سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون، جولاءِ 1982ع

باب: --

صفحو :2

الهرکيو منور سومرو                                       سائنس

چمڙي

قدرت جي ڪارخاني ۾ ٺهيل مشينن مان انسان به هڪ عجيب و غريب پيچيده مشين آهي، جنهن جو هر پرزو پنهنجي جڳهه تي وقت جي پابنديءَ سان پنهنجي فرائض سرانجام ڏيندو رهي ٿو. هن مشين جي نازڪ پرزن کي ڌڪن ڌومن، مٿيءَ در کان بچائڻ خاطر ۾ مشين جي گرمي کي برابر ۾ رکڻ لاءِ هڪ عجيب قسم جو پوش چڙهيل آهي جيڪو مضبوط ڍڪ به آهي ته ساڳي وقت ڄاري پڻ آهي. جنهن کي چمڙي چئبو آهي.

چمڙي ٻن تهن يا ٻن چادري حصن ۾ ورهايل آهي، جنهي کي ٻٽي چادر کڻي چئجي تڏهن به غلط نه ٿيندو. مٿيون تهه ننڍن چپڙن ۾ سخت دزن جو ٺهيل آهي. هي تهه ذرا ذرا ٿي لهندو رهندو آهي ۽ ان جي جاءِ تي ٻيا نوان ذرا پيدا ٿيندا رهن ٿا، ننهن به انهيءَ تهه جي واڌ آهن. ڳاٺ جي سبب چمڙيءَ جا اهي ذرڙا تمام سخت ٿي ويندا آهن. ايتري قدر جو جيڪڏهن انهيءَ هنڌ تي سئي هڻبي ته ڪجهه به نه ٿيندو. هن تهه ۾ رت واهڻ يا تنتون ڪونه ٿينديون آهن. هن چادر جي تهه ۾ ئي تمام باريڪ سوراخ ٿيندا آهن جي پگهر جي نالين جا منهن آهن جن جي وسيلي پگهر خارج ٿيندو رهندو آهي. هيءَ تهه صرف اندرئين تهه جو حفاظتي ڍڪ آهي. هن تهه کي ڪوڙي کل به چئجي ٿو. مٿئين تهه جي هيٺان جيڪو ٻيو تهه آهي ان کي سچي چمڙي چئبو آهي، ان ۾ هزارين مشڪن جو ڄار پکڙيل آهي. تنهنڪري هن جو رنگ هلڪو ڳاڙهو ٿئي ٿو پگهر جا غدود ۽ وارن جي پاڙن جون گول ڳوٿريون به ان تهه ۾ هونديون آهن جن جي ڀرسان سڻڀ جون ڳوٿريون رکيل هونديون آهن. ٻاهرين چمڙيءَ جي باريڪ سوراخن مان اندر آيل مٽيءَ ۽ ٻي گندگيءَ کي ان تهه ۾ رکيل تنتن واري ڄار ۾ قيد ڪيو ويندو آهي ته جيئن بدن ۾ اندر پهچي جسم کي نقصان نه پهچائين.

چمڙي، بدن جي حفاظت جو پهريون پهريون مورچو آهي جو پگهر جي وسيلي، بدن ۾ گڏ ٿيل غلاظتن يا ٻاهران سخت تهه جي سوراخن مان اندر آيل جيوڙن يا ٻين غلاظتن کان نجات ڏياري ٿي. چمڙيءَ جي بناوت به ٺڪر جي ٿانو مثل آهي. جڏهن بدن کي گهڻي گرمي لڳندي آهي، تڏهن رت جو دورو تيز ٿي ويندو آهي ۽ پگهر جا غدود به پگهر گهڻو خارج ڪندا آهن، تنهن ڪري گرمي بدن مان گهڻي خارج ٿيندي رهي ٿي ۽ بدن اعتدال ۾ رهي ٿو. اهڙيءَ طرح سياري ۾ پگهر وارا غدود سسي ويندا آهن، تنهنڪري ايتري گرمي خارج نه ٿيندي آهي۽ بدن گرم رهندو آهي ۽ سڻڀ وارا غدود چمڙيءَ کي سڻڀو ڪندا رهن ٿا. چمڙيءَ جي انهيءَ عمل سبب بدن جي اندروني طرح صفائي ٿيندي رهي ٿي، بدن زياده گرمي ۽ گهڻي سرديءَ کان پڻ محفوظ رهي ٿو ۽ قدرت جو مقرر ڪيل گرميءَ جو درجو 9803 هميشه قائم رهي ٿو.

