سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: پراڻو پارڪر

باب؛ --

صفحو ؛ 3

 

ڪڇ جو  رڻ

ڪيترين روايتن موجب، پارڪر جو سمورو پرڳڻو پاڻيءَ هيٺ هو. جتي اڄ ڀيانڪ رڻ ڏيکاري ڏيئي رهيو آهي، اُتي اڳي سمنڊ جون ڇوليون لڳنديون هيون. پر پوءِ ڌرتيءَ جي زلزلي سبب پاڻي هٽي ويو، ۽ اهو وڏو وارياسو رڻ بنجي ويو. سڪندر اعظم جڏهن سنڌ مان لنگهيو ٿي، تڏهن ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي صورت ۾ هو. ڪاٺياواڙي ڪنوار  ”جاسل“  کي جڏهن سنڌ جي همير سومري ستايو، تڏهن هن پنهنجي ڌرم ڀاءُ نوگهڻ راءَ کي، جو جهونا ڳڙهه جو راجا هو، سنڌ تي چڙهائيءَ لاءِ هيئن لکيو:

سورٺ سٿر تالو پيو، وَرتڻَ آيا وِير،
سنڌ ۾ روڪي سومري، هلڻ ڏي نه همير.

 

راءُ نوگهڻ جڏهن سنڌ تي چڙهائي ڪئي،تڏهن ان جو لشڪر، ڪڇ جي رڻ واري تڏهوڪي سمنڊ جو اٿاهه پاڻي ڏسي بيهي رهيو. سلطان محمود غزنوي جڏهن 1024ع ۾، سومناٿ فتح ڪرڻ لاءِ ويو ٿي، تڏهن ان کي هر ماڻهوءَ اهو ڊپ ٿي ڏنو ته ڪڇ جي سمنڊ جون لهرون تنهنجو لشڪر لوڙهي ڇڏينديون. ڇهين عيسوي صديءَ ۾ يوناني سياح  ”پيپلس“  اُتان لنگهيو هو، جنهن هن سمنڊ جو ذڪر ڪيو آهي. مطلب ته ڪڇ جو رڻ اڳي سمنڊ هو، ۽ اُن جو عظيم الشان بندر پاري ننگر هو، جتي اڄ به لوهه جا ٽـُـڪر ۽ ٻيا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

ڪڇ جي رڻ جي پکيڙ ست هزار چورس ميل آهي. 1947ع کان اڳ، ڪڇ جي رڻ مان پارڪر جي گهڻي آمدرفت ٿيندي هئي. ماڻهو گاڏين، اُٺن ۽ گهوڙن تي ويندا هئا. وچ ۾ ٽي - چار ٻيٽ ايندا هئا، اُتي ڊاٻو ڪندا هئا. خاص ڪري تڙو ۽ ٻورڙيون ٻيٽ مشهور آهن، جتي چئن ميلن ۾ گهاٽي وڻڪار آهي. گاهه جام آهي. هٿ سان ٿوريءَ زمين کوٽڻ ڪري پاڻي نڪريو اچي. هن رڻ ۾ مڇيون ڪڏهن ڪڏهن پاڻيءَ سان گڏ اچي وينديون آهن. ۽ جانور گهڻو ڪري ڪڏهن چراخ ۽ بگهڙ ايندا آهن. چوماسيءَ ۾ هيءُ رڻ ڀرجي ويندو آهي، تنهنڪري سنڌوڙي ۽ لودراڻي وارو پاسو بلڪل بند رهندو آهي. اڳي برسات جي موسم ۾ سوراچند واري پاسي ماڻهو ويندا هئا، جتي انهن جو چوڻ آهي ته سموري ايراضيءَ ۾ گوڏن کان مٿي پاڻي ڪونه چڙهي.

ننگر پارڪر ۾  ”موکئي“  ۽  ”گوهيو“  سن آهن، جتي لوڻ جام ٿيندو آهي. روايت آهي ته رڻ کان اڳ ۾ ”گوهيو“  سن هڪ ٻني هئي، جا چارڻن جي هئي. جنهن چارڻ جي اها ٻني هئي، تنهن کي صرف هڪ ڀيڻ هئي. هيءَ ٻني تمام ڀلي هئي، جنهن تان ڀائرن جو تڪرار ٿيو. آخر اُن تڪرار فساد جي صورت اختيار ڪئي، ۽ ڀائرن گڏ ٿي اُن چارڻ جو خون ڪرائي ڇڏيو. تڏهن ان جي اڪيليءَ ڀيڻ سراپ ڏنو ته:  ”هيءَ ٻني ترت کاري ٿي ويندي.“  اها اڳڪٿي سچي نڪتي. چارڻياڻيءَ جا چيل  مرثيا به آهن، پر هن وقت ڪنهن کي ياد نه آهن.

سوراچند ۾ هڪ هنڌ سائو، پيلو، اڇو ۽ ڳاڙهو لوڻ نڪري ٿو، جو چوڪنڊو آهي ۽ وچ ۾ گول ليڪا ٺهيل آهن، جهڙا ڇڪڙي راند جا ڍارا. گهرٽياري ۾ ۽ سوراچند ۾ هڪ قسم جو ميٽ نڪري ٿو، جو مٿي ڌوئڻ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ جي ڪم اچي ٿو.

هاڪڙو ندي:

جڏهن ڪڇ جو رڻ سمنڊ هو، تڏهن سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ،  ”هاڪڙو“  نالي پنجاب مان نڪري، عمر ڪوٽ جي اوڀر طرف وهي، ننگر پارڪر وٽان ٿي، ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ان جو ٻيو نالو  ”وهندو“  هو. هاڪڙي جون ڪيتريون ئي شاخون هيون ۽ اهي سڀ وڃي سنڌو نديءَ ۾ پونديون هيون. هاڪڙو، تمام قديم ندين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. رامايڻ واري زماني ۾ به هاڪڙو ندي هلندڙ هئي، ان وقت ٿر ۾ ۽ پارڪر ۾ اهڙا زبردست ٻيلا هوندا هئا، جو ماڻهو هلي نه سگهندو هو.ايوڌيا ۾ جيڪي سواريءَ لاءِ هاٿي هٿ ڪيا ويندا هئا، اُهي هاڪڙي وارن ٻيلن مان ڦاسايا ويندا هئا. ابوالفضل  ”آئين اڪبريءَ“  ۾ ۽ ٽاڊ صاحب  ”ٽاڊ راجستان“  ۾، هاڪڙي بابت اشارا ڏنا آهن. هاڪڙي جو وهڪرو ڪڏهن بند ٿيو، تنهن لاءِ گهڻيون تاريخون خاموش آهن. ڏند ڪٿائن موجب، اهو وهڪرو مهاڀارت واري زماني ۾ بند ٿيل ڀانئجي ٿو.

