پارڪر
سنڌ سونهاريءَ جو تمام شاندار ۽ اهم ٽڪر ”پارڪر“
، تنهن لاءِ عام مقولو آهي ته: ”پارڪر جا پهاڙ،
جهنگ ۽ جهاڙ، رڳو آهي بـُـک ۽ اُگهاڙ، رڻ ۽ رائو،
لنگهه ۽ لاهو، مال به رکن ماهو، ته به ڍائو ڪو
ڍونڍيو لڀي!“ رڻن ۾ رڃ، رڳي سڃ ئي سڃ، اچ وڃ جو
اهنج، سڄو ئي ڀڙڀانگ، نه ساٿي نڪو سانگ، جتي ڪانگ
جي اک نڪريو پوي: اهڙي ڏکئي ڏونگراٽ ڏيهه ۾ جو
پـُـرش پيدا ٿيو، تنهن جو ڀاڳ اَڀاڳ يعني ڄانڀي جو
ساڳ!
اهو پارڪر يا ننگر پارڪر جو تعلقو، ٿرپارڪر ضلعي
۾، سنڌ جي ڏکڻ اُڀرنديءَ ڪنڊ تي آهي، جنهن جي ڏهن
تپن مان ست تپا ٿر ۾،
۽ ٽي تپا پارڪر ۾ آهن. نقشي تي پارڪر وارو ٽـُـڪر
ڄڻ ته هڪڙو اُپٻيٽ آهي، جنهن جي ٽنهي- پاسن، ڏکڻ،
اولهه ۽ اوڀر کان وارياسو رڻ ڦري آيو آهي. پارڪر
واري ڀاڱي جي ڊيگهه 30 ميل،
۽ ويڪر 20 ميل آهي. اهڙيءَ طرح، ننگر پارڪر تعلقي جي پکيڙ 1617 چورس ميل ٿيندي.
”پارڪر“ تي نالو ڪيئَن
پيو:
چون ٿا ته پارڪر جي ڀر وارو ڪڇ جو رڻ اڳي سامونڊي
کاري هو. ماڻهن کي اها کاري پار ڪرڻي پوندي هئي،
سو ان کي چوندا هئا ”پار اُڪر“ ، جنهن مان ڦري
ٿيو ”پارڪر“ . ان بابت هڪڙي ڏند ڪٿا مشهور آهي،
جنهن موجب اهو نالو ”پاراسر“ نالي رشيءَ تان پيل
آهي، اُها ڪٿا هن ريت آهي:
ڪنهن سمي، پارڪر جو پرڳڻو جڏهن پاڻيءَ هيٺ هو،
تڏهن جتي اڄ بستي آهي، اُتي ڀيانڪ سمنڊ پيو ڇوليون
هڻندو هو. هڪ ڏينهن پاراسر رشيءَ ڌيان ڪيو، ته ڪو
اهڙو پويتر آستان ڳولجي، جتي پنهنجو تپ سڦل ڪري
سگهجي، ڇو ته ايڪانت ۾ انسان جو من هڪ ٺڪاڻي بيهي
ٿو. پاراسر رشي، هڪ مها تيجسوي تپسوي ۽ تمام پهتل
شخص هو. کيس ڌيان ۾ ڪارونجهر جبل ڏسڻ ۾ آيو،
تنهنڪري پنهنجيءَ تپسيا يا بندگي جو پڪو پرڻ ڪري،
ڪارونجهر جبل ۾ هاڻوڪي ساڙدري کان ڪجهه مٿڀرو، هڪ
هنڌ پسند ڪري، اُتي پنهنجي اکنڊ تپسيا شروع
ڪيائين. پير جي هر هڪ آڱر تي بيهي، هڪ - هڪ هزار
سال تپسيا ڪيائين. هر هڪ آڱر جا نشان اڄ ڏينهن
تائين جبل ّتي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. تپسيا جي پڇاڙيءَ
وارن ڏينهن ۾، پاراسر رشيءَ جي استريءَ، پوپٽ جي
ڳچيءَ ۾ لٽڪائي ڏانهنس هڪڙو ڪاغذ ڏياري موڪليو،جنهن ۾ کيس موٽي اچڻ جي وينتي ڪئي
هئائين. پاراسر پنهنجي جسم جو پگهر لاهي، ڪاغذ ۾
ويڙهي، پوپٽ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي موڪليو. پوپٽ جڏهن وچ
سمنڊ تي پهتو، تڏهن هڪڙي باز چهڙپ هڻي، پوپٽ کي
ڪيرائي ڇڏيو ۽ اُهو پگهر وڃي سمنڊ ۾ هڪڙي مڇيءَ جي
پيٽ ۾ پيو، جنهن مان هڪڙي سندر ڪنيا پيدا ٿي. سمنڊ
جي نزديڪ رهندڙ مهاڻن اُن سندر ڪنيا کي پالي وڏو
ڪيو ۽ سندس نالو رکيائون ”مڇندرا“ يعني مڇيءَ
مان پيدا ٿيل. مڇندرا جڏهن وڏي ٿي، تڏهن ان جو
سندر روپ سورج کان وڌيڪ تيج ۽ تاب ڏيکارڻ لڳو.
هيءَ من موهيندڙ اپسرا جڏهن چانڊوڪيءَ سان چلڪندڙ
پاڻيءَ ۾ اڪيلي واهڻ هلائيندي هئي، تڏهن سندس جوڀن
۽ جمال کان چنڊ جو جوهر به جهڪو ٿي پوندو هو.
مڇندرا جڏهن پنهنجي وهيءَ جا سورنهن سال پورا ڪيا،
تڏهن پاراسر رشيءَ، پنهنجي تپسيا پوري ڪري، سمنڊ
پار ڪرڻ لاءِ مهاڻن وٽ آيو. مهاڻن کي ان وقت فرصت
ڪانه هئي، تن مڇندرا کي چيو ته: ”ڌيءَ! تون وڃي
رشيءَ کي پار اُڪاري اچ“ . جڏهن مڇندرا جي دُنگي
درياءَ جي اڌ تي پهتي، ته رشيءَ جي من ۾ ڦيرو آيو،
مڇندرا جي رنگ، روپ ۽ جوانيءَ کي ڏسي، مها اڀدؤت
رشي مٿس اهڙو ته موهت ٿي پيو، جو ٿورين گهڙين لاءِ
پنهنجي سڌ ٻـُـڌ صفا ڀلجي ويو. مڇندرا جي ڪـَـجلين
اکين ڏانهن گهور سان نهاري، سندس سنهڙيءَ چيلهه تي
هٿڙو ته گهمايائين، پر وري کانئس اوچتو ڇرڪ نڪري
ويو: سندس ڪٺڻ تپسيا جا ڏهه هزار سال هڪڙيءَ کن ۾
برباد ٿي چڪا هئا! تڏهن رشيءَ، ڪاوڙجي، سراپ ڏنو
ته: ”اي پارڪر، تنهنجيءَ سر زمين تي ڪڏهن به اهڙو
گڻوان مهاتما اُتپن
نه ٿيندو!“
ڪارونجهر تناڪَ جس، ڪَ جـَسي ميڙيو ڪاج،
پيدا ٿئي نه پارکو، نه رهسي ڪو رشي راج.
