ڪوهيڙي ويڙهيل يادون
رابيل پبليڪيشن طرفان محمود مغل جي ڪهاڻين جو ڪتاب
ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون شايع ٿي ويو آهي. محمود
مغل، سنڌ جو اسرندڙ ڪهاڻيڪار آهي جنهن جي ڪهاڻين ۾
سچائي، حقيقت ۽ پاڪ جذبن جو اظهار هوندو آهي. هن
نوجوان ڪهاڻيڪار جو هي پهريون مجموعو آهي جنهن ۾
ڏهه ڪهاڻيون شامل ڪيون آهن ۽ سڀئي ڪهاڻيون پنهنجو
مٽ پاڻ آهن پر ’ٻارن جو عالمي سال‘ ڪهاڻي تمام
بهترين آهي ۽ ثابت ٿو ڪري ته محمود مغل کي هر طبقي
جي ڪهاڻين لکڻ جو ڏانءُ آهي. 112 صحفن جو هيڪتاب،
چئن رنگن جي خوبصورت ٽائيٽل سان صرف اٺ روپين ۾
سنڌ جي هر بوڪ سيلر رابيل پبليڪيشن پوسٽ باڪس 61
لاڙڪاڻي وٽان گهرائي سگهجي ٿو.
ٻارن جو شاهه
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن طرفان، انور هالائي جو
تاليف ڪيل ڪتاب ”ٻارن جو شاهه“ شايع ٿي ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي تمثيلي طور لوڪ
ڪهاڻين مان اٺ ڪهاڻيون تفصيل سان شايع ڪيون ويون
آهن. ان کان سواءِ شاه جي سترهن سرن مان، ٻارن جي
ڏانءَ مطابق 290 بيت زيرن زبرن سان ڏنا ويا آهن
جيئن ٻار بيتن کي سولائي سان پڙهي سگهن، آخر ۾
انهن بيتن جي ڏکين لفظن جون معنائون به ٻارن جي
آساني لاءِ ڏنيون ويون. هن ڪتاب جو عالمانه مهاڳ
جناب محمد ابراهيم جويو لکيو آهي. شاهه جي رسالي
جو هن جهڙو با مقصد انتخاب هن کان اڳ ڪڏهن به ڪونه
ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ بيتن ۾ ڪٿي ڪٿي پروفن جون
چڪون آهن پر اهي شايد پروف پڙهندڙ جي اڻ ڄاڻائي
ڪري ٿيون آهن. 108 صفحن جو هي ڪتاب ٻن رنگن جي
ٽائيٽل سان صرف ڇهن روپين ۾ سنڌ جي هر بوڪ اسٽال
تان يا سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن 8/9 رمپاپلازا
ايم-اي جناح روڊ ڪراچي وٽان گهرائي سگهجي ٿو.
هيڏا هاڃا ٿين
پريم پبليڪيشن ڪنڌڪوٽ جو پنجون ڪتاب ”هيڏا هاڃا
ٿين“ شايع ٿي ويو آهي. هن ڪتاب جو نگران نانڪرام
پريم ۽ مرتب مختيار ناز آهن. سڄو ڪتاب آنسٽ ڪتابت
سان شايع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي اسڪيچ ۽
دلچسپ ڪارٽون پڻ ڏنا آهن. سٺيون ڪهاڻيون، گيت،
نظم، عام معلومات ۽
ٻيا دلچسپ ڪالم ڏنا ويا آهن. 48 صفحن جو هي ڪتاب
ٻارن جي لاءِ بهترين وندر آهي بهترين ٽائيٽل سان
صرف ٻن روپين ۾ پريم پبليڪيشن ڪنڌڪوٽ وٽان گهرائي
سگهجي ٿو.
