نظر کان مون پڇيو ته پوءِ ڇا ٿيو پاڻ سڏڪا ڀريندي
جهيڻي آواز ۾ چيائين بابا، مه.... مري.. و. ويو
ايتري ۾ منهنجي نظر سامهون ڀت ۾ ٽنگيل گهڙيال تي
پئي جنهن ۾ ست لڳي ويهه منٽ ٿيا هوا اتي اسان ٻنهي
هڪ ٻئي کان موڪلايو ۽ آئون آفيس ۾ آيس ۽ هو پنهنجي
منزل مقصود ڏانهن روانو ٿي ويو.
نذير احمد ميمڻ مٽياري
علم جو قدر
هڪ وڏيرو ڏاڍو ڪنجوس هو. هڪ ڀيري ڪنهن استاد جي
خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ کيس درخواست ڪيائين ته سندس
ڇوڪري کي تعليم و تربيت ۾ نگهداشت ۾ وٺي.
استاد چيو: ”معاوضو ڇا ڏيندين؟“ ڪنجوس وڏيري انهن
ٻارن ڏانهن ڏٺو جيڪي شاگرد هئا جن مان ڪو پڙهي
رهيو هو، ته ڪو لکڻ جي مشق ڪري رهيو هو. انهن
ڏانهن اشارو ڪندي وڏيري چيو: ”جيڪي توهان انهن کان
وٺندا آهيو. اوترو آءٌ به ڏيندس.“
استاد چيو: مان هنن کان ڪجهه به نه وٺندو آهيان،
ڇو ته هنن جا ماءُ پيءُ غريب آهن ۽ ڪجهه به ڏيئي
نٿا سگهن.
ڪنجوس وڏيري چيو ته پوءِ توهان مون کان ڇا وٺندا؟“
استاد چيو: ”هڪ هزار روپيا وٺندس“ هي ٻڌي وڏيري
غصي ۾ ڀرجي ويو ۽ چيائين ”ايتري ۾ ته آءُ هڪڙو
نوڪر وٺي سگهان ٿو.“
”ضرور خريد ڪر، جيئن تون ٻن ملازمن جو مالڪ بنجي
ويندين.“ استاد چيو. وڏيري حيرت وچان پڇيو: ٻن
غلامن مان توهان جي ڇا مراد آهي؟ استاد وراڻيو:
”هڪڙو نئون غلام جيڪو توهان وٺندا ۽ ٻيو هي توهان
جو صاحبزادو، ڇو ته اڻپڙهيل ماڻهو جهالت جو غلام
آهي.“
وڏيري چيو: ”چڱو مان اها رقم ڏيڻ لاءِ تيار آهيان،
پر مون ٻڌو آهي ته توهان کي دنيا جي لالچ ڪانه آهي
۽ پوءِ ڇو مون سان هيءَ سوديبازي ڪئي؟“
استاد چيو ته پنهنجي لاءِ نه پر انهيءَ لاءِ ته
توکي علم جو قدر ٿئي ۽ اهل علم کي تون حقارت سان
نه ڏسين ۽ هي جيڪا رقم تون ڏيندين اها ٻين غريبن
شاگردن جي ڪم ايندي!