ماموئيءَ جي پيشگوئيءَ ۾ به هاڪڙي جو ذڪر آهي. سنڌ ۾ ماموئيءَ جو قصو مشهور آهي، جي ست درويش ٿي گذريا آهن. انهن لاءِ هڪڙي ڏند ڪٿا مشهور آهي- چون ٿا ته هڪ دفعي ملتان جو مشهور اولياءُ، مخدوم بهاءُ الدين ٺٽي ۾ پنهنجن مريدن کي وٺڻ ويو. جاهل مريدن من ۾ اها سٽ سٽي ته مرشد کي ماري کائينداسون، ته هو اسان کي هميشه دل تي هوندو. جڏهن هن ڳالهه جي سـُـڌ مخدوم صاحب جي وڏي خليفي شيخ جيئي کي ملي، تڏهن مرشد کي هڪ پاسي ڪري پاڻ اُن کٽ تي سمهي پيو. مريدن اچي کيس ماريو، ۽ ماس ڪـُـني ۾ وجهي رڌڻ لڳا. جڏهن اهو رجهي تيار ٿيو، تڏهن سندن دل ٽـَـهي ويئي ۽ ماس وارا ڪـُـنا کڻي درياءَ جي حوالي ڪيائون. اهي ڪـُـنا ستن مهاڻن جي ور چڙهيا، جيڪي اُهو گوشت ڪڍي، مزي سان ڳڙڪائڻ ويٺا ۽ اچي اڳڪٿين ۾ پلٽيا. آخر ڪرامتون ڏيکاريندا، ٺٽي ۾ ڄام تماچيءَ جي ڪچهريءَ ۾ اچي نڪتا. ڄام کي چيائون ته تنهنجي تخت هيٺان زمين اندر هڪ نانگ آهي، جنهن جو ڦڻ ٺٽي ڏانهن ۽ پڇڙي دهليءَ ڏانهن آهي. جيسين ان نانگ جو رخ ٺٽي طرف آهي، تيسين تنهنجي تخت کي ذرو به لوڏو نه ايندو. اها ڳالهه ٻڌي، ڄام هڪ لوهه جي سيخ تيار ڪرائي، ۽ ان کي زمين ۾ کوڙي، نانگ جي منڍيءَ کي قابو ڪيو. ڪي درٻاري ۽ عام ماڻهو ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. ڄام اُنهن ٺٺولين تي لڳي، سيخ ٻاهر ڪڍرائي، ته ساري رت سان ڀرجي آئي. نانگ به پنهنجو مـُـنهن ڦيري دهليءَ ڏانهن ڪيو. ڄام، فقيرن کي گهڻائي وس ڪيا ته هاڻ نانگ جو منهن ٺٽي طرف ڪرايو، پر کڙ تيل نه نڪتو، تڏهن ڄام حڪم ڪيو ته فقيرن جا سـِـر ڌڙ کان ڌار ڪيا وڃن. جڏهن ست ئي فقير شهيد ٿي ويا، تڏهن هر هڪ پنهنجو سـِـر کڻي اڳڪٿيون ڪندو اُڏامي ويو. اُهي اڳڪٿيون هيءُ آهن:

(1)     هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
        بـِـهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندي سوکڙي.
(2)    وسي وسي آر، جڏهن وڃي ڦٽندو،
        تڏهن ٻاروچاڻو ٻار، پنجن درمن وڪبو.
(3)    ڪاري ڪاٻاري، جهيڙو لڳندو ڇهه پهر،
        مـِـرمچي ٻاري، سک وسندي سنڌڙي.
 (4)   مـِـرمچي مـُـهاڙي، مرمچي ڪهڙا پار،
        هيٺن ڪاريون پوتيون، مٿن ڪارا وار.
(5)     لڳندي لاڙان، سونڪو ٿيندو سـِـري ۾،
        جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، اڳوڻا وِڻاهه.
(6)    نيرا گهوڙا ڏٻرا، اُتر کئون ايندا،
        گهاگهريون گـَـسن تي، وراهي ويندا،
        تهان پوءِ ٿيندا، طبل تاجاڻين جا.
(7)    اچي وهيجا ماڙهئا، ننگر جي آڌار،
        پـُـراڻا پرار، نوان مَ اَڏج نجهرا.
(8)    جان سمون تان سنڌڙي، جان نندو تان راڄ،
        اهڙا ٿيندا اَڪارڄ، سما ڇڏيندا سنڌ کي.
(9)    اَڪڙن تي ڏيئا ٻرندا. مند نه وسندا مينهن،
        سامهان ٿيندا سام کي، اهڙا ايندا ڏينهن.
(10)   ڍال پنندي، ترار پنندي، پنندي ڪٽاري،
        جاچڪ پنڻ ڇڏيندا، ايندي بـُـرين جي واري.
(11)   ڪانيو ڪـُـڙڌر موررو، راگهو ٿيندو راءَ،
        کاکڙ ٿيندي ڪـَـڇـَـڙي، جاڙيجي هٿاءَ
(12)   رَنون رڻ گـُـڙنئو، آرٽ آيري ڪنڌ،
        مند ڇڏي مينهن وسندا، بڊي آسو سنڌ.
(13)   چڙهي وَڻ ڏار، ٿـُـڙ وڍيندا بنڊ جو،
        جاڙيجا جـُـڙڌار، حق نه رهندو ڪن جو.
(14)   کچرڙا کير پيئندا، تـُـڳڙجندا تاجي،
        وڏا ماڻهو وهي ويندا، پـُـڇندا پاجي.
(15)   صبريئا صبر ڪجا، گولا کيئندا گيههُ،
        پاٿاريئي، پڇائبا جنهن جا ماءُ نڪي پيءُ،
(16)   ڪنوَرَ وڪڻندا ڪاٺيون، راءَ وڪڻندا گاهه،
        ناڻي نياءُ وڪڻندا، گڊي جُ هوندا وا.
(17)   ساوا ڇڏيندا ساپڻون، سچ ڇڏيندا سيٺ،
        برهمڻ ڀـُـڻڻ ڇڏيندا، ڪندا جاڙيجا ويٺ.
(18)   گول مـُـکا ۽ سوپڙ ڪـَنا، سوار رڻ طبقا،
        اولا گهولا ني اوليا، اي وڄائيندا ڊنڪا.
(19)   ساپڻي ۾ شرم ايندي، ڀائيپڻي ۾ ڀـَـڙ،
        ڪوسي پاڻيءَ ڪـُـڙم ۾، نه رهندي ڪنهن جي آڙ.
(20)   بک ماڻهو سين ڀڙ ٿيندا، سياري ڊرجندا شينهن،
        پيءُ ڊرجندا پـُـتڙي، اهڙا ايندا ڏينهن.
(21)   راءِ ٿيندا راڪاس، ورتي سان وِروڌ،
        راڻيون ڇڏيندا رِيس ۾، ڦرندا پرائي شوڌ.
(22)   ماڏوئي ٿيندو مقام، سا پر ٿيندو شهر،
        گڍ پتي ٿيندو گرگرا، ڦرندو اُگهاڙي پير.
(23)   ڏينهن ايندا ڏک جا، اَن ڏلدن جي وير،
        ترجاري تي ڀيڙا ٿيندا، ڪندا جاڙيجا ڪير.