سمنڊ سڪي رڻ ٿيڻ بابت مشهور ٿل مٿينءَ ڏند ڪٿا کي
ڇڏيندي، ٻي ڏند ڪٿا سنڌ تي راءَ نوگهڻ جي ڪاهه
وقت ”وروُڙيءَ“ جي چـُـوسي وٺڻ بابت آهي، پر
علمي راءِ هيءَ آهي ته ڪنهن وڏي زلزلي سببان اِتان
سمنڊ هٽي ويو آهي، جنهن سان وڏو وارياسو رڻ وجود ۾
آيو آهي.
حدون ۽ شڪل
ننگر پارڪر تعلقي جي اُتر ۾ تعلقو ڇاڇرو، اوڀر ۾
جوڌپور (راجستان)، اولهه ۾ تعلقو مٺي، ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ
جو رڻ آهي. هيءُ تعلقو اُتر ڏانهن ويڪرو ۽ وڏو
آهي، ۽ ڏکڻ پاسي زمين کاڌل اٿس. اوڀر ۽ ڏکڻ پاسا
رڻ کي تمام ويجها آهن، تنهنڪري ٻيئي پاسا لوڻ ۽ رڻ
جي پاڻيءَ ڪري کائجي ويا آهن، ۽ وچ ننڍو ٿي پيو
آهي.
قدرتي جوڙجڪ
ننگر پارڪر شهر جي پسگردائيءَ واري، چوويهن ميلن
جي پٽ کي ”پارڪر“ ۽ ڪنٺي وارو ڀاڱو ڪري چوندا
آهن، جنهن ۾ ننڍيون ٽـَـڪريون آهن، ۽ ٻئي حـصي کي
”ٿر“ وارو ڀاڱو ڪري چوندا آهن، جتي واريءَ جون
ڀٽون آهن.
آبهوا
سڄي تعلقي جي آبهوا سياري ۾ سرد ۽ اونهاري ۾ گرم
رهي ٿي. ڀـِـٽن وانگر، ٽـَـڪريون به سياري ۾ ٺرن،
اونهاري ۾ گرم رهن ٿيون.
ڪارونجهر جبل
هيءُ جبل، ننگرپارڪر شهر جي چوڦير، گولائي قطار جي
صورت ۾، ڏکڻ ۽ الهندي پاسي، اٽڪل سورهن ميلن ۾
پکڙيل آهي. ان جي اوچي چوٽي زمين جي سطح کان هڪ
هزار فوٽ مٿي آهي، جتي تروٽ صاحب جو ٿلهو ٺهيل
آهي، جنهن کي ”صاحب چڱو“ ڪري چوندا آهن، هن جبل
۾ ڪيترائي قديم آستان ٺهيل آهن، جي ڏسڻ وٽان آهن.
منجهس ڪيترائي پانڊوَن جي نالن جا نشان آهن. چون
ٿا ته ڪورونَ جڏهن پانڊون کي 13 سال ديس نيڪالي
ڏني هئي، تڏهن پنج ئي پانڊو ڪجهه وقت ڪارونجهر جبل
۾ اچي رهيا هئا. اڄ تائين ڪن نشانن کي ڀيم گوڏ،
ڀيم گاڏو، ڀيم تلاءُ، ارجڻ ٻاڻ، وغيره ڪري ڪوٺيندا
آهن. ڪارونجهر جبل جو پٿر عمارتن ٺاهڻ لاءِ ڪم
ايندو آهي. جبل مان گگر، ماکي، مختلف ٻوٽيون،
ڪاٺيون وغيره، مزور ماڻهو جام آڻي وڪرو ڪندا آهن.
تنهنڪري عام چوڻي آهي ته ”ڪارونجهر ۾ روزانو سوا
سير سون پيدا ٿئي ٿو“ - يعني هن جبل جي ايتري
پيدائش آهي، جنهن جي قيمت روزانو سوا سير سون جي
برابر آهي. هن جبل ۾ قسمين قسمين ٻوٽيون پيدا ٿين
ٿيون، جي هتي جي ماڻهن لاءِ دوا طور ڪم اچن ٿيون-
مثلاً کوکرو، گڻ ويل، ستاوڙي، جهنگلي بصر،
شـِـوجٽي، اُٺ ڪنٺي، اُٽنگڻ، لاجونتي، گوگڙو،
وغيره هن جبل ۾ ڪٿي ڪٿي پٿر گوگڙوءَ جهڙو نظر
ايندو آهي. اونهاري جي موسم ۾ ڪڏهن ڪڏهن جبل مان
زوردار آواز ٻڌبا آهن، ٿي سگهي ٿو ته هيءُ جبل
گندرف سان ڀريل هجي. برسات جي موسم ۾ جبل تان
اٿاهه پاڻي سمنڊ جيان وهي هلندو آهي. گوڙدرو ۽
ڀٽياڻي نديون به هتان نڪرن ٿيون. اهي ٻيئي نديون،
پاڻيءَ سان ٽمٽار وڃي ٿيون پيٿاپڙ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪن.
جيڪڏهن انهن ندين تي بند ٻڌي، پاڻيءَ کي پوک لاءِ
گڏ ڪيو وڃي، ته پارڪر کي جيڪر ڪڏهن به ڏڪار سان
دوچار ٿيڻو نه پوي. ڪارونجهر جبل ۾ سيار (گدڙ)،
چراخ (جرک) جانور (بگهڙ)، مور، سارس ۽ ٻيا ڪيترائي
جانور ۽ پکي رهندا آهن. ڪارونجهر پارڪر واسين کي
ايڏو ته پيارو آهي، جو هر دم پيا جهونگاريندا آهن
ته:
ڪارونجهر جي ڪور، مـَـريـِئي، تو ميليئي نهين،
مٿي ٿهوُڪي مور، ڏونگر لڳي ڏيپتو.
تلاءُ:
ڪارونجهر جي چوطرف ڪيترا تلاءُ آهن، جن ۾ ٻاروهي
پاڻي رهي ٿو. ڀوڏيسر وٽ ڀوڏيسر جو تلاءُ آهي، جو
ڀوڏي سوڍي عيسوي ڇهين صديءَ ۾ کڻايو هو. هن ۾ اَٺ
مهينا پاڻي رهندو آهي. ٻيو نرياسر جو تلاءُ،
ڏونگري ڳوٺ جي ڀرسان آهي، جنهن ۾ ٻارهن ئي مهينا
پاڻي رهندو آهي،نرياسر جي پاسي ۾ ڪو به وڻ وغيره
ڪونه آهي، ۽ سنئون سڌو وڏو پٽ پيل آهي. ڳوٺ
گهرٽياري وٽ لورالائي ڀاڻيسر جا تلاءَ آهن، جن ۾
پاڻي ٻارهن مهينا رهندو آهي. لاڪڙ کڏئي وٽ راڻاسر
تلاءُ آهي. اُڏيگام جو تلاءُ ۽ گڍڙي چارڻ جو تلاءُ
به مشهور آهن. ننگر جي نزديڪ راڻن جو ٺهرايل
راڻاسر تلاءُ آهي، جنهن جي چوگرد پڪي ڀت چـُـڻيل
آهي، سنگها تلاءُ، جو ويرا واهه جي ڀرسان آهي، سو
ويرا واهه جي سوڍن کي جاگير طور مليل آهي. منجهس
سال بسال ڪڻڪ جي پيدائش جام ٿئي ٿي.