حقيقتاً اهڙن ئي خوددار استادن علم کي اهڙي منزل
تي پهچايو آهي جو جڏهن سڪندر اعظم يونان جو حڪمران
بنيو ته وڏا وڏا ملڪ فتح ڪيائين ۽ فتح جي جشن ۾
جڏهن سندس استاد آيو ته ان جي ايتري عزت ڪيائين جو
ان جي استقبال لاءِ پيرن پيادو نڪري آيو، استاد جي
سواريءَ سان هلندو رهيو ۽ ان کي وڏي عزت سان هيٺ
لاٿائين ۽ کيس پنهنجي تخت تي جڳهه ڏنائين. ڪنهن
ماڻهوءِ سڪندر کان پڇيو ته ”توهان ته استاد کي
ايتري تعظيم ڏني آهي جو ڪڏهن پنهنجي والد کي به
ايتري عزت نه ڏني اٿو!“
سڪندر اعظم چيو: ”منهنجو والد منهنجي ناني زندگيءَ
جو سبب آهي ۽ منهنجو استاد منهنجي انهيءَ زندگي جو
سبب آهي جيڪا باقي رهندي ۽ فنا نه ٿيندي.“
علم ۽ معلم جي قدر جو اهڙو مثال اسلامي عهد ۾ملي
ٿو. امام ابو حنيفه رحمت الله عليه جن جي صاحبزادي
جڏهن پڙهڻ شروع ڪيو، جڏهن استاد کيس الحمد شريف
ختم ڪرايو ته امام صاحب جن ان کي هڪ هزار درهم
نذرانو پيش ڪيو. استاد امام صاحب کي عرض ڪيو ”مون
ڪهڙو وڏو ڪم ڪيو آهي جو توهان ايڏي وڌي رقم مون کي
ڏيو ٿا. امام صاحب جن فرمايو، توهان جيڪو منهنجي
ٻچي کي سيکاريو ان کي خسيس نه سمجهو. خدا جو قسم
جيڪڏهن مون وٽ وڌيڪ رقم هجي ها ته اها به بنا پس و
پيش جي توهان کي ڏيئي ڇڏيان ها ڇو ته مان جيڪا
دولت توهان کي ڏيئي رهيو آهيان اها ختم ٿي ويندي ۾
جيڪا دولت توهان منهنجي پٽ کي ڏيئي رهيا آهيو. اها
نه صرف باقي رهندي پر وڌندي پڻ رهندي.
غلام سرور خاصخيلي دولتپور، صفن
اوهان جو امتحان
امتحان نمبر-75
لنڊن کان ٻه هوائي جهاز جپان وڃڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ جي
وقفي سان اڏاڻا. جن کي ڪراچي جي هوائي اڏي تي 10
منٽ ترسڻو هو. هڪ جهاز جو نالو فلائيٽ 212 ۽ ٻي جو
فلائيٽ 213 هو. صبح جو 8 وڳي فلائيٽ نمبر 212
جڏهين ڪراچيءَ جي هوائي اڏي تي پهتي ته ان جي
پائلٽ کان هوائي اڏي جي آفيسر پڇيو ته تنهنجي
پٺيان واري فلائيٽ 213 جو پائلٽ ڪير آهي. هن جواب
ڏنو: ”منهنجو ڀاءُ.“ ائين چئي اهو پائلٽ پنهنجي
منزل ڏانهن روانو ٿي ويو. جڏهن ساڍي اٺين وڳي
فلائيٽ نمبر 213 پهتي ان ساڳئي آفيسر ان پائلٽ کان
پڇيو ته فلائيٽ 212 جيڪا توکان اڌ ڪلاڪ اڳ جپان
ويئي آهي ان جو پائلٽ تنهنجو ڀاءُ هو؟ ته هن جواب
ڏنو ”نه“ ائين چئي اهو پائلٽ به پنهنجي منزل ڏانهن
روانو ٿي ويو. در حقيقت ٻنهي جهازن جا پائلٽ هڪ ئي
ماءُ پيءُ جو اولاد آهن. ٻڌايو ته هنن جي وچ ۾
ڪهڙو رشتو هو؟
جواب: ڀاءُ ڀيڻ.
مٿيون حساب اسان ڏانهن سلطان آباد تعلقه ٽنڊو
الهيار کان خواجه غلام حيدر ڏياي موڪليو هو.
جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن انهن جا نالا هن هيٺ
ڏجن ٿا ضلعي جيڪب آباد: ”خدا بخش نوناري“: ممتاز
علي نوناري. ”علي حسن خان“: گل حسن مير باجڪاڻي.
”اڪبر ڊوممڪي:“ بهادر خان ڊوممڪي. ”بهاول خان“:
حاڪم علي دوممڪي. ”نظير حيدري“: ناز ڊوممڪي“:
”ٽاوري“: خادم حسين ٽاوري. ”ملان گولو“: معشوق علي
گولو. ”رسول آباد“: نثار احمد نياز سومرو. ”ڪنڌ
ڪوٽ“: حاڪم علي ڀٽو، فتح محمد گولو، نياز احمد
مغل. ”بخشاپور“: محمد شعبان ٽاوري، حاڪم علي
ٽاوري، مير روشن علي خالطي، محمد اختر سومرو،
عبدالرحمان سومرو، سونو جي سونارو، گهنشام داس
سونارو، ”ڪشمور“: ظهيرالدين مهيسر، پرنس محمد مسلم
زيب، ظفر الدين مهيسر، الهه بچايو ڪلهوڙو، الهه
بخش، پرنس محمد مسلم زيب، ظفرالدين مهيسر، الهه
بچايو ڪلهوڙو، الهه بخش، پرنس محمد شعيب. ضلع
شڪارپور: ”جنو“: بشير احمد ڀٽو. ”ڳڙهي ياسين“:
بوبي پون ڪمار سٺيجا، پروانه الهه بخش سومرو.