 

پارڪر جا پرمار:

پرٿوي پهلا پرمار، پرٿوي برماران تڻو،
هيڪ اُجين ڌارا، ٻـِـيجو آبو ٻيڻو.

 

هندو شاسترن مطابق شري پرسرام کي ڇهون اوتار ڪري ليکيو وڃي ٿو. شري پرسرام رشيراج جمد اگني جو وڏو پٽ هو، جنهن شري رامچندر جي ڌنوش ٽوڙڻ وقت، جنڪ پـُـريءَ ۾، سيتا جي سويمبر ۾ اچي گوڙ مچايو هو ۽ پوءِ رام اوتار جي پرگهٽ ٿيڻ جو ٻڌي، انترڌيان ٿي ويو هو.

هڪ دفعي راجا ڪـِـرتويه، پنهنجيءَ آسنکيه سئنا (بيشمار لشڪر) سميت، شڪار ڪندي، اوچتو رشي جمداگنيءَ جي ڪـُـٽيا ۾ اچي نڪتو. رشيءَ، راجا جوآدرستڪار ڪيو، ۽  ”ڪامڌبنو“  ڳئون جي وسيلي هڪدم ماني تيار ڪري ورتائين. ايڏي لشڪر جي ماني چند ڪلاڪن ۾ تيار ٿيڻ ڪري، راجا کي ڏاڍو عجب لڳو. راجا کي ترت خبر پيئي ته رشيءَ وٽ  ”ڪامڌبنو“  آهي، جا هر منو ڪامنا پوري ڪري ٿي، تنهنڪري راجا، رشيءَ وٽان اها ڳانءِ گهري، پر رشيءَ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن راجا زوريءَ ڳانءِ ڪاهي هليو ويو. پرسرام اُن وقت تپسيا  لاءِ بن ۾ ويل هو. شام جو گهر آيو، تڏهن دستوري طرح ماءُ کان کير گهريائين. ماءُ ڳانءِ جا سمورا سماچار پرسرام کي ڏنا. ساري ڏينهن جي تپسيا ڪري آيل پرسرام، ڪاوڙجي، پرڻ ڪيو ته ڳانءِ جو کير پي پوءِ ٻيو ڪم ڪندس! پوءِ هو پوئين پير راجا ڪرتويه سان لڙائي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. راجا ڪرتويه کي سخت شڪست ڏيئي ڳانءِ واپس آڻي، اُن جو کير پيتائين.

ٻئي ڏينهن راجا جا ماڻهو، رشي جمداگني کي ڪـُـٽيا ۾ قتل ڪري، ڳانءِ وٺي روانا ٿيا- (رشي جمداگني، هندو شاسترن موجب، تارا منڊل ۾ ستين رشيءَ جي جاءِ والاري، جنهن کي هنديءَ ۾  ”سپت رشيءَ“،  معنيٰ  ”ستن تارن جو ميڙ“  ڪري چئبو آهي. عربيءَ ۾ اُن کي  ”داب اڪبر“  چئبو آهي. اهي تارا سرءُ جي موسم ۾ اُتر طرف، سياري ۾ اُتر- اوڀر طرف، بهار ۾ ڪاپار تي ۽ اونهاري ۾ اولهه طرف نظر ايندا آهن)

جڏهن پرسرام رات جو آيو، تڏهن اها حالت ڏسي هن پرڻ ڪيو ته دنيا اندر ڪو به راجپوت نه ڇڏيندس! اهڙيءَ ريت هن سچ پچ دنيا تي ڪو به اهڙو فرد نه ڇڏيو، جو پاڻ کي راجپوت چوائي.

راجپوت بهادر هئا ۽ اڳئين وقت راڪاسن جو تمام گهڻو ڊپ هو. راجپوتن جي ناس ٿيڻ ڪري، راڪاس برهمڻن کي توڙي ٻيءَ رعيت کي ستائڻ لڳا. تڏهن ديوتائن گڏجي آبوءَ وٽ هڪ ڀاري يگيه ڪيو ۽ ڀڳوان جي پرارٿنا ڪئي. پهرين اِندر ديوتا هڪ ڊڀ جو پتلو ٺاهي، پربرهم پرميشور منتر اُچاريو ته اُن مان هڪ تيجوان پـُـرش نڪري آيو. ان جي ساڄي هٿ ۾ گدا هئي. هو يگيه مان ٻاهر نڪرندي،  ”مار! مار!“  ڪندو آيو. تنهنڪري هن جو نالو  ”پرمار“  پيو. اهڙيءَ طرح، ديوتائن اهڙا ٽي پتلا ڪيا، جي پڙهيار، سولنڪي ۽ چوهاڻ هئا. انهن پرمارن  ”آبوءَ“  کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو ۽ ائين پکڙندا، ساري ڀارت ۾ پنهنجو راڄ کڙو ڪيائون. پوءِ پرمارن جون وڌي پنجٽيهه ساکون ٿيون. راجپوتانا اتهاس ۾ هيٺئين نموني انهن جون ساکون آهن: (1) سوڍا (2)سانکلا (3) موريه (4) سومرا (5) کير (6) ميپاوت (7) وهل (8) ٻلهر (9) ڪاٻار (10) اُمٽ (11) ريهور (12) چونرا (13) کيچر (14) ڍونڍا
(15) سورٺيا (16) سوکڙا (17) هرير (18)ڪوهلا (19)پويا (20) ڀوجا (21) سنپل (22) ڀٻا (23) پوڪوٽا (24) ڏيوا (25) ڪهوريا
(26) ڪالپسر (27) ڪالموه (28) ڌونڌر (29)جپرا (30) ٻرهر (31) پوسرا (32) ڌوتا (33) دڪوموا (34) ٽيڪا.

