ڳالهه ٻولهه
پيارا ٻارو،
رمضان المبارڪ جو مهينو اگرچ سخت گرمين ۾ آيو آهي،
مگر الله تعاليٰ جي حڪم جي تعميل نه گرمي ڏسندي
آهي نه سردي. جن ٻارن هن مهيني جا روزا رکيا انهن
کي مبارڪ هجي ۽ جن ٻارن تي روزا فرض نه آهن پر
انهن رمضان شريف جو احترام ڪيو، انهن کي به مبارڪ
هجي. دراصل روزو، کاڌو پيتو بند ڪرڻ جو نالو نه
آهي پر هن مهيني ۾ ڪوڙ، گلا، غيبت ۽ عيب جو ئي کان
پرهيز ڪرڻ به لازمي آهي. ان ڪري روزن ۾ ٻارن کي
انهن سڀني براين ڏي ويجهو وڃڻ به نه کپي. روزا سان
گڏ نماز پڙهڻ لازمي آهي. هونئن به اسلام ۾ نماز
ٻيو رڪن آهي. اسلام جا ڪل پنج رڪن آهن. 1- الله جي
هيڪڙائي کي مڃڻ. 2- نماز پڙهڻ 3- روزو رکڻ 4-
زڪوات ڏيڻ 5- حج ڪرڻ.
هن ئي مهيني م رمضان شريف پورو ٿي، عيد به اچي
ويندي جيئن ته هي پرچو اوهان جي هٿن ۾ پهچڻ کان
پوءِ جلدي ئي اوهين عيد ملهائيندا. ان ڪري اسين
سڀني ٻارن کي عيد جون لک لک مبارڪون ڏيون ٿا ۽
گذارش ٿا ڪريون ته پنهنجي عيد جي خوشين ۾ اهڙن
ڀائرن ۽ ڀينرن کي به شريڪ ڪن جيڪي يتيم آهن، غريب
مسڪين آهن؛ بي يارو مددگار آهن. ان طرح سان اوهان
کي نه رڳو سچي خوشي حاصل ٿيندي پر انهن جي مدد ڪرڻ
سان الله تعاليٰ اوهان کي دنيا ۽ آخرت ۾ انهيءَ
مدد ۽ نيڪيءَ جو اجر پڻ ڏيندو- آمين.
اوهان جو ڀاءُ
انور هالائي
لطيفي لات
وَحَدَهُ جي وَڍئا، الا الله سِين اورين،
هِنيون حَقيقت گَڏئو، طريقت تورين،
مَعرفَت جي ماٺ سين ڏيساند رُڏورين،
سُک نه سُتا ڪڏهم، ويهي نه ووڙين،
ڪلنئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي.
(شاهه)
هي بيت حصرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي ۾ سر
ڪلياڻ جي داستان پهرئين جو ستون بيت آهي.
سمجهاڻي:
سالڪن خدا جي حقيقت کي مڃي، پنهنجي هستي کي نابود
ڪري الله کي مڃيو ۽ ان جي هستيءَ جو بار بار پيا
ذڪر ڪن، جيڪا شريعت جي پهرين منزل آهي. جڏهين سالڪ
کي ڪلمي جي رمز جي پروڙ پوري طرح پيئي ته پوءِ حق
تائين پهچڻ لاءِ انهيءَ منزل تي کين پاڻ کي حق ۾
گڏڻو آهي، جنهن لاءِ کين طريقت جي واديءَ مان
لنگهڻو آهي. جنهن ۾ کير ماٺ ميٺ ۾ حق جي ذات ۽
صفات جي ڄاڻ پوي ٿي، پوءِ هو ’من عرف ربہ ڪل
لسانہ‘ يعني جنهن کي خدا جي معرفت حاصل ٿئي ٿي اهي
گونگا ٿيو پون اهڙي سالڪ ڪڏهين به سک نه سمهندا ۽
اڳتي وڌندا رهندا تان جو اهي عاشق ڀٽائي چوي ٿو ته
پنهنجو پاڻ حق تان قربان ڪريو ڇڏين ٿا. هي بيت
حضرت امام حسين ڏانهن به اشارو ڪري ٿو.