ٽڪريون:
پارڪر ۾ ننڍيون ننڍيون ٽڪريون تمام گهڻيون آهن-
جهڙوڪ ڏونگري جي ٽڪري، ڏيڻي ٽڪري، راڻيپور جي ٽڪري
۽ چؤڙيئي جي ٽڪري، وغيره.
آستان:
ڪارونجهر جبل ۾ هندن جا هيٺيان آستان ڏسڻ وٽان
آهن:
(1) ساڙ درو: پاراسر رشيءَ جي سراپ، يا ڌرتيءَ جي
زلزلي يا راءَ
نوگهڻ جي سنڌ تي ڪاهه وقت وروڙيءَ جو چوسڻ- انهن
ٽنهي روايتن مان اتهاس ڌرتيءَ جي زلزلي کي اهميت
ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ ته ڌرتيءَ جو زلزلو پارڪر ۾ ضرور
آيو هو، جنهن پاري ننگر جهڙيءَ وسندڙ آباديءَ کي
برباد ڪيو. بهرحال، سمنڊ سڪي ويو، ۽ پوءِ اُتي ڪن
سالن کان آهستي آهستي بستي ٿيڻ لڳي.
ساڙدري لاءِ هڪڙي جهوني ڳالهه مشهور آهي. هڪڙو هرڻ
۽ هرڻي، جبل ۾ پيا ڦرندا هئا. ڏينهن جو پاسي وارين ٻنين ۾ گهمي، رات جو
جبل ۾ اچي رهندا هئا. هڪڙي رات جو جيئن هرڻ ۽
هرڻي، ڇلانگون ڏيندا، جبل تي پئي چڙهيا، ته هرڻ
اوچتو هڪڙي پاڻيءَ سان ڀريل ڪـُـن ۾ وڃي ڪريو، ۽
مري ويو. هرڻي جيئن ڇلانگ ڏنو، ته اُها وڃي ڪـُـن
جي پاسي ۾ بيٺل ”قدام“ جي هڪڙي وڻ ۾ اٽڪي، آهستي
آهستي هرڻيءَ جا سمورا هڏا، سڙي ۽ ڳري، اُن ڪـُـن
۾ پوندا رهيا، ۽ پاڻيءَ ۾ حل ٿي ويا. هندن جي
شاسترن مطابق اُن پاڻيءَ ۾ ڪا اهڙي غيبي طاقت هئي،
جو هرڻيءَ جا هڏا مـُـڪت ٿي ويا، ۽ رڳو سسي وڻ ۾
اٽڪيل رهي. ڪـُـن ۾ هرڻيءَ جي ڪـِـرڻ سبب، اُن
ڪـُـن (ڪـُـنڊ) جو نالو ”مرگهي- ڪنڊ“ پيو.
هندن جي شاسترن موجب جـِـيؤ ڦري اوتار وٺي ٿو، سو
ان هرڻيءَ پاٽڻ جي هڪ زبرست سيٺ جي گهر نياڻيءَ جو
جنم ورتو. اُُن نياڻيءَ کي جنم کان مٿي جو سور هو.
ڪئين ڊاڪٽر، طبيب، ويد ۽ حڪيم علاج لاءِ گهرايا
ويا، پر ڪنهن جي ڦڪيءَ فرق نه ڪيو. تان جو ان ڪنيا
کي پرڻائي ڇڏيائون، پر سندس مٿي مان سور اڃا نه
ويو هو.
هڪڙي ڏينهن پارڪر مان ڪي واپاري اُٺن تي مڱ کڻي
پاٽڻ ۾ وڪڻڻ آيا، جڏهن اُهي مڱ سيٺياڻيءَ جي گهر
آيا، تڏهن هن هڪدم چئي ڏنو ته هي مڱ ”ڀيڙيا“
واريءَ ٻنيءَ جا آهن! (ڀيڙيا ٻني پارڪر ۾ آهي.)
گهر جا ماڻهو اچرج ۾ پئجي ويا ته هن استريءَ مڱ
ڪيئن سڃاتا!
پوءِ هڪڙي ڏينهن، هڪڙو برهمڻ اُتي آيو، تنهن انهن
کي ٻڌايو ته هيءَ استري اڳي هرڻي هئي ۽ سندس سسي
ڪارونجهر جبل ۾، ڪنڊ جي پاسي ۾، ”قدام“ جي هڪڙي
وڻ تي اٽڪيل آهي؛
ڪو ماڻهو وڃي اُن سسيءَ کي اتان لاهي ڪنڊ ۾ وجهندو
ته هيءَ مائي چڱي ڀلي ٿي پوندي، سيٺ جا ماڻهو
ڪارونجهر جبل ۾ اچي ڏسن ته برابر قدام جي وڻ تي
هرڻيءَ جي سسي اٽڪيل آهي! ماڻهن وڃي سڀ سماچار سيٺ
کي سڻايا. سيٺ ۽ سيٺياڻي پاٽڻ کان روانا ٿي پارڪر
آيا، ۽ وڻ مان هرڻيءَ جي سسي لاهي ڪنڊ ۾ وڌائون،
ته مائيءَ جي مٿي مان سور هڪدم غائب ٿي ويو.
سيٺ انهيءَ واقعي جي يادگيريءَ کي قائم رکڻ لاءِ
مرگهي- ڪنڊ جي پاسي ۾ ٻه ڏيهرا ٺهرايا، جيڪي اڄ
ڏينهن تائين قائم بيٺا آهن. اُنهن ڏيهرن ۾ قديم
شـِـوَ ۽ پارپتيءَ جون مورتيون به موجود آهن. خود
سيٺياڻيءَ جي چوڻ تي اُن هنڌ، ڪنڊ کان مٿڀرو،
مهاديو جو مندر ٺهرايو هئائون، جنهن کي ”ساڙدرو“
چوندا آهن. روايت آهي ته مندر ٺهڻ بعد ڪنهن
پوڄاريءَ جي نه هئڻ ڪري، هڪڙو ڪيهر شينهن ان ۾
رهندو هو. ماڻهو اُن ڊپ ڪري جبل ۾ ڪونه ويندا هئا.
هڪ ڀيري هڪڙو اڀدوت يوگيشور اُن مندر ۾ آيو، تڏهن
کان وٺي اهو شينهن الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويو. تنهن
کان پوءِ هڪ نه ٻيو ٻاوو، پوڄاريءَ طور اُن مندر ۾
رهندو اچي ٿو. مهاديو جي مندر جي پاسي ۾ چئن ٻاون
جون سماڌيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جن ۾ وڏو هنس پـُـري
ٻاوو هو.
مرگهي- ڪـُـنڊ ۾ هينئر ٻاروهي پاڻي رهندو آهي.
هندن جي ويدن ۾ ساڙدري جو ذڪر آيل آهي ته ڪنڊ ۾
مردي جا هڏا وڌا وڃن ته ڄڻ اهي گنگا ۾ وڌا ويا.