پرمار راجپوتن پنهنجي پهرينءَ گاديءَ جو هنڌ آبو ڪيو. اهڙيءَ طرح هنن ساري هند ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو، سوڍن وٽ جي دستخط احوال آهن، تن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنبت 954 برابر 996ع ۾ امرڪوٽ ۽ پارڪر مارواڙ جي راڻي ڌڻي براهه جي هٿ ۾ هئا، جنهن کي نـَـوَ ڀاءٌ هئا. ڌڻي براهه پنهنجن ڀائرن کي نـَـو ملڪ ورهائي ڏنا تنهن کي  ”نوَ ڪوٽي مارواڙ“  ڪري چيو وڃي ٿو. ان بابت هڪڙو ڏوهيڙو مشهور آهي:

ٿيو لدورو ڀاڻ، ٿيو مندووَر سامتسنگهه،
گڍ پونگل گج مال، ٿيو اجمير اجيتسنگهه،
آل پال ارٻڌ، ڀوڄراج جالنڌر،
جوگراج ڌر ڍاٽ، ٿيو هانسو پارڪر،
نـَـو ڪوٽي ڦراڙو سنجوگتان، ٿر پنوار ٿاپيا،
ڌڻي براهه ڌر ڀائيان، ڪوٽ بانٽ جهوُ جهوُ ڪيئا.

 

مٿئين ڏوهيڙي ۾ ڏسبو ته هانسي اچي پارڪر وسائي. هن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ پاري ننگر ڪيو. هانسي کي هڪ ٻيو به ڀاءُ هو، تنهن جو نالو ڀوڏو هو. تنهن اچي  ”ڀديشر“  عرف ڀوڏيسر وسائي.

 

 

---------


 

 

پاري ننگر  - سنڌ جو هڪ شا ندار بندر

سنڌڙيءَ جي هن شاندار بندر ۽ قديم بندر جو بنياد عيسوي پهرين صديءَ ۾ پيو. پاري ننگر، ننگر پارڪر کان چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي، هن وقت ويرا واهه جي ڀرسان ڊٺل ۽ ويران کنڊرن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. آباديءَ جي لحاظ سان، شروعات ۾ ان جي آدم شماري اٽڪل چاليهه هزار هئي، جنهن مان پنج هزار ٻه سؤ گهر جينن جا، نوَ سؤ گهر لـُــهارن جا، ست سؤ گهر راجپوتن جا، تيرهن سؤ گهر لـُـهاڻن جا ۽ ٻارهن سؤ گهر ٻين جدا جدا ذاتين جا هئا. آدمشماريءَ ۾ ڏسبو ته اوسواڙ قوم جي اڪثريت هئي، جا تمام شاهوڪار هئي. ان ۾ مکيه ذاتيون هي هيون: ڍاٽي، وورا ۽ گانڌي، گرڍيرا، تيمان، مدار، ڪـُــل، ڪــٻڙيا، وڏيرا، لالڻ، مهنتا، ويگڙ، ڪانٽيا، وغيره. چون ٿا ته سرڳواسي شري موهن لعل ڪرمچند گانڌي (مهاتما گانڌي) جا اڳيان مائٽ پاري ننگر جا رهاڪو هئا.

تنهن وقت موجوده ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي صورت ۾ هو، ۽ اُن رڻ جو عظيم الشان بندر پاري ننگر هو. ڪڇ جي رڻ مان جهاز سڌا اچي  ”ڏوتڙ“  وٽ لنگر انداز ٿيندا هئا. ڏوتڙ (ٻه تڙ)  ويرا واهه کان ٻه ميل اُلهندي طرف آهي، جتي اڄ به بندر جي نموني جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پاري ننگر، ڀوڏيسر جي مسجد ۽ گوڙيءَ جي ڏهرن تي جيڪو چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي، تنهن تي غور ڪرڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ساڳئي ڪاريگر ويهي اهو گهاٽ گهڙيو آهي. چترڪار اهڙو نفيس نقش چٽيو آهي، جنهن مان ڀليءَ ڀت پروڙ پئجي سگهي ٿي ته اسان جي هن ڀاڱي ۾ وڏا وڏا چترڪار ۽ فنڪار به موجود هئا.

پاري ننگر جو ذڪر ڪندي ڪي لکن ٿا ته اُتي جين ڌرم وارن جو راڄ هو، پر ائين صحيح نه آهي. اُتي جين ڌرم وارن جو ڌاڪو برابر هو، پر حڪومت سدائين پرمارن جي هٿ ۾ رهي. اوسواڙ شاهوڪار برابر هئا، پر راجپوتن جي تابع هئا. جينن جا وڏا وڏا مندر پاري ننگر جي آسپاس هئا، ته اُن کان وڌيڪ راجپوتن جون شالائون اڄ تائين پارڪر ۾ هر هنڌ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. راجپوت سردارن جو موت اوسواڙن وانگر ڪڏهن به ريشمي بسترن ۽ اوچن پلنگن تي نه ٿيو. هو جنگ جي ميدان ۾ تلوار کڻي ٽپي پوندا هئا، ۽ سورويرن وانگر وڙهندي، لڙائيءَ جي ميدان ۾ ئي سک جي سيج ماڻيندا هئا.اڳتي هلي تاريخ ڏيکاريندي ته ڪيئن نه پارڪر جي راجپوتن وقت بوقت لڙائيءَ کي منهن ڏنو، ۽ جنگ جي ميدان ۾ سوروير ٿي پنهنجا ِسر ارپڻ ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو چالاڪ ۽ ڄاڻو ”نروٽ“  پارڪر جي سوڍن کي جاگيرون ڏنيون. ان جي ڀيٽ ۾، ڪنهن ڪروڙ پتي جين جي نالي به جاگير جو ڪو اڌ ايڪڙ به نظر نٿو اچي.

چون ٿا ته اڳي پاري ننگر ۾ بيشمار بــُـت مندرن ۾ رکيل هئا. هينئر اُهي ڀڄي ڀــُـري ويا آهن ۽ تمام ڪارا ۽ سڙيل نظر اچن ٿا. پنج مندر اهڙا آهن، جي ڪجهه ٺيڪ نموني ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪڙو ماڻهوءَ جي قد جيڏو بــُـت آهي، جنهن جي اکين ۾ ڪائو لڳل آهي، سو اونداهيءَ ۾ چمڪندو آهي. سڄيءَ ايراضيءَ ۾ لوهه جا ٽڪر پکڙيل آهن. هتي جو قديم  ”ڪٽهڙو“  مشهور آهي. ڪٽهڙو دوائن جي ڪم اچي ٿو. ڪٽهڙو جيئن قديم هوندو، تيئن دوائن لاءِ اڪسير ثابت ٿيندو. پاري ننگر جو ڪٽهڙو 1959 سالن جو آهي. هڪڙي يورپي انجنيئر ٻڌايو هو ته هيءُ پٿر مان لوهه ٺاهڻ جو ڪٽهڙو آهي.