معنيٰ:
وحده
=
هڪيڙائي. الا الله
=
سواءِ الله جي. اورين
=
پڙهن، اڀياس ڪن. حقيقت
=
حق تعاليٰ جي صفت. طريقت
=
واٽ، رستو، راهه. معرفت
=
ڄاڻ، پروڙ، معلومات. ڏيساندر
=
ٻيو ڏينهن جيڪو ڏسي نٿو سگهجي. ڪڏهم
=
ڪڏهن. ووڙين
=
ڳولين. ڪلنئون
=
ڪلهن کان. ڪورين
=
ڪهن، وڍين.
اختر درگاهي ۽ وسيم سومرو
لولي
ڪوڙ کي هرڪو ڌوڙ وجهي ٿو،
سچ سان ساٽ، نڀائج ٻار،
منهنجي هنئين جا ننڍڙا هار.
تنهنجي ٻاتي، ٻولي ٻاتي،
جنهن لئه منهنجي دلڙي آتي،
تنهنجو مُرڪڻ، گل جو جهومڻ،
تنهنجي ٻولي ماکيءَ لار،
منهنجي هنيئين جا ننڍڙا هار.
جلدي ننڍڙا جواني ماڻج،
ديس پنهنجي جو درد سڃاڻج،
اَرتيءَ، سرتيءَ، ڌرتيءَ جي تون،
لهه ڪا ساجهر سار سنڀار،
منهنجي هنيئين جا ننڍڙا هار.
سپنا سانڀان نيٺ ته ٿيندا،
مکڙيون گل ٿي، خوشبوءِ ڏيندا،
امڙ جي تون آٿت بڻجي،
اگهندين تنهن جا نيڻن نارَ،
منهنجي هنيئين جا ننڍڙا هار.
تنهنجي سگهه سان سنڌ سکي ٿي،
جيڏا هرڪا جند سُکي ٿي،
ڪين جدا ٿي، سنڌ کان، جند کان،
اختر وسيم جي اکڙين ٺار،
منهنجي هنيئين جا ننڍڙا هار.
رضا چانڊيو
ننڍڙا ٻار
سج تي سرڙو ڏيندا آهيون،
سچ سدائين چوندا آهيون،
ڪوڙ کان هردم آهيون بيزار،
آهيون ننڍڙا ٻار.
اَٽل اسان جا آهن ارادا،
توڙي آهيون سارا سادا،
وطن لاءِ اسان کي آهي پيار،
آهيون ننڍڙا ٻار.
ٻولي ته اسان جي سڀ کان نياري،
جنهنکي مڃي ٿي دنيا ساري،
ڪري هر هڪ ٿو هن سان پيار،
آهيون ننڍڙا ٻار.
ويس ته اسان جو سڀ کان سادو،
ناهي اسان ۾ ڪو ڊگ جو مادو،
هر هڪ سنڌي آ پنهنجو يار،
آهيون ننڍڙا ٻار.
اسين رب جي رضاتي رهون راضي،
وساري ڇڏيون هر دم ماضي،
اهي ته اسانجا ڳڻ آهن يار،
آهيون ننڍڙا ٻار.
امين ٿيٻو
گيت
گلڙن سان گلزاري آ،
باغن منجهه بهاري آ.
سرمد، دودو ۽ منٺار،
پاڻ ۾ گڏجي ڳائن يار،
ڪوئل واري ڪو ڪو ڪو؛
ٻولي ڪيڏي پياري آ،
باغن منجهه بهاري آ.
گونچ ڦٽا ته ساوڪ ٿي،
مکڙين سان سرهاڻ وڌي،
موج ۾ ڳائي پئي بلبل؛
جهومي ٽاري ٽاري آ،
باغن منجهه بهاري آ.
ڳاڙها ڳاڙها ٻير کڻي،
آيو آهي باغ ڌڻي،
کائو کائو، موج ڪريو،
ميوات لذت واري آ؛
باغن منجهه بهاري آ.
سرنهن ڦلاريا پيلا گل،
عرس پٽڻ جي نه ڪر ڀل،
جهومندڙ هي فصل ڏسي:
سرهو اڄ ٿيو هاري آ،
باغن منجهه بهاري آ.
