آخرڪار امجد کي احمد اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ وٺي
وڃي رهيو هو ته امجد هلڻ لاءِ تيار ئي نه پي ٿيو
انهي تي پيءُ پڇيو ته آخر تون اسڪول ۾ ڇو نه ٿو
وڃين؟ امجد چيو ته ماستر مون کي ماريندو. تڏهن
پيءُ چيو ته ”پٽ استاد سٺن ڇوڪرن کي نه ماريندو
آهي پر پيار ڏيندو آهي“ انهي تي امجد چيو ته ادا
اڪبر سٺو ڇوڪرو آهي پوءِ انهي کي استاد ڇو ماريو
هو؟ انهي تي پيءُ چيو ته پٽ ادا اڪبر جو سبق ڪچو
ٿيو هوندو تنهنڪري مار ملي هوندس آخرڪار تمام گهڻي
مٿاڪٽ بعد به امجد اسڪول ۾ داخل ٿيڻ نابري ڏياري
هاڻي امجد خراب ڇوڪرن سان گڏ هلندو سڄو ڏينهن اٽي
ڏڪر راند کيڏندو هو بس اهو ئي سندس معمول هوندو
هو. کيس استاد جي مار سان گڏ علم سان به نفرت ٿي
ويئي هئي هڪ ڏينهن نٽهڻ اس هئي امجد اسڪول واري
پيچري کان آيو پي ۽ گهر ڏانهن وڃي رهيو هو گهڙيءَ
کن لاءِ اسڪول جي پاڇي ۾ ساهي پٽڻ لاءِ ويهي رهيو
هو هن ڪن ڪلاس جي طرف ڪيو ته ٻارن جا گڏيل آواز
اچڻ لڳا هن ۾ استاد جو آواز نمايا هو. استاد چئي
رهيو هو ته ”علم وڏي دولت آهي“ شاگردن به اهي لفظ
چيا ته امجد اهي لفظ ورجايا ته کيس پنهنجي دنيا
بدليل ٿي لڳي: اهي رانديون عجيب بريون محسوس ٿيڻ
لڳيون هاڻي کيس خراب ڇوڪرن کان نفرت ٿي ويئي جيڪي
ڳالهائڻ وقت جيڪي ڪجهه ڳالهائيندا اهي اڌو اڌ
گاريون هيون. هن وري استاد جي آواز ڏانهن ڌيان ڏنو
ته ماستر چئي رهيو هو ته بيشڪ علم ۾ عزت آهي ۽ علم
حاصل ڪرڻ ۾ عمر جو شرط نه آهي ۽ علم ڪهڙي به عمر ۾
پڙهي سگهي ٿو ۽ گڏوگڏ استاد چئي رهيو هو ته ٻارو؛
اسين ماستر توهان جا روحاني پيءُ آهيون توهان کي
ڪڏهن به نه بيگناهه ماريندا. استاد جا اهي لفظ
امجد جي سيني ۾ چڀي ويا اهي لفط هن جي من ۾ ائين
پيهي ويا جيئن بهارن جي ٿڌڙي هير بلبل کي. امجد
پنهنجو پاڻ کي نئين ۽عجيب دنيا ۾ پهتل ٿي محسوس
ڪيو.
هن دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته گهر وڃي امان ۽ بابا کان
معافي وٺندس ۽ بابا کي چوندس ته مون کي اسڪول ۾
داخل ڪرائي ۽ انشاءِ الله سڀاڻي اسڪول ۾ داخل
ٿيندس.
جڏهن امجد گهر پهتو ته هن پنهنجو پڪو عزم پنهنجي
ماءُ پيءُ کي ٻڌايو هن جا ماءُ پيءُ هن جو عزم ڏسي
تمام گهڻو خوش ٿيا ٻي ڏينهن هن کي هن جي پيءُ
اسڪول ۾ داخل ڪرايو امجد ايترو ته هوشياري سان
پڙهيو جو اسڪول ۾ هن جهڙو هوشيار شاگرد ملڻ مشڪل
هو.
پيارا ٻارو، توهان کي گهرجي ته علم حاصل ڪريو ڀلي
توهان کي چين وڃڻو پوي.
