سنگها تلاءُ
ننگر پارڪر کان چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي ۽ ويرا
واهه جي تمام ويجهو هڪ زبردست ڍنڍ ڏسڻ ۾ ايندي، جا
ويڪرائيءَ ۾ اٽڪل ٻه هم چورس ميل ٿيندي. برسات جي
موسم ۾ هيءَ ڍنڍ پاڻيءَ سان تار ٿي ويندي آهي.
تڏهن ان ۾ ٻاروهي پاڻي رهندو آهي ۽ ڏکڻ کان چڻيدن
جي ٽڪريءَ تان لهندڙ ”ڪونڀا واهه“ کي پاڻيءَ سان
ڀري پـُـر ڪري ڇڏيندي آهي. سنگها ڍنڍ، ويرا واهه
جي سوڍن کي جاگير طور مليل آهي. منجهس جيئن پاڻي
سـُـڪندو آهي، تيئن هيرڻ ۽ ڪڻڪ پوکبا آهن، جي سنڌ
جي ڀليءَ زمين کان به گوءِ کڻي ويندا آهن. منجهس
ڪيترن قسمن جا پرديسي پکيئڙا اچي رهندا آهن. هن ۾
هڪ قسم جو گاهه ٿيندو آهي، جو ٽي - چار فوٽ ڊگهو
ٿئي ٿو: ان کي ”ڪلورو“ ڪري چيو وڃي ٿو. هن کي
ڪـُـٽي، مزور ماڻهو کٽن جو واڻ ٺاهيندا آهن ۽ ان
جي ڦرين مان ٻج ڪڍي، ڏڪار جي وقت، ٻچن جو قوت ڪندا
آهن. ڪجهه مٿڀرو ”جکن“ جا ڏهرا ڏسڻ ۾ ايندا، جي
تمام ڪاريگريءَ سان چـُـڻيل آهن. ڏهرن جي نزديڪ
ڀانسر تلاءُ آهي، اُتي اڳي ”ڀاڻ“ نالي هڪ زبردست
مالدار رهندو هو، تنهن پنهنجي مال جي سهنج لاءِ
اهو تلاءُ ٺهرايو هو.
لورلائي:
ننگر پارڪر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي، گهرٽياريءَ
جي ڀر ۾، وڏو تلاءُ آهي. پاري ننگر کان جڏهن ٻه
هزار گهر، لوهارن جا اُتي جي راجائن کان ڪڪ ٿي
نڪتا، تڏهن اُنهن اچي لورلائي وسائي، جنهن کي
”لوهارن واري“ ڪري چئبو هو، اُن جو اُچار ڦري اڄ
”لورلائي“ ٿيو آهي. هن ۾ ٻاروهي پاڻي رهندو
آهي.لوهارن ۾ هڪڙي حسين ڇوڪري هئي، جنهن تي پاري
ننگر جو شهزادو عاشق هو. لوهارن جي لڏي وڃڻ تي به
هو انهن کي ستائڻ لڳو. آخر اها ڪنيا اُن تلاءَ جي
ڪناري تي سـَـتي ڏاگهه چڙهي. اُن جو پٿر اڄ ڏينهن
تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ڏونگريءَ جي ستي برهمڻي:
جنهن وقت پارڪر تي ٺڪرن جو زور هو، تنهن وقت
ڏونگري هڪ زبردست شهر هو. ان جي جاين جا نشان جتي
ڪٿي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اُتي هڪ وڏو پٿر کتل آهي، جنهن
۾ استريءَ جو هٿ آهي ۽ هٿ جي پاسي ۾ سج ۽ چنڊ جون
شڪليون ٺهيل آهن. روايت آهي ته ٺڪرن جي ستائڻ تي
هيءَ مهاپويتر ۽ ستي ناري هن جاءِ تي پاڻ جلائي
ڀسم ٿي هئي ۽ مرڻ وقت چئي ويئي ته ”هن جاءِ تي هڪ
پٿر هڻي، اُن تي چنڊ ۽ سج جون شڪليون ڪڍي ڇڏجو،
ڇو ته جيستائين هيءَ دنيا قائم آهي، تيستائين
منهنجي پويترپڻي جي ساک سج ۽ چنڊ ڀريندا ايندا.
۽ انصاف جي خون ڪندڙن تي ملامت وسائيندا رهندا.“
گوڙي جو مندر:
ننگر پارڪر تعلقي ۾، ننگر پارڪر شهر کان اٺاويهن
ميلن جي مفاصلي تي، ”گوڙي“ نالي هڪ ڳوٺڙو آهي،
جو ڀالوا کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي. اُتي گوڙي
جا ڏهرا آهن، جي تمام قديم آهن. گوڙي جا ڏهرا
معنيٰ جينين جو جهونو مندر. ڪئپٽن ريڪس صاحب
پنهنجي ڪتاب ”حالات ٿرپارڪر“ ۾ انهن جو نقشو پڻ
ڏنو آهي. اِها عاليشان عمارت ڳوٺ کان اُڀرندي طرف،
کليل ميدان ۾، کوهن جي ڀر ۾ آهي، هي مندر سوڍن
حاڪمن جي اوج واري وقت، سنبت 1376 ۾ تعمير ٿيو.
جين ڌرم وارا پارسناٿ جا پوڄاري آهن، جو گرو
گورکناٿ جو چيلو هو ۽ کيس ”گوڙيچو“ به چوندا
آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن ڳوٺ جو نالو ”گوڙي“
پيو. مندر جي اندر وڃڻ سان شروع ۾ ڏکڻ طرف هڪ
انڌارو ڀونئرو نظر ايندو، جنهن ۾ اندر هڪٻئي هيٺان
چار ڪوٺيون آهن. ڪوٺين ۾ هيٺ ڏاڪڻ رستي لهي سگهبو
آهي. چوٿين ڪوٺيءَ ۾ اندر، دريءَ مثل ٿوري جاءِ
آهي، جتي اڳي پوڄا ٿيندي هئي. انڌاري ڀونئري جي در
تي سهڻي نقش سان چٽيل هڪڙو پٿر پيل آهي، جو اُن
وقت هن ڀونئري جو دروازو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته مندر
جي پيدائش وارو سمورو ڌَن هن ڀونئري ۾ پوريل هوندو
هو. اول اُترئين ورانڊي ۾ گهڙبو، جنهن کي اوڀر،
اُتر ۽ اولهه کان دروازا آهن. سارو ورانڊو ماڻهن ۽
عورتن جي سهڻين تصويرن سان چٽيو پيو آهي. ڏکڻ طرف
ٻه لاڳيتا ڏهرا آهن. هن ورانڊي جي اوچائي زمين کان
ٽيهه فوٽ مٿي آهي ۽ ورانڊي جي پکيڙ ٻه سو سٺ چورس
فوٽ آهي. ورانڊي کان ڏکڻ طرف هڪ ننڍي ڪوٺي آهي ۽
اُن کان پوءِ چار لاڳيتا ڏهرا آهن، جن مان هر هڪ
جي پکيڙ ٻه سؤ سٺ چورس فوٽ آهي. پهرين ٽن ڏهرن تي
منارا ٺهيل آهن ۽ چوٿين ڏهري تي پارسناٿ جو پتلو
هو. اوڀر ۽ اولهه ۾، ٻنهي پاسن کان ٻارهن - ٻارهن ننڍيون ڪوٺيون آهن، جتي هڪ ماڻهو ويهي پوڄا ڪري
سگهندو هو. اُتي هڪ ننڍو ٿلهو به ٺهيل آهي. شايد
اُتي ساڌو ايڪانت ۾ يوگ - اڀياس ڪندا هئا. سڄي
عمارت، اوڀر کان اولهه طرف ويهه فوٽ ۽ ڏکڻ کان
اُتر طرف اٺيتاليهه فوٽ آهي. ساري عمارت ٻاهتر
فوٽن ۾ آهي ۽ جاءِ جي ڪل پکيڙ نـَـو سؤ سٺ چورس
فوٽ آهي. سڄيءَ جاءِ مٿان ٻاونجاهه سهڻا گنبذ ٺهيل
آهن، جن مان چاليهه گَنبذ
ڏهرن مٿان آهن. هن عمارت جو پٿر سنگمرمر جهڙو آهي،
جو جوڌپور کان آندل معلوم ٿئي ٿو. عمارت ۾ ڪم آندل
پٿر، هر هڪ تيرهن فوٽ ڊگهو، ٽي فوٽ ويڪرو ۽ ڏيڍ
فوٽ اوچو آهي. هر هڪ پٿر جي ماپ ساڍا اٺونجاهه ڪعب
فوٽ آهي. عمارت جي اڏاوت ۽ بيهڪ توڙي چٽساليءَ تي
اهڙو ته نفيس ڪم ٿيل آهي، جو ان کي فنڪاريءَ جو
اعليٰ نمونو سڏي سگهجي ٿو. ڪئپٽن جي. جي. ولسن
صاحب هن مندر جي ڀونئري کي کوٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو
هو. چون ٿا ته مزورن کي کوٽائيءَ وقت ٽي دفعا
”نه، نه، نه“ جو ڀيانڪ آواز آيو، تنهنڪري ڪم بند
رکيو ويو، پوءِ سگهو ئي ولسن صاحب مري ويو،
تنهنڪري ماڻهن جو وسوسو
ويتر وڌي ويو. انگريز سرڪار جي مرضي ٿي ته اهو مندر محفوظ ٿيل يادگارن جي
ائڪٽ هيٺ آڻجي. جين ڌرم وارن اعتراض ورتو، پر پوءِ
نيٺ سرڪار جي حوالي ڪيائون. هن مندر جي هزار کن
قدمن تي هڪ مٺي پاڻيءَ جو کوهه، چاڙهين سان ٻڌل
هوندو هو، جتان تيرٿ واسي ڏاڪڻين تان لهي، پاڻي
ڀري ايندا هئا. هينئر اهو کوهه ڦٽو پيو آهي. مندر
جي مرمت 1715ع ۾ ٿي هئي. تنهن کان پوءِ ائين پيو
آهي. ڪرنل تروٽ صاحب ننگر پارڪر جي فساد وقت هن
مندر جي ڪجهه حـصي کي بارود سان اُڏائي ڇڏيو هو،
جو شڪ هوس ته سوڍا هتي ويهي، ڳـُـجهيون سازشون
ڪندا آهن. اڳي پالي ڀاشا ۾ مندر جي ٺهڻ جي تاريخ
اُڪريل هئي، پر هاڻي اُها ڊهي ويئي آهي. ڪي چوندا
آهن ته ان جو بنياد سنبت 1359 ۾ پيو. مطلب ته هي
مندر سنڌ جي قديم يادگارن مان هڪ آهي.
