سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: پراڻو پارڪر

باب؛ --

صفحو ؛ 4

 

ڀوڏيسر

ڀدريشر ننگري، جنهن کي هينئر  ”ڀوڏيسر“  چئبو آهي، سا ننگر پارڪر کان ٻه ميل اُتر - اُلهندي، ڪارونجهر جي هنج ۾ شوڀا ڏيئي رهي آهي. ڀدريشر جي جهونن کنڊرن جو ڀڀڪو ڏسي، ائين ڀانئجي ٿو ته ڪو وقت هو، جو اُتي ڪي تمام خوشحال انسان رهندا هئا. جاين جي بناوت ۽ اَڏاوت کي ڏسي سندن ڪاريگريءَ جو داد ڏيڻو پوي ٿو. الک جي الوپ مايا، پل ڀر ۾ باريڪ بستيون بڻائي، هندورن ۾ هيجائي ٿي، ته کن ۾ هزارين هستيون حيران ڪري، آسودن کي اُجڙ ۽ برباد ڪري ٿي. هن وقت اُهو اڳيون اوج ڪٿي؟ چند کنڊرن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر ڪونه ايندو. صرف سوڍن جا ٻه گهر آهن، جنهن مان پونجوجي سوڍو سچيار آهي، جنهن جي مائٽن انگريزن کي تمام گهڻي مدد ڏني هئي. سندن دور انديشيءَ ۽ بهادريءَ سببان، ڪرنل ايونس جي زوردار سفارش سان، سوڍي ڪاروُڀا جي نالي ڇهه ايڪڙ جاگير مليل آهي.

نوَ ڪوٽي مارواڙ جي ڏوهيڙي مطابق، هانسي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ پاري ننگر ڪيو- ان جو ٻيو ڀاءُ ڀوڏو هو، جنهن اچي ڀوڏيسر وَسائي. تنهن وقت ٽي هزار کن جيني واڻين جا گهر ۽ ٻيا گهر راجپوتن جا ڀوڏيسر ۾ رهندا هئا. جيني واڻين جا ٺاهيل ڏهرا اڃا تائين قائم بيٺا آهن، سي ڏسڻ وٽان آهن. جيني واڻيا تمام شاهوڪار هئا ۽ تخت نشين راڻي ڀوڏي کي خراج پڻ ڀريندا هئا.

راڻي ڀوڏي هڪ زبردست تلاءُ ٺهرايو هو، جنهن جو سڄو ترو ٽامي جو هو. تلاءُ جي ڪناري تي هڪڙو زبردست پٿر بيٺل هو، جنهن هيٺ هڪ هزار ڍڳيون سولائيءَ سان ويهي سگهنديون هيون. تلاءُ ۾ هڪڙي خامي هئي، جو برسات جي موسم ۾ پاڻي سمورو ٻاهر هليو ويندو هو. جوتشين صلاح ڏني ته ڀوڏو راڻو جيڪڏهن پنهنجي ڪا پياري شيءِ قربان ڪندو ته تلاءُ مان پاڻيءَ جي ڦڙي به ٻاهر ڪانه ويندي. راڻي ڀوڏي، پـِـرجا جي فائدي خاطر، وزير سان صلاح ڪري، تلاءُ جي ڪناري تي پنهنجي نور نظر،  ”نارڻسنگهه“  کي ٻل چاڙهيو. هينئر ان تلاءُ ۾ ٻارهوئي پاڻي رهندو آهي. ڀوڏي جي مرڻ کان پوءِ گووند راءُ تخت تي ويٺو. ڀوڏيسر جي تلاءَ بابت وڌيڪ احوال اڳتي ايندو.

سلطان محمود غزنويءَ جو ڀوڏيسر وٽ ٽـِـڪڻ

سلطان محمود غزنوي، جڏهن سومناٿ تي 1026ع ۾ فتح حاصل ڪري واپس غزنويءَ آيو ٿي، تڏهن پاٽڻ جي راجا ڀيم ڏيوَ ۽ اجمير جي راجا ويسرڏيو جي وچ ۾ لڙائيءَ جي خبر ٻڌي، هن پنهنجو ارادو ٿر مان لنگهڻ جو ڪيو. ڪڇ جي رڻ مان لشڪر جي ڀلجي وڃڻ ڪري، کين اُڃ تمام گهڻو هلاک ڪيو. آخر، پاڻيءَ جي ڳولا ڪندي اچي هڪڙي وڏي تلاءَ وٽ نڪتا. اهو ڀوڏيسر جو تلاءُ هو. محمود پوءِ تلاءَ جي ڪناري تي ٻه ڏينهن منزل انداز رهيو، ۽ نشانيءَ طور اُتي هڪڙي  ”کڙوت“  تيار ڪرائي ويو، جنهن کي پوءِ محمود بيگڙي مسجد جي صورت ۾ آندو. ان جو احوال اڳتي ايندو.

راڻو چندن:

گووند راءَ جي مرڻ بعد، سندس پٽ راڻو چندن تخت تي ويٺو. راڻو چندن مها اُپڪاري ۽ مـُـلڪان ملڪ مشهور ٿي گذريو آهي، جيڪو مسلسل چوويهه سال اَڻميو دان ڏيئي پوءِ ڏندڻ ڪندو هو.

هوڏ نه ڪئي هندن، سمو نمايو سـِـيسَ،
ڪروڙ ڏيئي ڏندڻ ڪري، چندن ورس چوويسَ.

 

ڪاشيءَ جي هڪڙي پنڊت جو نبيرو اُجين جهڙيءَ اُجليءَ ننگريءَ کان نه ٿيو. نه وري پاٽڻ جي راجا کي پرک پيئي. مگر ان پنڊت جو پورو انصاف اسان جي سنڌ جي پياري ڀاڱي پارڪر جي راڻي چندن ڪيو.

راڻو چندن دان جي پرتگيا کان اڳ ۾ ڪوڙهه جي موذي مرض ۾ مبتلا هو. ڪوڙهه جهڙي نـُـگري بيماريءَ کان نجات نه ملڻ سبب هو ڪجهه ڏينهن ڪيرٽي گڍ، تعلقي مٺيءَ ۾ وڃي رهيو، جتي مڪواڻن جي حڪومت هئي ۽ ڪيسر مڪواڻو راڄ ڪندو هو، (ڪيسر مڪواڻو، همير سومري سان لڙائي ڪندي مارجي ويو.) هڪ ڏينهن هڪڙو فقير گهمندو ڪيرتيءَ ۾ آيو، جنهن چيو ته ڀوڏيسر جبل جي چـُـر ۾  ”الک واوَ“  (يعني ڳُجهو کوهه) آهي، تنهن مان ڪو پاڻي وٺي اچي ۽ چندن کي غـُـسل ڪرائي ته ڪوڙهه ڇڏي وڃي. ويرو گويل، جو چندن جو ساٿي هو، تنهن اِهو ڪم پاڻ تي هموار ڪيو. ويري گويل گهڻيءَ کوجنا بعد الک واوَ منجهان پاڻي آڻي، چندن کي غسل ڪرايو، ته چندن بلڪل چڱو ڀلو ٿي ويو.

راڻي چندن، ڀٽياڻي ذات جي، جيسلمير جي مهاراجا جي ڪنيا سان شادي ڪئي هئي، اها ڀٽياڻي هڪ نيڪ ۽ ڌرماتما ناري هئي. جڏهن به راڻو چندن ڪيڏانهن ٻاهر ويندو هو ته هوءَ هڪڙي جوتش وديا جي ڄاڻوءَ برهمڻ کان هر روز پڇا ڪندي هئي ته:  ”راڻو هن وقت ڇا ڪندو هوندو؟ برهمڻ کيس ٻڌائيندو هو ته:  ”راڻو فلاڻي هنڌ فلاڻو ڪم ڪري رهيو آهي، وغيره.“  برهمڻ جون ڳالهيون، تجربي جي بناء تي، سڀ سچيون نڪرنديون هيون. هڪڙي ڏينهن راڻو چندن ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويو، ته اُن جوتشي برهمڻ کي به ساڻ وٺي ويو. ڀٽياڻيءَ جڏهن دستور موجب برهمڻ کي طلب ڪيو،ته برهمڻ جو ڀاءُ اچي حاضر ٿيو، جنهن کي جوتش جي علم جي خيرڪا خبر هئي. ڀٽياڻيءَ برهمڻ جي ڀاءُ کان به راڻي چندن بابت ساڳي پڇا ڪئي. هن بنا سوچ ويچار جي کڻي جواب ڏنو ته:  ”راڻو صاحب گذاري ويو!“  ڀٽياڻيءَ اها ڳالهه ٻڌي اهڙي ته ڏک ۾ وٺجي ويئي، جو وڌيڪ ڪجهه به ڪونه ويچاريائين ۽ بي علم برهمڻ تي اعتبار ڪري، هڪدم اگني تيار ڪرائي، ستي ٿيڻ لاءِ کڻي مچ ۾ ٽپو ڏنائين. ايتري ۾ راڻو چندن اچي رهيو هو، تنهن هڪل ڪئي، پر ڀٽياڻيءَ جو سرير جلي خاڪ ٿي چڪو هو. اڄ ڏينهن تائين ڪارونجهر جبل ۾ اُلهندي پاسي جيڪا ندي نڪري ٿي، اُن کي  ”ڀٽياڻي ندي“  ڪري چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته ڀٽياڻي راجپوتڻ اُن نديءَ واري هنڌ ئي ڏاگهه چڙهي سـَـتي ٿي هئي. ان وقت راجپوتڻ جا گروُ راجگـُـر برهمڻ هئا، پر هن واقعي کان پوءِ سوڍن شر مالهي برهمڻن کي گروُ تسليم ڪيو، جي اڄ ڏينهن تائين هليا اچن. سوڍن، راجگـُـرن کي ڪڍي ڇڏيو. راڻي چندن جو چاهه پنهنجي راڻيءَ سان ڏاڍو هو، تنهنڪري سندس سـَـتيءَ ٿيڻ بعد دک ۾ گذارڻ لڳو ۽ نيٺ ڳڻتيءَ ۾ حڪومت ڇڏي ڏنائين.