اڄ کان پوءِ پاڻ ۾ عهد ڪريو ۽ بلڪل هوشياري سان
علم حاصل ڪريو.
بنا عنوان جي
ماهه اپريل جي پرچي ۾ عبدالرحمان سيال جي بنا
عنوان ڪهاڻي ڏني ويئي هئي، جنهن جو عنوان ٻارن کي
مقرر ڪرڻو هو. ججن جي فيصلي مطابق هيٺئين عنوان کي
پهريون نمبر مليو.
آس جو ڏيئو
موڪليندڙ محرم ايم فاضل ڪيريو، گورنمينٽ پرانشل
هاءِ اسڪول سڪرنڊ ضلع نواب شاهه. انعام کي ويهن
روپين جا انعامي ڪتاب موڪليا پيا وڃن.
اياز علي ميمڻ
ٻي ڪامياب ڪهاڻي
فرمانبردار
”پٽ امجد اٿ نماز جو ٽائيم ٿي ويو اٿئي“. ماءُ
امجد کي هنڌ مان اٿاريندي چيو.
”ها امان وڃان ٿو.“
امجد اٿي نماز تي ويو. امجد نماز پڙهي قرآن شريف
جي تلاوت ڪرڻ لڳو.
”امجد جا پيءُ، امجد الائي ڇو اڄ دير ڪئي آهي
اسڪول به وڃڻو اٿس، ڏسينس ته.“
ٿوري دير کان پوءِ امجد کي پيءُ گهر وٺي آيو.
”پٽ ڇو اڄ اسڪول وسري ويو هيئي ڇا؟“ ماءُ پڇيس.
”نه امان وسري ته ڪونه ويو آهي پر مان اسڪول ڪونه
ويندس.“
”ڇا چيئي پٽ! اڄ تون اسڪول نه ويندين. پر ڇو؟“
ماءُ عجب کائيندي پڇيو.
”سائين مار ڪڍندو. چيو هئائين ته سبق پڪو ڪري اچجو
پر منهنجو سبق پڪو نه آهي، ڪلهه به پڪو نه نڪتو ته
سائين چيو، ”پهريون دفعو ڇڏيانءَ ٿو پر جيڪڏهن
صبحاڻي پڪو نه هوندئي ته اهڙي مار ڏيندو مانءِ جو
ياد رکندين.“
”مان توکي هر روز رات جو چوندي آهيان ته اسڪول جو
ڪم اٿئي ته ڪري ڇڏي.“ ۽ تون چوندو آهين ته سائينءِ
ڪم ڏنوئي ڪونهي يعني تون هاڻي ڪوڙ ڳالهائڻ به سکيو
آهين.“
چپاٽ هڻڻ تي هيس ته امجد جو پيءُ وچ ۾ اچي ويو ۽
زال کي چوڻ لڳو.
”چري ٿي آهين ڇا جو معصوم کي بي گناهه مارين ٿي.“
”مان بيگناهه ٿي ماريانس.“ چوانس ٿي ته اسڪول ڏي
وڃ ته چوي ٿو سائين ماريندو.“
”پٽ اسڪول ڏي وڃ، نه ويندي نه لکندين پڙهندين ته
پوءِ اسان جون آسون پوريون ڪيئن ٿي سگهنديون.“ پڻس
مٿي ته هٿ گهمائيندي پيار مان چيو.
”بابا مان اسڪول ڪونه ويندس سائين ماريندو سبق پڪو
نه آهي، ٽيون ڏينهن سليم جي سبق پڪو نه هو، ته
سائين اهڙي مار ڏنس جو ويچاري جي هٿ ۾ سٽ اڀري
آئي. نه نه مان اسڪول ڪونه ويندس سائين مون کي به
ماريندو.“
”ٺيڪ آهي ته تون اڄ اسڪول نه وڃ صبحاڻي مان ڇڏي
ايندو مانءِ.“
امجد جو پيءُ پنهنجي زال کي ٻانهن کان وٺي ڪمري ۾
وٺي آيو ۽ چوڻ لڳس.
