعلقي ۾ 31-24 اُتر ڊگهائي ڦاڪ ۽
0-70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ تمام جهونو شهر آهي، جو
اصل ويري ريٻاريءَ جو ٺهرايل آهي. هن جي پاسي ۾
پاري ننگر جي ڦٽل شهر جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن جي
پاسي ۾ سنگها ڍنڍ آهي، جنهن ۾ پاڻي سڪڻ بعد پوک
ٿئي ٿي. هي ويرا واهه جي سوڍن کي مليل آهي. هتي
لوهاڻا، ڪولهي ۽ مينگهواڙ رهن ٿا. منجهس پرائمري
مرداڻو اسڪول، پوسٽ ۽ ڍڪ آهن.
ڊاڀو
هيءُ ننگر پارڪر تعلقي ۾ هڪ چڱو وسندڙ ڳوٺ آهي.
هتي لاکا ۽ سما
رهن ٿا، جي
خانداني گهراڻي جا زميندار آهن. هتي پرائمري
مرداڻو اسڪول آهي، جو قديم وقت کان وٺي هلندو اچي
ٿو. هتي سما، مينگهواڙ، ڀيل ۽ ڪولهي رهن ٿا.
آڌيگام
ننگر پارڪر تعلقي ۾، هڪ چڱو شهر آهي. هتي ايترو
ناڻو آهي، جو چوندا آهن ته اڌ ۾ آڌيگام، ۽ اڌ ۾
سڄو ننگر پارڪر تعلقو. گهڻي ناڻي جي ڪري، آڌيگام
کي سدائين ڌاڙيلن جو ڊپ رهيو آهي. هتي لوهاڻا،
جين، مينگهواڙ، ڪولهي، ڪنڀار، سما، گرڙا، چاڪي ۽
ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. منجهس پرائمري اسڪول، ٿاڻو
۽ ڍڪ آهن.
ڏونگري
هيءُ ڳوٺ ننگرپارڪر جي نزديڪ آهي. ڏونگري اڳئين
زماني ۾ هڪ تمام وڏو شهر هو، جنهن جا نشان ڏسڻ ۾
اچن ٿا. پاسي ۾ هڪ ٽـَـڪري آهي، جنهن ۾ هڪ ڀونئرو
هو. هينئر اُهو ڀونئرو ڊٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هتي
برهمڻ رهن ٿا، جي ٻن قسمن جا آهن: شرمالهي ۽
راجگر. منجهس پرائمري اسڪول ڪيترن سالن کان هلندڙ
آهي.
----------
ننگر پارڪر ۾
رهندڙ قومون
ننگر پارڪر ۾ هندو به رهن ٿا ۽ مسلمان به. 1947ع
جي لڏ پلاڻ ۾ ننگر پارڪر، ويرا واهه، شولو، ڪاسبي
۽ آڌيگام مان ڪي لوهاڻا ڀارت هليا ويا آهن.
مسلمانن جون هيٺيون ذاتيون رهن ٿيون:
سيد - هيءُ ورڻهاريو ۽ قابل شاهه ۾ رهن ٿا. کوسا-
ننگر پارڪر، سامي ويري ۽ ڪٻڙي ۾ رهن ٿا. سما- ڊاڀي
۾ رهن ٿا. چانڊيا- موندرو، ٻورلي چانڊيا، هستڙو ۽
ٻين ڳوٺن ۾ رهن ٿا. ساند - پـِـيلو، پهڻاريو، ساهو
ساند، وغيره ڳوٺن ۾ رهندڙ آهن. خاصخيلي - ڀالوا،
رتنياري وغيره ڳوٺن ۾ رهن ٿا. تعلقي ۾ مسلمانن جون
ٻيون به هيٺيون ذاتيون رهندڙ آهن: اُتر، سومرا،
کوکر، رند، نهڙي، راهما، شيدي، حجام، ڪنڀار،
مڱڻهار، لنگها، مڱريا، لنجا، جوڻيجا، سنگراسي،
هاليپوٽا، سميجا، راڄڙ، جيسر، ڀٽي، جنهنجي،
ٿيٻا، ديدار، ڏيٿا، اوٺا، چنا، ڪيريا، ڏوهٽ،
ڪيلهڻ، گجـُـو وغيره.