ڪوثر ٻرڙو
هدايت
نصيحت اسان کي آ اسلام جي-
گلا ڪنهن جي غيبت نه هرگز ڪجي.
انسان آهيون ته هڪ جان جان،
تڏهن ڪين تڪليف ڪنهن کي ڏجي.
اچي جنهن تي اوکي ڪڏهن ڪا مهل،
شامل انهيءَ سا ڏکن ۾ ٿجي.
دغا ڪوڙ دوکو ۽ ٺڳيون ڇڏي،
اٿندي ۽ ويهندي سدا سچ چئجي.
اگر ڪو سکيو آ ته ٻين جي به ڪوثر،
صبح شام سوچي سڄڻ سار لهجي.
مختيار ملڪ
آزاد ڪوتا
ڪچڙيون ۽ ڪومل کڻي آڱريون،
چنڊ کي چلولائي مان گهوري پيو.
ڳل تي ماءُ ڏيندي مٺي پي چيس،
چنڊ جهڙا جيئين ڍول منهنجا مٺا.
اُڀ جي اندر، ان پل لڳو هُم اهو،
چند تڙڦي خواهش ٿي شايد ڪئي.
ڪاش مان چنڊ ڌارا هجان ٻار ها،
گود ڪنهن جي ۾ ويهي وٺان پيار ها.
مقصود گل
برسات جي موسم
برساتين جي موسم آئي مولا مينهن وسايا،
اتر اولهه اوڀر کان اڄ بادل ڀرجي آيا-
ڪارا ڀورا بادل آيا ويس وسڻ جا پائي،
ٽاري ٽاري ٽهي ٿي اڄ گيت خوشيءَ جا ڳائي،
ڌرتي جي دل ٿڌڙي ٿي پئي ٿيڙا سانگ سجايا.
ٻارو ڊوڙو بوند وسي ٿي وهنجي بت کي ٺاريو،
گرميءَ ۾ جي اڀري آيون آرايون سي ماريون،
گڏجي ڳايون گيت خوشيءَ جا مولا مينهن وسايا.
سارنگ سنڀري آيو آهي ٿيندي ڌرتي سائي،
شڪر سڻايون ٿينديون ڏيندو وڻ وڻ پوءِ وڌائي،
موذي مرندا ملڪ منجهان جن ڏيهه سڄا ڏهڪايا.
هاري ناري هرڙا جوٽي ڌرتيءَ کي هر ڏيندا،
هڪ هڪ داڻي مان سَوَ داڻا ڍير انن ج اٿيندا،
ڪيچ ڪڻي مان قادر ڏيندو ايندو سک جا سايا.
پنهوارن جي پکڙن کي ٿو مينهن جو پاڻي ڌوئي؛
ٽوئا ائين ٽمن ٿا ڄڻ ڪا بيوهه ٿي پئي روئي؛
مسڪينن جا ڦاٽل ڪپڙا پاڻيءَ اڄ پسايا.
ظفر عباسي
حليم حرڪتي
آهي ڦٽل منهنجو مقدر دوستو
روزو لڳن ٿا سڪا پادر دوستو
ها!- مون کي قسمت مار کارائي. قسمت! قسمت ڪنهن کي
ماني کارائي ته ڪنهن کي ڪاوڙ کارائي. ڪنهن کي شيءِ
کارائي ته ڪنهن کي ٽڪڻ ئي ٽڪڻ وارا پادر. مون واري
قسمت شيءِ جي ته رتي ئي ڪڏهن ڪونه چکائي اٿائين
باقي پادر ته پنهنجي ڀاڳ ۾ ٿيس.