”سڀاڳي هن کي اسڪول وڃڻ لاءِ نه چئجانءِ، هن جي
ذهن تي استاد جي خطرناڪ مار جو ڊپ بيٺو آهي.
جيستائين هن کي پيار ۽ محبت ۾ نه سمجهائبو
تيستائين هي اسڪول نه ويندو.“
”اڄوڪا به ڪهڙا استاد آهن جو ٻار جو ٿورڙي غلطي تي
هن کي پنهنجي مار کان آگاهه ڪري ڇڏين ٿا. ننڍڙن
ٻارڙن جا ذهن ڪچڙا ٿيندا آهن ڄڻ ته استاد کي اهائي
خبر نه آهي. جيڪڏهن هن کي پيار منجهان استاد
سمجهائي ها ته ڪو سبب نه هو ته امجد اسڪول ته وڃي
ها.“
”سڀاڳي اهو ته صحيح آهي پر هاڻي امجد جي ذهن تي
جيڪو مار جو ڀوت سوار آهي اهو ته لاهڻو ئي آهي ٺيڪ
آهي تون امجد کي اسڪول جي باري ۾ ڪجهه نه چئجان،
ڪم تان موٽي اچان ته پوءِ ٻئي رات جو
سمجهائينداسينس.“
سج لٿي ڌاران امجد جو پيءُ گهر آيو ۽ اچڻ سان امجد
جي پڇا ڪيائين.
”امجد ته پنهنجي ڪمري ۾ آهي.“ زال جواب ڏيندي چيس.
زال مڙس ٻئي امجد جي ڪمري ۾ آيا. ۽ داخل ٿيڻ کان
پوءِ امجد کان پڇا ڪيائين.
”پٽ اڄ تون ته اسڪول ڪونه وئين. پر صبحاڻي اسڪول
ويندين؟“
”نه بابا مان اسڪول ڪونه ويندس.“
”انهيءَ جو مطلب ته تون هاڻي نه پڙهندين، نه
پڙهندين ته جاهل ٿي ويندين، سڄي زندگي پڇتائيندين.
هر هڪ توکي گهٽ سمجهندو ۽ پوءِ تون زندگي مان
بيزار ٿي پوندين. پٽ تون مون کي ٻڌاءِ ته ڪم ياد
ڇو ڪونه ڪيئي؟“ پڻس پيار منجهان چيو امجد ماٺ ۾
رهيو.
”ٻڌ پٽ سستي نه ڪبي آهي. انهيءَ بابت حضرت علي ڪرم
الله وجه جن فرمايو آهي ته اڄ جو ڪم سڀاڻي تي ڇڏڻ
نه گهرجي، يعني جيڪو ڪم اڄ ڪرڻو هجي انهيءَ کي اڄ
ئي پورو ڪرڻ گهرجي.
پٽ علم جي ڪيتري نه اهميت آهي جنهن لاءِ حضور جن
پاڻ فرمايو آهي ته: جيڪڏهن توهان کي علم حاصل ڪرڻ
لاءِ چين وڃڻو پوي ته توهان انڪار نه ڪيو.
علم هڪ اهڙي دولت آهي جنهن کي نه ڪوئي چور چورائي
سگهي ٿو ۽ نه ڪوئي ڌاڙيل ڌاڙو هڻي سگهي ٿو.
توهان ٻارڙائي ته آهيو جيڪي وطن جي سر زمين کي
بلند ڪيو بيٺا آهيو توهان ئي ته مستقبل جا معمار
آهيو، توهان کي ئي ته اڳي پوءِ وطن جون واڳون
جهلڻيون آهن، توهان واڳن جهلڻ جي لائق تڏهن ٿيندو
جڏهن توهان جي رڳ رڳ ۾ علم جهڙي دولت رچيل هوندي.