دشمنن کان بچاءَ خاطر، ڪارونجهر جبل ۾، راڻي چندن هڪڙو زبردست قلعو ٺهرايو هو، جنهن کي  ”چندن گڍ“  چوندا آهن. لڙائيءَ جي وقت راجپوت ان قلعي ۾ ويهي دشمن سان مقابلو ڪندا هئا. تروٽ جي لڙائيءَ وقت ڏيسا فوج جي توبن اُن قلعي کي ڊاهي ڇڏيو آهي، پر اڃا به ڏسڻ جهڙا نشان آهن.

راڻي چندن جو اولاد:

عام روايت موجب ۽ ڪن ليکڪن به لکيو آهي ته راڻي چندن جا ٻه پٽ:  ”سائر“  ۽  ”نير“  نالي هئا، جيڪي زبردست ڌاڙيل هئا. مگر هيءَ ڳالهه ٻي آهي، جا هيٺينءَ ريت آهي: چنپانير ننگريءَ جو راجا چندنسين هو، جنهن کي ملائگيري نالي راڻي هئي. قسمت جي چڪر سان هنن کان راڄ هليو ويو، تنهنڪري راجا چندنسين پنهنجيءَ راڻيءَ ۽ ٻن پٽن سميت جهنگ ڏانهن هليو ويو. جهنگ ۾ رُلندي، راجا چندن کان پنهنجا ٻه پٽ، نالي سائر ۽ نير، جدا ٿي ويا. سائر ۽ نير رات جو هڪ وڻ هيٺ سـُـتا پيا هئا، ته هڪڙي نانگ سائر کي ڏنگي وڌو ۽ هو بلڪل بيهوش ٿي مـُـڙدي سما ٿي پيو. ننڍي ڀاءُ ڏٺو ته سائر مري ويو آهي، سو ان جي جدائيءَ ۾ روئندو، هڪڙي شاهي رستي ڏانهن رخ رکي اُٿي هليو. جنهن رستي تان نير وڃڻ وارو هو، تنهن شهر جي بادشاهه کي اولاد ڪونه هو، تنهنڪري ان ڏينهن هن ڍنڍورو گهمايو ته صبح جو سوير جنهن جي ڳچيءَ ۾ هاٿڻ گلن جي مالها وجهندي، ان کي پنهنجو راڄ ڀاڳ سونپيندس. صبح جو سوير نير اُن شهر جي دروازي وٽ پهتو ته هاٿڻ اچي نير جي ڳچيءَ ۾ ڦـُـلن جي مالها وڌي ۽ بادشاهه نير کي سمورو راڄ پاٺ لکي ڏنو. اهڙيءَ طرح نير بادشاهه ٿي ويو. ٻئي طرف، جهنگ ۾ صبح جو هڪڙو جوڳي اُتان لانگهائو ٿيو، جتي نانگ جو ڏنگيل سائر بيهوش ٿيو پيو هو. جوڳيءَ ڪنهن ٻوٽيءَ جي وسيلي کيس سجاڳ ڪيو. پوءِ سائر به رلندو رلندو، ان ساڳئي شهر ۾ اچي، ڪو ڌنڌو ڪرڻ لڳو. پر نير جي بادشاهيءَ جي کيس ڪا سـُـڌ ڪانه هئي.

راجا چندن کان ملائگيري به جدا ٿي ويئي هئي- ڪاٺين وڪڻندي، ان جو حـُـسن ڏسي، هڪڙو سامونڊي واپاري کيس زوريءَ ڀڄائي ويو هو. ملائگيريءَ ان رهزن واپاريءَ کي وچ درياءَ ۾ پاڻيءَ جي سپرد ڪري ڇڏيو. سائر کي ان سموريءَ ڳالهه جي سڌ هئي. ڪن ڏهاڙن بعد نير ڍنڍورو گهمايو ته جيڪو ماڻهو  ”چندن - ملائگيريءَ“  جي ڳالهه درٻار ۾ ڪري ٻڌائيندو، تنهن کي موتين جو ٿالهه انعام ڏنو ويندو. سائر کليل ڪچهريءَ ۾ چندن - ملائگيريءَ جي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي. نير اها ڳالهه ٻڌي، پنهنجي ڀاءُ کي سڃاتو ۽ پوءِ ماءُ ۽ پيءُ جي ڳولا ڪرائي، انهن کي به آڻي پاڻ وٽ رهايو. تنهن کان پوءِ سڀ آنند سان خوش گذارڻ لڳا.

ڪـِـٿ چندن، ڪٿ ملائگيري، ڪٿ سائر، ڪٿ نير،
جـَـڏَ جڏ وِ پتي پـَـڙي، سوُسائي گـِـيو سرير.

 

روايت آهي ته راڻي چندن پنهنجي پياريءَ ۽ ڌر ماتما راڻيءَ جي سـَـتي ٿيڻ بعد راڄ ڇڏي ڏنو ۽ ڪوڙهه جي بيماريءَ وقت، ڪيرٽيءَ ۾ مڪواڻن وٽ رهيو هو، تن جي ٿوري لاهڻ لاءِ مڪواڻن کي حڪومت لکي ڏني هئائين.

ڪيرٽيءَ جو ڪيسر مڪواڻو:

ڪيرٽي، مٺي تعلقي ۾ چوڏهن ميل ڏکڻ ڏانهن آهي. منجهس بـَـستي راجپوتن جي آهي. اڳي مٺي تعلقي جي ڪڇ رياست ۾ شامل هئڻ ڪري، ڪيرٽي پڻ ڪڇ رياست ۾ هئي. ان ۾ وياس نالي هڪ بهادر سردار رهندو هو. مرڻ مهل، بستري تي ليٽيل وياس جي گهڻيءَ بيقراريءَ ۽ ملولائيءَ کي ڏسي، سندس ننڍي پٽ ڪيسر پڇيو ته:  ”اي پتاجي، توهان جي دل ۾ ڇو آنڌ مانڌ ٿئي ٿي ۽ من ڇو وياڪـُـل ۽ تڙڦندو نظر اچي ٿو؟ مهرباني ڪري سموري ماجرا جو کولي بيان ڪريو.“  اها ڳالهه ٻڌي، اجل جي ويجهو آيل وياس چوڻ لڳو ته:  ”اي پٽ، سنڌ ۾ منهنجو هڪ دشمن، همير سومرو رهي ٿو، جنهن جي راڄڌانيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، نهايت سندر ۽ رمڻيڪ آهي. ان سان لڙائي ڪرڻ جي منوڪامنا پوري ٿي نه سگهي آهي، تنهنڪري منهنجو من وياڪـُـل ۽ تڙڦي رهيو آهي. اوهان مان ڪو به همت ۽ طاقت ساري، همير سومري جا سوا سؤ سهڻا گهوڙا چورائي آڻي پنهنجن ڀاٽن ۾ ورهائيندو ۽ اهڙو مون کي وچن ڏيندو، ته منهنجو جيءُ شانت ٿيندو.“  ان وقت وياس جي اڳيان سندس ڪيترا پٽ پوٽا،ڀاءُ ڀرات ويٺل هئا، مگر ڪنهن کي به همير سومري جي گهوڙن کي هيري اچڻ جي جرات ڪانه ٿي. نيٺ پڇاڙيءَ جو ڪيسر جهالو، جو سڀني کان ننڍو هو، تنهن پيءُ جي اِڇا پوري ڪرڻ جي پرتگيا ڪئي ۽ پيءُ جي هٿ ۾ پاڻي ڏنو، ته هڪدم وياس جو پراڻ - پکيئڙو پڃري مان اُڏامي ويو.

ٿورن ڏينهن بعد پيءَ جي ڏنل پرڻ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪيسر سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. هن پنهنجي عزيزن خويشن کي لڙائيءَ تي هلڻ لاءِ للڪاريو، پر سنڌ هلڻ لاءِ سڀئي پـِـڙ ڪڍي بيهي رهيا. تڏهن ڪيسر اڪيلو پنهنجي طاقت تي وشواش رکي سنڌ ۾ آيو، ۽ همير جا سوا سؤ گهوڙا چورائي اچي ڀاٽن کي ورهائي ڏنائين. پر همير سومرو عيش ۽ آرام ۾ محو هو، تنهن گهوڙن بابت پڇا ڪانه ڪئي. تڏهن ٻئي وقت ڪيسر، همير سومري جا سنڌو نديءَ جي ڪناري تي بيٺل ست سؤ سهڻا اُٺ چورائي، پنهنجن ڀاٽن کي ورهائي ڏنا. ان وقت به عيش جي نشي ۾ مدهوش سومري ڪا به سـُـڌ نه رکي. ٽئين وقت ڪيسر جهالي، امرڪوٽ تي چڙهائي ڪري، هڪ سؤ ويهه سندر ۽ حسين سومريون آڻي، هڪ - هڪ سومري پنهنجن عزيزن کي ورهائي ڏني. تڏهن عياش سومري ٿوري اک کولي ۽ پنهنجن صلاحڪارن کي ڪيسر ڏانهن موڪليو ته سومريون واپس ڏئي. جواب ۾ ڪيسر چوائي موڪليو ته:  ”اهي اسان جون استريون ٿي وييون آهن، تنهنڪري سومرين جي پچر ڇڏي ڏئي.“  اهڙي اڍنگي جواب ملڻ بعد، ڏهه سال ٻيا به گذري ويا. تنهن کان پوءِ همير پنهنجي هڪ قاصد کي ڪيسر ڏانهن موڪليو ته:  ”توسان لڙائي ڪرڻ جي مون کي ڏاڍي خواهش آهي، پر تنهنجو ملڪ ڪـَـڪرن وارو آهي، تنهنڪري لشڪر جي خوراڪ جو ڪهڙو بندوبست ٿي سگهندو؟“  ڪيسر جواب ڏياري موڪليو ته:  ”خوراڪ جي لاءِ تون فڪر نه ڪر، مان هڪ هزار ايڪڙ ۾ ڪڻڪ پوکايان ٿو، تنهن مان تنهنجي لشڪر جو گذران چڱيءَ طرح ٿيندو.“  آخر، هڪ سال کان پوءِ، همير سومرو ڪيرٽي گڍ تي چڙهائي ڪري آيو. ٻئي ڌريون ڏاڍي بهادريءَ سان وڙهيون. نيٺ همير سومري ڪيسر کي ڪيرائي، سيني ۾ ڪٽاريءَ جو اهڙو ته اونهو گهاءُ ڪيو، جو ارڙنهن فوٽ ڪيسر جو جسم زمين تي ڌوء هيٺ ڪري پيو، ۽ همير جي جيت ٿي. هڪ سؤ ويهه سومريون اگنيءَ ۾ جلي ڀسم ٿيون. ڪيسر جي پـُـٽ هر پال، پاٽڻ ۾ راجا ڪـِـرڻ وٽ وڃي پناهه ورتي. هرپال، ڪـِـرڻ واگهيلي وٽ رهي، پنهنجي هوشياريءَ ۽ چالاڪيءَ سان ڪيترا دفعا لڙائيءَ ۾ ڪـِـرڻ کي بچايو. هڪڙي ڏينهن ڪـِـرڻ راجا کي چيو ته:  ”تون هڪڙيءَ رات جيترن ڳوٺن ۾ ڦـِـري ايندين، اهي سڀ ڳوٺ تو کي بخشش ڪيا ويندا.“  هرپال فقط هڪڙيءَ رات ۾ ٻه هزار ڳوٺ ڦـِـري آيو ۽ ڪـِـرڻ کي انجام پٽاندر اُهي ڳوٺ هرپال کي ڏيڻا پيا. هرپال پنهنجي راڻيءَ کي وٺي وڃي ڀال شهر ۾ رهيو- ۽ پوءِ اهو شهر  ”ڀال“  ضلعو بڻيو.