هتي هر سال مارچ مهيني ۾ شوراتڙيءَ
جو ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو آهي. ڪٿي ڪٿي جا زيارتي
اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ ڀڄن ڀاو ڪندا آهن. هن وقت
ننگر پارڪر جي پئنچات گڏجي ڪجهه رقم گڏ ڪري،
مرگهي- ڪـُـنڊ کي سٺي نموني ٺهرايو آهي. ڪوي
چنديرام ڀاٽ ساڙدري بنسبت ڪهڙو نه سندر شعر چيو
آهي:
ڪارونجهر جي ڪور،
مٿي ٿهؤڪي مور،
ڌوپا وهي ڌار،
پاڻي جو نه پار،
اُوچو آهه آستان،
ديو موٽا دان،
موٽا آهه مهاديوَ،
سڀ چن ڪري سيوَ،
آئي ورڻ اَڍار،
ســـــــاڙدري
ســـــــريـــــــڪـــــــار،
|
رؤڙي لڳي رڙيا مڻي،
ڏونگر لڳي ڏيپتو.
ڀٽياڻي ٻيجي ڀلي،
آرڙاڻا ڪري اُتري.
ساڙدري شنڪر تڻو،
ڪـُـنڊ مرگهي جي ڪنٺڙي.
انچليشور پـَـر اوپتا،
ميڙي آئي ورڻ ميدني،
ڪري گيان هري جي ڪٿا،
آئـــــي گــهــڻـــا هـــيــت
ســـان.
|
پکي سوڀي ڪوئل ٻگهه پوپٽ،
ڪنٺ سان مور ڪلور ڪري،
گج سار سـُـچاتڪ ڪاگ ڪؤئا،
چتر سمڙي گرج جهڙي:
جهرڙاٽ پکن وچ ڀيرو جهيڪٽ،
گؤئڙ گاجي آواز گهڻو،
ساڙدري شـِـوَ رات رو،
آئي ورڻ اڍار گهڻو،
جهانجهر جهڻ ڻَ ڻَ ڪري جهالر،
ويڻا منتر ستار وڄي،
در وڄي شان پکا وچ تنبور،
گرهه گري ونراج گرجي:
آرتي سانج سوير او پٽ،
پيٽ پوڄا گلستان گهڻو،
ساڙ دري.......
(2) الک واوُ (لڪل کوهه): هيءُ ڀوڏيسر جي جبل ۾
آهي. راڻو چندن جڏهن ڪوڙهه جي بيماريءَ ۾ مبتلا
ٿيو هو، تڏهن ڪنهن فقير جي ڏس تي ’ويري گويل‘ نالي
سندس ساٿيءَ الک واوَ مان پاڻي آڻي کيس غسل ڪرايو،
ته ڪوڙهه جو مرض هڪدم غائب ٿي ويو. چون ٿا ته ڪهڙي
به ڪوڙهه جي بيماري هجي، الک واو جي پاڻيءَ ۾ سنان
ڪرڻ سان ڇڏي ويندي پر هيءُ کوهه مشڪل سان ڏسڻ ۾
اچي ٿو.
(3)انچليشور:
ننگر پارڪر جي اُتر ۽ اُلهندي طرف، ڀوڏيسر جبل وٽ،
ننگر پارڪر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي ٽڪريءَ جي وچ
۾ هڪ آستان آهي، جنهن کي انچليشور مهاديو جو آستان
ڪري چئبو آهي.
پاسي ۾ پاڻيءَ جو چشمو آهي، جو سدائين هيٺ پيو
هلي، ڇاڪاڻ جو مٿي ٽڪري آڏي آهي. هن جو پاڻي هندو
پوتر ڪري سمجهندا آهن، ۽ زيارتي شيشا ڀري ڳوٺ کڻي
ويندا آهن. اڳي هتي باقاعدي پوڄاري رهندا هئا، پر
هينئر نه آهن. پاسي ۾ سترام داس عامل، حيدرآباد
واري جو ٺهرايل مسافرخانو آهي، جتي زيارتي ڀـَـڄن
ڳائيندا آهن. مٿي چڙهڻ لاءِ 108 پڳٿيون ٻڌل آهن.
حيدرآباد جو عامل مختيارڪار بوٽن سوڌو مٿي چڙهيو
ٿي، ته پڳٿين جي لسي هئڻ ڪري پير کسڪي ويس ۽ هيٺ
ڪري فوت ٿي ويو. کيس اُن جاءِ تي جلايو ويو، اُن
جو مٿي ٺهرايل چبوترو اڃا قائم آهي.
(4)ناني: ننگر پارڪر کان اُلهندي، جبل جي چوٽيءَ
تي هڪ بلڪل نرالو پٿر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن کي
”ناني“ ڪري چئبو آهي. چون ٿا ته هن مائيءَ جبل ۾
مال پئي چاريو ته هڪ درويش اچي کانئس کير گهريو.
مائيءَ کير ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تنهن تي درويش سراپ
ڏنو ته، ”مائي، تون پٿر ٿي پوندينءَ!“ درويش جو
وچن آگي در اگهجي ويو، ۽ مائي سچ پچ پٿر ٿي پيئي.
(5)ڀيم گوڏا: گئوء
مـُـکي کان ٿورو مٿڀرو، هڪ پاڻيءَ سان ڀريل ڪـُـن
آهي، جنهن جي ويڪر ٻه فوٽ ۽ ڊيگهه ٽيهه فوٽ کن
آهي. ان کي ”ڀيم ڪـُـن“ به ڪري چئبو آهي. هن
ڪـُـن ۾ سدائين پاڻي هوندو آهي. روايت آهي ته
پانڊوَن جي ڀاءُ ڀيم کي هن جبل ۾ ڪٿي به پاڻي نه
لڌو، سو جڏهن هن جاءِ تي زور سان لت هنيائين، ته
گوڏي تائين پاڻي نڪري آيو.
تنهنڪري هن کي ”ڀيم گوڏا“ ڪري چئبو آهي.
(6)گئوء
مکي: هيءَ
ساڙ دري کان ڏکڻ طرف، ٻن ميلن تي آهي. هتي وڃڻ
لاءِ رستو تمام ڏکيو آهي. پاڻيءَ جي سدائين هيٺ تي
وهڻ ڪري، پٿر لسا ٿي پيا آهن، اُتي هوبهو ڳئونءَ
جي شڪل ٺهي پيئي آهي، جنهن جي ٿڻن مان ٻاروهي پاڻي
پيو وهي. هتي ميلو وغيره ڪونه لڳندو آهي، پر عام
طرح ماڻهو درشن خاطر ويندا آهن.
(7)پنراج گڍ: گئوء
مکيءَ کان ٿورو هيٺ، هڪ قلعو ٺهيل آهي، جو هينئر
ڊٺل حالت ۾ آهي. اهو قلعو پنراج سينڌل، دشمن کان
بچاءُ
خاطر ٺهرايو هو. پنراج سينڌل گجرات جي صوبن سان
وڙهندي مري ويو، جنهن جو بيان اڳتي ايندو.
(8)چندن گڍ: هيءُ قلعو راڻي چندن جو ٺهرايل آهي.
پارڪر جي راڻن جڏهن انگريزن سان فساد ڪيو، تڏهن
انهن هن قلعي ۾ ويهي انگريزن سان لڙائي ڪئي هئي.
مئي 1859ع ۾، انگريزي فوجن، ڪرنل ايونس جي هٿ هيٺ،
هن قلعي کي توبن سان اُڏائي ڇڏيو.
(9)ٻاين جو ٻيسڻو: قديم ڪاسبو، جو نئين ڪاسبي کان
اڍائي ميلن جي مفاصلي تي، کاڙوئيءَ جي ويجهو آهي،
اُتي هڪ پٿر آهي، جنهن جي هيٺان وڏي سرنگهه آهي.