”محمد خان ٻرڙو“: غلام رسول ٻرڙو. ”شڪارپور“: سڌام
چند، ظهور احمد هڪڙو، مشتاق احمد چوهاڻ، منظور علي
چوهاڻ، محمد هاشم چوهاڻ، نبي بخش چوهاڻ، علي محمد
ميمڻ، گل افشان سيد، عرفان عطا سومرو، وسيم علي
ڀٽو، غلام علي گل ميمڻ، جاويد احمد ڀٽو، محمد
عبدالباسط، وحيد احمد دائود پوٽو. ضلع سکر:
”پنوعاقل“: رفيق احمد شيخ، نريش ڪمار، پروانو سڌام
چند، رخساه پروين قاضي، عبدالمتين شيخ، ڀڳت سگهن
ڀاڳيا، نور محمد، بدرالدين قاضي، پون ڪمار ڀاڳيا،
شنڀو لعل ڀاڳيا. ”گهوٽڪي“: سجاد احمد ميمڻ، خرم
انصاري، گرمگداس، شنڪر لعل، عبدالجبار پٺاڻ، اختر
حسين سومرو، ڀڄنداس. ”حيات پتافي“: ڪرم پال آڏو
مل، مير غلام رسول نوحاڻي بلوچ، راج ڪمار ڪڪڙيجا،
جئه ڪمار ماکيجا. ”سکر“: پريم چند اوڏ، مير محمد
عباسي، رخسانه ناز سومرو، قادر بخش بجاراڻي، سيد
حيدر عباس شاهه موسوي، عبدالحفيظ ڀٽي، منير احمد
سومرو، اعجاز احمد سومرو، آفتاب گل ميمڻ،
عبدالحليم مهر، عبدالخالق سومرو، نياز احمد ميمڻ،
عبدالحفيظ مڱريو. ”خان ڳڙهه شريف“: ارشاد احمد
انصاري. ”شير خان خاڪي“: ڌڻي بخش خاڪي. ”نئون
ڪوٽ“: خالد رشيد چنه، محمد رمضان گولو. ”حسين
ڀيو“: عبدالحڪيم مهر، لياقت موچي، نانڪرام، محمد
قاسم، علي بخش اوڳاهي، علي اصغر اوڳاهي، يارمحمد
مهر، محبوب علي اوڳاهي، محمد عالم، شبير احمد مهر،
عبدالعزيز اوڳاهي غلام مصطفيٰ اوڳاهي. ”اسلام خان
ٽڳڙ“: محمد شعبان ٽڳڙ، گل حسن ٽڳڙ، راهب علي ٽڳڙ،
محمد صديق ٽڳڙ، احمد خان ٽڳڙ، احسان علي ٽڳڙ. ”پير
عطاءَ الله“: نثار احمد نوناري. ”قادر پور“:
سروانند هندو، سريش ڪمار هندو. ”خانپور مهر“: علي
اصغر پتافي. ضلع خيرپور ميرس: ”ملهيراڻي سولنگي“:
مريد حسين سولنگي، رياض حسين سولنگي. ”دائود“:
سڪندر اعظم سومرو. ”راڻي پور“: نويد حسين ميمڻ،
عاجز گل حسن خواجه. ”ميهر ويسر“: محمد اسلم سومرو.
”واسريو واهڻ“: مختيار احمد ڦلپوٽو. ”جمن سولنگي“:
محمد بخش سولنگي. ”الهوڌايو بڙدي“: عابد علي عباس
بڙدي ”ڀنگو بهڻ“: قطب الدين کنڊ. ”هنڱورجا شريف“:
امداد علي نظاماڻي. ”گمبٽ“: غلام مصطفيٰ شيخ.