ڊريل مڪواڻو

راڻي چندن جي وڃڻ کان پوءِ، ڊريل مڪواڻي اچي پارڪر تي قبضو ڪيو. هن ڳچ وقت تائين بادشاهي ڪئي. تنهن کان پوءِ رتي ڪوٽ کان ميگهه سينڌل وٽ آيو. ميگهه سينڌل چيو ته:  ”بادشاهي پرمارن جي ۽ کائين مڪواڻا!“  تنهنڪري هـُـو ڊريل مڪواڻي کي مارڻ جا گهاٽ پيو گهڙيندو هو. هڪڙي ڏينهن هن ڌنراج نالي گونگڙيءَ جي چارڻ سان مڪواڻي کي مارڻ جي صلاح ڪئي. ڌنراج چيو ته:  ”اسان کي سوڍن جا چارڻ لکي ڏيو، ته صلاح سهڻي ڏيانوَ.“  ميگهه سينڌل ڌنراج چارڻ جو اهو شرط پورو ڪيو. پوءِ ڌنراج چيو ته:  ”ڊريل مڪواڻو روز سج اُڀرئي کان اڳ ۾ ٻانڊيءَ تي ديويءَ جي پوڄا لاءِ اڪيلو بغير هٿيارن جي وڃي ٿو: اوهين ان وقت واٽ تي کيس ماري، پارڪر تي قبضو ڪري وٺو. چارڻ جي صلاح وٺي، سينڌلن، ڊريل کي ماري پارڪر تي قبضو ڪيو.

ڪارونجهر تـَـنان ڪَ جـَـسَ، ڪـَـجـَـسي ميڙيو ڪاج،
ڊريل مڪواڻو ماراؤتان، ڌوڙ کاڌي ڌنراج.

 

سينڌلن جي پارڪر تي حڪومت

پوءِ اچي ميگهه سينڌل پارڪر تي راڄ ڪيو:

سينڌل سوڍي ناس ڪيجيو، رتي ڪوٽ راڻو،
ميگهه پارڪر کٽيو، ماري مڪواڻو.

 

ميگهه سينڌل جي وقت ۾ دهليءَ جي بادشاهن جون وقت بوقت پارڪر تي ڪاهون ٿينديون هيون، تنهنڪري ميگهه سينڌل ساري پارڪر ۾ فرمان ڦيرايو ته سڀ ماڻهو پنهنجا گهر وڃي جبل ۾ ٺاهين، ته جيئن دهليءَ يا احمد آباد جي بادشاهن کي ڪا به خبر نه پوي ته پارڪر ۾ ڪو ماڻهو رهي ٿو يا نه. حڪم جي ترت تعميلات ڪئي ويئي، ۽ ماڻهن پنهنجا گهر وڃي جبل ۾ ٺاهيا. اڄ ڏينهن تائين اُنهن گهرن جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جهونو ڪاسبو، گارڙيو، موندرو، ڏونگري، راڻپر وغيره، سڀ جبل ۾ ڳوٺ هئا. فقط هڪ سورو چارڻ، ڳوٺ سوراچند جو، تنهن چيو ته:  ”مون وٽ مال جهجهو آهي، تنهنڪري مان نه ويندس.“  ڳوٺ سوراچند تي نالو به سوري چارڻ تان پيل آهي. اڄ ڏينهن تائين ان جي کوٽايل کوهه کي  ”سوريو ڪوئو“ ، ۽ تلاءُ کي  ”سوريو تلاءُ“  چوندا آهن.

احمد آباد جي بادشاهه جي پارڪر تي ڪاهه

ميگهه سينڌل کان پوءِ، سندس پٽ پنراج سينڌل گاديءَ تي ويٺو. پنراج سينڌل، ڪارونجهر جبل ۾ ساڙدري کان مٿڀرو هڪ قلعو ٺهرايو، جنهن کي  ”پنراج گڍ“  چوندا آهن. قلعي جا نشان اڃا تائين ظاهر آهن. سندس ڏينهن ۾، احمد آباد کان جڏهن گجرات جي احمد شاهه پارڪر تي چڙهائي ڪئي، تڏهن ان کي ڪا به پهر ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. صرف سوراچند ۾ سوريي جي جهوپڙي هئي. بادشاهه جي لشڪر سوريي جي وانڍ کي وڃي گهيرو ڪيو ۽ ان کي چيو ته:  ”اوهان جو راڻو هلي ڏيکار، نه ته تنهنجو سـِـر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو.“  سوريو چارڻ ان لشڪر کان اجازت وٺي پنراج وٽ آيو، ۽ واڪو ڪري کيس چيائين ته:  ”راجپوت آهيو ته مون کي بچايو ۽ هلي بادشاهه وٽ حاضر ٿيو.“  پنراج چيو ته:  ”اي چارڻ، مان ڪڏهن به بادشاهه وٽ حاضر نه ٿيندس: آءٌ پنهنجي سسي وڍي ٿو ڏيانءِ، سا کڻي وڃ.“  ائين چئي، پارڪر جي هن بهادر راجپوت، تلوار سان پنهنجو سـِـر وڍي کڻي چارڻ کي ڏنو:

ڦڳڻ ماس ورس اَٺانؤ، تـِـٿ تيرَسَ ٻـُـڌوار،
سينڌل سـِـر سماپتيو، پـُـڃ ڌاري پـَـنـَـراج.

 

چارڻ اُن سـُـورمي جو سـِـر کڻي بادشاهه کي سونپيو ۽ چوڻ لڳو:

 ”سينڌل نه هوي ڀڄڻا، وانڍي گام رو وِير،
جنهن نـِـمايو نيلو
ُئو، کٽيو کنڊ کڙهير.“

 

بادشاهه بهادر راجپوت جو سـِـر ڏسي ارمان ۾ پئجي ويو ۽ پوئين پيرين احمدآباد پهتو.

پنراج جو اولاد، صابو سڻ وارا سينڌل آهن.

ڪاجل شاهه ۽ بجل شاهه

هيءُ ارب - پتي اوسواڙ، پاري ننگر جا رهاڪو هئا. پاري ننگر جي ناس ٿيڻ تي  اچي ڀوڏيسر ۾ رهيا هئا. ڪن ڳالهين ۾ ڀوڏيسر جي سوڍن ۽ اوسواڙن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پيئي هئي، تنهنڪري ڏياريءَ جي رات پنهنجن گهرن ۾ ڏيئا ٻاري گجرات ڏانهن هليا ويا، ۽ ويندي هي لفظ لکي ويا:

 ”ڪاجل ڏيکسو ڪـُـوپڙي، ويجل واڏڙي.“

(هاڻ ڪجل صرف ڪپڙين (دٻلين) ۾ ئي ڏسندا، ۽ بـِـجل (وڄ) بادلن ۾ ئي چمڪندي ڏسندا.)

پوڻي ڏهـَـرو

ڀوڏيسر ۾ هن وقت جيڪي ڊٺل ڏهرا نظر اچن ٿا، تن ۾ پوڻي ڏهرو ڏسڻ وٽان آهي. ان جي اُُنپن ٿيڻ جي هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي: ڀوڏيسر ۾ جين قوم جي هڪ مائي رهندي هئي، جا هر روز هڪ پوڻي سـُـٽ جي ڪتيندي هئي. ڪيترن سالن کان پوءِ اُن سـُـٽ جي پئسن مان هـُـن اهو ڏهرو ٺهرايو. پوءِ ته مائيءَ وٽ اڪيچار ڌن اچي پلئه پيو. مائيءَ اهو سمورو ناڻو ڏهري جي مٿئين گنبذ ۾ چـُـڻايو. اوچتو مائيءَ جو مرتيو ٿيو ۽ اُهو ڌن اُن گنبذ ۾ ئي پوريل رهجي ويو.

سوڍن سان ڪن ڳالهين ۾ اڻبڻت هئڻ ڪري، جڏهن جيني لڏي گجرات ڏانهن ويا، تڏهن اُن مائيءَ جا چونپڙا ۽ ٻيو جيڪو سامان هو، سو به کڻي ويا. هڪ ڏينهن هڪ واڻئي اُن مائيءَ جو لکيل چونپڙو پئي پڙهيو، ته ان ۾ لکيل هو:  ”ماٿو واڍي، مال ڪاڍي“ - يعني منهنجو مٿو وڍ،پوڻيءَ ڏهري مان مال ڪڍ. پوءِ اهو واڻيو مصنوعي طرح چريو ٿي، ڪي ڏينهن ڀوڏيسر رهندو هو. هڪڙي رات، وجهه وٺي، گنبذ ڪيرائي، ڌن کڻي، رفوچڪر ٿي ويو. اڄ ڏينهن تائين ڀوڏيسر جي ٻين ڏهرن جا گنبذ سلامت بيٺا آهن، ۽ پوڻي ڏهري جو گنبذ ڪـِـريل نظر اچي ٿو.