هندن جون هيٺيون ذاتيون رهندڙ آهن: شرمالهه،
برهمڻ، راجگر برهمڻ، سارسوت برهمڻ، جين، لوهاڻا،
راجپوت، رٻاري، سوٽهڙ، چارڻ، جاٽ، مالهي، سونارا،
کٽي، نائي، سامي، لوهار بجير وغيره.
اڇوتن جون هيٺيون ذاتيون رهندڙ آهن: مينگهواڙ،
ڀيل، ڪولهي ۽ ڀنگي.
---------
پارڪر جا ڪولهي
ڪولهي اصل گجرات، واگڙ ۽ ڪڇ کان آيا هئا. سوڍن جي
حڪومت ۾ ٽوليون ڪري ڌاڙا هڻندا هئا. سوڍن جي ٽيلات
راڻي وٽ خاص لشڪر به ڪولهين جو هوندو هو. ڪولهي
تمام بهادر مشهور هئا ۽ ڪاتـَـر ۽ تيـِـر هلائڻ جا
ماهر هئا، تنهنڪري راڻا هرڪا جنگ جيتي ايندا هئا.
ڪولهي وفادار قوم آهن. انگريزن جي چڙهائيءَ وقت،
جيئن اڳي ذڪر ڪيو ويو، روپلي ڪولهي جي هٿن جي ترين
۾ تيل وجهي، وٽيون ٺاهي، ڏيئا ٻاريا ويا. پر
وفادار ڪولهيءَ تڏهن به فرنگين کي پنهنجي راڻي جو
ڏَس نه ڏنو. گهر ۾ جيڪڏهن داڻن جي لپ هوندين، ته
آيل مهمان کي کارائي ڇڏيندا ۽ پاڻ ٻچن سميت لنگهڻ
سمهي رهندا.
چون ٿا ته اڳئين وقت راڙڪوئي ۾ هڪ ڪولهي، شاهوڪار
۽ ستا وارو هوندو هو. وٽس هڪڙو ڀلو اُٺ هو، جنهن
جي ڪنڌ ۾ سوني سنگهر وجهي، هو اُٺ بنا ڏاڻ جي ڇڏي
ڏيندو هو. ڪيترن ماڻهن وٽان ننگر پارڪر جي راڻي کي
انهيءَ ڪولهي بنسبت دانهون پهتيون ته اُٺ اسان جون
ٻنيون کائي ٿو. هڪ دفعي ان راڻي جو ڀاڻيج واگڙ کان
آيل هو. ٻيئي ڄڻا ڪچهريءَ ۾ ويٺا هئا ته انبوهه
ماڻهن جو دانهن کڻي آيو. راڻي پنهنجي ڀاڻيج کي
اشارو ڏنو ته هو اُٺ جهلي، گم ڪري ڇڏي. ٻئي ڏينهن
هو اُٺ ڪاهي، واگڙ وٺي ويو. جڏهن ڪولهيءَ کي سڌ
ملي، تڏهن وڏو ڊنبلو وٺي واگڙ طرف ڪاهي ويو. راڻي
جي ڀاڻيج کي اها خبر پيئي، تڏهن هندو رسم مطابق
ساميو ڪري سامهون آيو، چيائين ته: ”ماما، اسان هن
ڪري اوهان جو اُٺ آندو ته اوهين ڪڏهن هن طرف نٿا
اچو، سو هن بهاني سان من اسان جي ڳوٺ ۾ اچڻ
ٿئيوَ!“ اها ڳالهه ٻڌي، ڪولهيءَ ساميي ۾ ست سؤ
ڪوريون وڌنديون ۽ ڀاڻيج کي اُهو اُٺ بخشش ڪري
ڇڏيو.
رفتي رفتي هيءَ قوم غربت ۾ گرفتار ٿيندي ويئي ۽ هن
وفادار ۽ بهادر قوم جي غربت ۽ اٻوجهائيءَ جو
ناجائز فائدو وٺي، ان کي هميشه لاءِ ذلت ۾ مبتلا
ڪري ڇڏيو ويو. هينئر انهن ۾ ڪافي سجاڳي آئي آهي،
تڏهن به بي علميءَ سببان وڏي طبقي جي غلاميءَ ۾
جڪڙيل آهي.