”مولڙو“: جاويد سوهو. ”الهه ڏنو ڄامڙو“: علي بخش
ڄامڙو. ”اڪري شريف“: پرديسي محمد عالم شر بلوچ.
”علي بحر“: مدد علي سولنگي، اعجاز علي سولنگي،
ممتاز علي سولنگي بهارالدين سولنگي چنڊ خان
سولنگي، ساجن علي سولنگي، ارباب علي سولنگي، بشير
احمد سولنگي، ميان عاشق حسين اڄڻ، نادر علي
سولنگي. ”خان محمد ڳاهو“: مير هزار ڳاهو. ”خيرپور
ميرس“: طفيل رضا بلوچ، ريحانه گل سومرو، گلسن اختر
چنه نظير خواجه، خواجه ذوالفقار علي، علي احمد
جويو. ”اڳڙا“: مجيب الرحمان ٽالپر ضلع لاڙڪاڻه:
”رتو ديرو“: عبدالجبار قريشي، نريمان فريال
گهانگهرو؛ فيروز جوڻيجو، شفقت حسين گهانگهرو، حاجي
مدد علي زنگيجو، سيد طاهر نقوي، نويد احمد سومرو.
”قمبر“: شبير احم جويو، شفيع محمد شيخ، علي اڪبر
جويو، حاجي رمضان گوپانگ، منظور علي شيخ. ”باڊهه“:
زيب علي ساريو. مختيار احمد جوڻيجو، سريش ڪمار
ڏوڏائي؛ پرڪاش باشائي؛ ”نئون ديرو“: اياز سندي،
عبدالستار ميمڻ، محمد اسحاق کهڙو، غلام محمد سڀڙو.
”غلام قادر خشڪ“: الطاف حسين خشڪ ”ڏوڪري“: پرديپ
ڪمار پرچاڻي، شڪيل احمد قاضي، خليل احمد قاضي.
”ڦل“: احمد حسين ڦل. ”ٻنڊي“: سروب ڪمار
گيانچنداڻي. ”پٺاڻ“: الطاف علي سيال، اسد الله
شيخ. ”ڇڄڙا شريف“: منير احمد ڇڄڙو. ”حمزو ڀٽي“:
سعيد احمد ڀٽي. ”واسو ڪلهوڙو“: نظر علي ڪلهوڙو.
”شهداد ڪوٽ“: منظور احمد شيخ، عبدالروف شيخ، ڀڄن
لعل. ”شريف ڀٽو“: محمد حسن سومرو. ”ميهڙ“: غلام
مصطفيٰ ڀٽي. ”پير ڳوٺ“: الهڏنو سومرو. ”خير محمد
آريجا“: محمد علي آريجو. ”ڦلپوٽا-2“: عبدالحليم
چنو. ”پنجو ديرو“: خليل الرحمان قادري، اشفاق احمد
ڀٽو، محمد يونس ڀٽو. ”حاجي ولهاري“: محمد ايوب
بلوچ. ”ميرو خان“: نياز حسين تونيه. ”غلام علي
مگسي“: مراد علي مگسي. ”لاڙڪاڻو“: ظهور الدين
شيخ“: لالانثار احمد سومرو، قلب علي لاڙڪ، حليم
شيخ، سهيل مصطفيٰ شيخ، محمد سليم شيخ، قمرالنساءَ
سومرو، دوست محمد لغاري، ساغر احمد بخش شيخ، سردار
احمد چنه، بخت علي خشڪ، غلام حسين سنڌي، علي سرور
شاهه، مقبول الحق سومرو، نائله سنديلو، محمد اخلاق
شيخ. ضلع دادو: ”ميهڙ“: اڪرم علي شيخ. ”ڪڪڙ“: اي
آر ساريو. ”مانجهند“: غلام مصطفيٰ ميمڻ. ”جوهي“:
ڪيچي ٻٻر، لياقت علي لاشاري ”ٿاڻو بولاخان“:
روپچند. ”ٿاڻو احمد خان“: رامون مل سامنداس.
”بوبڪ“: جاويد اختر، مسعود حسين قريشي، محمد عظيم
ڪنڀر، شهزاد اشفاق قريشي. ”ڪوٽڙي“: مير حسن
خاصخيلي، نديم احمد جوڻيجو، عبدالحليم جوکيو،
”ڪولاچي“: رضا محمد ڪولاچي، لياقت علي لاشاري.