پارسناٿ جو پتلو
پارسناٿ جين ڌرم وارن جو وڏو ديوتا آهي، جو مشهور
مهاتما گرو گورکناٿ جو چيلو هو. هن پتلي جي ڪهاڻي
عجيب نموني جي آهي: پاري ننگر ۾ هڪ مشهور مهنتو،
منگهو نالي رهندو هو. هڪ دفعي واپار جي ارادي سان
هو گجرات جي ڪنڪاوٽي شهر ۾ ويو، جتي ان کي هڪ رات
سپنو آيو. خواب ۾ ڏٺائين ته هڪ ديوتا آهي، جو کيس
چئي رهيو آهي ته: ”هن شهر جي هڪ چاڪيءَ جي گهر
پارسناٿ جو پتلو پوريل آهي، سو ڪيئن به ڪري کڻائي
ڪنهن مندر ۾ رک ته رب تو تي راضي ٿيندو.“ صبح جو
اُٿڻ سان اهو اوسواڙ، سپني واريءَ ڳالهه کي آزمائڻ
لاءِ، ڏس ڏنل چاڪيءَ جي گهر ويو، جتي ڏسيل جاءِ تي
کوٽائي ڪرڻ سان کيس هڪ يارهن فوٽ ڊگهو پتلو هٿ
آيو. پوءِ هو بيل گاڏي ڀاڙي ڪري، اُن ۾ پتلو رکي،
ڳوٺ روانو ٿيو. وچ واٽ تي، ڪنهن شيءِ سان ٽڪرجڻ
ڪري، نم جي ٺهيل گاڏي ڀڄي پيئي. ان ڪري هو رات جو
اتي ئي سمهي پيو، ته ديوتا وري سپني ۾ چيس ته ”هن
هنڌ اُتر پاسي، ”پڳ واو“ ڏاڪڻ رستي هيٺ لهڻ جو
کوهه آهي ۽ اُن کوهه جي تري ۾ ڏکڻ پاسي خزانو
پوريل آهي، صبح جو ٻه رازا تو وٽ ايندا، جن جا هٿ
ٺونٺين تائين ڪپيل هوندا، انهن جي مدد سان خزانو
کڻائي وڃي مندر ٺهراءِ.“ صبح جو اها ڳالهه سچي
نڪتي ۽ هـِـن وڃي گوڙي ڳوٺ ۾ مندر ٺهرايو. ڪئپٽن
رئڪس جي لکڻ موجب، هيءُ پتلو اڇي سنگمرمر جو،
يارهن فوٽ ڊگهو، هڪ سؤ رپين ۾ هڪڙي مسلمان تـُـرڪ
کان گهڙايو ويو هو. مورتيءَ جي نرڙ تي هيري جي ڪڻي
لڳل هئي ۽ ٻنهي بـُـبين تي به هيري جون ڪڻيون لڳل
هيون. مقرر وقت تي هن پتلي کي اندران ڪڍي، چبوتري
تي رکي، عام درشن ڪرايو ويندو هو
ڪيتري ڀيٽا ايندي هئي،جنهن مان ڪجھ پوڄاري کڻندو
هو ۽ باقي وڏو حصو وقت جي سوڍا راجپوتن جو راڻو کڻندو هو،
سن 1716ع ۾ ويرا واهه جو ستوجي سوڍو هن پتلي کي
زوريءَ ٻاکاسر کڻائي ويو ۽ اُتي هڪ نم جي وڻ هيٺ
پورائي ڇڏيائين. ٻارهين مهيني ڪڍي، ميلو لڳائي، هو
اُن مان اڪيچار پيدائش حاصل ڪندو هو. چون ٿا ته
سورت جي هڪ لکاپت واڻياڻي، لکي ٻائيءَ کان هن
نـَـو هزار رپيا وٺي، پوءِ پتلي جو درشن ڪرايو.
اُن بعد ستوجيءَ پتلو کڻائي اچي ويرا واهه رکيو،
جتي ساليانو ميلو لڳائڻ به بند ڪري ڇڏيائين، صرف
جيڪو زيارتي وڏي رقم آڇيندو هو، تنهن کي ديدار
ڪرايو ويندو هو. آخر پالڻپور جي ڪن شاهوڪار واڻين،
تمام وڏي رقم ڏيئي، هن پتلي کي پالڻپور کڻايو، جتي
سوئيگام ۽ مورواڙ ۾ ان جي زيارت ڪندا هئا. سوئيگام
۾ پهريون ميلو 1766ع ۾ لڳو ۽ مورواڙ ۾ چار ميلا
لڳا.
1778ع، 1796ع، 1810ع ۽ 1822ع
۾ وري 1824ع ۾ ويرا واهه ۾ ميلو لڳو. اهڙيءَ طرح هي پتلو سدائين
سوڍن جي قبضي ۾ رهندو آيو. سن 1832ع ۾ پونجو سوڍو
سنڌ جي ميرن سان وڙهندي مارجي ويو ۽ ڪنهن کي به
خبر ڪانه هئي ته هن اهو پتلو ڪٿي پوريو آهي.
اهڙيءَ طرح چار سؤ ڇاونجاهه ورهين جي گردش کان
پوءِ، اهو پتلو هميشه لاءِ گم ٿي ويو.
ويراواهه جو سوڍو ستوجي
اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي ته سوڍو ستوجي، پارسناٿ جو
پتلو زوريءَ ٻاکاسر ڏانهن کڻائي ويو هو. سوڍي
ستوجيءَ اهو هڪ ڪم نه ڪيو آهي، بلڪ اهڙا سوين ڪم
ڪيا آهن. ستوجيءَ کي سردار بڻائي، سوڍا ۽ بلوچ ڪڇ،
مارواڙ ۽ گجرات ڏانهن زبردست ڌاڙا هڻندا هئا.
پارڪر ۾ اڄ ڏينهن تائين پهاڪو آهي: ”ستوجيءَ وارا
تارا“ ستوجي ڏينهن جو ماڻهن کي چوندو هو ته:
”تارا ڏسو ٿا؟“ ماڻهو ڊپ کان چوندا هئا:
”هائو!“ ان تان هيءُ پهاڪو مشهور ٿي ويو آهي.