انمول موتي
موتي داڻا پبليڪشن کپرو طرفان پهريون ٻاراڻي ادب
جو ڪتاب ”انمول موتي“ شايع ٿي ويو آهي. هن ڪتاب جو
نگران ڄام خان هنڱورجو ۽ مرتب امام بخش بيوس مڱريو
آهي هن ڪتاب جو پيش لفظ ڄام خان هنڱورجو هيڊ ماستر
هاءِ اسڪول کپرو لکي ٻارن ۾ غير نصابي لاڙا وڌائڻ
جي همت افزائي ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ ڇهه نظم، پنج
ڪهاڻيون، هڪ مضمون، هڪ انٽرويو ۽ ٻيا دلچسپ
معلوماتي ڪالم ۽ انعامي مقابلو ڏنو ويو آهي. توقع
آهي ته ٻارن جي هي سلسلو وڌيڪ وک وڌائيندو ۽ ترقي
ڪندو. 48 صفحا، رنگين تائيٽل صرف ٽن روپين ۾ موتي
داڻا پبليڪيشن اسلاميه هاءِ اسڪول کپرو وٽان
گهرائي سگهجي ٿو.
تنهنجي تات طلب
چانڊوڪي پبليڪشن مٽياري طرفان ٻارن لاءِ پهريون
ڪتاب ”تنهنجي تات طلب“ شايع ڪيو ويو آهي. جنهن ۾
سٺا سٺا نظم، دلچسپ ڪهاڻيون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي
وندر جهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي سڀ ٻارن جي پڙهڻ
لائق آهن 44 صفحن جو هي ڪتاب رنگين ٽائيٽل سان ٻن
روپين ۾ چانڊوڪي پبليڪشن معرفت احمد علي سمون
ٽائون ڪميٽي مٽياري ضلع حيدرآباد وٽان گهرائي
سگهجي ٿو.
الطاف حسين آگرو
ٻارن جي اخبار
ڪل سنڌ ٻالڪ ميلو
آگسٽ جي مهيني ۾ سڪرنڊ ضلع نواب شاهه ۾ ڪل سنڌ
ٻالڪ ميلو منعقد ٿي رهيو آهي؛ جنهن جو سمورو
انتظار سنڌي ٻالڪ ادبي سنگت طرفان ڪيو پيو وڃي. هن
ميلي ۾ نه رڳو ٻاراڻين تنظيمن جو هڪ ٻئي سان تعارف
آهي. پر ٻارن جي دلچسپيءَ جو سمورو بندوبست ڪرڻ
جون تياريون شروع آهن هن موقعي تي هڪ ڪتابن جي
نمائش پڻ ٿيندي. سنڌ جي جن به ادارن ٻاراڻي ادب تي
ڪتاب ڇپرايا آهن. انهن کي گذارش ڪئي ويئي آهي ته
هر ڪتاب جون ٻه-ٻه ڪاپيون ڏياري موڪلين ان کان
سواءِ ٻالڪ اسٽال ته وڪري لاءِ هر ڪتاب جون ڏهه
ڪاپيون پوسٽ باڪس 62 نواب شاهه جي پتي تي رجسٽر
ڪن. ميلي جي اختتام تي کين پنجاهه سيڪڙو ڪميشن
ڪاٽي باقي پئسا مني آرڊر ڪيا ويندا. ان کان سواءِ
ٻارڙن جون پراڻيون اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڻ نمائش
۾ رکيا ويندا. جيڪي ميلي کان پوءِ يا حفاظت مالڪن
کي واپس ڪيا ويندا. توقع آهي ته هن ميلي ۾ سنڌ جا
پنجاهه هزار ٻار شرڪت ڪندا.
خيرپور ۾ گل ڦل سنگت
خيرپور ميرس محلا بچل شاهه ۾ ٻارڙن جي گڏجاڻي ٿي،
جنهن ۾ گل ڦل سنگت قائم ڪئي ويئي ۽ هيٺيان عهديدار
چونڊيا ويا. آرگنائيزر خواجه ذوالفقار علي رفيق.
صدر: سيد شاهه مردان شاهه بخاري. نائب صدر: مس
ريحانه گل سومرو. رجب علي خواجه. اطلاعات سيڪريٽري
مير اعجاز ٽالپر. مالي سيڪريٽري: امجد گل سومرو.
آخر ۾ سڀني
عهديدارن ۾ ميمبرن هڪ ٺهراءُ پاس ڪري وعدو ڪيو ته
هو گل ڦل کي وڌيڪ مقبول ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش
ڪندا رهندا.