اها ٽن پاسن کان بند ۽ هڪ پاسي کان کليل آهي. اڳي
پارڪر ۾ تمام گهڻا ڌاڙا لڳندا هئا، ۽ گجرات طرفان
وقت بوقت ڪاهون ٿينديون هيون، بي بندوبستيءَ جي
وقت هڪدم دهل وڄندو هو، تڏهن ڳوٺ جون سموريون
زالون اُن پٿر جي سرنگهه ۾ وڃي لڪنديون هيون. مرد
ماڻهو، کليل پاسي هڪ وڏو پٿر ڏيئي، پاڻ وڃي مقابلو
ڪندا هئا.
(10)جهرڻو: جهوني ڪاسبي جي ڀرسان، گامپرو تلاءَ جي
پاسي، جبل جي تري ۾ هڪ جهـرڻو آهي، جتان بـُـڙ
بـُـڙ ڪري پاڻي پيو نڪري ۽ فوٽ کن مٿي کڄي، هيٺ
ريلا ٿيو وهيو وڃي.
(11)ڀونئـَـرو: ننگر پارڪر شهر جي اُلهندي طرف،
جبل ۾ زمين اندر هڪڙو ڀونئرو (بـُـهرو) ٺهيل آهي،
جو هاڻي زبون حالت ۾ آهي. چون ٿا ته سوڍا جنهن وقت
ننگر ۾ حڪومت ڪندا هئا، تڏهن پنهنجو خزانو ۽ باروت
انهيءَ ڀونئَـري ۾ لڪائي رکندا هئا. چون ٿا ته اهو
ڀونئَـرو گوڙيءَ جي مندر واري ڀونئـَري سان مليل
هو. ننگر ۽ گوڙيءَ جي وچ ۾ ڇويهه ڪوهه مفاصلو آهي.
جڏهن انگريز سرڪار ننگر، ٺڪرن کان فتح ڪيو، تڏهن
اُن ڀونئري جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيائون پر
ڀونئـَـرو اهڙو پيچدار ۽ زير - زبر ٺهيل هو، جو
اُن جو ڪو به پتو نه لڳو ۽ نه ڇيهه آيو، تڏهن
لاچار کوٽائيءَ جو ڪم بند ڪيو ويو.
--------
ڀيريئـَـي گاروڙيءَ جو ڪارونجهر جبل ۾
نانگ جي ڳولا ڪرڻ
ٽـِـڪن نه ٽائيم تي، ويهي ڪيا مون وس،
ماءُ ماريندم، تن گاروڙين جا گس،
چاشنيون ۽ چش، وڻن نه ويراڳين کي.
گاروڙي به ڪاپڙين جو هڪ قسم آهي. ڀيريئـَـي جي
وارتا ٿر، مارواڙ ۽ ڪڇ ۾ عام طرح ڏاڍي اُتساهه ۽
اُمنگ سان ٻـُـڌي ويندي آهي. هن ڳالهه جو هت ذڪر
ڪرڻ ضروري آهي ته ٿر جا ماڻهو جڏهن ڀاڙي تي رات جو
اُٺن تي چڙهي ويندا آهن، تڏهن اُتي واٽ ۾ ساڄي هٿ
پاسي جي ڀيرَو پکي ٻوليندو آهي ته بـَـد سوڻ سمجهي
سڀ اُٺ بيهاري ڇڏيندا آهن، جيستائين اُن پکيءَ جو
آواز بند نه ٿئي. ڪو سگهڙ هوندو آهي ته هيئن چوڻ
شروع ڪندو آهي:
آگيو بيتال، کاپرو چور، ڀيريو گاروڙي،
جي ڏائي هوئي، توجـَـيڻي آئي.
مٿين ٽنهي جا نالا وٺي، جيڪڏهن ڏائو پکي
ڳالهائيندو هجي، ته ساڄي طرف اچي، اعتبار ڪيو ويندو آهي ته ائين چوڻ سان آفت
ڪانه ايندي.
ڀيريئـَـي جو جنم:
راجا ساليواهن، جنهن جي پويان هندن جو سنبت شروع
ٿيو، تنهن جي پوٽي جو نالو ”ڀٽي“ هو. سندس
اولاد، جيسلمير جا ڀاٽي راجپوت آهن. چوڻي آهي ته:
گڍ دهلي، گڍ آگرو، گڍ بيڪانير،
ڀلو چـُـڻايو ڀاٽيئي، گڍ جيسلمير.
1947ع کان اڳ جيسلمير جي ڀاٽين جو ڪم صرف ڌاڙا هڻڻ
هو. اهي ڌاڙيل سڄي ٿرپارڪر تائين اچي ڌاڙا هڻندا
هئا. ڳوٺ ڪانٽيي، تعلقي ڇاڇري ۾، ڀاٽين ڏينهن ڏٺي
جو چار دفعا ڌاڙو هنيو هو. ڀاٽي صرف ننگر پارڪر
کان ڪنارو ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته جيسلمير جي مهاراجا
جي ڪنيا ڀٽياڻي، پارڪر جي راڻي چندن کي پرڻايل
هئي. جيسلمير جي ڀاٽين جي پنجين پيڙهيءَ تي راجا
”ڀاڻ“ راڄ ڪندو هو. ڀاڻ جو ڀڀڪو هنڌين ماڳين
مشهور هو. ڀاڻ کي ٻه ڪنور هئا، هڪ سٻرو ۽ ٻيو
مورو. ننڍي هوندي ئي سٻرو موت جي سيجا تي سـُـتو،
تنهنڪري راڄ ستا ۽ گاديءَ جو موڙ موري کي مليو.
موري جي بادشاهيءَ ۾ ڪا به خامي ڪانه هئي. سندس حد
۾ قحط ڪنارو ڪندو هو. پئسي جي پرواهه ڪانه هئي.
ايتري هوندي به موري جو من ملول ۽ اندر اُداس
رهندو هو. مورو هڪ اهڙي مرض ۾ مبتلا هو، جنهن جو
اوکو نه ويدن وٽ هو ۽ نه ڦـَـڪي فقيرن وٽ هئي. هن
جي دل جي دوا هئي اولاد، جنهنڪري ان کي سدائين لال
جي لوري لڳل هوندي هئي. سندس مرڻ بعد خاندانيءَ جي
تباهيءَ جا آثار نمودار ٿيڻ لڳا. حڪومت جو حق هيئن
هليو وڃي، تنهن ڳڻتيءَ موري کي ڳاهه ۾ ڳاهي ڇڏيو
هو. رات ڏينهن ڀڳوان جي بندگي ۽ الله جي عبادت
ڪندي به موري جي منوڪامنا سڦلتا جي درجي تي ڪانه
پهتي. اهڙيءَ طرح، ارمان ۾ آنسو پئي وهايائين، ته
اوچتو شهر ۾ اهڙو افواهه اٿيو ته هڪ سچو سنياسي،
ڪنڦاڙ ڪاپڙي، لاهوتي لانگوٽيو، قلعي جي دروازي وٽ
دونهي دکايو ويٺو آهي. جڏهن موري کي، هن مڃيل
مهاتما ۽ پرديسي بزرگ جي پروڙ پيئي، تڏهن امالڪ ان
فقير وٽ پهتو. ساميءَ جي پيرن تي سـِـر رکي، درويش
اڳيان پنهنجو درد ڀريو داستان ذري پـُـرزي ظاهر
ڪيائين. ويراڳيءَ راجا کي ورلاپ ڪندو ڏسي، دکايل
تي ديا آندي، ۽ پنهنجي ڌوُڻيءَ مان رک جو ذرو
ڏيئي، کيس چيائين ته ”اي راجا، تو کي پُٽ
ٿيندو، پر گاروڙي، موالي،
۽ جوڳي ثابت ٿيندو.“
ساميءَ ڏني چـَـپـِـٽي، ڀڀوت مان ڀري،
پـُـٽ ته ايندو موروا، پڻ گاروڙي گهري.