ها! ته پيارا ساٿيو! ڳالهه ٿي ڪيم پادرن جي. اڄ ور
ماستر سڳوري به گهٽايو ئي ڪين. اصل نيٽ جي لڪڻ سان
ڪٽي سٽي کوٻلو بنائي بنائي ڇڏيائين. ٿيو هيئن جو
ڪنهن وقت اڳ جيڪي ٽيسٽ لاءِ پيپر ٿيا هئا. انهن جي
تياري ته مون ڪئي ئي ڪانه هئي. ڇاڪاڻ جو اڱڻ چيو
هئم ته ڪاپي نقل ٿيندي، مون ت مائي ڪاپيءَ جي
سهاري اصل اکر به ڪين پڙهيو هو. اتفاق جي ڳالهه ته
پيپر تي جنهن ماستر جي ڊيوٽي لڳي سو اهرو ته سخت
هيو. اهڙو ته سخت هيو جو نه ٿي ڪنهن کان پڇڻ
ڏنائين ۽ نه ئي ٿي پاڻ ٻڌايائين. هاڻي مون کي ڪجهه
ياد هجي ته لکان. اوچتو يا اچي ويوپين کولي لکڻ ۾
شروع ٿي ويس- سڀئي ڇوڪرا مون ڏانهن ڏسي حيران ٿي
ويا ته هي نڀاڳو ڪيئن اڄ سڀاڳو ٿي پيو آهي. خير
پيپر ڀري ماستر کي ڏئي مون پيپر فل ڪيو آهي سو
انشاءَ الله اوهان کان مارڪون مٿي کڻندس. اڱڻ سان
ته شرط به رکي هيم.
پر خبر تڏهن پئي جڏهن نتيجو ظاهر ٿيو مارڪون ته
کوڙ هيون يعني الف نون ان-ب پيش ب-انب! مارڪن جو
ايتو ڏک ڪونه اٿم جيترو ڏک اٿم بي عزتيءَ جو به بي
عزتين جهڙي وري اصل مون وارو سڄو پيپر پڙهي
ٻڌايوسڄي ڪلاس کي جنهن ۾ اختصار هي هو.
سائين پيپر ڏسڻ لاءِ!
قسم اٿو توهان کي پنهنجي پالڻهار جو ته ٻيو نه ته
به مون کي رڳو پاس جون مارڪون ضرور ڏجو سائين مان
امتحان کان هفتو اڳ ڏاڍو بيمار ٿي پيو هئس سائين
قسم اٿو توهان کي پنهنجي پيءُ ماءُ جو ته مون کي
پاس ڪجو. قسم اٿو اوهان کي پنهنجي پياري ۾ پياري
شيءَ جو ته مون کي پاس ڪجو..........
سائين آهستي آهستي پيپر پڙهندو ويو ۽ منهنجو منهن
پنچر ٿيل ٽيوب وانگر سنسدو ويو ۽ جڏهن سائين پيپر
پڙهي پورو ڪيو ته مانيٽر کي چيائين ته لڪڻ کڻي ڏي
پر مانيٽر کان اڳ ۾ اڱڻ، ککر واري پلاند وٺڻ لاءِ
يڪدم لڪڻ کڻي سائينءَ کي ڏنو. پوءِ ته استاد جو هٿ
هلندو ويو منهنجو وات پٽيو، سٽڪا ٿيا، رينگٽ ٿيا ۽
پوءِ رڙيون هيانءَ ڏاريندڙ رڙيون. خير! اتي ته وري
به سهي ويس. آيس جو گهر ته خبر پئي ته مڪمل رپورٽ
بابي کي به ڏئي ويو اڱڻ! ڏاڍي ڪاوڙ آئي اڱڻ تي ته
”” پلاند ڪري ويو سو به ٻٽو-“ مان اڃا سوچي ئي
رهيو هوس ته پاڻيءَ پسيل پادرن وري اچي ڦهڪو ڪيو
منهنجي پٺي تي! ۽ پوءِ ته الائي ڪيستائين وسندا
رهيا.
سنڌيڪار: زبيده زنانو شورو
لٻاڙي
گھڻو اڳي ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو ڇوڪرو رهندو هو. جنهن کي
لٻاڙي چوندا هئا. هن کي پاڙيوارن سان ڪوڙ ڪري انهن
کي پريشان ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. آس پاس ڪو به
اهڙو ماڻهو نه هو. جنهن کي هن تنگ نه ڪيو هجي. هو
اڃان ننڍڙو ٻار ئي مس هو ته سندس ماءُ ۽ پيءُ مري
ويا هئا.
چاچي ۽ چاچيءَ هن کي پاليو. پر لٻاڙي انهن جو به
لحاظ نه ڪيو.