”سيوهڻ“: منظور احمد اوٺو، شمس الدين سومرو، نثار
احمد اوٺو، ”ڄامشورو“: ستيه پال، رفيق قريشي.
”خيرپور ناٿن شاهه“: عبدالله شيخ، قاضي اعجاز علي،
بشير احمد چنه، پير بخش لاکير. ”راڌڻ“: محمد خان
گلال، خادم حسن سولنگي، محمد احسان سمون، آفتاب
حسين سولنگي، فداحسين لغاري، رتن ڪمار سچڏيوائي،
محمد علي پٺاڻ. امتياز علي لغاري، دليپ ڪمار سروڻ
ڪمار، جئپال راءِ؛ ضمير احمد ڀٽي؛ گوپي ڪرشن.
”محمد خان وگهيو“: غلام رضا وگهيو. ”خانپور“: محمد
خان بروهي. ”شاهه پنجو“: ”سلطان“: مظهر علي کوکر.
”گهارو“: انيس الرحمان لاکير. ”نئون ڳوٺ“: غلام
سرور سيال. ”خداآباد“: غلام سرور قريشي. ”نيرهه“:
محمد آصف جان پيرزادو. ”دادو“: ممتاز احمد قريشي؛
نسيم ڪوثر قريشي، شبير احمد شيخ، شڪيل احمد پنهور،
طفيل احمد شيخ، ساجده سنڌي، غلام رسول ميمڻ، محمد
اسماعيل شيخ. ضلع نواب شاهه: ”سڪرنڊ“: عبدالحي
ميمڻ، حق نواز کوسو، رسول بخش لاکو، محمد سليم
سومرو، عبدالرحمان لاکو، غلام صفدر لاکو، غلام
سرور لاکو، غلام علي عاجز جمالي، چندر مل اوڏ،
محمد مصطفيٰ مگسي. ”لاکا روڊ“: محمد فياض يتيم،
رفيق احمد زرگر، شمس الدين چنڙ؛ ثناءَ الله زرگر:
غلام محمد زرگر، غلام علي ڏاهري؛ ”ڏيپارجا“؛ بيوس
بشير احمد مگسي. ”سٺ ميل:“ محمد سليمان ڇٽو.
”محرابپور“: نصرالله ميمڻ. ”ڪلهوڙا اسٽيشن“: گلزار
حسين عباسي. ”دولت پورصفحن“: غلام سرور خاصخيلي؛
غلام نبي جوڻيجو- ”کڙ شريف“: فداحسين خاصخيلي ”هوت
خان جلباڻي“: نورمحمد ”عشق پڪو“ مظهر حسين زرداري.
”ڪنڊيارو“: قيصر مل، عبدالطيف مڱريو. ”مهر علي
جمالي“: عبدالمالڪ جمالي“: ”حسين آباد“: ذوالفقار
علي باگاڻي. ”سکيو مناهيجو“: خادم حسين جلباڻي،
نورالدين جهنڊير، ”دڙي شريف“: غلام حسين هليو.
”سهراب خان“: دريا خان سومراهه. پنجون واٽر“: غلام
مرتضيٰ ڪورائي. ”خياروي شريف“: پير حمادالدن.
نوشهرو فيروز“: اقرار رضوي، ببلي. ”صاحب خان
بهراڻي“: در محمد بيوس بهراڻي. ”ڏهه ڀورا“: صابر
علي پرهيار. ”محبت ديرو جتوئي“: نرگس طاهرا ناز
عباسي ”مٺياڻي“: محبوب علي پنهور. ”دٻي“: محرم
فاصل ڪيريو. ”نواب شاهه“: فياض حسين ميمڻ، آغا
خليل احمد، ڪنيا لال تنوائي ضلع سانگهڙ: ”ٽندو
آدم“: انور علي ڪلوئي، ٽيڪم داس، خدا بخش ڪلوئي،
عبدالقيوم ڪنڍائي بلوچ، رميش ڪمار لهاڻه، شازيه
پروين ميمڻ، حاجاڻي سون ميمڻ؛ خالده پروين ڏيرو،
زرينه خاتون پٺاڻ، ممتاز سلطانه پٺاڻ عبدالحق
پٺاڻ، مسعود احمد چنه ”کپرو“: ميمڻ غلام مصطفيٰ.