 

---------

 

 

 


 

ڀوڏيسر جو تلاءُ

هيءُ تلاءُ ڀوڏي پرمار عيسوي ڇهين صديءَ ۾ ٺهرايو هو. ڀوڏي جو پورو نالو  ”ڀدريشر“  هو، جنهنڪري ڀوڏيسر جو اصل نالو  ”ڀدريشر ننگري“  آهي. هن تلاءُ جي ويڪر ٻه سؤ فوٽ ۽ ڊيگهه اُن کان ٻيڻي آهي. اڳي ان جي ڪناري تي هڪ پپر تمام ڊگهو ۽ ويڪرو بيٺل هو، جنهن هيٺ هڪ هزار ڍڳيون سولائيءَ سان ويهي سگهنديون هيون. هينئر اهو پپر پورجي ويو آهي. اُتي جي قديمي رهاڪن جو چوڻ آهي ته سؤ کن سال اڳ تائين هن پپر جو ڪجهه حصو ڏسڻ ۾ ايندو هو. چون ٿا ته تلاءُ جو سڄو ترو ٽامي جو هو ۽ ان کي  ”ڀوُتن جو تلاءُ“  ڪري ڪوٺيندا هئا. ان بابت عجيب غريب ڏند ڪٿائون مشهور آهن. تلاءُ جي ڪناري تي ڇهه - ست پپر بيٺل آهن، جي اُنهن راجپوتن جي يادگيريءَ جا آهن، جي لڙائيءَ ۾  ”جهونجهار“  ٿيا آهن. پٿرن تي بهادر راجپوت، گهوڙن تي سوار ٿيل آهن، ۽ هٿن ۾ تلوارون ۽ ڀالا اٿن. هيٺان گجراتيءَ ۾ ڪجهه اکر لکيل آهن، پر پڙهڻ ۾ نٿا اچن، رڳو  ”ڪلجي“  جو نالو ظاهر بيٺو آهي، جو تروٽ واريءَ لڙائيءَ ۾ انگريزن سان لڙيو هو. تلاءُ جي ٿورو هيٺ تمام جهوني زماني جو هڪڙو ننڍڙو شـَـِـو جو مندر ٺهيل نظر اچي ٿو ۽ اُن جي پاسي ۾ مسجد شريف آهي. ڏاکڻي پاسي جينين جا چار ڏهرا اڃا تائين سلامت بيٺا آهن. هيءُ تلاءُ برسات جي موسم ۾ ڀرجي تار ٿي ويندو آهي، تڏهن ٻارهن مهينا پاڻي هلندو آهي. سلطان محمود غزنوي ٻه ڏينهن هن تلاءُ وٽ ٽڪيل رهيو ۽ محمود شاهه بيگڙي ۽ سوڍن جي وچ ۾ جنگ هن تلاءُ وٽ لڳي هئي. هن تلاءُ کي  ”ڀوتن جو تلاءُ“  چوڻ ڪري، گهڻا ماڻهو هتان رات جو ڪونه لنگهندا هئا.

ڀوڏيسر جي تلاءَ ۾ هوٿل پريءَ جو آستان

پارڪر واري ڀاڱي تان جڏهن سمنڊ سڪي ويو، تڏهن پهرين اُتي سڃ ئي سڃ لڳي پيئي هئي ۽ سڄيءَ زمين تي وڻڪار ايتريقدر هئي جو ماڻهو هٿ ۾ هٿ ڏيئي، هڪٻئي کي ڏسي نه سگهندا هئا. چون ٿا ته اُن وقت ڪارونجهر ۾ پريون رهنديون هيون. مشهور  ”هوٿل“  پري، جنهن پرت جو پيچ اوڍي ڄام سان پاتو، تنهن جو آستان به ڪارونجهر جبل ۾ هو. ڪي چون ٿا ته ڀوڏيسر جو تلاءُ ديون کوٽيو هو. اِهو تلاءُ تمام وڏو هو ۽ ان جي ڪناري تي هڪڙو وڏو پپر بيٺل هو: پريون ان پپر تي ويهي راند ڪنديون هيون ۽ سـَـنان ڪنديون هيون. برٽن صاحب لکي ٿو ته: هوٿل پدمڻي، اوڍي سان گڏجي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪارونجهر جبل ۾ ڪي سال گذاريا ۽  ”جيسل“  ۽  ”جکري“  جو جنم به اُتي ٿيو. جيئن ته هوٿل پدمڻيءَ جو واسطو ڪارونجهر سان آهي، تنهنڪري دلچسپيءَ خاطر ان جي مختصر آکاڻي هيٺ ڏجي ٿي.

هوٿل پريءَ جي آکاڻي

اوڍو ڄام، سما خاندان جو هڪ فرد هو. سمن تڏهن اڃا اسلام نه قبوليو هو. اوڍي ڄام جا مائٽ مور ۽ منائي، سنڌ جا رهاڪو هئا ۽ پوءِ سنڌ مان ڀڄي اچي ڪڇ ۾ رهيا. اتي به انهن ظلم ٻاري ڏنو، تنهنڪري انهن جو نالو ئي  ”ڪيهر“  پئجي ويو. منائيءَ جي ٽينءَ پيڙهيءَ ۾ هوٿي ڪيهر پيدا ٿيو، جنهن جو ٻيو ڀاءُ اوڍو ڄام هو. سندس بهادريءَ جا ڪارناما ڪيراڪوٽ جي ٻچي ٻچي کي ياد هئا.

هڪڙي ڀيري، اٺن مهينن تائين ٻاهر رهڻ کان پوءِ، بهادر ۽ نيڪ سيرت اوڍو گهر اچي رهيو هو، جنهنڪري هوٿيءَ جي محل ۾ بيحد آنند ڇانيل هو ۽ ان کي خوب سينگاريو ويو هو. اوڍي جي سواري، ڄام هوٿيءَ جي راڻيءَ  ”ميلڻڏيءَ“  جي ماڙيءَ هيٺان لنگهي، سڌي راڄ - محل ڏانهن هلي ويئي. ان وقت ميلڻڏي پنهنجا سهڻا ڊگها وار ماڙيءَ جي دريءَ وٽ سڪائي رهي هئي. پنهنجي ڏير اوڍي جي مرداني سونهن ڏسي، هوءَ سندس عشق ۾ گرفتار ٿي ويئي. بيقراريءَ وچان سڄي رات کيس ننڊ ڪانه آئي. صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ئي ، داسيءَ هٿان اوڍي کي پنهنجيءَ ماڙي ۾ اچڻ جي نينڍ موڪليائين. اوڍو، پنهنجي ڀاڀيءَ جو حڪم اکين تي رکي، هڪدم اچي رنگ محل ۾ حاضر ٿيو. راڻيءَ کي سـِـيس نوائي، چيائين:  ”ماتاجي، پرڻام!“  ميلڻڏي  ”ماتا“  جو لفظ ٻڌي خفي ٿي ۽ پوءِ ڏاڍيءَ خوشامد سان اوڍي کي چيائين:

 ”اوڍا نه ويهه اونپري، هي پلنگ پيو،
آڌي رات اُٺ تان، اوڍو ياد ڪيو.“

 

اوڍي ڀاڀيءَ جي بدليل اکين کي صحيح ڪري ورتو ۽ جواب ڏنائين:

 ”هيءُ پلنگ هوٿيءَ جو، هو منهنجو ڀاءُ،
تنهن جي تون گهر واري ٿئين اسان جي ماءُ.“

 

پر ميلڻڏيءَ جي من ۾ اوڍي جي موهه اهڙو مچ مچايو هو جو بي حجابيءَ سان پنهنجي عشق جو اظهار ڪرڻ لڳي:

 ”چوڏهن ورس ۽ چار، اوڍا، اسان کي ٿيا،
نظر کڻي نهار، هـِـنئون نه رهي هيڪلو.“

 

پر اوڍو سچو راجپوت هو، سو پنهنجيءَ ويرتا ۽ سيرت کان هڪ انچ به نه سـِـريو ۽ چوڻ لڳو ته  ”ڀاءُ جي استري ماتا سمان آهي“ . راڻي غصي ۾ اچي چوڻ لڳي ته:  ”هينئر ئي منهنجي منٿ مڃ، نه ته سڀاڻي هن سر زمين لاءِ سڪندين!“  اوڍو چوڻ لڳو ته:  ”پرواهه ناهي. اهڙي ڀاري ڪلنڪ لاءِ پنهنجي جنم ڀومي، ڪيراڪوٽ کي ڇڏڻو پيم ته مون کي سؤ دفعا سويڪار آهي.“

ٻئي ڏينهن، جيئن ڄام هوٿي محل ۾ گهڙيو ته اُجالي بدران انڌارو ڏٺائين. راڻي هڪ انڌاري آسري ۾ وار کولي، ڪارا ڪپڙا ڪري، ليٽي پيئي هئي. اهو منظر ڏسي، هوٿيءَ جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. راڻيءَ کان پڇيائين ته:  ”اڄ رنگ محل ۾ اونداهي ڇو آهي؟ تنهنجا سورهن سينگار ڪيڏانهن ويا؟“  راڻيءَ، مڪر ڪري، هڪ اونهي آه ڀري ۽ اوڍي جي خلاف هوٿيءَ جا ڪـَـن ڀريا. هوٿي، استريءَ وس ٿي، ڪوڙيءَ ڳالهه کي سچي سمجهي، اوڍي کي حڪم ڪيو ته:  ”چئن پـَـهرن اندر ڪيراڪوٽ ڇڏي وڃ!“  اوڍي ڀاءُ جو حڪم قبول ڪيو.

ميا ڀري مال، اوڍي اُچارا ڪيا،
کيرا تو جـُـهار، ڪيهر هليو ڪڇ ڏي.