راجا اولاد بغير اُجهايل هو، تنهن چيو ته: ”اي
مهاتما، اوهان جا ست وچن! جي موري کي موالي پٽ
ٿيندو ته به وانجهپڻي جو ٽـِـڪو ٽـَـرندو.“ تڏهن
فقير وري به پنهنجي ڌوڻـِـيءَ مان سيلي جي چپٽي
ڏيندي چيو ته: ”اي راجا، تو کي ٻيو پٽ ٿيندو،
اُهو تنهنجي مرڻ پڄاڻا حڪومت جو وارث ٿيندو.“
راجا سنياسيءَ جا چـَـرڻ چمي روانو ٿيو. جوڳيءَ جو
وچن جوٺو نه نڪتو، ۽ ترت موري جي گهر ٻن پٽن جو
جنم ٿيو. موري پٽن جو ٻڌي دل کولي دان ڪيو.
پاٽـَـوِي ڪنور ڀيريو، ڪيهر ٿيو ٻيو،
هي جيسلمير جو راڄيو، هـُـو گاروڙي ٿيو.
موري پنهنجي موڀي پٽ جو نالو ”ڀيريو“ ، ۽ ننڍي جو
نالو ”ڪيهر“ رکيو. ڀيريو گاروڙي ٿيو، ۽ ڪيهر
راجا ٿيو. ڀيريو ننڍي هوندي کان ئي دنيوي ڳالهين
کان پري رهندو هو. سارو ڏينهن ڪانن مان مرليون
ٺاهي وڄائيندو هو، ۽ پنهنجن سنگتين کي بنسريون
ڏيئي، انهن کي وڄائڻ سيکاريندو هو. پندرهن سالن
اندر هن پنهنجيءَ وديا ۾ ڪا به ڪسر ڪانه ڇڏي، ۽
ايتري عرصي ۾ پنهنجا اڍائي سؤ سنگتي به ٺاهي
ڇڏيائين، جي ڀيريئـَـي کان سواءِ پلڪ به پري نه
گذاريندا هئا. راجا مورو، ڀيريئـَـي جي اها گـَـت
پـَـسي کيس وقت بوقت سمجهائيندو هو ته: ”تون هاڻ
وڏو ٿيو آهين، سڀاڻي راڄ هلائيندين، تنهنڪري انهن
ڳالهين کان باز اچ.“ پر ڀيريئي تي ان جو ڪوبه اثر
نه ٿيندو هو ۽ اُٽلندو موري جا قول باهه تي گيهه
جو ڪم ڪندا هئا. نيٺ هڪ ڏينهن موري چيو ته: ”تو
کي هڪ مهيني جي مهلت ٿو ڏيان، تون انهن سڀني
ڳالهين کي ڇڏي ڏي، نه ته توکي سزا ڏيندس!“
ڀيريئـَـي ڳالهه ٻڌي، ساٿين کي سڏي، برهه جون
بنسريون زور سان وڄايون:
گڏجي گاروڙي ٿيا، جاما پهري تـَـن،
مهيتپ سندا من، مرلين موهي ڇڏيا.
ڀيريئـَـي جي ديس نيڪالي:
ڀيريئـَي کي ائين بگڙندو ڏسي، موري، راجا جي حيثيت
۾ حڪم ڏنو ته چوويهن ڪلاڪن اندر ڀيريو جيسلمير جي
حد مان نڪري وڃي. ڀيريئـَـي پنهنجي پيءُ جي حڪم جي
ترت تعميل ڪئي، ۽ پنهنجا تمام ساٿي سنڀرائي، گام
جي گوندريءَ، پنهنجي پياري جنم ڀوميءَ کي آخرين
الوداع ڪري، منڊلي مچائي، روانو ٿيو. ڀيريئي جي
منڊليءَ جي مـُـهاڙ سنڌ طرف هئي، آخر ٿورن ڏهاڙن
بعد آديسين پنهنجو اوتارو سنڌ جي اُڀرنديءَ سرحد
تي ڪيو، جتي جوڌپور ۽ سنڌ جون سرحدون گڏجن ٿيون ۽
پڇمائي ڏونگر آهي. پڇمائي ڏونگر تي پرديسي پنهنجا
پکا تاڻي، گهڻا روز ٽـِـڪي پيا. هڪ ڏينهن ڀيريو
ٽـَـڪر کي ٽيڪ ڏيو ستو پيو هو، ته پٿر جي اندران
آواز آيو ڀيريو ڇرڪ ڀري اُٿيو، ۽ اُن آواز کي غور
سان ٻڌڻ لڳو. ڏٺائين ته هڪ گـروُ پنهنجن چيلن کي
”يوگ وديا“ جو اڀياس ڪرائي رهيو هو. ڀيريئـَـي
اُها وديا، اُتي ئي ٻاهر ويهي سکڻ شروع ڪئي. جڏهن
آخرين امتحان تي گرو پنهنجن چيلن کان سوال پڇڻ
لڳو، تڏهن چيلا منجهي بيهي رهيا. ڀيريو ٻاهران
وديا ۾ ڀڙ ٿيو هو، تنهن ان جا جواب ٻاهر ويٺي ڏنا.
گروءَ سوچيو ته منهنجن سوالن جا سچا جواب ائين ڪير
ڏيئي رهيو آهي. نيٺ ڀيريئـَـي جو لڪل ڀيد ظاهر
ٿيو، تڏهن گروءَ چيو ته: ”اي گاروڙي، تون هن وديا
۾ ڪيئن گوءِ کڻي وئين! اهڙو ڪير گروُ آهي، جنهن تو
کي من - وديا ۾ گوهر ڪيو؟ ڀيريئـَـي هٿ ٻڌي عرض
ڪيو ته: ”اي مهاتما، منهنجا گروُ توهان ئي آهيو:
توهان پنهنجن ششن کي پئي سمجهايو، تڏهن مون ان کي
تمام ڌيان سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي“ . ڳالهه ٻڌي،
گرو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ گاروڙيءَ کي هر گفتار ۾ پريڻ
سمجهي، پنهنجو شش بڻايائين. گروءَ پوءِ ڀيريئـَي
کي سموري وديا سيکاري ڀڙ ڪيو.
ڀيريئـَي پنهنجي سموري وديا ختم ڪئي، ۽ گروءَ کان
موڪلايو. اُستاد کيس آسيس ڏني ۽ چيائينس ته: ”اي
گاروڙي، ڪهڙي به نانگ جي شڪتي تو اڳيان تڇ آهي. پر
جو نانگ تون نه ڏسي سگهين ۽ اهو تو کي اهڙي هنڌ چڪ
پائي جو تنهنجي نظر اُتي نه پوي، ته تون مري
ويندين. ٻيو ته جيڪڏهن درياءَ اورانگهيندين ته
تنهنجي سموري وديا ختم ٿي ويندي. هي ٻيئي ٻول ياد
رکج.“ پوءِ سڀني گاروڙين گروءَ کي نمسڪار ڪئي ۽
ڪڇ ڏانهن ڪوچ ڪيو.