هڪ دفعي ويراواهه ۾ پنهنجي دربار ۾ سوڍو ستوجي
ويٺو هو. اُن ڏينهن سنگها تلاءُ جي ڪناري تي
شرمالهي برهمڻ جي ڄڃ چيلهار مان اچي، پارڪر ٿي
ويئي. ڄاڃي، سوڍن جي آدرستڪار ڪرڻ لاءِ، ناري جا
چانور کڻي ڪجهه ڀيٽا ڏيڻ ويا. جڏهن ستوجيءَ چانور
ڏٺا، تڏهن پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته ڄاڃين کي
چئو ته جيترا چانور اوهان وٽ آهن، اهي اسان کي ڏيو
۽ اُن جي عيوض ٻا جهري وٺي وڃو! ڄاڃين ائين ڪرڻ
کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته شاديءَ وقت چانور گهربل
هئا. جڏهن ستوجيءَ کي انڪاري سـُـڌ ملي، تڏهن
بندوق کڻي پاڻ اچي سهڙيو ۽ ڄاڃين کي قطار ۾
بيهاري، سڀني کي قتل ڪري ڇڏيائين. آخر ۾ گهوٽ کي
به قتل ڪري، چانور کڻائي روانو ٿيو. گهوٽ جا
مينديءَ رتل هٿ ۽ موڙ، هن بي رحم جلاد جي تلوار جي
بک ٿيا، اُميدن سان سينگاريل ڪنوار، هميشه لاءِ
نامراد ٿي ويئي ۽ سوين بي ڏوهي ڄاڃي، هن مردود جي
خوني ڪرتوتن جو شڪار ٿيا.
پولن آستان
گوڙيءَ جي مندر ڀرسان هڪ پـَـڪسرو بـُـرج ٺهيل
آهي، جنهن کي ”پولن آستان“ ڪري چئبو آهي. هڪ
دفعي پارڪر جا ڪي ڌاڙيل نئيئڙ مان مال چورائي ڀڳا
هئا. نئيئڙ جو راجا، پولن سنگهه راٺوڙ، واهر ڪري
ڌاڙيلن پٺيان لڳو. هن آستان واري هنڌ تي اچي
ڌاڙيلن ۽ پولن سنگهه جي وچ ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾
راجا پولن سنگهه مارجي ويو. ان جي يادگيريءَ ۾ اهو
آستان، 1743ع ۾ ٺهيو.
ريکو ديوَ جو بت
ويرا واهه جي هاڻوڪي مندر ۾ جين ڌرم وارن جي مکيه
ديوتا ريکو ديوَ جو بـُـت رکيل آهي، جو سنگمرمر جو
ٺهيل پتلو آهي. هن جي اکين ۾ هڪ عجيب شيشو رکيل
آهي، اونداهيءَ ۾ تجلو ڪري ٿو. ماڻهوءَ جيڏي هن
بـُـت جي چوڌاري ٻيون به ڪيتريون پٿر جون مورتيون
رکيل آهن.
نڪولاس وٽنگٽن جو پارڪر مان لنگهڻ
سن 1613ع ۾ نڪولاس وٽنگٽن، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ
پاران نير خريد ڪرڻ لاءِ، احمدآباد کان سنڌ پهتو.
رڻ جو ڪنارو ڏيئي، 28- ڊسمبر 1613ع ۾ ننگر پارڪر
شهر پهتو. هو لکي ٿو ته: ”ننگر پارڪر ننڍو شهر
آهي، پر مسافرن جي ضرورت واريون سڀ شيون اتي موجود
آهن. هتي جا ماڻهو ڌاڙيل آهن. اسان کان ٽـِـڪڻ جو
محصول ورتو ويو. هتان کان ويندي جوڻ تائين ڪو به
ماڻهو ڪنهن کي ڍل نٿو ڀري.“ واٽ تي نڪولاس کان
بلوچ ڌاڙيلن سندس اسباب ۽ ڪپڙا ڦري ورتا، تنهنڪري
موٽي ننگر پارڪر ويو، جتان هڪڙي هندو واپاريءَ کان
خرچ وٺي، واپس احمد آباد پهتو.
سيدي علي ريس جو پارڪر مان لنگهڻ
سن 1556ع ۾ ترڪيءَ جي سلطان، سيدي عليءَ کي
پورچوگيزن سان وڙهڻ لاءِ موڪليو. هن کي عربي سمنڊ
۾ سخت طوفان پيش آيو، تنهنڪري ٿورن جهازن سان اچي
گجرات پهتو. جهاز اُتي ڇڏي، پاڻ خشڪيءَ رستي کان
قسطنطنيه پهتو. هو لکي ٿو ته: ”اسان جي پارٽي ڪن
ڏينهن بعد راجپوتن جي شهر ننگر پارڪر پهتي، جي
راجپوتن اسان کان ڪسٽم وٺي، پوءِ وڙهڻ شروع ڪيو.
انهن کي پئسا هٿ ڪرڻ جي نيت هئي، پر اسان وٽ ڪجهه
ڪونه هو.“
لونگهيجي درٻار جي پارڪر تي چڙهائي
لونگهيجي درٻار، راڻينگواري جي سڳي ڀاءُ ”اوگهڙ“
کي پارڪر جي سوڍن خون ڪري ڇڏيو هو، تنهنڪري هن
ڪاٺي راجپوتن جو زبردست ڪٽڪ وٺي، پارڪر تي چڙهائي
ڪئي. سندس لشڪر ۾ ”ورجانگ“ نالي هڪڙو مشهور
سردار به شامل هو، جيڪو بهادريءَ ۾ پنهنجو مـَـٽ
پاڻ هو. ٻئي طرف، پارڪر جو ٺڪر پنهنجا پهاڙ سمان
جوڌا وٺي ٻاهر آيو. آخر جنگ لڳي: پارڪر جي ٺڪر زور
سان رڙ ڪئي: ”ڪٿي آهي راڻينگوارو؟ نڪري اچي ميدان
۾ ته پارڪر جو پاڻي چکايانس!“ ڪاٺي ڊڄي ويا.
راڻينگوارو هڪ جاءِ تي ٿمي ويو. پارڪر جي راڪاس
جيڏن سورويرن جي هٿن ۾ خوفناڪ تلوارون ۽ ڀيانڪ
ڀالا ڏسي، ڪاٺين جو هوش اُڏامي ويو. ايتري ۾ پارڪر
جي سوڍي وري سڏ ڪيو: ”ڪٿي آهي راڻينگوارو!“ ٻاهر
اچي ته کيس سنڌ جو سير ڪرايان!“ ... اچي وڃ، ڍاٽي!
آءٌ آهيان راڻينگوارو!“ ائين چوندو، ورجانگ ڌانڌل
سندس مقابلي ۾ اچي ويو. ٻنهي جي وچ ۾ تلوارن جي
وارو وار لڳي ويئي. ٻيئي ڄڻا گهوڙن کان هيٺ ڪـِـري
پيا. نيٺ ورجانگ، ٺاڪر تي غالب پيو ۽ ائين پارڪر
تي فتح پائي، هن ڪاٺين جو مانُ مٿي ڪيو. پارڪر جي
سردارن پـِـرڻ ڪيو ته ڪاٺين جي ڪنهن به فرد کي
جيئرو نه ڇڏيو ويندو، پارڪر جي سردارن ڪيتريقدر
پنهنجي پرڻ کي پاڻي ڏنو، تنهن جو احوال اڳتي
ايندو.
--------
پارڪر تي
سومرن جي حڪومت
جڏهن سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت هئي، تڏهن عمر سومري
ٻئي، سن 1355ع ۾ امرڪوٽ سوڍن کان هٿ ڪيو ۽ 1390ع
تائين حڪومت ڪئي. امرڪوٽ هٿ ڪرڻ بعد هن سڄو ٿر
پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ اڳتي هلي پارڪر به پنهنجي
قبضي ۾ ڪيائين. اُتي پنهنجو هڪ صوبيدار، عبدالرزاق
نالي مقرر ڪيائين، جو سندس ڀيڻيويو به هو. هن جي
ڏينهن ۾ ”عمر ۽ مارئيءَ“ جو واقعو ٿيو. مارئي
پارڪر جي هئي، تنهنڪري هيٺ ان جو ڪجهه احوال ڏيڻ
مناسب ٿيندو.
سڀني تاريخ نويسن سومرن کي پرمار راجپوت سڏيو آهي،
جن سنڌ تي ساڍا ٽي سؤ سال حڪومت ڪئي. اڄ تائين
پارڪر ۽ ڍاٽ ۾ جيڪي گيت ڳائجن ٿا، تن ۾ به ”سوڍو
سومرو“ ڪري ڳايو وڃي ٿو. سومرن جي حاڪمن جي فهرست
هيٺ ڏجي ٿي. سومرا سن 1300ع ڌاري مسلمان ٿيا.
محمود بيگڙي، ٿر تي ٽي ڪاهون ڪري، سومرن کي مسلمان
ڪيو.