محمد درس آزاد مري. پرشوتم ڪمار ڀوترائي.
ناگناهه“: خير محمد هنڱورو. ”باقر خان نظاماڻي“:
عبدالڪريم جمالي بلوچ، وزير حسين سهتو. ٽنڊو مٺا
خان“: رام رکو اوڏ. ”عبدالغفور ساند“: مهراب ساند.
”مٺن خان وساڻ“: محمد عارب وساڻ. ”صاحب خان
نظاماڻي“: سيد غلام حيدر شاهه. ”امان الله ڏاهري“:
شفيع محمد ڏاهري، معراج الدين، مريم ڏاهري، غلام
قادر سومرو، الطاف حسين ڏاهري. ”شاهپورچاڪر“: امان
الله سنجراڻي. ”نئون آباد“: محمد هاشم مهر؛ احمد
علي مهر، محمد بخش مهر. ”ڦلهڏيون“: مير محمد ڳاهو.
”ڀٽ ڀائٽي“: رياض احمد رند. ”بچل سنگراسي“: نياز
علي نائچ. ”سليمان ڏاهري“: عبدالرزاق ڏاهري. ”مڪنو
مل“: چوکو مل. ”وڏهل“: محمد عرس. ”شهدادپور“: محمد
صالح قريشي. ”کاڻي راڄڙ“: امام بخش مڱريو. ”سومر
خاصخيلي“: نثار احمد خاصخيلي. ”سانگهڙ“: ظفر ناظر
حسين نظاماڻي ۽ گلزار احمد قاضي. ضلع ٿرپارڪر:
”ڏيپلو“ شفيق الرحمان عالياڻي، رفيق احمد روز کٽي،
عبدالله بشير کٽي، فرح زيب ميمڻ، غلام محمد ميمڻ،
جئه پرڪاش مورائي، محمد خان مهراڻي، سريش ڪمار
مورائي، ياسر عرفان عالياڻي، ڪلديپ ميرا رام، محمد
هارون پاڙهو. ”چيلهار“: ڀواني شنڪر راٺي، پريم
ڪمار راٺوڙ. ”انب موري“: سريش ڪمار هراڻي. ”مٺي“؛
رميش ڪمار لاکائي. ”پنات تڙ“: وفا محمد اسماعيل
راهمون، آزاد محمد رمضان راهمون. ”پاڏور“: قبول
خان بجير. ”حاجي شاهه محمد شر“: عبدالواحد شر.
”علي محمد خاصخيلي“: عبدالرزاق خاصخيلي. ”ويرهاڙ“:
گيان چند ٺاڪر مل. ”نئون ڪوٽ“: شڪيل احمد ميمڻ.
”ميرپورخاص“: عبدالواحد کٽياڻ، غلام نبي مرڙائي،
عبدالرزاق اوڍو سنڌي، رسول بخش بلوچ سنڌي. ضلع
بدين: ”حاجي اميربخش“: غلام رسول ڀرڳڙي. ”راڄو
خاناڻي“ هريش ڪمار واسومل پياسي ڀڳوانداس راجا،
ٿرمل پياسي لهاڻو. ”لواري شريف“: خميسو انڙ. ”ٽندو
غلام علي“: مانسنگ مينگهواڙ. ”الهداد ڀرڳڙي“
ڀرڳڙي“: الهڏتو ڀرڳڙي. ”ماڻڪ لغاري“: آفتاب احمد
سريوال، مختيار احمد سريوال، مقبول الدين سريوال.
”ٽنڊو باگو“: دليپ ڪمار ڦلواڻي، ويرومل مستانه.
”محمد خان زئونر“: منظور زئونر. ”نندو شهر“:
عبدالڪريم ميمڻ، ظهير احمد عباسي. ”بدين“: الهڏنه
شيخ. ”ضلع حيدرآباد“ ”خواجه ڳوٺ“: ذوالفقار علي
خواجه. ”نصرپور“: غلام عباس شاهه بخاري، محمد
اسلم، تيڻو ڪمار، محمد اشرف سمون، عبدالجيل ابڙو.