پاري ننگر جي حڪومت:

هانسي کان پوءِ مهيپال - جيڪو ڌڻي براهه جي ٽئين پٽ مان هو - جي پنجن پــُـٽن راڄ ڪيو. اُهي هيءُ آهن: راجسنگهه، راجيشور، منڊلڪ، ملار ۽ رامچندر. راجيشور پنهنجي نالي تي هڪ تلاءُ ڀيپور جي ڀرسان ۽ ٻه تلاءَ وڏهلي وٽ ٺهرايا. ان کانپوءِ راجيشور جو پٽ ڀوڄسنگهه تخت تي ويٺو. هن جي مرڻ بعد ان جو ڀاءُ تخت تي ويٺو، جنهن کانپوءِ پرمار مالا جو پٽ اُڌيسنگهه تخت تي ويٺو. ان کان پوءِ سامداس، پوءِ ڦتل، پوءِ گووندراءِ  جو پٽ ڀيم ۽ پوءِ ڀيم جو پٽ کنگهار،پوءِ کنگهار جو ڀاءُ ڏيپر،پوءِ کنگهار جو پُٽ چوڙو ۽ پوءِ ڏيڀي جوپٽ هرڀم تخت تي ويٺو. هن جي وقت ۾ 1226ع ۾، دهليءَ جي شهنشاهه طرفان لشڪر آيو، جنهن پاري ننگر ناس ڪيو. ان کانپوءِ ملڪ ۾ بي بندوبستي ٿي پيئي، ۽ هيءُ ملڪ ڪجهه وقت دهليءَ جي بادشاهن کي ۽ ڪجهه وقت سنڌ جي بادشاهن کي خراج ڀريندو رهيو. پر وري به ملڪ ۾ ساڳيو زور پرمارن جو رهيو. جن کان جلد ئي امرڪوٽ جي سوڍن اچي ملڪ تي قبضو ڪيو. پارڪر مان پرمارن جو هڪ ٽولو ڪاٺياواڙ  ويو، جتي انهن پنهنجي ِاسٽيٽ ٺاهي، جنهن کي  ”مرلي ِاِسٽيٽ“  چئبو آهي.

(تاريخ ريگستان)

پارڪر جي پرمارن ڪيئن تتر پکيءَ واسطي جنگ ڪئي:

جڏهن پارڪر  جا پرمار لڏي گجرات ڏانهن ويا، تڏهن چوڙا ذات جي ٻن هزارن پرمارن، پنهنجي سردار  ”موجوءَ“  سان گڏجي، اچي گجرات وسائي. هڪ ڏينهن چوڙا ذات جو ڪو راجپوت شڪار تي ويو، تنهن هڪ تتر پکيءَ کي گهايل ڪيو، جيڪو اُڏامي اچي پرمار راجپوتن جي اوتاري ۾ ڪريو. چاوڙي راجپوت پرمارن کان اُن تتر جي گهر ڪئي، پر موجيءَ چيو ته:  ”جنهن اسان جي اجهي ۾ اچي پناهه ورتي آهي، تنهن کي دشمن جي حوالي هرگز نه ڪنداسين - پوءِ ڀل ته اهو پکي ئي هجي. اهو راجپوتي شان وٽان نه آهي، جو شرڻ آيل جي ساهتا نه ڪري.“  نيٺ ٻئي ڏينهن، چاوڙو سردار پنهنجي ٽولي وٺي جنگ لاءِ تيار ٿيو. پرمار به لڙائيءَ لاءِ سنبريا، ۽ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ خونخوار مقابلو ٿيو. جنگ ۾ پنج سؤ چاوڙا مري ويا ۽ ٻيا ڀڄي ويا. جيت پرمارن جي ٿي. انهيءَ واقعي جي ڪري هيءَ چوڻي مشهور ٿي ته:  ”ميروُ پربت ڏري پوي، ڌُرو تارو جاءِ ڇڏي وڃي. گرنار قلعو اچي پــَـٽ پوي! پر پرمار راجپوت پنهنجي دشمن کي ڪڏهن به پـُـٺ نه ڏيندا.“ 

سڏونت - سارنگا:

عيسوي پهرين صديءَ ۾ پاري ننگر تي ساليواهن نالي هڪ مهاپر اُپڪاري راجا راڄ ڪندو هو. ان کي هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو  ”سڏونت“  هو. ان وقت پاري ننگر ۾ اوسواڙ قوم وارن جي اڪثريت هئي، جي ڏاڍا سرمائيدار هئا. انهن ۾ سيٺ پرم شاهه نالي هڪ ارب - پتي اوسواڙ رهندو هو، جنهن کي هڪ نياڻي هئي. نالو هوس  ”سارنگا“ . سارنگا ساري پارڪر ۾ واکيات هئي. ان جون گول ۽ ڦٽڙيون، ڪجل سان ڀريل اکيون، قهر هيون. ان جو حسين جـُـسو مخمل کان وڌ نرم هو. سارنگا جڏهن وهيءَ چڙهي، تڏهن ان جي حسن جي هاڪ هنڌين ماڳين ڳائجڻ لڳي. هڪڙي ڏينهن هيءَ روُ پوَنت سندري جيئن پاٺشالا ۾ پڙهڻ لاءِ وڃي رهي هئي، تيئن سڏونت سامهون آيو. ٻنهي جي نظر هڪ ٿي ويئي، ۽ اک جي ٻاڻ ٻنهي کي بيوَس ڪري ڇڏيو.

نيڻ پدارٿ نيڻ رس، نيڻي نيڻ ِملنت،

اَڄاڻ سين پريتڙي، پهرين نيڻ ڪرنت.

نيٺ سارنگا جو، ننڍي لاڪرئي سڏونت سان گهاٽو سنيهه ٿي ويو. هڪ ٻئي کان گهڙي گهارڻ ڏکيو ٿيندو هون. سارنگا جنهن پاٺشالا ۾ سکيا وٺندي هئي، ان ساڳئي پاٺشالا ۾ سڏونت به اچي پڙهڻ لڳو. اُستاد کي هڪڙو باغ هو ۽ شاگرد واري وٽيءَ تي ان باغ کي پاڻي ڏيندا هئا. سڏونت ۽ سارنگا پڻ باغ ۾ پاڻيءَ جي بهاني برهه جون باتيون ڪندا هئا.