جڏهن ڪنهن شيءَ کي اسين هٿ لايون ٿا يا بدن جو ڪو حصو ڪنهن شيءَ کي ڇُهي ٿو ته چمڙيءَ ۾ تنتن جي وڇايل ڄار يڪدم دماغ تائين اهو احساس پهچائي ٿي. ڇهڻ جي طاقت ڪن ڪن هنڌن تي گهڻي ٿئي ٿي ۽ ڪٿي گهٽ. اڱرين جي چوٽين، ڄڀ جي چوٽي ۽ چپن جي ڪنارن وٽ گهڻي ٿئي ٿي، ڳچيءَ جي پٺيان ۽ هٿ جي پٺيءَ تي مذڪوره هنڌن جي بنسبت گهٽ آهي. ڪن حالتن ۾ بدن تي هوا جو به احساس ٿيندو آهي. ڪپڙي وانگر چمڙي به تيل ، پاڻي وغيره پاڻ ۾ جذب ڪري ٿي. اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته تيل يا بادام روغن جي مالش ڪرڻ سان چمڙيءَ ۾ جذب ٿي ويندو آهي. روزي  جي حالت ۾ غسل ڪرڻ سان اڃ ۾ گهٽتائي ٿي ويندي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته چمڙي پنهنجن سنهن سوراخن ذريعي پاڻي کڻي وٺي ٿي ۽ خشڪي گهڻي حد تائين ختم ٿي وڃي ٿي. ان کان سواءِ چمڙي آڪسيجن گئس کائڻ ۽ ڪاربان گئس ٻاهر ڪڍڻ جو عمل پڻ ڪري ٿي. زخمي ٿيڻ جي حالت ۾ به چمڙي پنهنجي فرائض جي سرانجاميءَ کان غافل نٿي رهي. مطلب ته جتي به ڪو زخم ٿي پوندو آهي ته اها پاسن کان وڌي، زخم جي مٿان هڪ سخت قسم جو ڍڪ ٺاهي کيس مٽيءَ ۽ جيوڙن جي حملن کان بچائي ٿي. چمڙيءَ جي اهڙي ڍڪ کي ڪڙي يا ڪنڊو چئبو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن زخم ٺيڪ ٿي ويندو آهي، تڏهن اها ڪڙي لهي ويندي آهي.

تندرستي ۽ خوبصورتي، چمڙيءَ جي صفالي ۽ سندس صحيح عمل تي منحصر آهي. تنهن کانسواءِ جسماني واڌ ويجهه لاءِ به چمڙيءَ جي صفائي لازمي آهي. ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ، جهڪ ۽ لٽ ۾ گهمڻ ڦرڻ يا عام طرح ننڍا ٻار مٽيءَ سان راند ڪندا آهن ته ڪيترائي مٽيءَ جا ذرڙا ڄمي وڃن ٿا. سوراخن بند ٿي وڃڻ سبب پگهر جو نيڪال مشڪل سان ٿيندو آهي يا بدبودار پگهر ٿيندو آهي. مٽيءَ جا ذرا آلا ٿي چمڙي جي سوراخن ۾ اندر پهچي وڃن ٿا ۽ جيوڙن جو گهر بنجي وڃن ٿا. جنهنڪري آهستي آهستي خارش، ملو، ڏڍ ۽ ڇاپاڪي جهڙا مرض پيدا ٿين ٿا. چمڙيءَ جي صفائيءَ لاءِ غسل ئي هڪ بهترين طريقو آهي صبح جو روزانو وهنجڻ بهتر آهي. ڪن ماڻهن ۾ سڻڀ وارا غدود گهٽ هوندا آهن تنهن ڪري چمڙي خشڪ رهندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ روزانو نه ته هڪ نه ٻئي ڏينهن يا موسمي حالتن موجب وهنجڻ گهرجي. وهنجڻ لاءِ صابڻ تمام خشڪ استعمال نه ڪجي. ڇا لاءِ ته اهو چمڙيءَ کي خشڪ ڪري ٿو، انڪري يا ته هلڪي قسم جو صابڻ استعمال ڪجي يا بعد ۾ تيل استعمال ڪيو وڃي. غسل ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن صاف ٽوال يا ڪنهن صاف ڪپڙي سان بدن کي چڱيءَ طرح مهٽي خشڪ ڪجي ته جيئن چمڙيءَ تي ڄميل مٽيءَ جا ذرڙا ۽ ٻيون غلاظتون بدن تان لهي وڃن ۽ چمڙي پنهنجا فرائض پوريءَ طرح ادا ڪري سگهي. پگهر جي حالت ۾ يا ٿڪاوٽ جي حالت ۾ تڙ نه ڪرڻ گهرجي. ضعيف ماڻهن کي هلڪي گرم پاڻيءَ سان تڙ ڪرڻ گهرجي.