هڪڙي ڏينهن هن جو چاچو ڳوٺ کان پري پنهنجي ٻنيءَ ۾
ڪم ڪري رهيو هو ۽ چاچي گھر جو ڪم ڪري رهي هئي ته
لٻاڙي هڪ شرارت سوچي ڊوڙندو پنهنجي چاچي ڏانهن ويو
۽ کيس چيائين ’’چاچا! چاچا! جلدي گھر هلو. چاچي
ڏاڪڻ تان ڪري پئي آهي.هن کي تمام گھڻو رت وهي رهيو
آهي.“ اهو ٻڌي چاچو گھر ڏانهن ڀڳو.
لٻاڙي وري ٻئي رستي کان ڊوڙندو گهر آيو ۽چاچيءَ کي
چيائين ’’چاچي! چاچي! چاچا کي ٻنيءَ ۾ ڍڳي سنڱ هڻي
زخمي ڪري ڇڏيو آهي. جلدي هل سندس حالت خراب آهي.“
هيءَ خبر ٻڌي چاچي گھر کان ٻنيءَ ڏانهن ڊوڙندي
وئي. لٻاڙي پنهنجي چاچيءَ کي ڊوڙندي ڏسي ٽهڪ ڏيئي
کلڻ لڳو۽ گھر جي پٺيان وڃي لڪي ويٺو!
ويچاري چاچي جيترو ڊوڙي ٿي سگھي اوترو ڊوڙي. جيئن
ئي هڪ رستي کان ٻئي رستي مڙي ته هڪڙي ماڻهوءَ سان
ٽڪرائي. ۽ اهو ماڻهو سندس مڙس ئي هو. جيڪو مٿي کان
پيرن تائين پگھر ۾ شل هو. ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي کي ڏسي
حيرت ۾ پئجي ويا.
”بدمعاش“ ٻنهي جي وات مان نڪتو. هو سمجهي ويا ته
لٻاڙي اسان سان ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ ٻئي ڄڻا دوکو
کائي ويا. ٻنهي ڄڻن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي لٻاڙي جي
چاچي پنهنجي زال کي چيو ”مان هن شيطان کي اهڙي سزا
ڏيندس جو سڀ شرارتون وساري ڇڏيندو.“ گهر اچي ٻنهي
ڄڻن لٻاڙي کي پڪڙي بانس سان ٺهيل هڪ پڃري ۾ وجهي
ڇڏيو ۽ دريءَ کي مضبوطيءَ سان بند ڪري هن کي
چيائون ”هاڻ تون سج لهڻ تائين آرام ڪر. رات جو
اسين ٻئي ڄڻا هن پڃري کي درياءَ ۾ وجهي اينداسين
جيئن تنهنجي شرارتن کان هميشه لاءِ آزاد ٿي وڃبو.“
ڏينهن گذريو ته مڙس ۽ زال ٻئي ڄڻا پڃري کي درياهه
جي ڪناري وٽ کڻي آيا. لٻاڙي روئڻهارڪو ٿي چيو
”پيارا چاچا ۽ سٺي چاچي! مان مڃان ٿو ته مون تمام
غلط ڪم ڪيو آهي ۽ آئون ان جي سزا به ڀوڳڻ لاءِ
تيار آهيان. پر منهنجي آخري خواهش آهي ته توهان
منهنجو ڪتاب ”ڪوڙ ڇڏڻ جو فن“ مون کي آڻي ڏيو. جيئن
مان ان سان پنهنجي دل وندرائي سگهان هي ڪتاب گهر ۾
چانورن جي ٿيلهيءَ جي پٺيان رکيل آهي. ٻنهي زال
مڙس کي لٻاڙي جي انهيءَ آخري خواهش تي رحم اچي
ويو. چاچي کي پڻ هن ڪتاب پڙهڻ جو شوق پيدا ٿي ويو.
ٻئي ڄڻا ڪتاب کڻن لاءِ گهر ويا.
لٻاڙي پڃري ۾ ويهي پنهنجي چاچي ۽ چاچيءَ جو انتظار
ڪري رهيو هو ته هڪڙول انڌو اچي انهيءَ جاءِ تي
نڪتو. لٻاڙي انڌي کي ڏسي رڙ ڪري چيو ”ميان انڌا!
جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته مان ٻيهر ڏسان ته منهنجي
ويجهو اچ.“ جڏهن انڌو لٻاڙي وٽ آيو ته هن چيس ته
هن پڃري جي دري کول. ٻاهر اچي مان توکي انڌائي جو
علاج ٻڌائيندس. جڏهن انڌي دري کولي ته لٻاڙي پڃري
مان نڪري وٺي ڀڳو.
چاچي ۽ چاچيءَ کي لٻاڙي جي ٻڌايل جاءِ تان ڪتاب هٿ
نه آيو. هو واپس آيا ته لٻاڙي غائب هو. پر انڌي
انهيءَ جاءَ تي ويٺي انتظار ڪيو ته هن کي علاج
انڌائي جو هٿ اچي. هي ٻئي ڄڻا وري دوکو کائي ويا.
درياهه جو ويجهوئي بانس جو ٻيلو هو. لٻاڙي وڃي اتي
نتڪو. هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو رهيو ته هن کي سون
سان ڀريل هڪ ديڳ هٿ آئي لٻاڙي ديڳ کي پنهنجي چاچي
جي گهر کڻي آيو هن دولت سان هي خاندان امير ٿي
ويو. چاچي ۽ چاچيءَ کي يقين ٿي ويو ته لٻاڙي مار
موچڙن سان ڪوڙ ڳالهائڻ نه ڇڏيندو. هنن سوچيو ته
جيڪڏهن هن جي شادي ڪنهن نيڪ ڇوڪريءَ سان ڪرايون ته
شايد هي سڌري وڃي. انهن ڳوٺ جي هڪ ڇوڪريءَ سان هن
جي شادي ڪرائي ڇڏي.
ڪجهه ڏينهن ائين لڳو ته هيءَ ترڪيب ڪم ڪري وئي.
لٻاڙي خراب عادتون ڇڏي ڏنيون. پر جڏهن سندس چاچو ۽
چاچي گذاري ويا ته وري پراڻيون عادتون اختيار ڪرڻ
لڳو. هڪڙي ڏينهن هو جهنگ ۾ ڦري رهيو هو ته هن جي
نظر گاهه تي ليٽيل شينهن جي ٻچن تي پئي. هن شرارت
مان شينهن جي ٻچن جا چنبا توڙي ڇڏيا. ويچارا شينهن
جا ٻچا سور کان رڙيون ڪرڻ لڳا ته ويجهي کان شينهن
جي گجگوڙ جو آواز آيو. لٻاڙي سوچيو ته شايد هي
آواز شينهڻ جو آهي. سو يڪدم وڻن جي ٽارين ۾ لڪي
ويو. ايتري ۾ شينهڻ انهيءَ وڻ جا ڪجهه پن پٽي انهن
کي ڄٻاڙي ٻچن جي چنبن تي ليپ ڪرڻ لڳي.
لٻاڙي اهو ڏسي تعجب ۾ پئجي ويو ته ليپ ڪرڻ سان
شينهڻ جا ٻچا بلڪل ٺيڪ ٿي ويا. شينهڻ جڏهن وئي هلي
ته لٻاڙي وڻن کان نڪتو ۽ هن زمين کوٽي ان وڻ جي هڪ
شاخ ڪڍي. اهو بڙ جو وڻ هو. هن گهر کڻي اچي پنهنجي
اڱڻ ۾ هڻي ڇڏيو ۽ انهيءَ جي سار سنڀال ڪرڻ لڳو هن
پنهنجي زال کي ٻڌايو ته هيءُ وڻ هن کي هڪ ديوتا
ڏنو آهي. هن جا پن هر بيماريءَ جو علاج ڪن ٿا. ۽
نه صرف هر زخم ٺيڪ ٿو ٿي وڃي ٿو بلڪ مڙدو به، هن
ٻڌايو ته جيڪڏهن تو ڪڏهن هن جي پاڙ ۾ گند ڪچرو
اڇلايو ته هي وڻ اڏامي ويندو.