اها دولت صرف استاد ئي رچائي سگهي ٿو. اسين توهان
کي آسمان تان زمين تي لاهڻ جو ڪم ڪيون ٿا پر استاد
توهان کي زمين کان آسمان تي چاڙهڻ جو ڪم سرانجام
ڏئي ٿو، يعني توهان کي دنيا جي ڏکين ڏاڪن تي چڙهڻ
لاءِ بردباري سيکاري ٿو. پوءِ جيڪڏهن توهان مٿين
ڏاڪي تي پير رکندي به پير نه رکو نه پوءِ ضرور
استاد توهان کي مار به ڏيندو، هن مان تون پاڻ
سمجهه ته استاد مار ظاهري طرح ته ڏيندو آهي پر
حقيقت ۾ اها مار نه هوندي آهي توهان کي استاد جي
مار توهان جي اصلاح ڪري ٿي، يعني چوي ٿي ته قدم
مٿي رکو هيٺ نه لاهيو جيڪڏهن هيٺ لاهيندو ته نيست
ونابود ٿي ويندو.
پٽ مون کي اميد آهي ته تون پنهنجي ذهن مان استاد
جي مار جو ڊپ ڪڍي ڇڏيو هوندو.“
”بابا توهان ڪيترا نه پيار آهيو. منهنجي ذهن ۾
جيڪا استاد جي خطرناڪ مار جي تصور هيو ان کي توهان
اڏائي ڇڏيو مان سڀاڻي پاڻهي اسڪول ويندس ۽ ڪڏهن به
سستي نه ڪندس.“
سنڌو دولتاڻي
اندر مڙيوئي اڳڙيون
”اڙي! او پوڙها! شرم ڪونه ٿو اچئي.....؟“ صوبيدار
تحمڪانه لهجي ۾ هڪ پڪي عمر جي ڳوٺاڻي کي چيو.
”پر.... پر...... سائين“، ڳوٺاڻي، جو هيءَ اوچتي
آفت ڏٺي ته آواز ئي نه پئي اڪليس.
”اڙي ڇا جي کڻي پر، پر لاتي اٿئي، اڙي ڀوڪ، ڪڍ
ڏنڊ، نه ته هڻاءِ نه لاڪپ ۾.“
ڳوٺاڻي جو لاڪپ جو نالو ٻڌو ته هيسجندي پڇيائين،
”سائين......... سائين ”آخر منهنجو ڏوهه.....؟“
”اڙي! ڄٽ جا پٽ، هڪ رمضان جي پاڪ ۽ برڪتن واري
مهيني ۾ روزو ڪونه رکيو اٿئي ۽ رستي تي بيٺو پاڻي
پيئين، اڃان وري ڏوهه پيو پڇين،....! ”صوبيدار
رمضان جي ڀلاري ۽ مقدس مهيني ۾ بنا ڪنهن جهجهڪ جي
هڪ غليظ گار سان ڳوٺاڻي کي نوازيندي پنهنجي پر ۾
رمضان شريف جو احترام ڪندي ”ثواب دارين“ حاصل ڪري
رهيو هو.
ڳوٺاڻي وڌيڪ هيسجندي ڏڪڻ وار لهجي ۾ چيو،،
”سائين.... سائين... الله سنهن! ته مان ته...
بيمار... آهيان.“ ائين ڳالهائيندي ڳوٺاڻي کي کنگهه
وڪوڙي ويئي ۽ گڏوگڏ ڊپ وچان سان سندس ڄنگهون به
ڏڪڻ لڳيون. پر تڏهن به پنهنجي ڳالهه جاري رکندي
چيائين، ”..... سائين.....هه....هه....هي ... ڏ...
ڏسو ڏاڪدارصه.... صاحب...جي.....چه.....چه.... چٺي
۽.....“ کنگهه جي ڪري آواز صاف نه نڪري رهيو هوس
پر زور اڳيان زاريءَ جي مصداق ڳوٺاڻو پنهنجي ڳالهه
کي جاري رکيو آيو. ۽، هه.... هي.. ڏسو...
د...د.... دوا ..جه... جي... ش...شيشي،
م....مون....مون... ته....هن... س...س...س...
سرڪاري ....نه.....نل ...تان... ٽه...ٽڪي...به...