ٽڙ ڪرڻ سبب رت جو دورو تيز ٿئي ٿو ۽ چمڙيءَ ۾ ڳاڙهاڻ پيدا ٿئي ٿي، جنهن ڪري صحت ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ دماغ کي تازگي پهچي ٿي. صحتمند رهڻ لاءِ چمڙيءَ جي صفائيءَ سان گڏ پوشاڪ جي صفائي پڻ لازمي آهي ڇو ته ميري يا پگهر ۾ ڀريل پوشاڪ ۾ جيوڙا پيدا ٿين ٿا، جي صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿين ٿا. تنهن ڪري چمڙيءَ سان گڏ پوشاڪ جي صفائي پڻ لازمي لمر پڻ آهي.

 

ننڍڙا اديب

گُڏي

عائشه پيءُ کي گهر ۾ ايندي ئي سوال ڪيو بابا منهنجي گڏي وٺي آيا آهيو. پڻس جواب ڏنو پٽ تون وعدو ڪر هن سال امتحان ۾ پهريون نمبر اچ ته مان پنهنجي ڌيءَ کي تمام سٺي گڏي وٺي ڏيندس ۽ عائشه پيءُ سان وعدو ڪيو ته هن سال مان پهريون ايندس ۽ اڳ کان به وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳي.

عائشه جو پيءُ هڪ پرائمري ماستر هو عائشه کي گهڻو پيار ڪندو هو. عائشه هئي به تمام ذهين ڇوڪري، اسڪول ۾ به ڪنهن سا گهڻو نه ڳالهائيندي هئي بس پڙهڻ ۾ ڌيان لڳائيندي هئي عائشه جي گهر جي ڀرسان پنهنجي ڪچي گهر ۾ زينب رهندي هئي زينب جو پيءُ هڪ مزدور هو جيڪو ڪمائيندو هو سو پيٽ ۾ پورو عائشه زينب کي ڏسي غمگين ٿي ويندي هئي ۽ پنهنجا پراڻا ڪپڙا ان کي ڏسي ڇڏيندي هئي.

عائشه خوب محنت ڪئي هئي ۽ اڄ هن جو امتحان هو. عائشه صبح جو سوير اٿي تيار ٿي نيرن ڪري پنهنجي مٺڙي امڙ کان پيار وٺي اسڪول آئي اتي هن تمام سٺو امتحان ڏنو.

گهر اچڻ سان هن کي هڪدم زينب ياد آئي هن جلدي يونيفارم بدلايو ۽ زينب جي گهر آئي زينب جي گهر جي ڪچي اڱڻ تي زينب جي ماءُ ٻهاري ڏئي رهي هئي عائشه زينب جي ماءُ کي سلام ڪيو ۽ زينب جو پڇائينس زينت جي اکين ۾ لڙي آڻيندي چيو پٽ زينب کي چئن ڏينهن کان سخت بخار آهي ۽ پئسا ڪونهن جو علاج ڪرايون عائشه زينب جي ماءُ سان ان ڪوٺيءَ ۾ وئي جتي زينب ڇنل کٽ تي سمهي پئي هئي عائشه زينب کي هٿ لائي ڏٺو ته ڇرڪ نڪري ويس زينب بخار ۾ ٻري پئي عائشه ٿوري دير ويهي واپس گهر هلي آئي.