زال پنهنجي مڙس جي ڳالهه جو ڪجهه ڏينهن خيال رکيو
پر جڏهن هن ڏٺو ته لٻاڙي کانئس وڌيڪ وڻ جو خيال ٿو
ته هن کي ڪاوڙ لڳي. هو پنهنجي مڙس جي روز روز
نصيحتن کان تنگ ٿي پئي. هڪ ڏينهن جڏهن ٻئي زال مڙس
هن وڻ جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئا ته زال
ڪاوڙ ۾ اچي رڌڻي جو سڄو ڪچرو گڏ ڪري وڻ جي پاڙ ۾
اڇلائي ڇڏيو. وڻ يڪدم ۾ زور زور لڏڻ لڳو ۽ پوءِ
آهستي آهستي آسمان ڏانهن اڏامڻ لڳو. لٻاڙي ڊوڙي وڻ
جي هڪ لٽڪيل ٽاريءَ کي جهلي ورتو. وڻ مٿي کڄڻ لڳو.
۽ زياده مٿي ويندو ويو. تان جو وڻ سان گڏ اتي ئي
رهجي ويو.
ٻارو! جيڪڏهن توهان چنڊ کي غور سان ڏسندا ته هاڻ
به توهان کي چنڊ جو پاڇولو ۽ ان جي پاڙ وٽ لٻاڙي
جهڙو ماڻهو ويٺل نظر ايندو.
ويٽنام جا ماڻهو اهوئي چوندا آهن.
ادل سومرو
واٽ وڃي ٿي جا اسڪول
ٻالڪ ننڍڙا ڪچڙا هڏڙا،
مڙس متارا ٿيندا وڏڙا.
ويو الائجي نينگر ڪيڏانهن،
سانجهيءَ ويلي ماءَ جا سڏڙا.
واٽ وڃي ٿي جا اسڪول،
ساري آهي ڍوريون کڏڙا.
بينچ نه ڪا اسڪول ۾ آهي،
پٽ تي پٿريل ڇڳل تڏڙا.
ٻارو تن جو سهارو بڻجي،
جڳ ۾ جيڪي آهن جڏڙا.
شريف الدين ڏيپلائي
پهرين ڪامياب ڪهاڻي
سونهن ۾ سرهاڻ
امجد کي مار جو ڊپ انهي ڏينهن کان ويٺل هو جڏهن هڪ
ڀيري هن وڏي ڀاءُ اڪبر جا هٿ سڄيل ڏٺا هوا. ڇاڪاڻ
ته کيس استاد تمام گهڻو ماريو هو جيتوڻيڪ امجد اڃا
تائين ته ننڍو هو پر پنهنجي پيءُ کي ٻاتن ٻولن ۾
چيائين (بابا آئون استول م تونه پڙهندس) بابا آئون
اسڪول ڪونه پڙهندس تڏهن ان جي پيءُ کلي چوندو هو
ته تون پڙهندين ڪين ته ڇا ڪندين امجد جي پيءُ هر
واري کلي ڳالهه ٽاري ڇڏڀندو هو. هڪ ڀيري امجد جو
پيءُ امجد کي گهمائڻ واسطي شهر وٺي ويو رستي ۾ کين
هڪ اسڪول جو ماستر ملي ويو جيڪو امجد جي پيءُ جو
گهاٽو دوست هو. امجد جو پيءُ ماستر سان ڀاڪر پائي
مليو ۽ امجد کي چيائين ته پٽ هي ماستر صاحب آهي
کيس سلام ڪر امجد جي پيءُ ماستر جو نالو مس ئي
ورتو ته امجد ڀڄي وڃي ٻي گهٽيءَ ۾ بيٺو ۽ خوف وچان
ڪنبڻ لڳو. امجد جي پيءَ ماستر سان ملي پنهنجي پٽ
کي سڏڻ لڳو پر امجد نه آيو امجد جو پيءُ احمد تمام
گهڻو ششدر ٿيو ۽ پوءِ کيس ريجهائڻ جي تمام گهڻي
ڪوشش ڪئي آخرڪار امجد جي پيءُ چيو ته هو کيس واپس
گهر ٿو وٺي هلي ۽ امجد آيو ته کيس احمد واپس گهر
وٺي هلڻ لڳو ۽ رستي ۾ ڊپ ختم ڪرائڻ لاءِ ٽافين جا
پاڪيٽ وٺي ڏنا. |