په......په.....پئي... ڳٿي.“
”اڙي! بيوقوف.....! رمضان ڪو تنهنجي بيماريءَ سان
ٻڌل آهي ڇا.“
صوبيدار ڳوٺاڻي تي رحم ڪرڻ بجاءِ خونخوار انداز ۾
چيو،“ ڇڏاءِ رقم، ڪڍ ٽيهه رپيه ڏنڊ جا، اجايو بحث
ڪري هن ڀلاري مهيني ۾ منهنجو وات ٿو خراب ڪري.“
”پر... سائين...م.... مون.... و...وٽ ته رڳو...ٻه
... ٻارهن... روپيه آهن... ڏ.....ڏهه.. روپيه...
ڏاڪدر ....ص...ص..صاحب جي ... د .... دوا جا... ۽
ٻه...ٻه..... رپيه پاڙي ڪاڻ.“
اڙي تون ائين ڪونه مڙندين، (هڪ سپاهي کي) ”اڙي رجب
وٺينس جهڙتي.“
سپاهي تلاشيءَ بعد چيو، سائين، واقعي صرف 12 رپيه
نڪتا اٿس.
صوبيدار پيسا وٺندي چيو، چڱو اڙي ڄٽ! تر هاڻي،
باقي پيسا معاف ٿي نه ته هڻانءِ لاڪپ ۾، پر خيال
ٿو اچي ڀلاري مهيني جو، ائين چئي صوبيدار صاحب جيپ
۾ چڙهي روانو ٿيو ۽ پوڙهو کيس نماڻن نيڻن سان
ڏسندو رهجي ويو.....!
صوبيدار اڃا آفيس (ٿاڻي) تي پهتو مس ته اردليءَ
کيس سيٺ ولي محمد جي اچڻ جو ٻڌايو جيڪو شهر جو هڪ
معزز ماڻهو هو ڇو ته کيس ٻه وڏا ڪارخانه ۽ مڙئي
ٻه-ٽي هزار ايڪڙ زمين هئي ۽ هر سال سيٺ صاحب، شهر
جي معزز ماڻهن جي مان ۾ رمضان شريف جي آخري روزي
تي افطار پارٽي جو بندوبست ڪندو هو. جنهن ۾ غريبن
کي اچڻ جي اجازت نه هوندي هئي ڇو جو غريب معزز
ماڻهن نه ٿيندو آهي.
صوبيدار، سيٺ ولي محمد کي ايندو ڏسي، اڳ ۾ اٿي
بيڄو (ڇو جو کيس نوڪري ۾ رهڻو هو) ۽ اچو سائين...
اچو جي مرحبائي لفظن سان سندس استقبال ڪندي، کيس
هٿ ڏنو. خوش خيرعانيت بعد سيٺ صاحب کيس ٻڌايو ته،
آءُ اڳ ۾ به چڪر هڻي ويو هوس پر اوهان ڪونه هئا.
”هائويار، آءٌ ويو هيس، روزي خورن جي پاڙ پٽڻ، خدا
جي مار پوين روزن کان ونءِ پيا ويندا. گولڊليف جو
پاڪيٽ هٿ ۾ ڦيرائيندي صوبيدار سيٺ صاحب ڏانهن
نهاريندي وراڻيو، جنهنجي چپن تي اهو ٻڌي ارخود
مسڪراهٽ تري آئي هئي.
صوبيدار، سندس مسڪرائڻ جي انداز مان ئي ڪجهه سمجهي
ورتو ۽ مسڪرائيندي، گولڊليف جو پاڪيٽ سيٺ صحب
ڏانهن وڌائيندي چيائين، سيٺ صاحب، روزو ته اوهان
کي....؟ سيٺ جملي پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي صوبيدار
جو مقصد سمجهي ويو ۽ سندس ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي
وراڻيائين، ’نه يار! ڪير ٿو پاڻ کي آزار ۾ وجهي،
ههڙي ظالم گرميءَ ۾ روزو رکي، ايئر ڪنڊيشن ڪمري ۾
سمهه تڏهن به بک وگهي ڄڻ ساهه پيو منجهندو. ”سيٺ
ولي محمد سگريٽ دکائيندي، کلندي جملي کي پورو ڪيو.