ستار آباد ۾ گل ڦل سنگت
پرائمري اسڪول ستار آباد تعلقه ڪشمور ۽ ٻارڙن گل
ڦل سنگت قائم ڪئي آهي جنهنجا هيٺيان عهديدار
چونڊيا ويا. صدر: محمد شعبان (پنجون ڪلاس) نائت
صدر حاڪم علي (پنجون ڪلاس) جنرل سيڪريٽري: بهار
خان ڊوممڪي (چوٿون) پريس سيڪريٽري: مورڙو (پنجون).
خزانچي: نديم خان (ٽيون) ڪاروباري ڪميٽيءَ تي
هيٺان ميمبر کنيا ويا:
حاڪم علي خالطي، حاڪم علي ڊوممڪي، ذوالفقار بلوچ،
وزير علي، عبدالمجيد، جان محمد، حاڪم بلوچ، علام
حسين، رحمت الله غازي، ڪرم الله، معشوق، مير روشن
علي خالطي.
يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو ته ٻارڙن ۾ ادبي سجاڳي پيدا
ڪرڻ لاءِ هر ماهه ادبي گڏجاڻيون ڪيون وڃن ۽ ٻارڙن
۾ گل ڦل پڙهڻ لاءِ چاهه وڌايو وڃي.
ڪتابي سائيز ٽيليويزن
هڪ انگريز ڪمپني هڪ ٽيليويزن ايجاد ڪيو آهي جو
کيسي ۾ وجهي کڻي هلي سگهجي ٿو. اهو ڪتابي سائيز جو
آهي جنهن جي تور هڪ سو گرام آهي ان جي قيمت اٽڪل
ٻارهن سو روپيا هوندي. ان فرم اعلان ڪيو آهي ته
هوءَ 1982ع کان ڏهه لک سيٽ سالانه تيار ڪندي جڏهين
ته آمريڪا جي هڪ ڪمپني پهرين پهرين ساڍا ٽيهه لک
سيٽن جو آرڊر بوڪ ڪرائي ڇڏيو آهي.
گهرن لاءِ سهوليتون
اولهه جرمني جي ڪالٽيڪس تيل ڪمپني، تيل صفا ڪرڻ
کان پوءِ جيڪو فاضل پاڻي بچندو ان کي سائنسي طور
استعمال ڪري
ان مان اهڙي گرمي پيدا ڪرڻ جو تجربو ڪيو آهي جيڪا
گهرن کي موسمن آهر گرم يا ٿڌو رکي سگهي. هونءَ اهو
فاضل پاڻي ڪنهن به ڪم ڪونه ايندو هو ۽ رائگان
ويندو هو.
صحرائي ٽيليفون
هڪ ڪمپني اهڙا ٽيليفون باڪس تيار ڪيا آهن. جيڪي
گرم رڻ پٽن ۽ صحرائن ۾ به ڪاميابيءَ سان هلي سگهن
ٿا ۽ گرمي جي شدت ۽ خشڪ آب و هوا، انهيءَ جي
ڪارڪردگي تي اثر انداز نه ٿي سگهندي. ان ڪمپني جا
اهي فون باڪس مصر، ڊينمارڪ، آشربا، مغربي جرمني ۽
ارجنٽائن کان پوءِ
هاڻي ڪويت ۾
به لڳايا پيا وڃن جيئن سفر ۾ هنگامي صورت الحال ۾
انهن ٽيليفونن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي.
سَلام سَنيهَا
دادو کان علي گوهر ملڪاڻي لکي ٿو هن ڀيري گل ڦل
وڻيو. ٽائيٽل تمام سٺو هو. ڪهاڻين مان حليم حرڪتي،
رڇ جو ڪوٽ ۽ ڄڀ ڪپيل جهرڪي پسند آيون پر ڄڀ ڪپيل
جهرڪي پڙهيل پئي لڳي ڄڻ ڪنهن ٻي ڪهاڻي مان مواد
ورتو ويو هجي. سائنسي مضمون ڪمپيوٽر تمام سٺو ۽
معلوماتي هو. ننڍڙا اديب ۾ ڏکن جو تير ۽ عظيم تحفو
پسند آيا. اوهان جو امتحان بند ٿيڻ تي ڏک ٿيو پر
اچو ته ڪهاڻي لکون جو سلسلو پسند آيو. ڇا اهو ممڪن
آهي ته ٻئي سلسلا هلايا وڃن؟ اچو ته ڪهاڻي لکون تي
انعام ڏيو ته سٺو. مون اڳ به ڪهاڻيون ۽ نظم موڪليا
آهن پر نه اهي شايع ٿيا آهن نه خط جو جواب مليو
آهي.