 

اوڍو ڄام، گهوڙي تي چڙهي، پنهنجيءَ جنم ڀوميءَ کي هميشه لاءِ تياڳي، گجرات ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. گام جي گوندر وٽ، پنهنجي پياري وطن کي الوداع ڪندي، ڪيراٽ جي ڏونگر کي چوڻ لڳو:

 ”کيرا تو جـُـهار، سؤ سؤ سلام سنڀري،
تو نوَ لکو هار، اوڍي ويل نه وسارج.“

 

ائين چئي، گهوڙي جي مـُـهاڙ گجرات ڏانهن ڪيائين، جتي سندس ماساتي ڀاءُ، ويسلڏي واگهيلو، پاٽڻ ۾ راڄ ڪندو هو.

ويسلڏي واگهيلي پنهنجي ڀاءُ اوڍي جو سٺو آدرستڪار ڪيو ۽ گذريل ڏک آهستي آهستي اوڍي جي اندر مان الوداع ڪرڻ لڳا. هڪڙي ڏينهن، اوچتو، واگهيلي کي جهونو ويري تـَـن تي تري آيو ۽ اونهي آه ڀري، اوڍي کي چوڻ لڳو:

 ”کاوان ويٺو کيڻ، ويسلڏي نسـِـاسو ڀريو،
وڏو مٿي ويڻ، ٽـِڪو ٻانڀڻيا تڻيو.“

 

(اي اوڍا ڄام، ٻانڀڻيا بادشاهه جو ڪٺڻ ڪلنڪ ۽ ڀاري مهڻو منهنجي مٿي تي آهي. جيستائين ننگر سموئيءَ جون ست - ويهون سانڍيون سـِـرڪائي نٿو اچان، تيستائين ڌان بدران ڌُوڙ ٿو کان.)

ان وقت سنڌ ۾ ننگر سموئيءَ تي ڄام ٻانڀڻيو بن خيرالدين حڪومت ڪندو هو. اوڍو نهايت نرمائيءَ سان واگهيلي کي وينتي ڪرڻ لڳو ته:  ”پارڪر جا پوٺا مون پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيا آهن، مون کي ٿورا ماڻهو ڏيو ته هڪ پلڪ ۾ ٻانڀڻيي جون سانڍيون سـِـرڪائي، پاٽڻ کان به پري ڪريان!“  پوءِ اوڍي ڄام، ساٿ کي سنڀرائي، گهوڙن جي مـُـنهن جي مهاڙ سموئيءَ جي سيم ڏانهن ڪئي.

ٻئي طرف، سگال نگامرو نالي هڪڙو ڪڇ جو راجپوت هو، تنهن کي ٻه پٽ هئا ۽ هڪڙي ڌيءُ جنهن جو نالو هو  ”هوٿل“ . هوٿل هڪ پريءَ جو اوتار هئي، پر ڪنهن سراپ سان انساني جنم ورتو هئائين. سگال نگامرو جڏهن مرڻ نزديڪ ٿيو، تڏهن اولاد کي چوڻ لڳو ته:  ”منهنجو جنم سجايو نه ويندو، ڇاڪاڻ ته منهنجو دشمن، ننگر سموئيءَ جو بادشاهه، ٻانڀڻيو، هميشه مون سان لڙندو رهندو هو- اوهان مان ڪو به مون کي وچن ڏئي ته هو ٻانڀڻيي بادشاهه کي شڪست ڏيندو، ته منهنجو ساهه سولو نڪري!“  ٻانڀڻيي سان لڙائي ڪرڻ جي ڪنهن کي به همت نه ٿي، تڏهن هوٿل وچن ڏنو ته مان اُن بادشاهه کي شڪست ڏينديس. ائين چئي، مردانو ويس ڪري، گهوڙي تي چڙهي، سنڌ طرف رواني ٿي. پنهنجو مردانو نالو رکيائين-  ”ايڪلمل“ .

هوڏانهن، اوڍي ڄام اڃا ڪوهه پنڌ مس ڪيو هو ته هڪڙي حسين نوجوان کي ايندي ڏٺائين: لوڏ لاکيڻي، خصلت خانداني، شاهاڻو وڳو زيب تن، سندس سمورا ساٿي هٿيارن سان لـَـيس- ڄڻ ته ڪو شهزادو لڙائيءَ تي نڪتو هو. اوڍي ڄام هن کان اڳ اهڙو جوشيلو جوان ڪڏهن به نه ڏٺو هو، سو اڳتي وڌي کانئس پڇيائين ته:  ”اي اِندر جا اوتار، تون ڪير آهين ۽ هن خوفناڪ جهنگ ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“  نوجوان جواب ڏنو ته  ”آءٌ پنهنجي پـِـتا جي وچن پاڙڻ لاءِ ٻانڀڻيي جون ست - ويهون سانڍيون سـِـرڪائڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.“  پوءِ ته ٻنهي جي خوشيءَ جي حد نه رهي، ڇاڪاڻ ته ٻيئي ڄڻا ساڳئي ماڳ وڃڻ وارا هئا.

گهڻن ٿورن ڏينهن بعد، ٻنهي جو ڪٽڪ اچي ننگر سموئيءَ جي نزديڪ پهتو. ٻنهي جوانن پنهنجو پنهنجو عهد پورو ڪيو ۽ ٻانڀڻيي جون ست- ويهون سانڍيون چورائي، گڏجي، سلامتيءَ سان ساڳئي رستي کا ن موٽي آيا. وچ واٽ تي ٻنهي وِيرن جي موڪلاڻيءَ جي مهل آئي، تڏهن سندن اکين مان آنسو اوهيڙا ڪري وهڻ لڳا. آخر ٻئي جاني جدا ٿيا. پر اوڍي جي اندر ۾ هن حسين نوجوان جي صحبت اهڙو ته اونهو گهاءُ ڪيو هو، جو پنهنجن ماڻهن کان منهن موڙي، چوڻ لڳو:

 ”ججها ڏج جـُـهار، ويسلڏي واگهيلي کي،
جت جوان اُڀيار، اُت اوڍو اوٿليو.“

 

ائين چئي، پرينءَ جا پير نهاري، پوئتي موٽيو. ڳـُـجهي لباس ۾ لڪل اهو نوجوان ڪير هو؟... اِها هوٿل پدمڻي پاڻ هئي! واٽ تي، چکاسـَـر تلاءَ جو نرمل نـِـير نهاري، پنهنجي ساٿ کان پري نڪري، اڪيلائيءَ ۾ هوٿل پري پنهنجو مرداڻو ويس لاهي وهنجڻ لڳي، ته ايتري ۾ اوڍو به چکاسر جي پار تي چڙهي، اچي ڏسي ته مار، هي ته ڪو سچو پچو محبوب آهي!

چڙهـُـي چکاسـَـر پار، اوڍو هوٿل آهوڙي،
وڇائي ويٺي وار، پاڻيءَ مٿي پدمڻي.

 

هوٿل پنهنجيءَ سينڌ جا وار کولي، واسينگ جيان وڇائي ڇڏيا هئا، جي چکاسر جي شفاف پاڻيءَ جي زينت دوبالا ڪري رهيا هئا:

چڙهي چکاسر پار، هوٿل نـَـهارئي هيڪلـِـي،
سينڌ اُکيلا وار، تـَـري ۽ تـُـڙڳون ڏي.

 

اوچتو ئي، هوٿل پنهنجي نگاهه پٺتي ڪئي، ته اک وڃي اوڍي تي پيس. هن پرديسڻ پريءَ، اوپري آدميءَ کي ڏسي، پنهنجن سهڻن ۽ ڊگهن وارن سان پنهنجي سندر سرير کي لڪايو، ۽ چوڻ لڳي.

 ”اوڍو اُت اُڀيج، ريکڙ يارا ڄام،
نه ايڪلمل آنءُ، هوٿل منهنجو نام.“

 

هوٿل هڪل ڪري چيو ته  ”اي اوڍا ڄام، جنهن کي تو  ”ايڪلمل“  سمجهيو ٿي، سو ايڪلمل ڪونهي. آءٌ ته مرد جي لڪل لباس ۾ هڪڙي حور آهيان! تون تلاءَ جي پار کان پري بيهه ته مان پنهنجي سرير کي سينگاري وٺان.“

 ”هيءَ هوٿل پدمڻي آهي!“  اهو ڄاڻي، اوڍو اندر ئي اندر ۾ گد گد ٿيڻ لڳو. پدمڻي پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري، پنهنجي سرير تي سورهن سينگار سجي، اوڍي جي اڳيان اچي بيٺي ۽ اوڍي کي ڪنڙا ڏونگر ڏانهن هلڻ جو اشارو ڪيائين. ڪي چون ٿا ته ڪنڙو، ڪاٺياواڙ ۾ آهي، ڪي ڪارونجهر کي  ”ڪنڙو“  چوندا آهن. پوءِ هوٿل ڪنڙي ڏونگر ۾، اوڍي کان انجام وٺي چوڻ لڳي ته  ”اي اوڍا ڄام،جيڪڏهن سنسار کي اها سـُـڌ پيئي ته اوڍي جي گهر هوٿل پري آهي، ته پنهنجي پريم ۾ زبردست انقلاب اچي ويندو! ان ڏينهن کان وٺي اسين هميشه لاءِ جدا ٿي وينداسين.“  اوڍي اهو انجام ڪيو ته هو ڪنهن تي به اها حقيقت ظاهر نه ڪندو:  ”اي نگامري جي نيلڻي، اوڍي جو مرڻ يا جيئڻ هاڻ هوٿل جي هٿ ۾ آهي.“

 ”چاهي مار جيار، مرڻ چڱو محب سان،
جيوَ جيوارڻهار، نيڻان تنهنجو نگامري.“

 

پوءِ رواج موجب، چؤنريءَ جا چار ڦيرا ورتائون، ۽ ان طرح ٻنهي ڄڻن هڪٻئي کي پاڻ اَرپي، رڻ ۾ شادي رچائي:

رڻ ۾ ڪريو مانڏرو، وڇائي ڏاڙهون ڊاک،
اوڍو هوٿل پرڻيا، سورج ڀرجانءِ ساک.

 

-----

چؤنريءَ آنٽا چار، اوڍي هوٿل سان ڏنا،
ن
ِگامري ايڪ نار، ٻيو ڪيهر جو راڄيو.

 

ڪنڙي جي ڪـُـنڊ ۾ اوڍي ۽ هوٿل سنسار جي سک جا ڏهه سال ڏاڍيءَ سڪ ۽ پريم سان پورا ڪيا. انهيءَ وچ ۾ هوٿل جي گود ٻن هيرن  ”جيسل“  ۽  ”جکري“  سان چمڪي رهي هئي.