(1) سومرو 1051ع کان 1054ع
(2) ڀونگر پهريون 1054ع - 1068ع
(3) دودو پهريون 1068ع -1092ع
(4) سنگهار 1092ع - 1106ع
(5) خفيف 1106ع - 1141ع
(6) عمر پهريون 1141ع - 1180ع
(7) دودو ٻيو 1180ع - 1193ع
(8) پنهون 1193ع - 1226ع
(9) کينهرو پهريون 1226ع -1241ع
(10) محمد طور 1241ع - 1256ع
(11) کينهرو ٻيو 1256ع - 1259ع
(12) طائي 1259ع - 1283ع
(13) چنيسر 1283ع - 1300ع
(14) ڀونگر ٻيو 1300ع - 1312ع
(15) دودو ٽيون 1312ع - 1313ع
(16) چنيسر ٻيو 1313ع - 1332ع
(17) خفيف ٻيو 1332ع - 1355ع
(18)عمر ٻيو 1355ع - 1390ع
(19) ڀونگر ٽيون 1390ع - 1400ع
(20) همير 1400ع - 1439ع
مارئي
”ستي سـَـتَ مـَـتَ ڇوڙيي، ست ڇوڙيي پـَـتَ
جاءِ.“
ننگر پارڪر جي نزديڪ، پر ڏهه ڪوهه ڏُور، ”ڀالوا“
نالي هڪ ڳوٺڙو ڀڀڪي سان بيٺل نظر ايندو. ڀر ۾ ست
ڀـِـٽون، وراڪو ڏيئي، ڳوٺڙي کي گود ۾ ويهاري
ويٺيون آهن. ڪنهن کي ڪل ڪانه هئي ته هن سکريءَ
سـِـيم ۾ ڪا خاصي کستوري کـُـلندي، جا سنڌي خواتين
جو ڳاٽ سـَـتَ جي سـُـرهاڻ سان ساريءَ دنيا ۾ اوچو
ڪندي! ست جي سرهاڻ سان ٽمٽار، انهيءَ ٿري ڪنوار
بنسبت ڪيترن اديبن ۽ عالمن پنهنجا سينا ڦولي پڌرا
ڪيا آهن ته هوءَ ڪير هئي. ڪڏهن ڪنهن قربائتيءَ
ڪچهريءَ ۾ ويٺي ڳالهه چـُـرندي آهي ته رٻاري چوندا
آهن ته مارئي رٻارڻ هئي. اسان جو ويس وڳو به ساڳيو
آهي، جو مارئيءَ جو هو. آهي به ائين. رٻارڻيون اڃا
تائين مٿي تي اوني چـُـني، ۽ اُن جو گهاگهرو
پهرينديون آهن. شاديءَ مهل به ساڳيو ويس، البت
ڪجهه ڀرت ڀريل هوندو آهي. شاديءَ مهل ڪاريءَ
چـُـنيءَ ۽ ڪاري گهاگهري جو ڪارڻ اهو ڏسيندا آهن
ته عمر جڏهن مارئيءَ کي کڻي ويو، تڏهن ماروئڙن
مهڻي کان ڪارو ويس ڪيو هو. اڄ ڏينهن تائين
رٻارڻيون، مرگهه نيڻيون، جـُـسي ۾ ڀريل، گوريون ۽
ڦـُـٽريون پيئون لڳنديون آهن. راجپوت توڻي رٻاري
”جـُـهار“ جو لفظ اُچارين. مارئي به عمر جي
وحشياني قيد ۾ قابو هوندي به جهانگيئڙن کي جـُـهار
ٿي موڪلي:
ججها ڏج جـُـهار، منهنجا مارو مير کي،
گهڻو اُڪنڊي آهيان، منهنجا پرچن شل پهنوار،
ويڙهيون تڙ ولهار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
مارئيءَ کي ڪي وري ڪڇ ڪيراڪوٽ جي ڄام ڦول جي ڌيءُ
۽ لاکي جي ڀيڻ ڪري ٿا ڪوٺين. ڄام ڦول کي پنج
راڻيون هيون، جن مان پنج پٽ پيدا ٿيا: ڏولا راءُ
جي ڪنيا مان ساند، چاوڙي مان سور، سوڍيءَ مان
کينهرو، ڌوڻ مان ڌائو، سونل مان لاکو. سونل راڻي
ڪڙ ڌر رٻاري کي جهنگ مان لڌي هئي، تنهن سندس رمڻيڪ
روپ ڏسي، اُن کي رٻاري ڄام ڦول سان پرڻايو.
وڪئي ڪڙ ڌر بن ۾، لڌي اِندر پري،
سوغات ساساري، اچي پرڻائي ڦول کي.
اُن لاءِ ملاحظه ٿئي هڪ بيت:
قاضي امرڪوٽ جا، تون توري ڪج تپاس،
مون ناناڻو مـُـرڌر، ڏونگر ڪڇ ڏاڏاس،
ڦول سندي ڌيئڙي، لاکي جي ڀيڻاس،
لکئي ڪارڻ پنهنجي ئي، ڪيو ٻاليڻو پاس،
ويهي پلنگ پاس، لوئي ڪيئن لڄائيان!
ٻي روايت آهي ته مارئي ڄام ڦول جي رکات، ميراڏيءَ
مان پيدا ٿيل آهي. جنهن وقت امرڪوٽ جي ستا، راڻي
چاند جي هٿ
۾
هئي، تڏهن لاکي جون روجهڙيون روز بروز چاند جي باغ
جون ڪـَـچيون ڪـَـليون کائي وينديون هيون. هڪ
ڏينهن اُنهن چورن گرفتار ڪرڻ لاءِ چاند هڪ چمتڪار
گهوڙي تي چڙهي پٺيان پيو:
چاند ڪري چاهه، شيوا ڪئي شنڪر جي،
اُتريو عرش مٿاهه، گهڻي مـُـلهه جو گهوڙو.
روجهڙين کي وڃي ڪيراڪوٽ جي دروازي وٽ دسيائين.
پهريدارن چاند کي چوکنڀو ٻڌي، لاکي وٽ حاضر ڪيو.
لاکي حڪم ڪيو ته راڻو ثابت ڪري ته روجهڙين برابر
ڪـَـليون کاڌيون آهن ته پنهنجيءَ ڀيڻ جو سڱ ڏيندس،
نه ته راڻو مون کي سڱ ڏئي. راڻي، انهن جو پيٽ
چيرائي ڏٺو ته برابر ڪليون نڪري آيون، جي اڃا هضم
ڪين ٿيون هيون. وعدي موجب، لاکي سڱ ڏيڻ قبول ڪيو.
راڻو هڪ ئي رات
۾
پالڻي سوٽهر وٽ ڀالوا پهچي ويو ۽ اُن جي رٿ تي
چڙهي، وري ساڳيءَ رات ڪيراڪوٽ ويو. لاکي جي روح کي
پالڻي جو رٿ وڻي ويو. پالڻي کي جڏهن انهيءَ ڳالهه
جي کڙڪ پئجي ويئي، تڏهن راتو واهه ڀڄي نڪتو. اوچتو
ميراڏي اُن رٿ ۾ وڃي ستي هئي، جا تنهن وقت گرڀوتي
هئي. وچ واٽ تي هوءَ سجاڳ ٿي، مگر پالڻو واپس
پهچائڻ لاءِ تيار نه هو- ۽ ائين ميراڏي ڀالوا
پهتي.
ڀالوا جو ڪيڏو نه اُچو ڀاڳ، جڏهن هي هيرو پالڻي جي
پڌر ۾ پيدا ٿيو. ڌيري ڌيري مارئيءَ جي ملوڪيت جا
ڳـُـڻ اوڙي پاڙي ۽ سيم سيڍيءَ ۾ ڳائجڻ لڳا. سندس
نوڪر ڦوڳ، مارئيءَ جي سونهن ڏسي ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو.
هميشه اوڇي اک مارئيءَ ۾ کـُـتل هوندي هيس. موٽ ۾
آه ۽ شوڪاري کان سواءِ پلئه ڪي ڪين پوندو هوس ۽
هيءَ سانگين جي سـُـرهاڻ، سـَـرتين سان گڏ، ٺهي
ٺـُـڪي، ٺاهوڪي ٿي، مٿي تي ٻيلهڙو کڻي هلندي هئي
ته بدنام بدوُرُسي رک ٿي پوندو هو. سورهن جي وهيءَ
۾ هن پدمڻيءَ کي پالڻيءَ پنهنجي ڀائٽي
”کيتسنگهه“ سان مڱايو. مارئيءَ جي مڱڻي ٿيڻ بعد
ڦوڳ جي رهي کهي اُميد تي به پاڻي ڦـِـري ويو ۽
ڀالوا کي ڀنڀرڪي ۾ ڦٽو ڪري، لنگهي ويو ڍاٽ ڌڻيءَ
وٽ. ڍاٽ ڌڻي، عمر سومرو، امير امرائن کي سهڻيون
صلاحون ڏيئي رهيو هو:
پـَـرناريءَ جي پـِـريتڙي، پنج پرڪارن کاءِ،
ڌن هاري جوڀن گهٽي، پنجن ۾ پت جاءِ،
جيئري کاءِ ڪليجو، مـُـئي نرڪ لي جاءِ.