ويراڳين جي هن پلٽڻ، پارڪر جا پهاڙ لتاڙي، ڪڇ جي
اُتر واري ٻيٽ تي پنهنجو ديرو دمايو، جنهن کي
”شيشا پٽڻ“ ڪوٺيو وڃي ٿو. شيشا پٽڻ تي ان وقت
سنگهار ذات جي هڪ سندر ۽ ڪنواري ڪنيا، ”سڳئي
سنگهار“ راڄ ڪندي هئي. ڀيريئـَـي گاروڙيءَ پنهنجن
ساٿين کي چئن - چئن جا ٽولا ڪري، سڄي ڪڇ ڀوميءَ
ڏانهن، اُتي جي تمام وديا حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو.
ڀيريئـَـي ٻيلي ڌار ڪيا، ٽولي ٽولي پنج،
ڪلنگيون جن ڪپار ۾، ڪر ماڻاسر جا هنج.
-----
ڀيريئي ٻيلي ڌار ڪيا، ٽولي ٽولي چار،
اُتي وڄائيون ونسليون، لڌا لعل سنگهار.
شيشا پٽڻ ۾:
گاروڙين جا گـَـلا، ٽولا ڪري، ڪڇ جي ڌرتيءَ ۾ نانگ
ڪـُـلهن تي کڻي ڦرڻ لڳا. هڪ ڏينهن ڪاپڙين جي قطار
”شيشا پٽڻ“ جي سيم ۾ اچي لٿي. شيشا پٽڻ جي ڪنواري
ڪنيا جهڙي هئي صورت ۾ سرس، تهڙي هئي وديا ۾ برک.
سڳئي، پنهنجي وديا جي زور تي، ايترن نانگن کي وس
ڪري چڪي هئي، جو سمورا نانگ سندس وڏين ۽ سهڻين
اکين جي اشاري هيٺ هئا. صرف هڪ ڀڄنگراج نانگ هو،
تنهن کي نمائڻ لاءِ سڳئيءَ جي سموري وديا
سڦل
ثابت ٿي هئي. سڳئي کي سـُـڌ پيئي ته اڄ گاروڙين جا
گـَـلا گام ۾ آيل آهن، تنهنڪري پنهجين سهيلين کي
سنڀرائي، آديسين وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي:
”ڪٿان اچو گاروڙيا، ڪيهو اوهان جو ڏيهه،
سڳئي پڇي جي، سي نانگ ڏيکاريو نانگڙا.“
سڳئيءَ جي سوال تي هڪ آديسيءَ اُتر ڏنو:
”اسين گاروڙي اُتي جا، جتي جيسلمير،
گـُـر اسان جو ڀيريو، پورو ڇيل ڇـُـڳير.“
سڳئيءَ ڀيريئي جي ساٿين کي نانگ ڏيکارڻ لاءِ چيو.
سامين پنهنجي کارين جا ڍڪ جيئن مٿي کنيا، تيئن
سمورا نانگ گم هئا. سڳئي پنهنجيءَ وديا سان نانگن
کي گم ڪري ڇڏيو. مڻيڌر نانگن بجاءِ، ٻن مـُـنهن
وارا ننڍا ٻچا هلي رهيا هئا. گاروڙين پنهنجا جنتر
هلايا، پر سڳئـَي اڳيان موالين جا منتر جهٽ جهلي
نه سگهيا:
سڀ سڳئيءَ سـوسيا، خالي ٿيا ڪرنڏ، (=) کاريون)
هلن اِنهيءَ هنڌ، ٻه - مونهين سندا ٻچڙا.
نانگ ويا نڪري، جن جي مٿي مڻي،
ٻه - منهين سندا ٻچڙا، رهيا ڪـَـرَ کڻي.
ڀيريئـَـي جا ساٿي، سڳئيءَ کان هار کائي، هڪدم
ڀيريئـَـي وٽ اچي پهتا. ڀيريئـَـي سندس سنگتين کي
خالي کارين آيل ڏسي چيو:
”ڪا، ڪو گڏيو ٻيٽ، ڪا ڪو گڏيو شينهن،
ڪٿ وڃايا کاريا، ويس وڃايا ڪيئن؟“
جوڳين جواب ڏنو:
”نه ڪو گڏيو ٻيٽ، نه ڪو گڏيو شينهن،
سگهڙ نار سڳئي، لٽيا ڌوري ڏينهن.“
جوڳيئڙن جو جواب ٻڌي، ڀيريو باهه ٿي ويو، ۽ سڳئيءَ
جي سگهڙپائي پرکڻ لاءِ، سامين کي سڏي، شيشا پٽڻ جي
ماڳ روانو ٿيو.
ڀيريئـَـي جو تعارف سڳئيءَ ڪيترن ڏهاڙن کان ٻڌي
رهي هئي، سو سندس ملڻ لاءِ خواهشمند هئي، پر ديدار
دُر لڀ هو. اڄ اوچتو ڀيريئـَـي پاڻهي اچي پڌر ۾
پکا هنيا. اها سـُـڌ سڻي، سڳئيءَ ڏاڍي سرهي ٿي، ۽
پنهنجيون نو ورڻيون ست سؤ سکيون ساڻ ڪري،
ڀيريئـَـي کي ملڻ لاءِ، ڇم ڇم ڪندي، ڇانوڻيءَ ۾
ڪاهي پيئي. ڀيريئـَـي ۽ سندس ساٿين هن جو شاهاڻو
استقبال ڪيو، ۽ کيس مانيءَ جي دعوت ڏنائون. سڳئيءَ
کلي وراڻيو ته: ”اي ويراڳيو، آديسين جي اوتاري ۾
ستن سون جو سامان ڪٿان آيو؟“ ڀيريئـَـي پنهنجي
شڪتيءَ سان ٿوري دير اندر کاڌو تيار ڪيو. ايترو
جلدي کاڌو تيار ڪرڻ ۽ ٻي شڪتي ڏسي، سڳئيءَ ان تي
مفتون ٿي پيئي. ڀيريو به ان جي آڏي اک سڃاڻي ويو.
ائين هڪٻئي تي هرک هاري ويٺا. سڳئيءَ جي سهڻي صورت
ڏسي، ڀيريو سڀ ڀاڻ ڀلجي ويو. سڳئيءَ کي شڪست ڏيڻ
ڪاڻ آيل ڪاپڙي، اُٽلندو اُن جي اکين جو پاڻ شڪار
ٿيو. سنگهار جي تيز تير اهڙو ته اندر ۾ اونهو
گهاءُ ڪيس جو ڀيريئـَـي جي سموري همت هارجي ويئي.