وسڪاري جي موسم هئي. اُڀ سڄوئي ڪارن ڪڪرن سان ڍڪجي ويو هو. اُتر جي ٿڌي ۽ وڻندڙ هوا، هر هر هوٿل جي ڪارن ۽ ڊگهن وارن کي وکيري، اوڍي جي ڳلن تي هلڪيون ٿڦڪيون ٿي هنيون. سارنگ جي هيءَ سونهن سوڀيا ڏسي، پکي پکڻ مڌر سر اَلاپي رهيا هئا. هيءَ سندر فضا اوڍي جو اندر سهي نه سگهيو، ۽ گرم آنسوئڙا سندس اکين ۾ ڀرجي آيا:

اُتر سيڙهون ڪڍيون، ڏونگر ڏمريا،
هينئڙو تڙڦي مـَـڇ جان، ساجن سنڀريا.

 

اوڍي کي اوچتو پنهنجا ڀاءُ برادر، دوست ۽ راڄڌاني چت چڙهي آئي ۽ هاريل هـِـنئين سان هوٿل کي اندر جي آنڌ مانڌ کان واقف ڪيائين. پوءِ ٻنهي جي اکين مان ڳوڙها ٽپ - ٽپ ڪري وهڻ لڳا. ايتري ۾ مور اچي ٻولڻ لڳو. هوٿل کي اها ڪمهلي لات ڪانه وڻي:

 ”مـَـتَ ٻول، مـَـتَ ٻول، مورلا، لـَـو تو آگهو جا،
ايڪ تو اوڍو آڻهرو، اُوپـَـرَ تنهنجو گهاءُ.

 

ماريس تو کي مور، سڄڻ جاڃڙاوا ڪري،
آهين چـِـت جو چور، اوڍو تو اُداس ڪيو“ .

 

هوٿل جا ڪٺڻ ويڻ سڻي، مور پنهنجي سندر ڪنٺ کي اوچو ڪري چوڻ لڳو:

 ”اسين گڙِ جا مورلا، ڪانڪـَـر پيٽ ڀـَـران،
رُت آئي نه ٻولان، هينئون ڦاٽ مران.“

 

(اي پدمڻي، اسان جو ٽڪاڻو آهي ڏونگر، سو پٿر کائي پيٽ ڀرڻو ٿو پوي، ۽ هينئر جڏهن وسڪاري جي رُت آئي آهي، تڏهن جي ماٺ ڪريون ته هڪدم اسان جو هـِـينئون ڦاٽي پوي!) اِئين چئي، مور ڌيمي سـُـر سان وري ٽـُـهوُڪڻ لڳو. مور جو ان طرح ٻولڻ هوٿل کي وِهه کان به ڪـَـڙو لڳو. سو، پنهنجيءَ نازڪ ٻانهن سان تير ڇڪي، ڪمان تي چاڙهيائين. انهيءَ تي اوڍي هڪدم هوٿل جو هٿ جهلي ورتو ۽ چوڻ لڳو:

 ”گـَـهلي مَ تانگهلڙي، لانٻا بانڌ مَ ڏور،
گلي گلي گٽڪسي، تون ڪـِـتا اُڏائيس مور!“

 

(چري، ڪنڙي جي ڪنڊ ۾ مور ٻولي رهيا آهن، تون ڀلا ڪيترن کي ماريندينءَ؟)

 ”ڪرپا ڪيجي نه ماريئي، جنهن جا رَتا نيڻ،
تڙ ويٺا ٽهوُڪا ڪري، نـِـتَ سنڀاري سيڻ.“

 

(اوڍو چوڻ لڳو: اي هوٿل، ويچارن مورن کي ڇو ٿي مارين، انهن جي ڊگهي ڳچي ۽ رَتا نيڻ ڪهڙا نه ٺاهوڪا ٿا لڳن! اهي ته سدائين پڪارون ڪري پنهنجن سڄڻن کي سنڀاري رهيا آهن.)

 ”ريل مچيلا ڏونگرا، چارو لڳي چڪور،
وساريا سنڀاري ڏئي، اي نه مارجي مور.“

 

اوڍي کي نهايت ڏکارو ڏسي، هوٿل هيٺيون ويڻ اُچارڻ لڳي:

 ”ڇـَـپـَـرَ ڀـِـجاڻي ڇـَـڪ هوئا، ٽنٻڪَ ٿي ويا نيڻ،
ڪيم ٿي اُتم گوريان، چڙهي تنهنجي چت سيڻ.“

 

اوڍو جنهن پٿر تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو، سو به ڳوڙهن سان آلو ٿي ويو، تڏهن هوٿل چوڻ لڳي:  ”اي اوڍا ڄام، اڄ ڪهڙيءَ ڪامڻيءَ کي ياد ڪري رت روئي رهيو آهين؟“  اوڍي پنهنجو اُداس چهرو مٿي کنيو ۽ چيائين:

 ”ڪنڙي موتي نـِـپجي، ڪڇ ۾ مـِـلسـِـي مـَـٺ،
هوٿل جهڙي پدمڻي، ڪڇ ۾ نيڻن نه ڏِٺَ!“

 

(هوٿل جهڙو هيرو ڪنڙي کان سواءِ ڪٿي به پيدا نٿو ٿئي، اتي ته رڳو مـَـٺ ٿين ٿا: تو جهڙي پدمڻي ته مون پنهنجي ملڪ ڪـَـڇ ۾ ڪڏهن ڪانه ڏٺي.)

 ”کير ٻـُـري ۽ ٻاوَلِي، ڦل ڪنڊا ۽ ڪک،
هوٿل هلو ڪـَـڇڙِي، جت ماڻهو سوايا لک.“

 

(اي هوٿل، جيتوڻيڪ اُتي ڪنڊا ئي ڪنڊا آهن، گلن ڦلن جو چهچٽو نه آهي، تڏهن به منهنجو ديس آهي، جتي هر ماڻهوءَ جو ٻول سوا لک لهي ٿو.)

پوءِ اوڍو پنهنجي وطن جي ساراهه هيئن ڪرڻ لڳو:

 ”ونڪا ڪوُنئر مڪٽ ڀڙ، ونڪا واڇڙيئي وَڇ،
ونڪا ڪوُنئر تو ٿئي، پاڻي پيئي جو ڪـَـڇ.“

 

(ڪـَـڇ جا ماڻهو بهادر، گهوڙا تکا، ۽ ڍڳا ڀلا ٿين ٿا. تون جيڪڏهن ڪونئر! ڪڇ ڌرتيءَ جو پاڻي پين، ته هن کان به وڌيڪ مهاوير ٿئين، تنهنڪري اي جنم ديوي، منهنجي ڀوميءَ ڏانهن هل.)

 ”هرڻ آکاڙا نه ڇڏي، جنم ڀوم نـَران،
هاٿي ڪي ونديا جبل، وس
ِرسي مـُـوُئان.“

 

(هرڻ کي پنهنجو اصلي آکاڙو، ماڻهوءَ کي پنهنجي جنم ڀومي، ۽ هاٿيءَ کي ولدڀا جبل مرڻ تائين ڪونه وسرن. پنهنجو وطن ته هر ڪنهن کي مٺو آهي.)

 ”گـِرَ موران، بـَـن ڪونجهران، آنٻا ڏار سوُئان،
سڄڻ ڪـُـوَچن جنم گهر، وِسرسي موُئان.“

 

(مور کي ڏونگر، ڪونج کي جهنگ، طوطي کي انب جي ٽاري ۽ ماڻهوءَ کي سڄڻ جو ڪڙو ويڻ ۽ پنهنجو جنم گهر، مرڻ کان پوءِ وسرندا.)

هوٿل، اوڍي کي انت اُداس ڏسي، سندس وطن ورڻ قبول ڪيو.

ائين، سهي سنڀري، شام ڌاري اچي ڪيراڪوٽ جي گوندري ۾ پهتا. هوٿل نهايت ڄاڻو ۽ هوشيار استري هئي، تنهن اوڍي کي چيو ته:  ”پهرين تون اڪيلو وڃي پنهنجي ديس جو واءُ سواءُ وٺي اچ ته راڄ جو ڪاروبار ڪيئن پيو هلي.“  اوڍو، اها ڳالهه مڃي، اڪيلو ئي رات جي وڳڙي ۾ گهٽين جو گشت ڪرڻ لڳو. ڏٺائين ته ڪيراڪوٽ ۾ ڪـُـنياءُ جي زبردست لهر ڇانيل آهي. جنهن جنم ڀوميءَ ۾ اڳي اوڍي جو اِسم عام کي چـِـت چڙهيل هو، اُتي هينئر اوڍي جي نالي کي به ماڻهو وساري چڪا آهن. اوڍي ساري رات رُلي  اهو مامرو سمجهي ورتو، ۽ هوٿل کي اچي چوڻ لڳو ته  ”هي شهر ڇڏي، پاٽڻ ۾، ويسلڏي واگهيلي وٽ هلڻ کپي!“