”ٽندو محمد خان“: زاهدهه پروين ملاح، محمد اسلم
سمون، آصف علي دايو، رقيه حبيب بخاري، ياسين ملاح،
”نم ليار“: ااسد الله نظاماڻي. ”ٽنڊو حيدر“: ارشاد
احمد خاصخيلي، پريم چند ڪوهستاني. ”راڄو نظاماڻي“:
نظير احمد نظاماڻي، محمد اسماعيل درس. ”ٽنڊو
سومرو“: غلام الله نظاماڻي. جميل احمد نظاماڻي،
”ٽنڊوالهيار“: منظور حسين سمون، سهيل احمد. ”ڌڱاڻو
بوزدا“: الهڏنو لغاري. ”حاجي جعفر هڪڙو“: مخمور.
عبدلجليل هڪڙو. ”غلام علي جمالي“: عبدالحڪيم
جمالي. ”کيسانو موري“: نثار احمد جمالي. ”نيو سعيد
آباد“: واسو مل آزاد، محمد اسلم انصاري. ”چمبڙ“؛
زين العابدين. ”جکريجا“: محمد جمن جکريجا. ”باقر
خان“: محمد يوسف نظاماڻي. ”اڏيرو لعل اسٽيشن“:
آسومل. ”خير محمد جروار“: عبدالجليل جرور. ”صديق
ساند“: محمد هاشم ساند. ”مٽياري“: پير غلام
سبحاني. ”ٽنڊوقيصر“: زاهده پروين نظاماڻي، فهميه
ناز نظاماڻي، ”حيدرآباد“: طاهر اڪبر ڀٽي، جاويد
احمد سومرو، عبدالغفار عمراڻي. ”کيبر“: شهناز
ميمڻ، شير محمد کيبر، امام علي سومرو. ”هالا“: ڌڻي
بخش ميمڻ، نعيم الدين سرهيو، فريد احمد آصف رضا
متاثر، محمد اسحاق سرهيو، اسلم ميمڻ، افتخار احمد
شيخ، ”ضلع ٺٽو“: ”ليهار خان“: تراب علي جوکيو.
”مڪلي“: منير احمد شيخ، ”ميرپوربٺورو“: رميش ڪمار
پيروائي، حسين بخش کٽي، راجا لڇمڻداس، نارائڻداس
لهاڻو، نور محمد خير، محمد جمن ٽالپر. ”بهراڻي“:
عبدالستار بهراڻي، ”ڌانڌاري“: الهه بخش انڙ
”جاتي“: عاجز محمد سليم ميمڻ. ”دڙو“: گل محمد
چوهاڻ، محمد هارون سومرو. ”چوهڙجمالي“: دولت رام،
پرديپ ڪمار محمد حنيف ميمڻ. ”تاج محمد سومرو“:
الهنواز سومرو. ”سجاول“: فاروق جعفراڻي، محمد
جاويد قريشي. ”ٺٽو“: محسن اعظم، عبدالله ميمڻ. ضلع
ڪراچي: ”جمع حمائتي“: انڙ خان جوکيو. ”ڪراچي“:
مريم احمد سومرو، زاهد احمد ميمڻ.
نئون سلسلو
اچو ته ڪهاڻي لکون
ٻارن جي ذهني تربيت لاءِ اهو ضروري آهي ته هنن ۾
لکڻ جو ڏانءُ ۽ اهليت پيدا ٿئي. گل ڦل طرفان وقت
بوقت اهڙا سلسلا جاري ٿيندا رهيا آهن، جيڪي بارن
جي ڪنهن نه ڪنهن صورت ذهني تربيت ۾ نهايت ڪامياب
ويا آهن. سنڌ جا ٻار ڪهاڻيون لکڻ ۾ وڏو چاهه وٺندا
رهيا آهن پر انهن جي صحيح طور رهنمائي نه هجڻ ڪري
هو ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهيا آهن ان ڪري اسان
اوهان جو امتحان جو ڪالم بند ڪري انجي جاءِ تي
نئون ڪالم شروع ڪري رهيا آهيون ته جيئن ٻارن ۾
ڪهاڻين لکڻ لاءِ چاهه وڌائي وڌائي سگهجي. جيوڻيڪ
ڪهاڻي لکڻ ڪو سولو فن نه آهي، ان هوندي به آهستي
آهستي لکڻ سان اڄ نه ته سڀاڻي ضرور ڪاميابي حاصل
ٿيندي. جيڪي ٻار ڪهاڻين ۾ دلچسپي نثار وٺڻ ته انهن
لاءِ آڏ اکري ڳجهارت جو ڪالم قائم آهي. هو ان ۾
حصو وٺي پنهنجي دلي تمنا پوري ڪري سگهن ٿا.