جڏهن سارنگا سورهن جي وهيءَ ۾ پير پاتو، تڏهن مائٽن اُجين ننگريءَ جي هڪ مشهور سيٺئي سان سارنگا جي شادي ڪرائي، پر سڏونت جي سڪ جي ٻاڻ سندس سيني ۾ اهڙو ته اُونهون گهاءُ ڪيو، جو کيس پارڪر جا پوٺا نيٺ ڇڏڻا پيا. جڏهن رُوپا شاهه ڄڃ وٺي پرڻجڻ آيو، تڏهن سارنگا اٽڪل ڪري چؤنريءَ جا چار ڦيرا هڪ داسيءَ کان ڏياريا، ڇاڪاڻ ته سڏونت کان سواءِ کيس ڪنهن جي به محبت قبول ڪا نه هئي.

 پوءِ، ڄڃ رواني ٿيڻ کان اڳ پاري ننگر جي پدمڻيءَ سارنگا، پنهنجي محبوب کي پيغام موڪليو ته:  ”هو گام جي گوندري واري ديويءَ جي مندر ۾ رات جو اچي ساڻس ملاقاتِ ڪري.“  سارنگا کي انهيءَ مندر ۾ پوڄا پاٺ ڪري، پوءِ ڄڃ سان گڏ روانو ٿيڻو هو. سارنگا جو سنيهو ســُـڻي، سڏونت سج لٿي ئي اچي ديويءَ جي مندر ۾ ويهي رهيو. اڌ رات گذري ويئي، ڪــَـتيون ڪاپار آيون، لــُـڌو لڙي ويو، ٽاڻو ٽري ويو،پر محبوب ماڳ نه آيو. سڏونت کي انتظاريءَ جون گهڙيون وڏيون ٿي پئيون. هر هر مندر جي دروازي ڏانهن ٿي نهاريائين، پر پوڄارڻ جو پتو ڪو نه پيو. بيقراريءَ وچان پنهنجي هجر جي هپت ۾، ڀــُـل سببان، ننڊ واري گولي کائي ويهي رهيو. سڏونت سمجهو ته جاڳ واري گوري ٿو کاوان، پر يار جي خيال ۾ خبر ڪا نه پيس ۽ ننڊ واري گوري کائي نندرا ديويءَ جي گود ۾ الوٽ ٿي سمهي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ سارنگا به ڇم - ڇم ڪندي آئي، تنهن پنهنجي سڄڻ کي گهڻو ئي اٿلايو پٿلايو، پر سڏونت کي سار ڪا نه ٿي. نيٺ، وقت ڀرجي آيو ۽ سارنگا پنهنجي محبوب جي هٿ تي هيٺين ڳاهه لکي ڄڃ سان گڏ رواني ٿي ويئي:

 ”پاري ننگر کان پڌاري، ڪر جو ڀڳوئا ويس،
جنهن گهر ناريل رونکڙو، تنهن گهر ڪرجو اَليک“ .

 

صبح جو جڏهن سڏونت کي جاڳ ٿي، تڏهن گهڻو ئي ارمان ٿيس. پوءِ پنهنجن هٿن تي سارنگا سان ملڻ جو ڏس پتو لکيل ڏسي، جوڳياڻو ويس ڪري، گهوڙي تي چڙهي اُٿي هليو.

تــَــنَ پر تو ڀسم لڳا، هٿ ۾ ليئا ڪـِـير،

سارنگا تيري ڪارڻي، ڪريو ويس فقير.

ڏند ڪٿائن مان ڏس ملي ٿو ته پاري ننگر جي پدمڻي، اُجين ڏانهن اُسهندي، پارڪر جي ايندڙن ويندڙن کي سڏونت جون نشانيون ڏيندي ويئي. هڪ جاءِ تان لنگهندي، هڪڙو ريٻاري مينهن ڏُهي رهيو هو. جيئن ئي سارنگا جو حسين چهرو ڏٺائين. تيئن ويچاري جون اکيون سارنگا ڏانهن ڦاٽي وئيون. سارنگان کي ڏسي چيو:

”پاراڻي را رائيڪا، تارو ڏُوڌ ڍوراڻو جاءِ،
سڏونت آئي ايم ڪـَــهي، سارنگا روتي جاءِ“.
(اي پارڪر جا ريٻاري! تون اکيون ڦاڙي نه نهار،
ڏس ته تنهنجو کير هارجي رهيو آهي! مهرباني ڪري،
سڏونت اچي ته چئجانءِ، سارنگا روئندي پيئي وڃي.)

 

سارنگا جي ڄڃ نيٺ وڃي هڪڙي ٻٻر جي وڏي وڻ هيٺ ڊاٻو ڪيو. سڏونت جو پٺيان  پئي آيو، سو وجهه ڏسي اُن وڻ تي چڙهي لڪي ويهي رهيو، اڌ رات جو سڏونت جي اکين مان هڪڙو لــُـڙڪ ِڪري ، اچي سارنگا جي ڳــَـل تي پيو، تڏهن سارنگا چوڻ لڳي:

 ”آنٻو جهري آنٻلي، ڀڄي نوَسرَ هار،
رس چس تو سڀ چکيا، هاڻ ڪيئن روئين گينوار!“

 

(اي انب جا وڻ! تون ڇو رس هاري منهنجي نوَسرَ هار کي پسائي رهيو آهين: تو ته اڳي گهڻو ئي رس چکيو آهي، اڙي مورک! هاڻ هن ويلي ڇو روئي رهيو آهين؟)

روپا شاهه سيٺ جي ڀاءُ، سارنگا جي ڏير، اهو ڏوهيڙو ٻڌي ورتو هو، تنهن صبح جو ڀاءُ کي چيو:

 ”ڪانچوئو ڪـَــسَ مئيو، سارون ڀراڻو سري،
وِيرا، مين تنان برجيئو، ڀاڀي ناهه ڪــُـــسري“ .

 

(اي ڀاءُ، ڀاڀيءَ جو پائڻ وارو ڪپڙو ۽ اوڍڻ جو سارون (ريشمي وڳو) سمورو ســَـرن سان ڀرجي ويو آهي، منهنجي سمجهه ۾ ته ائين ٿو اچي ته ڀاڀي خيرن ۾ نه آهي.)

تڏهن سارنگا چوڻ لڳي:

 ”ٻودو ڪپڙو ٻـــَــهؤ رنگو، سبڻ وارو اڍنگ،

ٽڙ ٽـــڙ ٽانڪا ٽـُــٽيا، آرس موڙندي انگ.“

(منهنجي پائڻ وارو ڪپڙو هڪ ته گهڻن ڏينهن جو سڙيل آهي ۽ ٻيو وري سبڻ وارو درزي اَڍنگو هو؛ آرس موڙيندي ٽانڪا ٽٽي پيا، تنهن ڪري ڪپڙن ۾ ســَــر آهن.)