----------
تعليم
”علم
بنا آدمي،
آهي
پسونءَ سمان.“
جنهن
قوم
۾
علم جي
روشني نه
آهي،
سا آهستي
آهستي صفحهءِ هستي تان نابود ٿي وڃي ٿي. علم جهڙي اکـَـٽ خزاني سان جا
قوم مالا مال آهي، سا سدائين آسودي ۽ سـُـکي
هوندي. اهو ملڪ خوش قسمت چئبو، جنهن جو هر فرد
تعليم جي دولت جو ڌڻي هجي. ٿرپارڪر ضلعي ۾ ننگر
پارڪر تعلقو ئي آهي، جو علم ۾ سڀني کان پـُـٺتي
پيل آهي. سڄي تعلقي ۾ پهرين ٽي - چار پرائمري
اسڪول هوندا هئا، جتي گجراتي سيکاري ويندي هئي،
تنهن کان پوءِ گجراتي بند ڪري، سنڌي شروع ڪئي
ويئي. ان کان پوءِ، 1954ع کان اڳ تائين، وڌي ٻارهن
اسڪول ٿيا. 1947ع کان اڳ، سڄي تعلقي ۾ هڪڙو ئي مڊل
اسڪول هو، سو به 1947ع جي لڏ پلاڻ بعد بند ٿي ويو،
۽ انگلش ڪلاس کليو. 1954ع ۾ سنڌ وزارت جي تعليمي
اسڪيم هيٺ، ننگر پارڪر تعلقي ۾ زوري تعليم رائج
ٿي. هن وقت، لازمي تعليم هيٺ هئڻ ڪري، تعلقي ۾ سؤ
کن پرائمري اسڪول آهن. 1956ع ۾ مير محمد بخش خان
لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ هو، جنهن ڪوشش وٺي ننگر
پارڪر ۾ مڊل اسڪول کولايو. هن وقت به صرف ننگر ۾
ئي مڊل اسڪول آهي. ڪجهه وقت ٻلهاريءَ ۾ انگلش ڪلاس
هو، پر هاڻي بند ٿي ويو آهي. اڳي ننگر پارڪر ۾
زنانو پرائمري اسڪول هو، سو به هاڻ بند ٿي ويو
آهي. لازمي تعليم سبب اسڪولن جو تعداد وڌڻ ڪري، هن
وقت ننگر پارڪر تعلقي ۾ اٽڪل ساڍا ٽي هزار ٻار
تعليم پرائي رهيا آهن.
-----------
ٻولي
پارڪر ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، تنهن کي
”پارڪري ٻولي“ چئبو آهي، جا بگڙيل گجراتي آهي.
ڪولهين جو لهجو سڀني کان نرالو آهي. ٿر ۾ وري
”ڍاٽڪي“ ڳالهائي وڃي ٿي. ڪن هنڌين هندو ۽ مسلمان
ساڳئي نموني جي ڍاٽڪي ڳالهائيندا آهن. ٻروچ ۽ سما
عام سنڌي ڳالهائيندا آهن.
---------
پارڪر جا گيت
پارڪر جا گيت دل لـُـڀائيندڙ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ
آهن. زالون شاديءَ جي وقت ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن
تي گڏجي ڳائينديون آهن. نموني طور، هڪڙو گيت هيٺ
ڏجي ٿو.
هڪڙيءَ سس پنهنجيءَ نـُـنهن کي، مڙس جي غير
حاضريءَ ۾ ماري ختم ڪري ڇڏيو آهي، مڙس جڏهن پرديس
ڪمائي موٽي اچي ٿو، ته ماءُ کان پنهنجيءَ زال جي
پڇا ٿو ڪري:
گيت ۾ ماءُ ۽ پٽ جا ان بابت سوال ۽ جواب ڏنل آهن.
ماڙي، ٻارهن ورس آويو -- ماڙي، نه ڏسي پاتلي پرمار
رِي،
جاڙيجي مان:
ٻاٻيو ٻوليو، کائڙ ري کيجڙي.
(اي امڙ، آءٌ ٻارهن سالن کان پوءِ آيو آهيان، پر
هوءَ ڪٿي به نظر نٿي اچي، پرمار راجپوتن جي ڌيءُ،
حاڙيجن
راجپوتن جي ڪنيا. کائڙ جي وڻ تي پپيو ٻولي ٿو!)