اچو ته ڪهاڻي لکون: لاءِ هڪ رهنما مواد هر ماهه
ڏنو ويندو جنهن تي ٻارن کي ڪهاڻي ٺاهي لکي موڪلڻي
آهي، ان لاءِ هيٺيان اصول ۽ شرط مقرر ڪيا ويا آهن.
1-
ڏهين جماعت تائين پڙهندڙ هر ٻار ڪهاڻي لکي موڪلي
سگهي ٿو پر جيڪڏهين ڪو ٻار اسڪول ۾ پڙهندڙ نه آهي
۽ هن ڪالم ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو ته وڏي خوشيءَ سان
وٺي سگهي ٿو.
2-
هيڊ ماستر جو سرٽيفڪيٽ وٺي موڪلڻ ضروري نه آهي.
3-
هن ئي پرچي ۾ اچو ته ڪهاڻي لکون -2 جو ڪوپن ڀري
پنهنجي ڪهاڻي سان شامل ڪري موڪلڻ ضروري آهي.
4-
ڪهاڻي ڪل 500 لفظ ن يا گل ڦل جي گهٽ ۾ گهٽ ٻن ۽ وڌ
۾ وڌ ٽن صفحن جيتري هجڻ کپي.
5-
پهرين ٻن ڪهاڻين کي، ڪهاڻيڪار جي فوٽي سان گل ڦل ۾
شايع ڪيو ويندو، ان ڪري ڪهاڻيءَ سان گڏ پاسپورٽ
سائيز فوٽو موڪلڻ ضروري آهي.
6-
جيڪڏهين ڪنهن به لکندڙ جي ڪهاڻي پهريون يا ٻيو
نمبر آئي ۽ سندس فوٽو ڪهاڻي سان شامل نه هوندو ته
اسان بنا لکپڙهه ۽ انتظار جي اها ڪهاڻي فوٽي کان
سواءِ به شايع ڪري ڇڏينداسون.
7-
ڪهاڻي اهڙي طرح موڪليو جو اسان وٽ 31- آگسٽ 1982ع
کان اڳ پهچي وڃي.
8-
حضو وٺندڙ سڀني ڪهاڻيڪارن جا نالا پڻ شايع ڪيا
ويندا.
اچو ته ڪهاڻي لکون-2
رهنما مواد
قادر بخش اٺين جماعت پڙهي پيو ته سندس پيءُ جي
بدلي ڳوٺ مان حيدرآباد ۾ ٿي آهي. ان ڪري قادر بخش
جو پيءُ کيس حيدرآباد جي اسڪول ۾ داخل ڪرئي ٿو.
قادر بخش شهر جي ماحول ۾ بلڪل نئون آهي، هو اسڪول
۾ وڃي ڇا محسوس ڪندو ڳوٺ ۾ شهر جي اسڪولن جا فائدا
۽ نقصان سندس ذهن تي ڪيئن اثر انداز ٿيندا.
هن موضوع تي پنهنجي ڪهاڻي لکو.
موڪلڻ جو پتو
ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس 12 حيدرآباد.
تاج الملوڪ
نوان ڪتاب
رمضان جو فضيلتون
ماهه رمضان مسلمانن لاءِ هڪ متبرڪ مهينو آهي جنهن
۾ روزن ۽ نماز کان سواءِ نفس تي ضابطو رکڻ لاءِ
خاص حڪم آهي. رمضان جون فضيلتون، ڪتاب روحاني
پبليڪيشن هالا طرفان شايع ڪيو ويو آهي هن ڪتاب ۾
قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ روزو رکڻ ۽ ان جي اصول ۽
قائدن قانونن جو اجمالي ذڪر ڪيو آهي. نماز تراويح،
نفس مارڻ، شب قدر ۽ نزول قرآن پاڪ بابت پوري وضاحت
سان بيان ڪيو ويو آهي. 32 صفحن جو هي ڪتاب رنگين
آفسٽ ڪور سان صرف هڪ روپئي جون ٽڪليون موڪلي
روحاني پبليڪيشن هالا وٽان گهرائي سگهجي ٿو. |