ڀاءُ، ڄڀ ڪپيل جهرڪي، محمود مغل انگريزيءَ مان
ترجمو ڪئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهڙو ڪو ٻيو ترجمو
اوهان پڙهيو هوندو. رسالو اوهان پنهنجو آهي، ان
ڪري اوهان کي ڪيئن نه پسند ايندو؟ اوهان جو امتحان
بند ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا مطالبا ٿيا ان ڪري مجبور
بند ڪرڻو پيو ان جي جاءِ ڪهاڻين کي ڏيئي اسان
پڙهندڙن جي پراڻي گهر پوري ڪئي آهي. اوهان جون
ڪهاڻيون ۽ نظم اشاعت جي قابل هوندا ته ضرور شايع
ڪبا.
ڏيپلي کان شريف الدين ميمڻ لکي ٿو ته مون کي
پنهنجي ڪهاڻيءَ کي پهرئين نمبر تي ڪامياب ٿيندو
ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. ٻيو نمبر ڪير آيو ۽ آئون 4-5
جون تي اوهان سان ملڻ ايندس. منهنجي ٻي ڪهاڻي ڪهڙي
مهيني ۾ شايع ٿيندي. اجازت ڏيو ته ٻيون ڪهاڻيون به
موڪليان. گل ڦل سنگت جون شاخون کولايو ته تمام سٺو
ٿيندو ۽ ٻارن ۾ گل ڦل خريدڻ جو شوق وڌندو. آئون
بيت، لطيفو ۽ حساب موڪليان پيو اهي شايع ڪندا.
ادا؛ اوهان جي ڪهاڻي، اوهان جي فوٽي سان هن ئي
رسالي ۾ ڪئي اٿئون. ٻئي نمبر جو نالو ماه مئي ۾
شايع ڪيو اٿئون گل ڦلو ادبي سنگت جون شاخون پاڻهي
کلن پيون. جيڪ کولين پيا انهنجي اسان همت افزائي
ڪريون پيا. اوهان جو بيت، لطيفو ۽ حساب قابل اشاعت
ڪونهن.
(ڳوٺ جو نالو ڪونهي)
غلام حسين هليو لکي ته جنوري 1982ع کان وٺي گل ڦل
جا ٽيئي پرچا نهايت وڻندڙ هوا جنوري ۾ اسڪيموز سٺي
واقفيت ڏي ٿو روشن تارا ۾ احسان ڦرڙي کان وسيم
سومري جو ورتل انٽرويو بيحد پسند آيو. اهڙن شاگردن
جا انٽرويو هن کان پوءِ به شايع ڪندا رهندا ته سٺو
ٿيندو. فيبروري-مارچ واري رسالي ۾ ڪافي غلطيون آهن
جيڪي آئون اوهان کي ڪنهن وقت تفصيل سان لکي آگاهه
ڪندس. اپريل واري رسالي ۾ شاعريءَ جي لحاظ کان
اسين ٿيٻي جو لکيل بيحد پسند آيو ۽ عرفان مهدي پڻ
سٺو پاڻ ملهايو آه. حليم حرڪتي ڏاڍو بور ڪيو شير
زمان جو ابن لائق کان ورتل انٽرويو ۾ ٻڌايو ويو
آهي ته ابن لائق سومرو مزوري ڪري رهيو هو ته پوءَ
هن کان مزوري ڪرڻ جو سبب پڇيو وڃي ها ته بهتر ٿئي
ها ڇاڪاڻ ته ان مان خبر پوي ها ته هن مزوري ڇو پئي
ڪئي. ٽيليفون سائنسي سٺو هو. ٻارن جي اخبار بند نه
ڪندا ڇاڪاڻ ته هي ڪالم علم واقفيت لاءِ سٺو ڪالم
آهي. ننڍڙن اديبن ۾ شرارت جي سزا، سٺو لکيل هو بک
۽ بسڪوٽ نه وڻيو. ڇورو ٻار سٺو لکيل آهي. اوهان جو
امتحان سٺو ڪالم آهي ان کي ڪڏهين به بند نه ڪندا.