هڪ هفتي کان پوءِ عائشه جي رزلٽ آئوٽ ٿي ۽ عائشه پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر آئي هئي عائشه گهر اچي اها خوشخبري پنهنجي امڙ ۽ پنهنجي پيءُ کي ٻڌائي هن جو پيءُ تمام خوش ٿيو ۽ چيائينس ته هل بازار هلون توکي گڏي وٺي ڏيون عائشه خوش ٿي پيءُ جو هٿ پڪڙي ٻاهر نڪتي اڃا وک مس هليا ته هوڏانهن زينب جي پيءُ آيو ۽ چيائين ادا؛ مون کي ڪجهه پئسا کپن منهنجي زينب بيمار آهي عائشه جي پيءُ  جواب ڏنس ادا؛ مون پئسا ڪونهن زينب جو پيءُ مايوس ٿي وڃڻ لڳو. ته عائشه هٿ ۾ بند ٿيل گڏي وارا پئسا ڪڍي ڏنس. زينب جو پيءُ دعائون ڏيندو هليو ويو عائشه پيءُ کي چوڻ لڳي بابا آءُ گڏي ڪانه وٺندس گڏي کان وڌيڪ انسان جي زندگي آهي ۽ عائشه جو پيءُ پنهنجي هن عظيم ڌيءَ ڏانهن فخر مان ڏسي مرڪي ڏنو.

زاهده پروين گوپانگ.

ناڪام سفر

”بابا! مون کي موڪل ڏي مان ناني وارن ڏانهن لاڙڪاڻي وڃان.......!!“ جاويد پنهنجي پيءُ کي چيو، ”نه پٽ، اسان ڪم ڪار ۾ سوگها آهيون تون به ته ننڍڙو آهين اڪليو وڃين نه سگهندين، ازانسواءِ تنهنجي تعليم م به رخنو پوندو.“ پڻس چيو“ نه، نه بابا مون کي لاءِ سڪ لڳي آهي. مان ضرور ويندس“ جاويد چيو، پر پڻس سندس ڳالهه تي توجهه ئي ڪونه ڏنو ۽ ڪنهن جي سڏ تي ٻاهر هليو ويو. جاويد اهو ڏسي ڪجهه مايوس ٿي ويو پر پوءِ سوچيائين ته ”ڇو نه بابا جي اجازت کانسواءِ ناني وارن ڏانهن هليو وڃا“

هو اها ٽل دل ۾ رکي سڌو پنهنجي امڙ وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو.

”امان ..... او امان، بابا مون کي لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ موڪل ڏني آهي.

تنهن ڪري تون منهنجا ڪپڙا ڌوئي وٺ مان سڀاڻي ضرور لاڙڪاڻي ويندس.“

”هائو منهنجي هيئن جا هار، مان اجهو ٿي ڪپڙا ڌوئي وٺان“

سندس ماءُ چيو، اهو ٻڌي جاويد خوشيءَ منجهان ٽپندو ڪڏندو گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ پاڙي وارن ٻارڙن سان راند کيڏڻ لڳو. جيئن ئي شام ٿي ته جاويد گهر آيو ۽ سڌو گهر جي اندرين ورانڊي ۾ هليو ويو. سندس امڙ ب اتي هئي.

”امان.....، مان اچي ويس، هاڻ مون کي ڪپڙا پهراءِ“ جاويد مرڪندي چيو.