اهڙيءَ طرح، ٿورن ڏهاڙن بعد ڄڃ اُجين پهتي، سڏونت به پنڌ ڪندو پئي آيو. سندس ٻنهي هٿن تي محبوب جون ڳاهون لکيل هيون، تنهن ڪري جنهن به تلاءُ تي ويو ٿي، جانورن وانگر منهن سان پاڻي ٿي پيتائين. آخر سڏونت به وڃي اُجين پهتو. جوڳيءَ جو ويس ڪري، سارنگا جي ساهرن جي گهر جو ڏس پتو پـُـڇي، وڃي گهر جي دروازي وٽ الک جڳايائين. سارنگا سون جي ٿالهه ۾ موتي ڀري، جوڳيءَ کي دان ڏيڻ آئي. ٻنهي جون نظرون هڪ ٿيون. ٿالهه سارنگا جي هٿ ۾ ئي رهجي ويو، ۽ ڪانگ اچي موتي چـــُڳڻ لڳا. اُجين ننگريءَ جو راجا هيءُ لقاءُ پنهنجي اوچي محل ۾ بيهي ڏسي رهيو هو، تنهن پنهنجي راڻيءَ کي چيو:

 ”اس ننگري ۾ مورک وسي، چــَــتـُـر وسي نه ڪوءِ،

ڪاگا موتي چـُــــگ گيا، ڪؤڪ نه ڪري ڪوءِ.“

راڻيءَ جواب ڏنو ته ائين نه آهي، بلڪه:

 ”اس ننگري ۾ چتروسي، مورک وسي نه ڪوءِ
ٻالاپڻ ري پريتڙي، م
ِيت ميلاپو هوءِ“

 

ٻنهي محبن جو اُتي ئي ساهه نڪري ويو، ۽ هيءُ پريمي جوڙو، پاڻ ۾ ملي، هميشه لاءِ هڪ ٿي ويو. ٻي روايت آهي ته سارنگا راجپوتانا جي ويٺل هئي، ۽ سڏونت پڻ اُتي جو ئي باشندو هو. سارنگا پاري ننگر ۾ روپا شاهه نالي سيٺ سان پرڻايل هئي. هيءَ روُپوَنت رمڻي، راجپوتانا مان رواني ٿيندي، پنهنجي سڄڻ سڏونت کي اجهو هيٺيون سنيهو ڏيندي ويئي:

 ”پاري ننگر پنٿ گهڻو، سوڍانڪي رو ديس

وهيلــــو ورجـــــي والما، جوڳي سندي ويس.“

جين ڌرم جا آثار:

پاري ننگر، گوڙيءَ جا ڏهرا ۽ ستي ڏهرا (پارڪر) ۾ جين ڌرم وارن جا خاص مندر هئا. آبـُـو ۽ ان جي آسپاس به جينين جا مندر آهن. پارڪر جينين جو وڏو ۽ خاص مرڪز هو، جتي مندر سان لاڳو هڪڙيءَ خاص جڳهه ۾ سندن تبليغي اجلاس ٿيندا هئا. اڄ تائين اها جڳهه موجود آهي، جنهن جي ڀتين تي ڌرمي نيتائن جون تصويرون نڪتل آهن.

جين ڌرم جا ڪـُـل چوويهه پيشوا يا ڌرم- نيتا ٿي گذريا آهن، جن جا نالا هيءَ آهن: (1) رشڀ ناٿ (2) اجيت ناٿ (3) ساميو (4) اڀنيدن
(5) سـُـمتي (6) پدم پرڀا (7) سـُـپـَـرشو (8) چندر پرڀا (9) پشپ دلت
(10) سيتل (11) شري انشاناٿ (12) واسو پؤجيه (13) وِمل (14) اننت
(15) ڌرم (16) شانتي (17) ڪـُـنٿو (18) ارا (19) مـَـلي (20) مـُـني سـُـورت (21)نـِـمي (22) نيمي (23) پارسو ناٿ ۽ (24) ورڌمان، جو  ”مهاوير“  جي نالي سان مشهور ٿيو. مهاوير، گوتم ٻڌ جي زماني ۾ ٿي گذريو آهي ۽ سندس ديهانت عيسوي سن کان 536 ورهيه اڳ ٿيو. هو جين ڌرم جو باني هو- جيتوڻيڪ جين ڌرم وارن جو چوڻ آهي ته سندن ڌرم ان کان ڪي صديون آڳاٽو آهي.

جين ڌرم جي مٿين چوويهن ڌرم- نيتائن مان يارهين نمبر، شري  ”انشاناٿ“  جو جنم سنڌ ۾ ٿيو. سندس پيءُ جو نالو وشڻ، ۽ ماءُ جو نالو وشني هو. انشاناٿ ساريءَ سنڌ ۽ هند ۾ جين ڌرم جو زبردست پرچار ۽ ڦهلاءُ ڪيو. کيس پنهنجي زماني ۾ اهو ئي پد حاصل هو، جيڪو مهاوير کي سندس سمي ۾ حاصل هو. انشاناٿ عيسوي سن کان اٽڪل پندرهن سؤ سال اڳ جو آهي. جيئن موهن جي دڙي جو سمو پورو ٿيو، جين ڌرم جي شروعات ٿي. اڄ کيس ساڍا ٽي هزار ورهيه گذري چڪا آهن. سندس رهڻيءَ ڪرڻيءَ سنڌ تي ضرور اثر ڪيو هوندو. سندس ديهانت اولهه بنگال ۾ ٿيو.

ڪاجلاسر تلاءُ:

پاري ننگر جي سيٺين، تمام گهڻي خرچ سان، هڪڙو وڏو تلاءُ ٺهرايو هو، جنهن جو نالو  ”ڪاجلاسر“  تلاءُ هو. پاري ننگر جون پدمڻيون صبح جو سوير اچي اُن تلاءُ ۾ منهن ڌوئينديون هيون. اُنهن مـِـرگهه- نيڻين جي اکين ۾ ايترو ته ڪجل هوندو هو، جو سموري تلاءَ ۾ ڪجل جا ڪارا ڪارا ليڪا ٺهي پوندا هئا ۽ سارو سـُـرو ڪجل جي سهڻيءَ ريک سان رڱجي ويندو هو. جيني استرين ۾ ڪجل وجهڻ جو خاص رواج آهي. سندن وڏيون اکيون هر وقت ڪجل سان ڀريل هونديون آهن، جيڪي ڳوري رنگ تي ڏاڍو سٺو ڏيکاءُ ڏينديون آهن. چون ٿا ته هڪ ڀيري پاري ننگر جي هڪ مکيه سوڍي جو ڪنور صبح جو گهوڙي کي اُن تلاءَ تي پاڻي پيئارڻ آيو. ڪيتريون ئي ڪجليون ان وقت تلاءَ تي منهن ڌوئي رهيون هيون ۽ پاڻي سمورو ڪارو ٿي ويو هو، تنهنڪري ان ڪنور کين گهٽ - وڌ ڳالهايو. انهيءَ ڳالهه اوسواڙن ۾ چڱو تاءُ پيدا ڪيو ۽ هو پاري ننگر کي ڇڏڻ جا سانباها ڪرڻ لڳا. پاري ننگر ۾ هڪ ارب - پتي اوسواڙ، ڪاجل شاهه نالي رهندو هو، تنهن اهو  ”ڪاجلاسر“ تلاءُ ٺهرايو هو.