سلام ۽ سنيها ۾ هر ڪنهن کي سٺي تنقيد جو موقعو ملي
ٿو. نوان ڪتاب ڪالم بند ڪري ان جي جاءِ تي قلمي
دوستي جو ڪالم رکندا ته بهتر. آڏ اکري ڳجهارت سٺو
ڪالم آهي، ان کي بند نه ڪندا. اميد ته لکيل تنقيد
تي ناراض نه ٿيندا.
ڀاءُ، خط لکڻ کان پوءِ نالي جي ڀر ۾ ڳوٺ جو نالو
لکڻ ضروري آهي. اوهان جنوري کان اپريل تائين گل ڦل
جي پرچن تي جيڪا تنقيد ڪئي آهي. غلطين جي نشاندهي
لاءِ اسين منتظر آهيون. ابن لائق جي مزوري سندس
والدين جي معاشي ضرورت آهي، ڪجهه ڳالهيون اهڙيون
هونديون آهن جيڪي خودبخود سمجهڻ جهڙيون هونديون ۽
وضاحت پڇڻ سان اٽلو، اهو بيان وڌيڪ ڊگهو ٿي ويندو
اهي. ان ڊيگهه کان بچڻ لاءِ شير زمان جو اهو فعل
ڏاڍو درست آهي. اوهان جو امتحان بند ٿي ويو هاڻي
اوهان، اچو ته ڪهاڻي لکون، واري ڪالم لاءِ راءِ
موڪليو. نوان ڪتاب دراصل سٺن سنڌي ڪتابن جي واقفيت
ڪرائي ٿو. ان لاءِ ته جيئن اوهان ۾ سٺن ڪتابن خريد
ڪرڻ لاءِ چاهه وڌي اوهان جي تنقيد اسان کي پسند
آئي. اميد آهي ته آئندي به اهڙي قسم جو تعاون ڪندا
رهندا.
ميرپوربٺوري کان نورمحمد کيبر لکي ٿو ته گل ڦل
رسالي 1959ع کان وٺي جنهن طريقي سان ٻارن جي
صلاحيتن کي اجاگر ڪيو آهي، ان کي ساراهڻ کان سواءِ
رهي نٿو سگهجي. هي خوشامند نه آهي بلڪ حقيقت آهي.
حليم حرڪتي هڪ سٺو ڪالم آهي جيڪو تفريحي مواد مهيا
ڪري ٿو. شاعري ۾ عرفان مهدي پاڻ ملهايو آهي. گذارش
آهي ته آڏ اکري ڳجارت آسان ڏني وڃي.
ادا، گل ڦل کي اوهان ان ڪري پسند ٿا ڪريو جو اهو
اوهان جو پنهنجو رسالو آهي. اهو ضروري نه آهي ته
رسالي جا سڀ ڪالم سڀني ٻارن کي وڻن. ڪن کي ڪهڙا
ڪالم وڻندا ته ڪن کي ڪهڙا. آڏ اکري ڳجهارت کي آسان
ڪرڻ يا نه ڪرڻ اسان جي وس جي ڳالهه نه آهي ڇاڪاڻ
ته ان جو مرتب ٻيو آهي ته اسان جي راءِ موجب انکان
وڌيڪ آسان ڪرڻ ۾ اوهان جون ذهني صلاحيتون آزمائي
ڪونه سگهبيون.