ان سان گڏ صوبيدار جي فلڪ شگاف ٽهڪن ۽ دونهي جي
غبار ۾ به اضافو ٿي ويو.
امام ابو حنيفه
روحاني پبليڪيشن هالا طرفان، امام ابو حنيفه رح جي
حالات زندگي تي هڪ ڪتابڙو شايع ڪيو ويو آهي جنهن ۾
سندس مختصر سوانح حيات آهي. اسلام جي هن عظيم
المرتبت شخصيت پنهنجي دور ۾ سنت رسول ڪريم صلعم جي
پيروي ۾ ڪنهن جابر يا ظلم جو لحاظ نه رکيو ۽ حق ۽
سچ جو نعر وهڻندو رهيو نيٺ کيس عباسي خليفن جي دور
۾ زهر ڏيئي شهيد ڪيو. 24 صفحن جو هي اسلامي ڪتاب
صرف پنجاهه پئسن جون ٽڪليون موڪلي روحاني پبليڪيشن
هالا وٽان گهرائي سگهجي ٿو.
امتياز ابڙو
بنا عنوان جي......
هن ڪهاڻيءَ جو عنوان اوهان پاڻ مقرر ڪري اسان
ڏانهن اهڙيءَ طرح موڪليو جو اسان وٽ 15- آگسٽ
1982ع تائين پهچي وڃي. جنهن ٻار جو عنوان سٺو
هوندو ان کي ويهن روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا
ويندا. ايڊيٽر
”انڌو آهين ڇا ڏسين به ڪونه ٿو.“
جيئن ئي هو دڪيءَ تان اٿيو ٿي ته ڀرسان پيل پٿر
تان ٿاٻڙجي ڪري پيو. سندس پير گندي ناليءَ ۾ وڃي
پيو. ۽ پاڻيءَ جي ڇنڊن گھٽيءَ مان لنگھندڙ نجم جي
ڪپڙن کي ڪنو ڪري ڇڏيو. نجم گھٽيءَ جو خراب ۾ خراب
ڇوڪرو هو. تنهن کي جو خراب ڇنڊا ته لڳا گارين ۾
شروع ٿي ويو. ان ۾ ڀلا منوءَ جو ڪهڙو ڏوهه! هو
ويچارو ته اتفاقاَ ئي ڪري پيوهو.
”انڌا! ڏسين به ڪونه ٿو منهنجا نماز جا ڪپڙا پليت
ڪري ڇڏيئي..... هاڻي ڇا هي ڪپڙا مون کي تون ڌڏوئي
ڏيندين؟“
نجم ڪاوڙ مان ڪوڙ ڳالهيندي چيو ۽ منوءَ جيءَ مٿان
حملو ڪيائين. مٿي ۾ ڌڪ، پٺن ۾ ڌڪ .... منهن ۾ڌڪ
.... اصل ڪسر ڪين ڇڏيائين، جڏهن وڙهي ٿڪو تڏهين
ڪرڪندو هليو ويو. پر منو ويچاري هڪ ته ڌڪ کاڌو هو
۽ مٿان وري موچڙا جو کاڌائين سو روئي ڏنائين ۽
روئندو گھر ڏانهن ويو... گھر ۾ داخل ٿيو ته ماڻس
کانئس روئڻ جو سبب پڇيو...
” پٽ ڪنهن ماريو اٿئي؟“
”نجم....“
”نجم .... ڪهڙو ... حليما جو پٽ .... بيهه ته آئون
ماڻس کي ٿي وڃي ٻڌايانءَ .... نه روءِ..... منهنجا
ٻچڙا... نه روءُ... “
ائين چئي ماڻس برقعو کنيو ۽ پٽ کي دلاسوم ڏيندي
هلي ويئي. ماڻس نجم جي گھر وڃڻ بدران پاڙي جي هڪ
ٻئي گھر ۾ هلي ويئي، ڇاڪاڻ ته هن کي خبر هئي ته
حليما پنهنجي پٽ کي ڪجھ به ڪانه چوندي، اٽلو سڄو
ڏوهه منوءِ تي ايندو... ڪجھ دير پاڙي واري گھر ۾
ويهڻ کانپوءِ واپس هوءَ پنهنجي گھر پهتي.