ان تي سندس ماءُ يڪدم هڪڙو وڳو کڻي آئي ”هان پُٽ هي وڳو پاءِ“ سندس ماءُ چيو، ”حاضر امان“ وراڻيو، يڪدم ڪپڙا پهريائين. ۽ ماني کائي سمهي پيو، ننڊ وري ڪاٿي اچيس، سڄي رات پيو پاسا ورائي، جيئن ئي فجر ٿي جاويد بستري کان اٿيو ۽ لڪندو ڇپندو گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ بس اسٽاپ ڏانهن راهي ٿيو، اتي پهتو ئي مس ته بس تيار هئي. بس جي اندر جاءِ نه هئڻ سبب، يڪدم بس جي مٿان چڙهي ويٺو ۽ بس رواني ٿي، جاويد دل ئي دل ۾ خوشي ٿي رهيو هو ته ”هو ڪيئن نه پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو“.....!! اوچتو بس ۾ رڙيون شروع ٿي ويون خوف کان ڊرائيور ۽ ٻيا ماڻهو بس کان هيٺ ٽپو ڏيڻ لڳا....! دراصل ٿيو ائين جو بس جي بريڪ فيل ٿي پئي بس هلندي هلندي هڪ اونهي کڏ ۾ اونڌي ٿي ڪري پئي ۽ مسافرن جي حالت....! ڪنهن جي ٻانهن ختم. انهن زخمي مسافرن ۾ جاويد به شامل هو. جيئن ته هو بس جي مٿان ويٺو هو، تنهن ڪري هن بس کي خطري جي حالت ۾ ڏسي ڪري ٽپو ڏنو هو.

جنهن سبب سندس هڪ ڄنگهه ڀڄي پئي ۽ ڪهه نرڙ ۾ به ڌڪ لڳس ۽ زخمن جي شدت کان روئڻ لڳو. کيس ٻين زخمين سان گڏ سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. هاڻ جاويد پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو شرمسار هو. جڏهن پڻس کي خبر پئي ته هو به اسپتال ۾ آيو. جاويد پنهنجي پيءُ کي ڏسي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. ۽ سندس ضمير پڻس کان نافرماني ڪرڻ جا معافي گهرڻ تي کيس مجبور ڪيو. سو هن پنهنجي پيءُ کان معافي ورتي ۽ عهد ڪيائين ته ”هو هاڻي بنا اجازت جي ڪيڏنهن به نه ويندو ۽ هردم وڏن جو چيو مڃيندو.“ سندس پيءُ کيس معاف ڪري ڇڏيو.

ٻارو... اوهان ڏٺو ته جاويد کي ڪيئن نافرماني جي سزا ملي. اسان کي گهرجي ته اسان وڏن، بزرگن جي حڪم کان خلاف ڪوبه ڪم سرانجام نه ڏيون ۽ سندن نصيحت تي عمل ڪيون.

سڪندر علي بروهي ڳوٺ حاجي نورمحمد مغيري

ڪنهن سان سليان سور

آچر جو ڏينهن هو مان گهر کان نڪري آفيس ڏي وڃڻ لاءِ هڪ بس ۾ چڙهيس اها بس نواب شاهه کان حيدرآباد وڃي رهي هئي ۽ منهنجي نوڪري به حيدرآباد جي ڪنهن علائقي ۾ هئي بهرحال مان بس ۾ چڙهيس سيٽ تي ويٺو هوس ته هڪ ننڍو ڇوڪرو عمر اٽڪل 13 سال جنهن کي هڪ ننڍي سلوار بنا ڪالر جي قميص، چهرو ڪومايل هوس، اچي منهنجي ڀرسان ويٺو هن جي هٿ ۾ چورس ڪاٺ جو کوکو هو هو ان ۾ صرف ٽي، چار اخبار جا پنا (ڪاغذ) پيل هن جو ڪومايل ڪومايل چهرو، نڪ ڊگهو چپ گلابي ڳٽا نڪتل اکين ۾ سرمون پيل پنهنجي خيال ۾ گم هو مون دل ۾ سوچيو ڇو نه هن سان تعارف ڪجي. سو پڇيومانس: اوهان جو نالو ڇا آهي، هن نهاريو مگر ڪڇيو ڪجهه به ڪونه وري مون پڇيو مانس ادا اوهان جو نالو ڇا آهي ته ٻُڏل آواز ۾ چيائين ”نظر“ مون سمجهيو ڪونه ۽ چيومانس ته ”ناظم“ تڏهن هن چيو ته نظر. هن مون سان ڳالهايو. پي مگر ڏڪي رهيو هو هن جو بدن ڌڙڪي رهيو هو هن جو چهرو ڪجهه اداس هو. تنهن تي مون چيومانس ته ادا گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي مان به اوهان جهڙو انسان آهيان تنهن تي ڪجهه مرڪيو.