بيٽا، ايهن پاڻي بهوُ گئي -- بيٽا، ڇوٽوڙو ڏيور
ساٿ:
ٻاٻيو ٻوليو، کائڙ ري کيجڙي.
(پٽ،
ڪنوار ته پاڻي ڀرڻ ويئي آهي، ساڻ ننڍو ڏير به اٿس.
کائڙ جي وڻ تي پپيو ٻولي ٿو.)
ماڙي، جل ٿل سڀ ديکيا، پڻ نهين ديکي پاتلي پرمار
ري،
جاڙيجي مان:
(اي اما، آءٌ کوهه ۽ تلاءَ سڀ ڏسي آيو آهيان، پر
هوءَ ڪٿي به نظر نٿي اچي، پرمارن جي پـُـتلي
ڌيءَ......)
ڏيڪرا، ٻيٺئي ويس ني هٿيار ڇوڙيئي، ڏلئا ڏري آوسي،
ٻاٻيو ٻوليو، کائڙري کيجڙي.
(پٽ، ويهه هٿيار لاهه، هوءَ اَن ڏرڻ ويئي آهي،
اِجها آئي ڪـِـي آئي!)
ماڙي، گهنٽيون ني رئڙا جوئي رهيو، ماڙي نه ديکي
پاتلي پرمار رِي،
جاڙيجي مان:
ٻاٻيو ٻوليو، کائڙ ري کيجڙي.
(امڙ، سڀ چـَـڪيون ڏسي آيو آهيان، پر هوءَ ڪٿي به
نظر نه آئي، پرمارن جي پوپري جاڙيجن جي ڄڻيل.)
ڏيڪرا، ٻيس هٿيار ڇوڙيئي، ڪليا ڪنور، ويس ڌوڪ ني
آوسي ري،
ٻاٻيو ٻوليو، کائڙ ري کيجڙي.
(منهنجا پيارا ڪنور، هٿيار ڇوڙي آرام ڪر، تنهنجي
ڪنوار ڪپڙا ڌوئڻ ويئي آهي، ڄاڻ ته آئي.)
ماڙي، نديون نالا جوئي ديکي ري، ماڙي نهين ڌيءَ
پاتلي پرمار ري،
جاڙيجي مان:
ٻاٻيو ٻوليو، کائڙ ري کيجڙي.
(اي اما، سڀ نديون نهاريم، پر هوءَ ڪٿي نظر نه
آئي: اُها پرمارن جي پياري ڌيءَ، جاڙيجن جي
جوانڙي.)
اينا ٻـُـچڪا مان ڪورِي بانڌنـِـي ري، اي بانڌني
ديک ني بادر هاوَري،
اي گوجارن مان.
انٻلو ورک سوکي ڳيو ري.
(هن بجڪيءَ ۾ سندس نئين ساڙهي پيئي آهي. سندس
ساڙهي ڏسي، دل ٿي گهريم ته ساڌو بڻجي وڃان. او
هـَـتياري امان، اڱڻ ۾ انب جو وڻ سڪي ويو!)
--------
پارڪر جي نج
شعر جو نمونو
(1) گـَـمي ڇٻي گـُـل بدن تارو، چـَـتـُـرا
چـِـت چـَـٽـَـڪي ڇي،
(2) آري وِيوڳ ٿـِـي وَهالـِـس، کـَـري کـَـر
دل ڀـَـٽـَـڪي ڇي.
(3) آتيشَ ڪيس لانبا ڇي، سونـَـوا سـِـرَ
پـَـرَ سوڀي،
(4) آڏيکا اَنـَـترَ ٿي ني، ڦڻيڌر سـِـيسَ
پـَـٽـَـڪي ڇي.
(5) لـِـلاٽي چاندَلو سوڀي، نهاري نيتر لوڀي
ڇي،
(6) شـَـشـِـي ايمِ ڌارِي ني، ڪـُـموُڏُني
مـُـک ڇٽڪي ڇي.
(7) هرڻ سـَـمَ نيتـَـر ڇي تارا، وري وِشال ني
ڪارا،
(8) نيڻ نـِـٿ ٿـِـي نه ٿايو تو، نهين ڪوُڪال
ڇٽڪي ڇي.