ڪاڇٻو پرمار:

پاري ننگر ۾ ڪاڇٻو نالي پرمار رهندو هو، جنهن جي ڳالهه مڱڻهار لوڪ ڏاڍي اُمنگ ۽ اُتساهه سان ڪندا آهن. روايت آهي ته ڪاڇٻي پرمار کي سندس ڀاڀيءَ مهڻو ڏنو:  ”ڏسان ته تون ڪاڇي گڍ جي ڪماري پرڻجي ايندين!“  ڀاڀيءَ جي مهڻي ڪاڇٻي جي ڪليجي تي ڀاري اثر ڪيو ۽ هڪدم ڪاڇي گڍ جي ڪماريءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ، پنهنجا تمام ساٿي سنڀرائي اُٺن تي چڙهي روانو ٿيو. پاري ننگر کي آخرين پرڻام ڪندي چيائين:

 ”ڀاڀچ مهڻو مت ڏئي، مهڻو مٿي رو گهاءُ،
ڪا ڪماري لاوَ سان، تا اَن پاڻي نان نا.“

 

(اي ڀاڀي! تون مهڻو نه ڏي. تنهنجي مهڻي منهنجو من چيري ڇڏيو آهي. هاڻ جيستائين ڪـُـماري نه آڻيندس، تيستائين اَن پاڻي حرام آهي!)

ڪاڇٻو ۽ سندس ساٿي، پنڌ ڪندا، نيٺ گجرات پهتا ۽ گام جي گوندريءَ وٽ هڪ تلاءُ وٽ اچي ڊاٻو ڪيائون. ڪاڇٻي، هڪڙي واٽهڙوءَ کان ڪماريءَ بنسبت پڇا ڪئي. واٽهڙوءَ جواب ڏنو:

 ”پـَلو پـُـرش جو نه ڇـُـهي، نر جو نه ڳنهي نام،
اوڏي ٿئي نه اَن کي، نر نامي تمام،
ڪاڇٻا تنهنجي هام، من جي من ۾ ئي رهي.“

 

(اي پاري ننگر ڍاٽ جا پرمار! تو جنهن ڪامڻيءَ جو ذڪر ڇيڙيو آهي، سا مرد ماڻهوءَ جي پلئه کي نٿي ڇـُـهي، ۽ نه وري نر جو نالو وٺي ٿي- ايتريقدر جو نر نالي اناج کي به ويجهي نٿي وڃي! اي ڍاٽ - پتي، تنهنجو مقصد هن حسين ۽ شوخ نازنين وٽان حاصل نه ٿيندو.)

رات جو ڪاڇٻي پنهنجن سمورن اُٺن کي کاڌي ۾ کستوري وجهي ڏني، ۽ ڳوٺ جي هوا جي  سامهون انهن کي ويهاريو. اُٺن جو ٻوٿ بند ڪري ڇڏيائين، اَسر ويلي انهن جا منهن کوليائين. اُٺن اوڳارڻ شروع ڪيو، ته کستوريءَ جي خوشبوءِ ساري ڳوٺ ۾ پکڙجي ويئي. ان طرح، ڪاڇٻي جي ساراهه ڪماريءَ تائين وڃي پهتي. پر ڪماري چوڻ لڳي:  ”ڪاڇٻو جـَـل جو هڪ  ”ڪڇئون“  آهي. نيٺ ڳچ ڏينهن کان پوءِ، ڪاڇٻي پنهنجي مراد ماڻي ۽ ڪماريءَ کي ساڻ ڪري ڳوٺ آيو.

پاري ننگر جو ناس ٿيڻ:

پاري ننگر تي قدرت جو ڪوپ ڪڏهن ٿيو، تنهن بنسبت ڪا پڪي پروڙ ڪانه ٿي پوي. الائي اوسواڙن کي تاريخ سان عشق هو يا نه. چون ٿا ته جين ڌرم وارا ٻين کي پنهنجا ڪتاب پڙهڻ ئي ڪونه ڏيندا آهن. ڪي ڪتاب ان وقت هوندا، ته به زلزلي ۾ دٻجي ويا.

پاري ننگر جي ناس ٿيڻ بابت به ڪيتريون ئي دلچسپ ڏند ڪٿائون مشهور آهن. چون ٿا ته هن شهر جي راجا پنهنجي پـُـٽ جو مڱڻو هڪ لوهار جي حسين ڌيءُ سان ڪرايو. پاري ننگر ۾ ان وقت لوهارن جي اڪثريت هئي ۽ منجهس نـَـوَ سؤ گهر رهندا هئا، جي شاهوڪار هئا. لوهار ڇوڪريءَ، ٻي ذات جو وَرُ قبولڻ کان انڪار ڪيو، پر قوم وارن کيس زوريءَ پرڻائڻ ٿي گهريو. تنهنڪري ڇوڪريءَ پاراتو ڏنو ته:  ”اوهين ڪٿي به سـُـک سان ويهي نه سگهندؤ!“  ڇوڪريءَ جو پاراتو پورو ٿيو، ۽ لوهار سدائين ڀٽڪندا وتن. آخر، ٺڪرن جي ستائڻ تي، لوهار لڏي اچي گهوٽياري وٽ رهيا. ٻيءَ ڏند ڪٿا موجب هن شهر ۾ هڪڙو درويش فقير رهندو هو، تنهن هڪڙي ڏينهن ڪنهن مقرر طلب جي خيرات لاءِ صدا هنئي، پر ڪنهن به سندس گهـُـر پوري ڪانه ڪئي. تڏهن هن بي اختيار چئي ڏنو ته:  ”سڀاڻي پاري ننگر ناس ٿيندو!“  فقير جو عرض اگهاڻو، ۽ ٻئي ڏينهن سارو شهر غرق ٿي ويو.

بهرحال قدرت جا ڪم نرالا آهن، ڪڏهن پاري ننگر هڪڙو آباد ۽ عاليشان بندر هو ۽ اڄ اهو سارو ڀڙڀانگ ۽ ويران ٿي چڪو آهي.

--------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org