ايتري ۾ ڪنٺي جي ڪـَـرڙي آدميءَ اچي سلام ورايو.
ڀريل ڪچهريءَ جون اکيون هن کائـُـڙ جي کـَـريل
آدميءَ ۾ کـُـپي ويئون. ويٺلن وَجههَ پيچ تي
سڃاتو. اُن اڻڄاڻ انسان، بادشاهه کي ٻاهر اچڻ جو
اشارو ڪيو. ٻين کي نصيحت آميز نقطا ٻڌائيندڙ
عمر،هڪ واري پرائيءَ صلاح ۾ اچي ويو. عمر کي عشق
جي ڦند ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڦوڳ پنهنجو ڦند ڦهلائڻ لڳو:
ميان تون ملير جي، سڻج خبر چار،
مارئيءَ نالي نيڪ آهه، عورت شهريار،
سرس آهه سج ڪنان، سهڻين جي سردار،
سهڻي ناهي سنڌ ۾، اهڙي ڪا مختيار،
هلي تون هڪوار، ميان ڏسج مارئي.
جڏهن عمر، مارئي جي حسن جي وارتا ڦوڳ جي واتان
ٻڌي، تڏهن انصاف جو گلو ڪپيندڙ عمر، گنگا جي ڪپڙن
جي هٻڪار تي غش کائيندڙ عمر، پرائي لـڄ لـُـٽڻ
لاءِ اٿي کڙو ٿيو. ترت تکي توڏي تي تيار ٿي، ٻيئي
ڄڻا امرڪوٽ جي حد اورانگهي، ڇاڇرو ڇڏي، ننگر جي
نزديڪ ٿيا. هڪ الڙ ۽ اڻڄاڻ ڳوٺاڻيءَ نينگريءَ کي
ڪهڙي ڪـَـرَ ته اڄ ساٺيڪن تي نه وڃان. سرتين سج
اُڀرئي کان اڳ ۾ سڏ ڪيو. مارئي به ٺهي ٺڪي،
چـُـوڙين ۾ لانٻا جهانٻا
وجهي، لسي للاٽ تي چـِـندي چهٽائي، ڪنن ۾ پنڙيون پائي، پـُـٺئي جي ڪـَـس کي
ڪاٺي هڻي، سينڌ سجائي، سرمون پائي، مـَـٽُ مٿي تي
۽ گهڙو چيلهه تي رکي، ساهيڙين سان گڏجي اٿي هلي.
لاکيڻي لوڏ، ڇا چئجي، قدم قدم تي قربان وڃجي! هر
ڪنهن جي هلڻيءَ هنجهه کي حيران ٿي ڪيو پر مارئيءَ
جو مهانڊو مڙيان ئي ملوڪ هو:
”جهڙي صورت سج، تهڙي مورت مارئي.“
کوهه ته ڀالوا جي ڀر ۾ هو. سموري ٽولي، ٽلندي ۽
ٽهڪندي، اچي اُتي پهتي. ٻيلهڙا پـَـٽ تي رکي، واري
سان پاڻي ڀرڻ لڳيون. اڄ کوهه تي انهن البيلين کان
سواءِ ٻي ڪا به پهر حاضر ڪانه هئي. هي چنچل
ڇوريون، پنگهٽ جي پـُـربهار فضا ۾، گهڻيءَ مهل
تائين هڪ ٻئي سان کيچلنديون، ڊوڙنديون ۽ ڳائينديون
رهيون. اوچتو هڪڙو اوٺي سوار اڳتي وڌي آيو. پنگهٽ
وارو گهاٽ، جو ٿورو اڳ ۾ ڦُوليو
نٿي سمايو، سو هڪدم سانتيڪو ٿي ويو. سموريون
ڪامڻيون يڪايڪ خاموش ٿي ويئون. سوار وک وڌائيندي،
کانئن پاڻيءَ جو سوال ڪيو:
ڏسي منهن مارئيءَ جو، عقل ٿيس خطا،
چيائين چوڙيلين کي، سـُـکيون هجو سدا،
اسين مسافر اُڃ ۾، مايون مرون ٿا،
پاڻي پياريو اسان کي، ”ڪريو دير نه ڪا،
مارئي کڻي گهڙا، آئي اڳيان عمر جي.
مارئي جيئن پاڻي پيئارڻ لڳي، تيئن عمر جي ٻـُـڪ
مان سمورو پاڻي هيٺ هارجي ويو، عمر جي آڏي اک
مارئيءَ جي مهانڊي ڏانهن هئي. ٿورو اڳڀرو ٿي،
جهرڪيءَ کي جهڙپ ڏيئي، شڪاري باز ڍٽ ڏانهن ڍري
پيو. ٽلندڙ ٽولي ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. مشڪندڙ
مهانڊا، حيرت ۾ هڄي ويا. ڀالوا جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾
روڄ راڙو، ”ماروُ! ماروُ!“ ّ جو ماتام مچي ويو.
عمر سومري هن اٻوجهه ڳوٺاڻيءَ نينگري کي ڇنن مان
ڇنائي امر ڪوٽ ۾ اچي، ماڙين ۽ محلا تن ۾ ويهاريو.
مارئي پکن ۾ پيدا ٿيل پدمڻي، تنهن کي عمر جا محلات
مـُـور نٿي وڻيا. عمر سومري نئين سـَـج نوان کاڄ
آڻي ٿي ڏنا، پر مارئي روئندي ۽ رڙندي ٿي رهي.
اباڻن ۽ ساهيڙين جي سڪ ۾ سندس منهن اٻاٽجي ويو.
سهڻا ۽ ڊگها وار اڻ سينگاريل ئي رهيا. عمر کي عرض
ڪرڻ لڳي:
”نه سانگي نه وانگي، ڪو جهانگي پـَـسان،
نه اوٺي نه ڳوٺي، ڪو ڏيهي ڏسان!
نه مون موڪلاڻي پرين سان ڪئي،
الائي ته مون تي ڪا آفت پئي!
ڏسي لال کهنبي، چـِـٽن سان چـُـني،
لوئي ڪيئن لاهيان، ڏاڏاڻن ڏني.
ڪـَـڙي، ڪـُـرِڪَ، ڪٺمال، زيور، زري،
هـَـسي، هار پايان، ڪهڙي نڪ وري.
اُڏر ڪانگڙا، من اباڻا اچن،
ڪڍي قيد مان، من ويچاري وڃن!“
واهڻ جي ڇوڪريءَ کي وطن جي اهڙي سڪ هئي، جو عمر جي
زوراور زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندي به، ور ور وطن ڏانهن
پئي واجهايائين. رات جو ڏکڻ واريءَ دريءَ وٽ بيهي،
ڏيهه جو اوسيئڙو ۽ انتظار ڪندي رهي. کنوڻين جا کيڏ
۽ پڙاوا پسي،سندس چـِـت چُور
چُور
ٿي ويندو هو. وڏيون ۽ سهڻيون اکيون، جلد ڏرا ڏئي
وييون. ڏيهه جي ڏولائي ۾، سرتين کي ساريندي ۽
ڇيلڙن جي ڇانگ کي ياد ڪندي، ملير ڏي مـُـهاڙ ڪري،
عمر کي پيئي آزي نيزاري ڪندي هئي:
”ملڪ ماروُ مير جو، آهه لکپت لاکاٽ،
جويون جيسلمير جون، آهن ڪـُـل ڪنواٽ،
لويارين ۾ لوڏ گهڻي، وڏي سونهن سماٽ،
ڪنوارين ۾ قوت گهڻي، منگهه ولوڙين ماٽ،
مٿن کاريون، هٿن ٽاريون، مرگهه ڏيو موڙاٽ،
چولا چوڙيلن جا، آهن ٽونئر ٽـِـڪـُـن سان ٽاٽ،
پائي ڳچي ڳاٽ، ڪوٽن مرندي مارئي!“
سنڌ جي سر زمين جي هيءَ سدا ملوڪ پدمڻي، عمر جي
وحشياڻي ڪاررواين هوندي به، سـَـت کان ڪنهن پر
ڪانه سـِـري. آخرڪار مارئيءَ جو ست ڏسي، عمر ڏيل ۾
ڏري ويو ۽ مارئيءَ کي ڀيڻ ڪري، مٿي تي پوتي
اوڍائي، ڏائجو ڏيئي، سندس ملڪ پارڪر پهچائي آيو.