پاٽڻ ۾ ، ڪجهه ڏينهن کان هڪڙي ڪيهر شينهن دهشت مچائي ڇڏي هئي. وڏا وڏا پهلوان جوان ان کي شڪار ڪرڻ کان بان ڪري بيٺا هئا. ببر شينهن جي دل ڏاريندڙ گجگار سان، ٻارن ۽ ٻڍن جون دليون دهلجي رهيون هيون. واگهيلو سخت پريشانيءَ ۾ گرفتار هو. پاٽڻ جي پهريدارن جي ٻانهن ۾ اهو ٻل نه هو، جو هن آفت جو انت آڻي سگهن. شير جي ڊپ کان، ڪنهن کي مجال نه هئي جو شهر کان ٻاهر پير ڌري! اوچتو گام جي گوندري وٽ،  ”جيسل“  جي ڪمان مان نڪتل تـِـير، شير جي چيلهه کي ڪوري، آرپار لنگهي ويو. آدمخور شينهن، تاڏون ڪندو، رنڀندو، اتي جو اتي ڪـِـري پيو. ساري راڄ ۾ واه - واه ٿي ويئي! ويسلڏي کي خبر پيئي، ته هڪدم هلي آيو. ڏسي ته اوڍو ۽ سندس ٻه پٽ بيٺا آهن! هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين ڀاڪر پائي مليو. پوءِ کين عزت سان محل ۾ وٺي آيو، ۽ اوڍي کان پڇيائين ته  ”جيسل ۽ جکري جا ناناڻا ڪٿي آهن؟“  اوڍي ڪئين جـُـڙتو نالا ورتا، پر ڪچهري چوڻ لڳي ته  ”انهن ماڻهن کي ڌيئن جو اولاد ته آهي ئي ڪونه!“  وري جيسل ۽ جکرو، ٻيئي، ڀريءَ ڪچهريءَ ۾ تلوارون مياڻ مان ڪڍي بيهي رهيا. پنهنجي پيءُ اوڍي کي چيائون:  ”اسان جي ماءُ  تي ڪهڙو ڪلنڪ آهي، جو ماڻهن وٽ سندس نالو ظاهر نٿا ڪريو؟“  پيءُ پنهنجي پٽن کي ڪيترن ئي حيلن سان سمجهايو ته هو ضد نه ڪن، نه ته کين پڇتائڻو پوندو، پر ٻنهي مان ڪو هڪڙو به پنهنجيءَ ڳالهه تان ڪونه مـُـڙيو. اوڍي جي اکين آڏو ڪاري رات ڇانئجي ويئي، ۽ پنهنجيءَ پياريءَ هوٿل جي ڏنل انجام کي ياد ڪري، اندر ۾ روئڻ لڳو. سـُـجهي آيس ته هاڻ هوٿل اِجها ٿي هٿن مان وڃيم. پر ڪري به ڇا“  ويچاري سان گدري ۽ ڪاتيءَ واري ڪار هئي. آخرڪار، پنهنجي ڇاتيءَ تي پٿر رکي، چوڻ لڳو: ته  ”هوٿل پري!“  اهو نالو ٻڌي، ساريءَ ڪچهريءَ ۾ ٽهڪڙو مچي ويو:  ”اوڍي جي گهر، هوٿل!“

هوٿل کي ان وقت ئي خبر پئجي ويئي، سا پنهنجي قرب جي ڪهاڻي لکي، انهيءَ دم ۾ ڪنڙي ڏونگر ڏانهن رواني ٿي ويئي:

چٺيون لکيون چار، هوٿل جي هٿڙي،
اوڍا وانچي نهار، اسان اچڻ ايترو.

 

آون پکي اُڏايان، نه سگهڙ نه پار،
هوٿل هلي ڀونئري، اوڍا تو جـُـهار.

 

اوڍو ۽ هوٿل هميشه لاءِ هڪٻئي جي جدائيءَ ۾ جهرندا رهيا. اونداهيءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ سنجوڳ جو سورج ڪڏهن به ڪونه اُڀريو.

سامهين ڌار ڏيوا ٻري، بجلي چمڪ ڀران.
اوڍا اڄ آڻهرو، هوٿل ناهه گهران.
                     -----------


 

 

محمود  شاهه  بيگڙو

جنهن وقت دهليءَ تي تغلق ۽ خلجي گهراڻن جو راڄ هو، تنهن وقت گجرات ۾ صوبا حڪومت هلائيندا هئا.پڇاڙيءَ ۾ هڪڙو مسلمان ٿيل راجپوت سردار، مظفر شاهه نالي، گجرات جو حاڪم ٿيو. هيءُ گجرات جو پهريون مسلمان حاڪم هو. مظفر شاهه کي سندس پوٽي احمد شاهه زهر ڏيئي، پاڻ گجرات جي واڳ هٿ ڪئي. احمد شاهه سابرمتيءَ جي ڪناري تي هڪ نئون شهر، احمد آباد نالي ٺهرايو. ان کان پوءِ سندس پٽ محمود شاهه بيگڙو تخت تي ويٺو. هن گرنار ۽ پاواگڍ، ٻئي قلعا راجپوتن کان جيتي ورتا هئا، تنهنڪري سندس نالو  ”بيگڙو، ٻه - ڳـِـڙهه جيتڻ“  وارو پيو. بيگڙو 1459ع ۾ گاديءَ تي ويٺو ۽ 1511ع تائين، ڪـُـل ٻاونجاهه سال راڄ ڪيائين. شروعات ۾ هن سان اميرن تڪرار ڪيو، تڏهن هن جي والده اميرن جي بگڙڻ جي سموري سـُـڌ پنهنجي پٽ کي ڏني. هن پهرين سورٺ تي ڪاهڻ جو ارادو ڪيو. تنهن وقت جهونا ڳڙهه تي راءُ منڊلڪ راڄ ڪندو هو. راءُ منڊلڪ کي هڪ چارڻياڻيءَ هيٺيون سراپ ڏنو هو:

گڍ جهوناڻي پوڙ، ڏامو ڪـُـنڊ ڏيکيسي نهين،
رتن جاوسي روڙ، منهن سنڀاريس منڊلڪ.
ناگٻائي نان نه کميو، ڀـُـليو راجا ڀ
ِيت،
ماڙي ٿيندي مسـِـيت، منهن سنڀاريس منڊلڪ.
نه پوٿي نه پـُـراڻ، ڀاڳوت ڀاڙيس نه،
ڪـَـلمو پڙهندين قرآن، منهن سنڀاري منڊلڪ.
جهالو جا جهڻڪار، نه وري سک سنڀرندا،
پوندي ٻانگ پـُـڪار، منهن سنڀاريس منڊلڪ.

 

چارڻياڻيءَ جو سراپ سچو نڪتو ۽ محمود شاهه بيگڙي جهونا ڳڙهه تي ٽي دفعا ڪاهي، راءُ منڊلڪ سميت، سڀني کي مسلمان ڪيو ۽ اُتي هڪڙي مسجد شريف ٺهرائي. پوءِ محمود شاهه چنپانير جي هڪ سندر قلعي، پاواگڍ تي چڙهائي ڪري ويو. تنهن وقت پاواگڍ تي پتائي راول راڄ ڪندو هو. راجپوت هن سان بهادريءَ سان وڙهيا، پر نيٺ هار کاڌائون. محمود شاهه پاواگڍ ۾ به هڪ سهڻي مسجد اڏائي.

ملڪ جلال الدين جي پارڪر تي ڪاهه:

جنهن وقت محمود شاهه بيگڙو گجرات جي گاديءَ تي هو، تنهن وقت سنڌ تي سمن جي بادشاهي هئي. سمن کي هر وقت گجرات جي حاڪمن کان خوف رهندو هو، تنهنڪري اُنهن بلوچن جا چار هزار ڪٽنب ننگر پارڪر ۾ بچاءَ لاءِ رکيا. بلوچ چوپائي مال تي گذران ڪندا هئا. برساتن جي مند ۾ آبو جبل لنگهي، مالوا ۽ نربدا جي علائقن ۾ گشت به ڪندا هئا. وقت سر واپاري قافلن کي ڦري، ڀـِـٽن ۾ پنهنجو مال نيڪال ڪندا هئا. انهن جي هـِـن ڦرمار ايترو ته زور ورتو جو مصطفيٰ ۽ احمد آباد جي وچ ۾ هلندڙ قافلا بنهه بند ٿي ويا. سلطان محمود، ملڪ جلال الدين کي ڪوٽوال مقرر ڪيو. هو هڪ دفعي پارڪر تي چڙهائي ڪري آيو ۽ پنج سؤ ڌاڙيل گرفتار ڪري، انهن کي سـُـوريءَ تي چاڙهيائين. تنهنڪري ڌاڙيلن ۾ وڌيڪ تاءُ پيدا ٿيو ۽ جلال الدين کي تمام تنگ ڪيائون. سلطان محمود جلال الدين کي  ”محافظ خان“  جو لقب عطا ڪيو.

محمود شاهه بيگڙي جي پارڪر تي پهرين چڙهائي:

ڌاڙيلن کان تنگ ٿي، سلطان پاڻ، زبردست توبخاني سميت، سن 1504ع برابر 879 هجريءَ ۾، پارڪر تي ڪاهي آيو ۽ بلوچن کي هٿ ڪري مارڻ لڳو. بلوچ چوويهه هزار لشڪر سان سندس سامهون ٿيا، مگر سلطان جي توبخاني جي ڪري ڊڄي ويا. سلطان پوءِ ڪيترن سارن بلوچن کي قابو ڪري، احمد آباد موٽيو. تنهن هوندي به ڦـُـر لـُـٽ بند نه ٿي. هن پارڪر ۽ ڪڇ تي قبضو ڪري ورتو، پر ٿر جي ڀـِـٽن ۾ هن کي ڌاڙيل ڳولڻ ۾ تمام تڪليف ٿي.