”پٽ... آئون ماڻس کي ٻڌائي آئي آهيان... گھر ويندو
ته پاڻهي موچڙا کائيندو.“ منوءَ کي دلاسو ڏيندي
چيو ۽ پاڻ برقعو لاهي اچي ڪم ڪار ۾ لڳي.
”امان، او امان .. ڇا! اسان وٽ ايترا پئسا نه آهن
جو اسين نجم جن جھڙو بنگلو وٺي سگھون....“
منوءَ ماڻس کان اوچتو سوال ڪيو.
”نه پٽ اسين اڃا بنگلن جهڙا نه ٿا آهيون... پٽ
جڏهن تون وڏو ٿيندين ته اهڙا بنگلا پاڻهي ٿي
پوندا.“
ماڻس جواب ڏنو.
”امان ڇا آئون وڏو ٿيندس... پوءِ بنگلا ملندا...پر
امان... نجم ته اڃان ننڍو آهي....پوءِ انهن وٽ جو
بنگلو آهي.....“
منو به هر هر سوال ڪري رهيو هو.
”پٽ..... ان جي پيءُ شاهوڪار آهي.... ان ڪري کين
بنگلا ۽ ڪاريون آهن.... تنهنجو پيءُ ته.....“
ماڻس ڳالهه ڪندي ڪندي رڪجي ويئي ڄڻ کيس ڪنهن ڌڪل
هنيو هجي....ها ...اهو صحيح هو...کيس واقعي ڌڪ
لڳو هو... پر دل ۾...... جنهن جون رڙيون هانءَ
اندر ئي دٻجي چڪيون هيون... هاڻي هن کي پنهنجي
غلطيءَ جو احساس هو....ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجي پٽ کي
اهو ٻڌائيندي پاڻ کي نيچ سمجهي رهي هئي ته سندس
پيءُ هن دنيا جا درواز ٽوڙي، زمين جي گهراين ۾ وڃي
چڪو آهي...پٽ جي انهي سوال دل کي زخمي ڪري ڇڏيو
هوس. هن جا ستل سرو جاڳي پيا هئا.... هن کي پنهنجي
آس جو گل ڪومائجندي محسوس ٿي رهيو هو.........تڏهن
به هن وري پنهنجي دل کي دردن جي درياءَ مان دور
ڪندي پنهنجي پٽ کي مايوسيءَ جي مينهن کان بچائڻ
لاءِ نوان لفظ اڀاريا.
”پٽ... تنهنجو پيءُ غريب... هو. پر نجم جو پيءُ ته
لکاپتي آهي.. تون به جڏهن پڙهي وڏو لکاپتي ٿيندين
پوءِ تون به اهڙا ڇا... انهن کان به بهتر بنگلا
ٺاهرائي سگهين ٿو... پٽ... چڱو هاڻي وڃي سمهه جو
وري سوير اٿي اسڪول وڃڻو اٿئي...“
منو ماڻس جو اهو جواب ٻڌي وري ڪوبه سوال نه ڪيو ۽
ماٺ ڪري وڃي کٽ تي ستو... سندس منهن آسمان ڏانهن
هو... شايد هو تارن کي ڳڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو..
يا شايد هو اهو سوچي رهيو هو ته خبر ناهي ته سندس
اهي اڻانگيون اميدون ڪڏهن پوريون ٿينديون.
۽....ماڻس جي من ۾ به شايد اهي ئي مرادون هيون
جيڪي منوءَ جي من ۾ موجود هيون........اڄ جيڪو پٿر
سندس پٽ سندس شيشي جهڙي دل کي هڻي ڀڃي ڇڏيو هو...
اهو پٿر شايد هن ڪڏهن به نه اڇلايو هو...... اڄ هن
کي منوءَ جو پيءُ شديد ياد اچي رهيو هو... سندس
اکڙين مان آب وهي رهيو هو... ائين جيئن مينهن ختم
ٿيڻ کان پوءِ پراڻو ڇنو ٽم ٽم ڪري پيو وهندو آهي. |