وري ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو ائين ويٺو هو ڄڻ هن جي دماغ ۾ ڪجهه سوچون هجن منهنجي دل هوريا هوريان هن کان ڪجهه پڇڻ چاهيو آخر گاڏي هلندي هلندي اچي حيدرآباد بس اسٽاپ تي پهتي اسين ٻئي لٿاسين مون هن کي چانهه ۽ ٿڌي پيئڻ لاءِ چيو هن پهريائين گهٻرايو مگر پوءِ زور ڀرڻ تي راضي ٿيو ڀر واري هوٽل ۾ ويٺاسين مون هن کان پڇيو ته ادا ”نظر“ چانهه گهرايون يا ٿڌو؟ چانهه نطر وراڻيون مون هن جي چهري مان سمجهيو هاڻي هن کي ڊپ لٿو آهي. هاڻي هن کي پڇيو ته اوهان ڪهڙي ڪم سان هتي آيا آهيو. هن آهستي جواب ڏنو ته آئون روز هتي ايندو آهيان شهر مان سنبوسا وٺي ڳوٺ ۾ وڪڻندو آهيان مو پڇايو مانس ته تعليم ڪيتري اٿو ته هن هڪ وڏو ساه کڻي چيو ته منهنجو داستان وڏو اهي ٻڌائيندس ته ٽائيم ختم ٿي ويندو مون زور ڀريومانس ته مڙئي مختصر ٻڌاءِ جنهن تي پاڻ چيائين ته... ادا آئون پنجون درجو پڙهندو هوس ته منهنجي پيءُ کي ڪنهن کاتي ۾ نوڪري ملي اسان جو گذر سفر تمام سٺو ٿيندو هو جڏهن آئون درجي ستين ۾ پهتس ته منهنجي پيءُ کي دل جي بيماري ٿي پئي پوءِ ڪيترائي علاج ڪراياسون مگر ڪوبه فائدو نه پهتو اسان غريبن وٽ ايتري دولت ڪٿان اچي جو شهر ۾ اچي ڪنهن وڏي ڊاڪٽر جو علاج ڪرايون مگر پوءِ به هڪ ڊاڪٽر وٽ وياسين جنهن اسان کي چيو ته پوڙهي کي اسپتال داخل ڪرايو آخر اسان مجبور ٿي ادا ننڍڙي نعيم جي کير پيئڻ واري ٻڪري وڪڻي بابا کي اسپتال داخل ڪرايوسون ۽ پوءِ اسان وٽ ايترو پسئو نه هو هو گهر جو خرچ ڪري سگهون مگر زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڏک ته ڪڏهن سک، ڪڏهن ڏولا ته ڪڏهن جهولا ايندا رهندا آهن. هاڻي بابا به اسپتال ويو ۽ ماءُ پوڙهي جا صرف گهر جي ڪم ڪار کان واندي ڪانه هئي. نيٺ آئون مجبور ٿي ڪري پڙهڻ ڇڏيم ۽ سنبوسا وڪڻي ادا نعيم ۽ امان جو گذر سفر ڪندو آهيان، تڏهن مون پڇيو مانس ته بابا جو ڇا ٿيو. پاڻ بابا چئي خاموش ٿي ويو، ڄڻ هڪ ٽڙيل گلاب جو گل ڪرمائجي ويو، سندس چهرو زردو ٿي ويو، نار وانگر نيڻ وهڻ لڳا، ننڍڙو نظر اڳتي ڪڇي ڪين سگهيو، ڄڻ ڪنهن هن جو ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com