ڀوڏيسر جي مسجد شريف

اُن وقت پارڪر ۾ سوڍن ۽ کوسن جو تمام زور هو. سوڍا ۽ کوسا گڏجي ڌاڙا هڻندا هئا ۽ ٻيئي ذاتيون ڪنهن جي به پرواهه نه ڪنديون هيون. ڪو مسافر يا قافلو پارڪر مان لنگهندو هو ته هـُـو ان کان ڏَن ته وٺندا هئا، پر جيڪو مال متاع موجود هوندو هو، اُهو به ڦري، پوءِ ڇڏيندا هئا. انهن بلوچن جي باري ۾ ڪئپٽن ريڪس، پنهنجي ڪتاب  ”حالات ٿر ۽ پارڪر“  جي صفحي 10، 11 ۽ 12 ۾ لکي ٿو ته:  ”بلوچن جا چار هزار ڪٽنب پارڪر ۾ رهندا هئا. ظاهري نموني اُهي مارواڙ ۽ پالڻپور جي حدن ۾ اُٺن جا وڳر چاريندا هئا، پر موقعي ملڻ تي گجرات ڏانهن ويندڙ قافلن کي ڦريندا هئا، اهو مال اچي ٿر جي ڀـِـٽن ۽ ڏَرڙن ۾ لڪائيندا هئا ۽ پوءِ گجرن، سولنڪين ۽ ڪڇ جي جاڙيجن کي ڌاڙي جو مال نيڪال ڪندا هئا ۽ وقت جي حاڪمن سان موقعو پائي جنگيون ڪندا هئا، سندن برخلاف دهليءَ جي تغلق بادشاهن کي دانهون پهتيون هيون، پر اُنهن کي ايتري فرصت ڪانه هئي جو کين سيکت ڏين. سلطان جي ڪوٽوال جلال الدين کي هنن ڏاڍو تنگ ڪيو، تنهنڪري محمود بيگڙو 1504ع ۾ پارڪر تي ڪاهي آيو.“  ٻيو سيد علي ريس 1556ع ۾ پارڪر مان لنگهيو هو، سو پنهنجي ڪتاب  ”مرات الممالڪ“  ۾ لکي ٿو ته:  ”اسان جي پارٽي ڏهن ڏينهن جي سفر بعد راجپوتن جي شهر ننگر پارڪر پهتي، جتي راجپوتن اسان کان ڪسٽم وٺڻ کان پوءِ وڙهڻ شروع ڪيو. انهن کي اسان وٽان پئسن وٺڻ جي نيت هئي. پوءِ جڏهن اسان ڪجهه ڏنو، تڏهن اسان کي وڃڻ جي اجازت ڏنائون.“  انهن ڳالهين مان ثابت آهي ته پارڪر ۾ ان وقت جي سوڍن ۽ کوسن جو عام ڌنڌو اهو ئي هو. هڪڙي ڏينهن سلطان محمود بيگڙي جي والده قافلي سميت اچي ڀوڏيسر وٽ ٽـِـڪي. سوڍن انهن کان ڪسٽم ورتو ۽ قافلي کي لـُـٽي ورتو. ڪي چون ٿا ته انهن وٽ پارس مڻي هئي، جا سوڍن ڦري ورتي. بيگڙي جي والده جڏهن احمد آباد پهتي، تڏهن هن سڀ ڳالهه جي سـُـڌ بيگڙي کي ڏني. تڏهن هو ٽيون دفعو، سن 1505ع، برابر سنبت 1562، برابر هجري 880 ۾، ڀوڏيسر تي ڪاهي آيو. خونخوار لڙائي لڳي، جنهن ۾ ڪيترا سلطان جا ماڻهو ۽ ڪيترا سوڍا مارجي ويا. سلطان جا ماڻهو جيڪي مارجي ويا، تن جون مسجد جي پاسي ڪيتريون قبرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پوءِ محمود شاهه هڪ سنگمرمر جي عاليشان مسجد ٺهرائي، جنهن جي ڊيگهه ۽ ويڪر ٽيهه فوٽ آهي. اڏاوت جو اهو نمونو بهترين آهي. اندر فارسيءَ ۾ اکر لکيل آهن:  ”محمود شاهه بن مظفر شاهه بن غياث الدين - سن 1505ع.“  هيٺ  ”سنبت 1562“ ، گجراتيءَ ۾ لکيل آهي ۽ فارسيءَ ۾ لکيل آهي:  ”جيڪڏهن مسجد زخمي ٿي پوي ته وقت حاڪم تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته ان کي درست ڪرائي.“

ڀيم ڏيو جو پارڪر تي قبضو:

سلطان محمود غزنويءَ جي وفات کان پوءِ، سندس پوين جي ڪمزوري ڏسي، راجپوت راجائن وقت بوقت سنڌ ۽ پنجاب تي ڪاهون ڪرڻ شروع ڪيون. غزنوي دؤر وقت دهليءَ تي تومارن، اجمير تي چوهاڻن، قنوج تي راٺوڙن، ۽ گجرات تي واگهيلن جي حڪومت هئي. محمود غزنويءَ کان پوءِ گجرات جي حاڪم ڀيم، پارڪر کان ٿي، ساريءَ سنڌ تي قبضو ڪري ورتو هو. گجراتي  ”پريم مالا“  مان ان بابت ڪي شعر پيش ڪجن ٿا:

وَرسَ شانتي ٿي ساٺ، ونراج وهـِـيوَٽ ڪريو،
ايڪ سان نـِـرپ سات، ٿيا چاوڙا ونس جا.

 

ڇـَـهلو نـِـرپ سا منت، نـِٻـَـلو ۽ رِيسـَـن هتو،
تنهن کان آيو اُنت، جئه سيـِـکر جي وَنس جو.

 

رکيو سـِـرَ پـَـرَ تاج، راجا گـُـجر ديش جي،
سولنڪي مولراج، مامي کي ماري ٿيو.

 

پراڪرمي مولراج، ٻلونت ۽ بهادر هـَـتو،
تابع ڪريا تاج، ڪڇ ۽ سورٺ تـَـڻا.

 

سولنڪي ڪـُـل ڀاڻ، راڄ وڌايو شور سان،
ڦري تن جي آڻ، آبوُ سان ريوا سؤڌي.

 

مهاراجا مولراج، پوءِ چار راجا ٿيا،
هليو گـُـجر تاج، ڀيم ديوَ جي وقت ۾.

 

غزلي جو سلطان، محمود گجرات پر،
ڪـَـرَواني حيران، او
جتو آيو چڙهي.

 

گهڻو ڪري نقصان، آکٽ دولت لـَـتي ني،
غزنوي جو سلطان، محمود گيو سوديش مان.

 

سنڀاريو نج راڄ، اچي پاٽڻ مان ڀيمي،
پوءِ ڪيو هي ڪاج، سنڌ ديش قبضي ڪريو.

 

---------


 

 

پرمارن جي وقت ۾ پارڪر جي حالت

عيسوي پهرين صديءَ جي دؤر ۾ پاري ننگر سنڌ جو هڪ بهترين بندرگاهه هو. سامونڊي بندر هئڻ ڪري ڏورانهن ڏيهن سان ان جو واپار هلندڙ هو، تنهن جي ڪري جيني قوم جا فرد سرمائيدار هئا.  ”سڏونت - سارنگا“  جي ڪتاب موجب، پاري ننگر ۾ زبردست پاٺشالائون هيون، جتي علم جو پرچار هلندو هو. گـُـرُ برهمڻن جي عزت هئي. زمين پوکڻ جو ٿورو رواج هو. پرمار تمام بهادر هئا ۽ برهمڻ کين  ”راجـُـپتر“  ڪري سڏيندا هئا. برهمڻ کان پڇي لڙائيءَ تي وڃڻ جو خاص دستور هوندو هو. پاري ننگر ناس ٿيڻ کان پوءِ، پارڪر ۾ چئني طرف طوائف الملوڪيءَ جو دؤر هو. دهليءَ ۽ گجرات جي پاسن کان وقت بوقت پارڪر تي ڪاهون ٿينديون هيون. تنهنڪري هڪڙي وڏي وڻ تي هميشه ماڻهو واري وٽيءَ تي ويهندو هو ۽ پوءِ جڏهن لشڪر ايندو ڏسندا هئا ته زالن کي هڪ هنڌ لڪائي، پاڻ وڃي لڙائيءَ کي منهن ڏيندا هئا. علم جي لهر پاري ننگر تائين محدود رهي، ان کان پوءِ علم جو نالو نشان نه هو. ويندڙ قافلن کي لـُـٽڻ ۽ ڦرمار ڪرڻ وقت خاص ڌنڌو هو. زالن ۾ سـَـتي ٿيڻ جو رواج هو. پرمارن وٽ خاص لشڪر ڪولهين جو هو، تنهنڪري انهن جي عزت رکندا هئا. برهمڻن جي مڃتا هئي، باقي ٻين اڇوت ذاتين سان سهڻو سلوڪ نه هو. ميگهواڙن کي قميص پائڻ ۽ سندن زالن کي ڇيٽ جي گهاگهري ۽ سون يا چانديءَ جي زيورن پائڻ جي سخت منع هئي. ويچارن اڇوت ذات وارن کي هر حالت ۾ غلام رکيو ويو ۽ اُنهن کي علم جهڙيءَ بي بها دولت کان محروم ڪري ڇڏيو ويو.

پارڪر جي راڻن جو شجرو:

راڻي آسراءَ کان پوءِ هيٺيان راڻا ٿيا: (1) ڏيوراج (2) سڙڪجي (3) کنگهارجي (4)ارجڻجي (5) ڀيمجي (6) باکرجي (7) گانگوجي (8) اکوجي (9) ماڻڪ راءُ (10)ڏيپار ڏيوُ (11) رامسنگهه (12) وڻويرجي (13) رائڌڻجي (14) گجسي (15)ڪانجي (16)رتنجي (17)هميرجي (18)رڻڇوڙجي ۽ (19)اڇل سنگهه، جو پارڪر جو موجوده راڻو آهي. سندس ننڍو ڀاءُ رڻمل سنگهه، پيٿاپـُـر ۾ رهي ٿو.

راڻي اکوجيءَ کان پويان  ”آکا سوڍا“  چوڻ ۾ آيا، جي موندري جا سوڍا آهن. هن جا چار ڀائر هئا: (1) نندوجي جنهن ويرا واهه وسايو (2) مانوجي، جنهن ڪاسبو وسايو، (3)سانتلجي، جنهن کارڙيو وسايو ۽ (4) ويريسال، جنهن سـُـکپـُـر وسائي.

سوڍن جو پارڪر ۾ اچڻ:

راڻي ڌارابرش تائين سوڍن سڄي ٿر ۽ پارڪر تي قبضو ڪري ورتو. راڻي ڌارابرش جا ٽي پـُـٽ مارواڙ کان آيا. پهريون وڏو درجن شال، جنهن امرڪوٽ تي قبضو ڪيو. ٻيو ننڍو جڳت سنگهه، جنهن ننگر پارڪر تعلقي ۾  ”پـِـيلو“  اچي وسايو. پـِـيلو ننگر پارڪر کان چوويهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. ٽيون آسراءُ، تنهن اچي پارڪر وسائي ۽ ننگر پارڪر شهر وٽ هڪ تلاءُ جي پاسي جايون جوڙي اچي ويٺو. اُن تلاءُ کي  ”راڻاسر“ تلاءُ ڪري چئبو آهي. اُن تلاءُ جي هڪ پاسي پـَـڪسري ڀـِـت اڄ ڏينهن تائين سلامت بيٺي آهي.

 

--------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org