(9) گلابي گال ڇي گورا، سوڀت ناڪ ۾ نٿ نـِـي،
(10) اَها نـَـٿَ نوتڻو موتـِـي، آڌَرَ پـَـرَ
ڇيڪ لٽڪي ڇي.
(11) منوهر مـُـک تارون ڇي، تـَـرُوڻي تيج
واروُن ڇي،
(12) شـَـشـِـي شرمائي نيڻ گگني، گـُماوِي
گـَـروَ ڀٽڪي ڇي.
(1) گمي ڇي= وڻي ٿو. تارو=تنهنجو. چترا=چالاڪ.
(2) ويوڳ= وڇوڙو. وهالي= پياري. کري کر=پڪيءَ طرح.
(3) اتيش=
گهڻا. ڪيس= وار. لانبا= لنبا، ڊگها. سونوا= سون
جهڙا، سونهري، سوڀي = سوڀيا ڏئي ٿو، سونهي ٿو.
(4) آڏيکا= ڏسڻ ۾ نه ايندڙ، لڪل، انتر= اندر.
ڦڻيڌر=ڪاريهر. سيس= سر، مٿو.
(5) للاٽي= نراڙ، پيشاني. چاندلو= چندي. نيئر=
نيڻ، اکيون.
(6) ششي= چنڊ، ايم= ايئن. ڪموڏ= ڪنول.
(7) هرڻ سم نيتر= هرڻ جهڙا نيڻ. تارا= تنهنجا.
وشال= گهاٽا.
(8) ٿايو= نوايو، جهڪايو. ڪوڪال= ڪـُـوڪرو، آه
زاري.
(9) گال= ڳل. سوڀت= سونهي ٿو.
(10) اڌر= مٿو.
(11) تارون= تنهنجو. تروڻي تيج وارو= سج جهڙو
چمڪندڙ.
(12) گگني= اُڪاس ۾. گماوي گرو= ايمان ڇڏي.
ننگر پارڪر تعلقي جو شعر
سايون ڪورايون تان، وٿاڻي آيون ڙي،
تاجي ڏوجهاري ڏُسڪا ڀري ڙي:
جاني ڙا، وَهيلو وري آءُ!
سـَـتَ تان سهيليون، پاڻي ڙي گـَـيون ڙي،
تاجـِـي هانجرَ آنسوُڙا هاري ڙي:
جاني ڙا، وَهيلو وري آءُ!
سائو تان سارون ڙو، وينٽڻئي رهيو ڙي،
تاجي وڇوڙي ۾ ويراڳڻ ڦران ڙي:
جاني ڙا، وَهيلو وري آءُ!
ٻيجي ڪو سهيلين، ٽيج ڪو رکي ڙي،
تاجي مرگها نيڻي ميلي ويس ڙي:
جاني ڙا، وَهيلو وري آءُ!
کنوڻ ري ڪڙڪي، مانجي ڇاتي ڪو ڌڙڪي،
چوماسو تڪڙو جائي ڙي:
جاني ڙا، وَهيلو وري آءُ!
--------
پارڪر جي رس رهاڻ ۽ قربائتي ڪچهري
اسان جي سنڌ ۾ نوي سيڪڙو آدم ٻهراڙيءَ يا ڳوٺن ۾
رهي ٿو. ”ڳوٺ“ دراصل سنسڪرت جي ”گوشٽ“ لفظ مان
نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”گوسٿا“ ، جو ڦري
ٿيو ”گئو آستان“ ، معنيٰ ڳانيـِـن جي بيهڻ جو
هنڌ. ڪنهن گام جي گوندري وٽ بيهي نظر ڊوڙائبي ته
گوريون ڳايون (ڳئون)، مينهون متاريون، ڪـُـنڍيون ۽
ڪاريون، ڀـَـليون ڀٽاريون چئني پاسي چـَـرنديون
نظر اينديون. ماڻهو ڪي ميدانن ۾ ته ڪي ڀـِـٽن جي
ڀر ۾، ڪکانئان جهوپڙا اڏي، ساٿين کي سڏي، گوڏو
گوڏي سان گڏي، رهاڻين ۾ روح کي ريجهائي پيا
زندگيءَ جا ڏکيا سکيا ڏينهن ڪاٽين. ڳوٺن ۾ اڄ به
ساڳي سادگي ۽ اصليت ملندي، جا ڳوٺاڻن جو ورثو آهي.