جڏهن ٻنهي جي زباني عشق جي ڪورٽ ۾ ظاهر ٿي، تڏهن
سڳئيءَ چيو ته: ”ڀيريا، مون پرتگيا ڪئي آهي ته
جيڪو ڀڄنگ نانگ کي وس ڪري ايندو، ان سان مان شادي
ڪنديس“ ڀيريئـَـي کي سڳئيءَ جي سونهن موهي ڇڏيو
هو، تنهن انجام ڏنو ته مان اُن نانگ کي وس ڪري
ايندس. ائين چئي هن ڪـَـڇيءَ ڪنوار کان موڪلائي،
دوستن کان ڌار ٿي، مـُـرلي کڻي، مارواڙ ڏانهن مهاڙ
ڪئي.
ڀڄنگ نانگ جي ڳولا:
مارواڙ ۾ اچي هن مواليءَ ڏونگر جو پٿر پٿر نهاريو،
پر کيس ڪٿان به نانگ جو گس ڪونه مليو. هڪ ڏينهن،
نانگ کان نراس ٿي، هڪڙي وڏي پٿر وٽ اچي ويٺو ته
اوچتو کيس هڪ شاهي ٻـِـر نظر آيو. هڪدم ڇلانگ ماري
ٻـِـر وٽ آيو، ۽ مڌر آواز سان مرلي وڄائڻ لڳو.
ٿوريءَ دير بعد ڀڄنگراج ٻـِـر کان منهن ٻاهر ڪڍيو،
پر هڪدم ٽپو ڏيئي ڀڄي ويو- ڄڻ ته ڀيريئـَـي کي
سڃاڻي ورتو هئائين. ڀيريو ان جي پٺيان پيو. نانگ
ڀڄندو ڀڄندو، ڪارونجهر جبل ۾ وڃي نڪتو. اڄ ڏينهن
تائين ڪن هنڌن کي ڀڄنگ نانگ جي نالي سان پڪاريو
وڃي ٿو. گاروڙي ڳولا ڪندو، ڪارونجهر جبل ۾ آيو.
نانگ وري به اتان ڀڄڻ جي ڪئي، ۽ ڪڇ جو درياءُ ٽپي
ڀـُـڄ ڏانهن رخ رکيائين. ڀيريو پڻ درياءُ ٽپي ويو.
اتي کيس گروءَ جو ڏنل وچن ياد پيو، پر سڳئيءَ جي
عشق ۾ اُن جي به پرواهه ڪانه ڪيائين. نانگ، اٽڪل
ڪري، رات وڳڙي ۾ هڪ سندر لٺ بڻجي، واٽ
تي پئجي رهيو.
جيئن ڀيريو اُتان لانگهائو ٿيو، تيئن نگاهه وڃي لٺ
تي پيس ۽ هڪدم اها کڻي ڪلهن تي رکيائين. نانگ
پنهنجو موقعو آيل ڏسي، پٺن جي اهڙي هنڌ تي کيس چڪ
پاتو، جتي ڀيريئـَـي جي نظر نٿي پهتي. اهڙيءَ طرح
گروءَ جو ٻيو وچن سچو نڪتو. نانگ جي چڪ پائڻ تي
ڀيريو بيهوش ٿي ڪري پيو.
ڀيريئـَـي جي چيلن کي جڏهن ان ڳالهه جي سـُـڌ پيئي
ته اُهي ڊوڙندا گروءَ وٽ پهچي ويا، پر گرو منٽن جو
مهمان هو. چيلن کي آيل ڏسي، ايترو چيائين ته:
”منهنجي مرڻ بعد منهنجو ماس ائين نه وڃائجو: اوهين
سڀ گڏجي اهو کائي ڇڏجو.“ ڳالهه ختم ٿيڻ تي هن
شڪتيوان پـُـرش جا پران اُڏامي ويا. پوءِ چيلن گڏ
ٿي، سندن بدن کي ڳترا ڳترا ڪري ماس ڪڍي، ڪـُـنن ۾
وجهي، کڻي باهه تي چاڙهيو.
چون ٿا ته ان وقت اوچتو هڪ برهمڻ گهمندو آيو، تنهن
چيو ته: ”اي گاروڙيو، ڇا ڪري رهيا آهيو؟“ برهمڻ
جو ويس ڏسي، ويراڳين وراڻيو ته: ”اي مهراج، اسان
جو گـُـر ڀيريو گذاري ويو آهي، ان جي حڪم پٽاندر،
سندس سرير کي رڌڻ لاءِ ڪـُـنن ۾ چاڙهيو اٿئون.“
مهراج ڳالهه ٻڌي چيو ته: ”اڙي رام رام، توبهه،
ڀڳوان، توبهه! گروءَ جو ماس چيلا کائين، تنهن کان
مرڻ بهتر آهي. بس، اڄ کان اُستاديءَ جو دؤر ختم ٿي
چڪو! ماس به وري ڀيريئـَـي جو، جنهن جو سارو سرير
زهر سان ڀريل آهي: کائڻ شرط سڀ مري ويندؤ!“ مهراج
جي ڳالهين تي سڀني گاروڙين کي اعتبار اچي ويو ۽
هڪدم رڌل ڪـُـنا کڻي درياءَ ۾ ڦٽا ڪيائون. انهن
ڪـُـنن جو واس ڪن چيلن کي آيو، ته هو اڌ وديا ۾
قابل ٿي پيا ۽ اڳڪٿيون ڪندا ڦرندا هئا. اُهي
ڪـُنا، ترندا، ڪامروُ ديش جي ڪامڻين کي هٿ لڳا،
تنهنڪري ڪامروُ جون ڪامڻيون علم ۽ آديسين کان گوءِ
کڻي ويئون.
سڳئيءَ سنگهار اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن پنهنجي محبوب
جي ايڏي قرباني سهي نه سگهي، ۽ جتي ڀيريئي دم ڏنو
هو، اُتي اچي، اگني جلائي، پاڻ ساڙي ڇڏيائين. اڄ
به اُتي ڀيريئـَـي ۽ سڳئيءَ جي سماڌي ٺهيل آهي.
نانگ، اُتان ٿي ڀـُـڄ جي ڏونگر ۾ آيو. چون ٿا ته
اڳي نانگ مينهن جي موسم ۾ جڏهن ٻـِـر کان ٻاهر اچي
ڄڀ هلائيندو هو ته کنوڻ، ٻڪرار ٿي، مارواڙ کان
برسات وسائيندي، ٿر، پارڪر ۽ ڪڇ کي آباد ڪندي، ڀڄ
جي ڏونگر ۾، ان نانگ تي ڪڙڪندي هئي. برسات اهڙا
راڱا ڪندي هئي، جو ڳوٺن جا ڳوٺ برباد ٿي ويندا
هئا. ڀڄ جو سابق مهاراجا نانگ - پنچميءَ جي ڏينهن
ان جي ٻـِـر ۾ کير جون گهاگهروُن هارائيندو هو.
جڏهن انگريز سرڪار کي اها خبر پيئي، تڏهن نانگ جي
ٻـِـر ۾ شيهو ڀرائي ڇڏيائون. تنهن کان پوءِ نانگ
الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويو! نانگ جي عمر لاءِ چوڻي
آهي:
سؤ ورهيه جي سامڙي، ڪروڙ ورهين جو ڪانگ،
تن کان عمر اگيري، ٿئي ٿي سـِـيسَ نانگ.
----
گوندر گذاريو ڪاپڙي، پڌر وڃن نه پاڻ،
تن آيل آديسين جي، روئان ڪاڻ رهاڻ،
هت نه پسجن پاڻ، ويا ويراڳي نڪري.
(شاهه)
-------------- |