اُٺ جي اڳئين چوڪ تي چڙهي، مارئيءَ عمر جي انصاف
جا ڳـُـڻ ڳايا. لاکيڻي لطيف شاهه ڀٽائيءَ دنيا کي
هن سـَـتيءَ جو پيغام پهچايو:
”جنهن سـَـتيءَ ست نه ڇڏيو، سا مارئي مـَـرڄائي،
اچي عمرڪوٽ ۾، تنهن لـڄ نه لڄائي،
پيئي بندياڻي بند ۾، ڪوٺين ڪـُـڄائي،
جا سانگين سيڏائي، سا مـُـور نه مـُـرڪي ماڙئين.“
مارئيءَ جي ڪـُـنڊي
ڀالوا ۾، ڏيڍ ميل پنڌ تي اڃا به اهو کوهه موجود
آهي، جتي مارئي پنهنجي مال کي پاڻي پيئاريندي هئي.
هينئر اُهو کوهه ڏٽجي ويو آهي. اُن کوهه جو پاڻي
تمام کارو هو. عمر ان کوهه تان مارئيءَ کي کنيو
هو. کوهه جي ڀرسان هڪ ڪـُـنڊي يا ڪونڊي آهي، جنهن
۾ مارئي پنهنجي مال لاءِ پاڻي رکي ڇڏيندي هئي. اُن
جا ٽي پاسا اڃا تائين سلامت بيٺا آهن. اُن ڪونڊيءَ
جي ويڪر چار فوٽ، ڊيگهه ڇهه فوٽ، ۽ اونهائي هڪ فوٽ
کن آهي. (مسٽر چنا ان وقت جي ڪليڪٽر، 1946ع ۾ هن
ڪـُـنڊيءَ جي مرمت ڪرائي هئي.)
--------
موندري جي
سـَـتـِـي ڦول
ننگر پارڪر شهر کان اَٺ ميل اُتر- اُلهنديءَ
ڪـُـنڊ تي، موندرو نالي هڪ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ هينئر
گانگيجيءَ جي پـُـٽ اکيجيءَ جو اولاد، اکا سوڍا
رهن ٿا. هن وقت انهن جي اولاد مان کيتوجي، سندس
وڏو پٽ آلجي ۽ ننڍو پٽ هريسنگهه، تمام سٺا ۽ سچا
سردار رهن ٿا. هيءَ ڳالهه جنهن وقت جي آهي، تنهن
وقت راجپوت جهوني موندري ۾ رهندا هئا، جو هاڻوڪي
موندري کان اڌ ميل اورتي آهي، تنهن وقت موندري ۾
رووجي نالي مهاتيجوان راجپوت ٿي گذريو آهي.
رويجيءَ پنهنجي شادي ڳوٺ ويجهيار تعلقي ڇاڇري ۾،
جو چيلهار کان سورهن ميل ڏکڻ - اوڀر تي آهي، ڪلياڻ
ڏوهٽ جي ڌيءُ ڦول ٻائي سان ڪئي هئي. ڦول ٻائي هڪ
نيڪ، سندر ۽ پتي ورتا ناري هئي. اوڻ (جو ننگر
پارڪر کان ڇهه ميل اُتر - اولهه تي ۽ موندري کان
ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي) جو مووڙ چارڻ، رويجيءَ
جو تمام گـَـهرو دوست هو. صبح باک ڪڍڻ کان اڳ ۾ هو
رويجيءَ جي اوتاري ۾ روزانو رهاڻ ڪرڻ ويندو هو،
اهو هميشه جو دستور هوس. ٻيئي ڄڻا گڏجي چانهه ۽
آفيم پيئندا هئا. هڪ ڏينهن ڦول جي هٿ ۾ سور هئڻ
ڪري رووجي هڪ ول ڪٽي رهيو هو، مٿان سج چڙهي آيو،
پر رووجي ٻاهر اوتاري ۾ نه نڪتو. اها ڳالهه مووڙ
کي نه آئڙي، تنهن هڪدم واڪو ڪري چيو ته: ”رووجي
ڪهڙي ڀٽياڻي راجپوتن سان پرڻيو آهي، جا سڀاڻي
رويجيءَ جي مرڻ بعد سـَـتي ٿي ڏاگهه چڙهندي! جنهن
جي محبت وچان اوتاري ۾ اچڻ جي به فرصت نٿي مليس.“
گهر ۾ ويٺل ستي ڦول، ٻارٽ جا اهي اهکا الفاظ ٻڌي
ورتا، تنهن اندر ۾ اهو پڪو پرڻ ڪيو ته: ”رووجي
جيڪڏهن ڪنهن لڙائيءَ ۾ ماراڻو ته مان سـَـتي ٿي
ڏاگهه ضرور چڙهنديس.“
تنهن وقت ننگر پارڪر ۾ پرمارونس راڻو ڪانءُ راڄ
ڪندو هو. راڻي ڪانءُ جو ننگر پارڪر جي لهاڻن سان
ڪنهن ڳالهه تان تڪرار ٿي پيو، تنهنڪري انهن پرڻ
ڪيو ته ننگر پارڪر جو پاڻي پيئڻ حرام آهي، ۽
پنهنجا ٻار ۽ ملڪيت وٺي، واگڙ طرف روانا ٿيا. تنهن
وقت رووجي ڪڇ طرف ويل هو. رويجيءَ کي اهي لهاڻا،
ڳوٺ سوراچند کان ٻارهن ميل پري، ڪڇ جي رڻ ۾ سامهون
مليا. لهاڻن کي ائين لڏي ويندو ڏسي، رويجيءَ کي
رحم آيو ۽ لهاڻن کي پرچائي، راڻن سان سندن رضانامي
جي ساک ڏيئي، پنهنجي ڳوٺ موندري ۾ وٺي آيو. راڻي
ڪانءُ کي ڪنهن دشمن اچي ڪـَـن ڀريا ته رووجي اوهان
جي خلاف آهي. اَڄاڻ راڻو بغير سوچ ۽ سمجهه جي،
ڪولهين جو وڏو لشڪر وٺي موندري روانو ٿيو. اُن وقت
رووجي پنهنجن ڇهن - ستن ماڻهن سان سندس کوٽايل
کوهه تي سنان ڪرڻ ويو هو. راڻو ڪانءُ ۽ ان جو لشڪر
اتي کيس سامهون ٿيا. رويجي راڻي کي سنڀري آيل ڏسي
چيو ته: ”اوهان جي مرضي لڙڻ جي هجي ته مون کي
سنڀرڻ ڏيو: آءٌ پنهنجي پناهه هيٺ آيل لهاڻا اوهان
جي سپرد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“ ايتري ۾ هڪ
ڪولهيءَ بندوق جي گولي هلائي، جا وڃي رويجيءَ کي
ڇاتيءَ ۾ لڳي ۽ پنجاهه سالن جو هي سوروير راجپوت
زمين تي ڪِـري پيو. رويجيءَ جي دوستن انهن سان لڙڻ
جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ سوٽهر مارجي ويو. پوءِ راڻي
ڪانءُ جهڳڙي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. رويجيءَ جي مرڻ
ڪري راڻي ڪانءُ کي تمام ڏک ٿيو.
جڏهن ستي ڦول کي اها خبر پيئي، تڏهن هڪدم اوڙاهه
اگنيءَ جو تيار ڪرايائين ۽ پنهنجي پتيءَ جو لاش
گود ۾ وٺي، ڀيانڪ اگنيءَ ۾ پروريش ڪيائين. مووڙ
چارڻ کي خبر پيئي، تڏهن هو ڊوڙندو آيو. پاڻ
اڻپڙهيل هو، تنهنڪري ويڪاسر جي ڪرشن چارڻ کي ماڻهو
موڪليائين، جنهن اچي ڇند چيو. مووڙ ان وقت ستي ڦول
کي ڌرم - ڀيڻ ڪري، اهو ڇند مڏ جي صورت ۾ ڏنو.