قادرپور گهوٽڪي کان سروانند هندو لکي ٿو ته اپريل
جو گل ڦل نظر مان نڪتو ڪهاڻي ۾ نراس آشا ۽ ڪامياب
خواهش وڻيون. روشن تارا جو ڪالم تمام سٺو آهي جنهن
مان غريب ۽ محنتي ٻارن بابت معلومات ملي ٿي. مضمون
ٽيليفون سٺو هو. ننڍڙن اديبن ۾ شرارت ۽ ڪير نه
ڪنهن جو ڪهاڻيون وڻيون. اڪثر ڪري هن ڪالم اهڙيون
ڪهاڻيون اينديون آهن جيڪي لڳ ڀڳ هر پرچي ۾ ساڳئي
ئي قسم جون هونديون آهن رڳو ڪردار بدليل هوندا
آهن. اوهان جو امتحان ڪالم سٺو آهي. سوالن جوابن
جو سلسلو به جاري ڪريو. اڳ اوهان لکيو هو ته سنڌ
جي ڳوٺن بابت به معلومات ڏني ويندي. ان بابت اڃا
ڪوبه ڪالم شروع نه ڪيو ويو آهي ڇو؟
ڀاءُ، ننڍڙن اديبن جي ادبي تربيت آهستي آهستي
ٿيندي آهي. هو جڏهين پاڻ به ساڳئي موضوع تي
ڪهاڻيون پڙهندا ته پاڻهي پنهنجو رخ بدلائيندا.
اسان کي ته جيڪي سٺي ۾ سٺي ڪهاڻيون لڳن ٿيون، اهي
اسين شايع ڪريون ٿا. سنڌ جي ڳوٺ بابت معلومات لاءِ
هڪ اسرندڙ اديب وعدو ڪيو هو جو اڃا تائين پورو نه
ڪيو اٿس جيئن ئي ڪو اهڙو مواد ملڻ شروع ٿيندو ته
اوهان جي خواهش پوري ڪبي.
هڪ سو روپين جي شاندار ورڇ
صرف ٻن ٻارن جا جواب صحيح آيا
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت-35 جو نتجو ظاهر
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت -35 جو نتيجو 20-مئي 1982ع
صبح جو ڏهين وڳي حصو وٺندڙ ٻارن (جيڪي ان وقت
موجود هوا) جي روبرو، جناح غلام رباني آگرو
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورد ظاهر ڪيو:
ساڄي کان کاٻي:
1-
هيءُ 2- چري 5- با 6- نيل 8- ٻول 9- بر.
مٿان کان هيٺ:
1-
هوشو 3- رڪاب 4- شيشو 7- شور.
هيڻين ٻن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن:
1-
ياسر عرفان ميمڻ عالياڻي ولد محمد ابراهيم حاجي
صاحبڏنه ڪلاٿ مرچنٽ ڏيپلو ضلع ٿرپارڪر.
2-
رضوان سعيد ابڙو معرفت ميڊيڪل آفيسر نيو سعيدآباد
ضلع حيدرآبا.
ٻنهي ٻارن مان هر هڪ کي پنجاهه پنجاهه روپين جا
انعام ڪتاب، سندن موڪليل ائڊريس تي موڪليا پيا
وڃن.
ڪل 2283 ٻارن هن ڳجهارت ۾ حصو ورتو جن مان 77 ٻارن
جا خاڪا شرطن ۽ هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪري رد ڪيا ويا
باقي 2206 خاڪا مقابلي ۾ شريڪ ڪيا ويا.
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت -37
هڪ سو روپين جو انعام
اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 21- آگسٽ 1982ع
نتيجو ظاهر ٿيڻ جي تاريخ: 22- آگسٽ 1982ع
هيٺ ڏنل جملن ۾ جيڪي خال آهن، انهن کي اهڙيءَ طرح
ڀريو جو هيٺ ڏنل جملا سڄا ۽ با مطلب ٿي وڃن. جملن
۾ جيئن ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ نمبر ڏنا ويا
آهن، ان ريت ئي خال ڀرڻا آهن. نمبرن جي روشنيءَ ۾
جملا پڙهي، خاڪو ۽ ڪوپن ڀري، هن رسالي مان ڦاڙي
اسان ڏانهن مقرر تاريخ اندر ڏياري موڪليو. لفافي
تي گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت 37 لکڻ ضروري آهي.
جن پڙهندڙن جا جواب صحيح هوندا، انهن کي هڪ سئو
روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جيڪڏهن صحيح ۾
هڪ کان وڌيڪ هوندا ته انعام وارا ڪتاب سڀني ۾ هڪ
جيترا ورهايا ويندا. جيڪڏهن صحيح ۾ ڪوبه نه آيو ته
اهو انعام هڪ غلطيءَ وارن ۾ ورهايو ويندو، جي هڪ
غلطيءَ ۾ ڪو به نه هوندو ته اهو انعام ٻي مهني سان
گڏ ورهايو ويندو.