اِهي ئي ننڍا ڳوٺ ۽ بستيون اسان جي ملڪ جو سچو
سرمايو، اسان جي اصليت جو آئينو آهن. ڳوٺڙن جي
زندگي هڪ عجيب ۽ پـُـر لطف زندگي آهي. سارو ڏينهن
سج جي سخت تپت ۾، پيرين اگهاڙا، هٿن ڪهاڙا، پـُـٺن
ساندارا، سـِـيم مـُـهاڙ ڪريو، جهنگ جهاڳيندا وتن-
ڪي ڪاٺين لاءِ ته ڪي سانڍين لاءِ. ڪي وري ساٿين کي
سڏ ڪري، سيم جو چپو چپو جاچي، سج لٿي اچي گهرن
ڀيڙا ٿين. مانيءَ جا چار چـَـڪ ڀري، اچي ڪچهريءَ ۾
ڪانڀ ڪڍي ويهندا. اوتاري جو مالڪ هوند سارو،
حـُـقو ڀري اچي حاضر ٿيندو. ”جهڙو هلامڻ هيرلو،
تهڙي سون سـُـجاڻ.“ مکيه کاڌو ٻاجهريءَ جي ماني ۽
لـَـسي، نه ڪڻڪ سان قـُـرب، نه چانورن سان چاهه.
البت آفيم جي علت ٺـَـڪرن ۽ برهمڻن ۾ ججهيري ڏسبي،
پر واپاري قوم اهڙيءَ علت کان آجي آهي. طبعيت جي
تفريح لاءِ شهرين واري ورونهه صفا ڪانهي. نڪا
سئنيما، نڪو ٿئيٽر، نه وري هنن وٽ هوٽلون آهن، جتي
هو ڪوڙ ڪـُـٽين. جيتوڻيڪ جاهليت منجهن جام آهي، ته
به ڪچهريءَ جا قابل آهن. هنر پروليءَ جو رواج عام
آهي. ڪي ڇند چون، ڪي ڏهيڙا ڏين، ته ڪي ڳجهارتن ۽
ڳوڙهن ۾ ڳالهائين. مطلب ته عجيب غريب موضوع ڇيڙي
ويهندا آهن. هڪڙو ڄڻو اُٿي ڀريل ڪچهريءَ ۾ سوال
وجهندو. سڀ ماٺ ميٺ ۾ سوال ٻـُـڌندا. جنهن کي سوال
ايندو، سو جواب ڏيندو، اهڙي سوال - جواب جو نمونو
پيش ڪجي ٿو.
سوال: ناري ٻولي نيهه سان، تون هو چـَـتـُـرَ
سـُـڃاڻ،
پنج ”پ“ تي پيارا پـُـرش ني، تنهن جا
ڪريو وکاڻ.
(ناري نهايت نرمائيءَ سان چوڻ لڳي ته اهي پنج
شيون ”پ“ جون ٻڌايو، جيڪي پرش کي پياريون هجن.)
جواب: پان، پاگهه، پدمڻي، پريمل ۽ پوشاڪ:
پنج پيارا پـُـرش کي، ڦـِـر پـُـڇ سڏ
پاڳ.
(پان،
پٽڪو، پدمڻي، ڪٽنب ۽ پوشاڪ: اهي پنج ئي شيون مرد
کي پياريون هونديون آهن.)
سوال: ڌن ڌن تنهنجي ڌيان کي، ڌن ڌن راجڪمار،
پنج ”ڪ“ تي پيارا ڪامڻي، ڦـِـر
چئـِـي ڏيکار.
(اي راجڪمارو، جيڪي پنج شيون ڪامڻيءَ کي پسند هجن،
اهي ٻڌايو.)
جواب: ڪنڪـُـو، ڪاجل، ڪانگسي، ڪانچرئو ۽ ڪنٿ:
پنج پيارا ڪامڻي، سـُـڻ پـُـرش
سـُـچنت.
(ڪنڪـُـو تلڪ لاءِ، ڪجل اک لاءِ، ڪانگسي وارن کي
ڏيڻ لاءِ، ڪپڙو اوڍڻ لاءِ ۽ ڪنٿ: اهي پنج شيون
استريءَ کي پياريون آهن.)
تعلقي
ننگر پارڪر جي آدم شماري
|