موندري جي هن ستي راجپوتڻ، اگنيءَ ۾ بيهي صرف
ايترو چيو ته ”مان سوڍن جي پڇاڙي ڏسان ٿي!“ اهو
بلڪل سچ نڪتو. اڄ هن ستيءَ جا ڇند ساري پارڪر ۾
ڳايا وڃن ٿا. اُهو کوهه اڃا به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پاسي
۾ ان فوت ٿيل سوٽهر جو مساڻ آهي، جتي رووجيءَ ۽
ستي ڦول جا پٿر لڳل آهن. انهن تي هنديءَ ۾ اکر
لکيل آهن: ”وڪرم سنبت 1868، مهينو چيٽ، تاريخ
15.“ اڄ به ان خاندان جا پويان مٿينءَ تاريخ تي
وڃي پوڄاپاٺ ڪندا آهن. ستي ڦول جي پريم ۽ ويرتا
ڀري ڪهاڻي، ڪوي اِجهو هيئن ڳائيندا آهن:
ارڪ جانکو ڪيئن اُوگيو، ڪيئن جانکو ڪـِـرڻال،
مرد گجاوت موندري، پڙ پڙيو ڀوُپال.
(اڄ ڪهڙو نه نڀاڳو ڏينهن آهي، جو سج ۽ چنڊ پڻ
جانکا (جهـَـڪا) اُڀريا آهن، انهن ۾ ڪو شعاع ڏسڻ ۾
نٿو اچي، ڇو ته هي موندري جو، گج (شينهن) کي
ڪيرائڻ وارو مرد مجاهد ميدان جنگ ۾ سمهي رهيو آهي.
اڄ سج ۽ چنڊ ۾ تيج ان ڪري نه آهي، جو موندري جا ٻه
روشن تارا وسامڻ وارا آهن.)
آوَ ڪانٽي ڏل اوهسڙيا، ڀوم ڌڙڪ سرپار،
روسي وچن ڪهيا روي، پاڙيا سو پرمار،
(لڙائيءَ ۾ اهڙيءَ طرح سوروير گرجڻ لڳا جو ڌرتي به
ڌڙڪڻ لڳي ۽ جيڪي وچن رويءَ چيا،سي برابر
پاڙيائين.)
ڀٽياڻي آگم باکيو، جلني اُما جيم،
ڪوپ وچن ڪلياڻ ري، نشچيه ليڌا نيم.
(هن ڪلياڻ جي ڪنيا ڦول ٻائيءَ جيڪي چارڻ کي وچن
چيا، سي ان ڏينهن کان نيم رکي، سچا ڪيائين.)
شام سڌارڻ مهاستي، جگت ڀلي ڪئي جوڙ،
ارڌنگا ڦولان اُجـِـلي، ڪهي تيترس ڪروڙ.
(پنهنجي پتيءَ کي سڌارڻ واري مهاستي، ڦولان جي،
ڌڻي تعاليٰ بهترين جوڙ بڻائي هئي. ٽيٽيهه ڪروڙ
ديوتا ائين چون لڳا ته ”ڦولان“ رويجيءَ جي
ارڌانگني، موندري جو ملهائتو موتي هئي.)
---------
پارڪر جا کوسا
کوسا، بلوچن جي هڪ قوم آهي، جنهن جون ڪيتريون
شاخون آهن: جهڙوڪ جماڻي، ڇٽاڻي، لڊاڻي،
سهرياڻي،جاگراڻي وغيره. کوسا ننگر پارڪر، ڪُـٻڙي ۽
سامي ويريءَ ۾ رهندا آهن. هنن جا مائٽ تمام جنگجوُ
۽ بهادر هئا. سوڍن سان گڏجي ڌاڙا هڻندا هئا،
تنهنڪري کوسن ۽ سوڍن جو پاڻ ۾ ڏاڍو سلوڪ هو. سمن
کي گجرات کان خوف هوندو هو، تنهنڪري انهن کوسن جا
چار هزار ڪٽنب گجرات جي بادشاهن جي سامهون ٿيڻ
لاءِ ننگر پارڪر ۾ ويهاريا. محمود شاهه بيگڙي جي
وقت ۾، انهن ملڪ ۾ ايتريقدر رڻ مچائي ڏنو، جو چار
دفعا محمود شاهه بيگڙو پارڪر تي ڪاهي آيو. کوسن کي
همايون، سون مياڻي جاگير طور ڏني. ميرن جي پهرين
چوياريءَ جي دؤر ۾ جيڪي قبيلا پارڪر ۾ رهندا هئا،
تن کي ٽالپري حڪومت کان وظيفا ملندا هئا. ڪلهوڙن
جي ظلم کان ٻيا به ڪي پنج - ڇهه سؤ کوسا پارڪر ۾
اچي رهيا هئا ۽ پونجي سوڍي کي سردار بڻائي، ڪڇ
گجرات ڏانهن ڌاڙا هڻندا هئا. سن 1832ع جي شروعات ۾
کوسن پالڻپور جي هڪڙي واپاري قافلي کي اسلام ڪوٽ
وٽ ڦريو. ان کان سواءِ کوسن ۽ واگهيلن گڏجي رحمڪي
بازار کي لـُـٽيو، جنهنڪري انگريزي لشڪر، سنڌ جي
سرحد تي چوڪسي رکي. ڪرنل پاٽنجر کوسن جي گرفتاريءَ
لاءِ ڪپتان رابرٽ ۽ ڪرنل لچفيلڊ کي فوجون ڏيئي
روانو ڪيو. سرجان مالڪوم ان وقت بمبئيءَ جو گورنر
هو. 20- آڪٽوبر تي پوني جو لشڪر بمبئيءَ کان روانو
ٿيو. ٿرپارڪر جي ضلعي لاءِ خطرو جاڳيو. مير مراد
علي خان منشي رحمت الله کي، ڪن بلوچي سردارن سان
همراهه ڪري، ٿر ڏانهن روانو ڪيو. پارڪر جي
مختيارڪار غلام علي لغاريءَ کي حڪم مليو ته بلوچي
سردارن سان گڏجي سرحدن جي حالتن جو معائنو ڪري ۽
رپورٽ دربُار کي پيش ڪري. گورنر جنرل کي پنڊارين
سان مقابلو ڪرڻو پيو، تنهنڪري کوسن کي ڪجهه به ڪري
نه سگهيا. 5- آڪٽوبر 1832ع تي سردار غلام حيدر خان
ڪن کوسن کي گرفتار ڪري، انگريزن جي حوالي ڪيو. سن
1859ع ڌاري ڪـُـٻڙي جي ڪاپڙي خان کوسي کي تروٽ
صاحب ڪيترو لالچايو، پر هو نمڻ وارو نه هو. تروٽ
صاحب ڪاپڙي خان کي چوائي موڪليو ته ساڻس تنبوءَ ۾
اچي ملاقات ڪري. پوءِ هن تنبوءَ جا رسا هيٺ ڪرائي
ڇڏيا، ان لاءِ ته ڪاپڙي خان تنبوءَ ۾ ايندو ته
ضرور ڪنڌ هيٺ ڪري ايندو، ۽ ائين سمجهيو ويندو ته
هي نمي پوءِ اندر آيو آهي. ڪاپڙي خان تنبوءَ جا
رسا هيٺ ڏٺا، تڏهن تلوار سان تنبوءَ کي چيري،
سنئين ڪنڌ هليو ويو. اها بهادري ڏسي، تروٽ صاحب
دنگ رهجي ويو. سندس پٽ جلال خان وڏو سخي هو.
ڪـَـوِيـَـن دل کولي سندس ساراهه ۾ شعر چيا آهن:
نانو جبرو شيرسنگهه، ڏاڏو خان ڪمال،
موتي سيپان مانهـِـلو، جس کٽڻ جلال،
اُونچو ٻيسي شينهن جيئن، گينور چالي چال،
موتي سيپان مانهلو، جس کٽڻ جلال.
هن وقت سندس اولاد مان مسٽر يار محمد، تعليم يافته
شخص آهي.
ويرا واهه جو سوڍو، پونجوجي:
سوڍي سـَـتيجيءَ کان پوءِ ويرا واهه جو ٻيو مشهور
سوڍو پونجو ٿيو. سوڍي سـَـتيجيءَ پنهنجيءَ سـَـتا
۽ طاقت سان اهڙا ڪڪرم ڪيا، جو سندس پنج پٽ هڪ
ٻئي پٺيان فوت ٿيا. سوڍو پونجو ستيجيءَ کان به سرس هو. سندس
ڌيءَ واگڙ طرف پرڻايل هئي. ان کي هڪ ڏينهن ساهرن
ڪنهن ڳالهه تي مهڻو ڏنو. جڏهن پونجي کي خبر پيئي،
تڏهن هڪڙيءَ رات ۾ واگڙ جا ست ڳوٺ ڦـُـري آيو. هڪ
دفعي پونجو ٿراد ڏانهن ويو هو ته ڪي چانڊيا پونجي
جي هارين جا ڍور ڪاهي ويا. پونجي کي خبر پيئي،
تڏهن چانڊين تي ڪاهي پيو. پوءِ ته اهڙو ظلمي ٿي
پيو، جو چانڊيو جتي ڏسي، اُتي خون ڪري ڇڏي. چوڻي
آهي:
حمزا هيڪي وار، جي پڙين پانٽي پونجل ري،
ٿئي نه اُت سوار، گهوڙي نه چڙهي چانڊيو.