هن رسالي ۾ آخري صفحي تي ڏنل شرط ۽ هدايتون ضرور
پڙهو ۽ انهن تي عمل ڪري خاڪو ڀري موڪليو.
ساڄي کان کاٻي
1-
ڏک سک ۽ لاها چاڙها ته انسان جو مقدر آهن پر ڪڏهن
ته انسان کي جبل جهڙا سخت ڏينهن
به.............پئجي ويندا آهن.
4- ......... ٻوڙين پاتال ۾، پهڻ تارين تون.
(شاهه)
5- .........ٻارن جي اها فطرت هوندي آهي ته مطالعي
کان سواءِ هو رهي نه سگهندا آهن.
6- اٽلي ملڪ جي گاديءَ وارو هنڌ جنهن جو (و) گم
اهي.
8- ........مان وڏائي فائدا آهن.
10- ........ڏسڻ ۾ ته سٺائي آهن پر انهن کي حاصل
ڪرڻ لاءِ دولت خرچ ڪرڻي پوي ٿي.
مٿان کان هيٺ
2-
آمريڪي سرمائيدار.......فيلر جيڪو تيل جو بادشاهه
جي نالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور هو.
3-
....... انسان جي پهرين ضرورت آهي.
7- سرهاڻ سان........... جو گهاٽو سٻنڌ آهي.
9- اسان جي روزاني زندگي ۾ ........... جي اهميت
ڏينهون ڏينهن گهٽبي وڃي.
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت _ 37
هدايتون ۽ شرط
1.
پنهنجا جواب، هن رسالي ۾ ڇپيل ڳجهارت واري خاڪي ۾
خال ڀري کٽل اکر لکي ان سان لاڳيتو ڪوپن ڀري، ٻئي
گڏ رسالي مان ڦاڙي موڪلڻا آهن. ڪنهن به ٻئي پني يا
ليڪيل خاڪي تي جواب قبول نه ڪيا ويندا.
2.
مقرر تاريخ کان پوءِ پهتل جواب مقابلي ۾ شريڪ نه
ڪيا ويندا.
3.
ڳجهارتن جي جوابن موڪلڻ وارن لفافن ۾ ڳجهارتن جي
جوابن سان گڏ جيڪو به مواد هوندو، اهو قبول ڪيو
ويندو.
4.
9. هڪ نالي سان ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا. پر
هر خاڪي سان گڏ ڪوپن هجڻ ضروري آهي، ۽ اُهي گل ڦل
مان ڪٽيل هجن. جدا جدا نالن سان هڪ ئي لفافي ۾
ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا.
5.
لفافي جي مٿان گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت لکڻ ضروري آهي
۽ پوسٽ باڪس 12- حيدرآباد جي ائڊريس تي موڪلڻ کپي.
6.
صحيح نتيجو،کلڻ واري تاريخ جي ٻئي ڏنهن روزنامه
عبرت، سنڌ نيوز، آفتاب ۽ مهراڻ ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ
ڪوشش ڪئي ويندي.
7.
صحيح جواب، لفافي ۾ بند ڪري، سيل مهر ڪري،
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ وٽ ٽجوڙيءَ ۾ رکيو ويو
آهي، جيڪو مقرر تاريخ تي کوليو ويندو.
8.
صحيح جواب تي هڪ سو روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا
ويندا جي هڪ کان وڌيڪ ٻارن جا جواب صحيح ته هوندا
انهن سڀني ۾ هڪ جيترو انعام ورهايو ويندو جي صحِح
جواب نه هوندو ته اهو انعام هڪ غلطيءَ وارن ۾
ورهايو ويندو. جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪو به نه آيو ته اهو
انعام ايندڙ مهيني جي ڳجهارت ۾ وڌائي ڏنو ويندو.
9.
ڪاٽ ڪوٽ يا پينسل سان ڀريل خاڪا مقابلي ۾ شريڪ نه
ڪيا ويندا.
10.
هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن کي
مڃڻ لاءِ سڀ حصو وٺندڙ ٻڌل رهندا ۽ اُن کي ڪنهن به
عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو. |