سـَـتيجيءَ کان پوءِ، گوڙي جي مندر وارا پارسناٿ
جو پـُـتلو به پونجي کي هٿ آيو هو. پونجي جو جڏهن
سنڌ جي ميرن سان تڪرار ٿيو، تڏهن ڪنهن هنڌ پتلي کي
پوري ڇڏيائين. جڏهن پونجو سوڍو ميرن سان وڙهندي
مارجي ويو، تڏهن ڪنهن کي به خبر ڪانه پيئي ته پتلو
ڪٿي آهي.
---------
پارڪر تي ميرن جو
راڄ
سن 1815ع ۾ واگڙ ۾ تمام گوڙ ٿيو، تڏهن ڪيترا
گراسيا ملڪ ڇڏي ڪڇ جي رڻ جي ڪنڌيءَ وٽ، ننگر ۽
ويرا واهه تائين ڀڄي آيا. چار - پنج سؤ کوسا، جيڪي
ڪلهوڙن جي ظلم کان ڀڄي پارڪر آيا هئا، سي به انهن
سان شامل ٿيا ۽ سوڍي پونجي کي پنهنجو سردار
بڻايائون. پوءِ زبردست ٽولي ڪري گجرات، واگڙ ۽ ڪڇ
طرف ڌاڙا هڻڻ لڳا. ڪمپني سرڪار، ڪڇ جي راءَ ڏيسرجي
ٻئي کي لکيو ته: ”انهن ڀڄي ويل گراسين کي گهرائي
جاگيرون ڏي ته جيئن اهي ٿڌا ٿين“ . پر راءَ ائين
ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تنهنڪري اُهي خوفناڪ ڌاڙيل ٿي
پيا ۽ ڪڇ، گجرات ۽ واگڙ ڏانهن باهه ٻاري ڏنائون.
نيٺ ڪمپني سرڪار، راڄ ڪاروباري منڊل سان صلاح ڪري،
انهن کي 15 - اپريل 1819ع ۾ جاگيرون موٽائي ڏنيون
۽ شرط رکيو ويو ته ڪو به چورن کي پناهه نه ڏيندو ۽
ڪڇ سرڪار سان وفادار رهندو. انهيءَ شرط هوندي به
ٻه سؤ ڄڻن ڀچائو تي حملو ڪيو. قلعي جي توبن کين
اڳتي وڌڻ نه ڏنو، ته به ڳوٺ مان ٻه سو ڍور ڪاهي
آيا. وونڌ شهر مان به پنج سؤ ڍور، ۽ چاليهه هزارن
جي ڦر ڪري آيا. ڪڇ جي راءِ وقت بوقت ميرن کي لکيو،
تاهم ڦر بند نه ٿي. تنهنڪري، 1820ع ۾، ڪڇ مان هڪ
زبردست لشڪر تيار ٿيو ۽ هڪ سنڌ جي ٿاڻي تي، چورن
جي ٽولي رهاڪو سمجهي، حملو ڪري ڏنائون. تنهنڪري
ميرن ڪاوڙجي هڪ لشڪر اُلهندي کان لکپت طرف، ٻيو
اتر کان کاوڙا طرف، ۽ ٽيون پارڪر طرف موڪليو. ڪڇ
جي راءِ کي خبر پيئي، تنهن وڏو لشڪر موڪلي انهن کي
بند ڪيو.
28- اپريل 1820ع ڪئپٽن ميڪرڊو مري ويو ۽ ان جي
جاءِ تي جي. جي ولسن آيو، تنهن ٻه مهينا ريزيڊنٽ
ٿي ڪم ڪيو. ان بعد هينري پاٽنجر آيو. تڏهن، 8 -
نومبر 1820ع ۾، سنڌ جي ميرن پنهنجي بمبئيءَ جي
ايلچيءَ جي معرفت ڪمپني سرڪار سان صلح جو عهدنامو
ڪيو، جنهن ۾ کوسن ۽ ٻين ڌاڙيلن کي قابو ڪرڻ جو قول
پڻ ڪيائون. ڌاڙيلن کي بند ڪرائڻ جي بهاني سان،
ڪمپني سرڪار چار سؤ گهوڙيسوارن جو دستو گهرائي، ڪڇ
جي لودراڻي سرحد تي ضابطي لاءِ رکيو. 1822ع ۾ ڏڪار
پيو، تنهنڪري ڪيترا ماڻهو ڪڇ ڇڏي ڀڄي ويا. ڍور ۽
ڍڳا مري ويا. ٻن سالن بعد وري ڏڪار پيو. ڪمپني
سرڪار جو ايجنٽ، ميرن وٽ حيدرآباد رهندو هو. هن
وٽان ڪنهن به احوال نه اچڻ ڪري، سرڪار کي جاچ مان
معلوم ٿيو ته سنڌ جا مير ڪڇ تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ
ڌاڙيلن سان ملت آهن. پارڪر جي ڌاڙيلن تي قابو پائڻ
لاءِ هڪ وڏو دستو واگڙ ۾ رهندو هو، سو ان وقت ڀڄ
ڏانهن ويل هو. اهو موقعو ڏسي، پارڪر جا ڌاڙيل ٽن
هزارن جي ٽولي ڪري، ڪڇ کي جيتڻ لاءِ، هٻاءِ جبل وٽ
اچي پهتا. اتي مياڻا، ڪولهي ۽ ٻيا ڪڇ جي ڏڪار جا
ماريل به اچي ساڻن شامل ٿيا. انهن جو سروار، ڪڇ جو
مشهور ڌاڙيل تار لوڻائي هو. ڀڄ کان هڪ وڏو لشڪر
آيو، تنهن سان دوبدو لڙائي ٿي. نيٺ ڪي ڌاڙيل مارجي
ويا، ۽ ڪي ڀڄي ويا. پر ملڪ ۾ زبردست بي بندوبستي
ٿي پيئي، جنهنڪري پارڪر جي سوڍن ميرن کي ڍل ڏيڻ
کان انڪار ڪيو. تنهنڪري ميرن، 1830ع ۾، پارڪر ۽
ڏيپلي طرف پنهنجا ماڻهو ايلچيءَ طور ڍل اڳاڙڻ لاءِ
موڪليا. پارڪر جا سوڍا ۽ آڌيگام، ويرا واهه ۽
ننگرپارڪر وارا ڳوٺ ٻهراڻيءَ ۾ اچي گڏ ٿيا. ميرن
جا عملدار به ٻهراڻيءَ ۾ ٽڪيل هئا. انهن سمجهيو ته
سوڍن کي دڙڪو داٻ ڏيئي مڃائينداسون، پر سوڍن
اٽلندو مٿن حملو ڪيو ۽ اتي جو اتي سڀني عملدارن کي
قتل ڪري ڇڏيائون. تڏهن مير مراد علي خان پنهنجو
وڏو لشڪر پارڪر تي چاڙهي موڪليو. دوبدو لڙائي ٿي.
سوڍو ٻونجوجي وڙهندي مارجي ويو. ٻه راڻا قيد ٿيا.
ننگر پارڪر جي گادي نشين راڻي جي صغير هئڻ ڪري،
مير اتي جي ڪاروبار هلائيندڙ کي سنڌ وٺي ويا ۽
مکيه راڻن کان ڏنڊ وٺي، کين ڇڏي ڏنائون. پارڪر جي
راڻي تي ڏهه هزار ڪوريون، ويرا واهه جي راڻي تي
ٻارهن هزار ڪوريون ڏنڊ وڌو ويو. ويرا واهه جي راڻي
جو ڀاءُ حيدرآباد جيل ۾ مري ويو. ٻهراڻيءَ جي راڻي
تي ڏهه هزار رپيا ڏنڊ پيو. ڦيٿاپر جي ٺـَـڪر تي ست
سؤ رپيا، ۽ آڌيگام جي سوڍي کيمجيءَ تي پندرهن سؤ
ڪوريون ڏنڊ وڌائون. مٿيان سمورا سوڍا ٽي مهينا
نظربند رهيا ۽ پوءِ ڏنڊ ڏيئي آزاد ٿيا. انهيءَ کان
پوءِ ميرن کي ٻنين جي پيدائش جي پنجين پتي ڍل طور
ملندي هئي. 1843ع ۾ انگريزن جي اچڻ سان ميرن جي
پارڪر تان حڪومت ختم ٿي.
--------
|