موجوده پرائمري ۽ سيڪنڊري نصاب، توهان جي نظر ۾؟
جواب: پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جو معيار جيڪڏهن
اسان وٽ صحيح هجي ها ته گريجوئيشن ۾ شاگرد پستول
ڏيکاري پاس نه ٿئي ها. پرائمري سطح تي ڏينهون
ڏينهن تعليم جو معيار ڪرندو پيو وڃي. آئون پاڻ به
ڪجهه عرصو ماسترياڻي رهي چڪي آهيان. مون کي حيرت
ٿئي ٿي اهو ڏسي ته پرائمري سطح جا ٻار به ڏاڍي
مهارت سان ڪاپي ڪن ٿا. ان جو ڏوهه سمورو سماجي
ڍانچي جو آهي. سفارش، رشوت ۽ ٽيوشن جهڙيون لعنتون
اسان جي آئيندي نسل کي تباهه ڪري رهيون آهن.
سوال: توهان کي اهو شوق ڪيئن پئدا ٿيو، جو اوهان
سنڌيءَ ۾ ڪمپيوٽر جي ٽريننگ ورتي؟
جواب: مان سرڪاري نوڪريءَ ۾ اسٽينوگرافر آهيان.
تازو جڏهن ماجد ڀرڳڙي صاحب گهر ۾ ڪمپيوٽر آندو. ان
لاءِ مجبوري هئي ته ڇوڪريءَ کي رکي سگهي پيو. مان
جڏهن ويس ۽ ان تي هفتي جي پرئڪٽس کان پوءِ سنڌي
ڪمپوزنگ شروع ڪيم، تڏهن آئون تمام گهڻي خوش هيس.
پاڻ کي سماج جو اهم فرد سمجهڻ لڳس، ته لکڻيون
منهنجي آڱرين سان تاريخ بڻجي محفوظ ٿي وينديون.
سوين ماڻهن تائين اهي لکڻيون پهچنديون. ڄڻ ته ان
ليکڪ سان گڏوگڏ منهنجو به حصو هجي. ڪمپوزنگ ڪندي
محسوس ٿيندو اٿم ته ڄڻ عبادت پئي ڪريان. اِهو
منهنجو ادب سان چاهه جو سبب به ٿي سگهي ٿو. هونئن
هينڊ ڪمپوزنگ ۾ عورتون ڪمپازيٽر نه هيون. هينڊ
ڪمپوزنگ محنت ۽ وقت طلب آهي. سنڌي سماج جيڪو
اسرندڙ سماج آهي. اتي جڏهن اهڙي جديد ٽيڪنالاجي
اچي ته خوشيءَ جي ڳالهه آهي. هاڻي ڪمپيوٽرن ذريعي
صاف سٿري ڇپائي، تيزيءَ سان ڪمپوزنگ ٿي سگهي ٿي.
جيڪو ڪتاب مهيني ۾ ڪمپوز ٿيندو هو اڄ اهو ٽن چئن
ڏينهن ۾ به ڪمپوز ٿي سگهي ٿو.
سوال: ننڍپڻ جي ڪا شرارت، جيڪا اڄ به ياد هجي؟
جواب: پرائمري اسڪول ۾ ڪلاس ۾ تاريخ جو مضمون بور
لڳندو هو. اهو ڪتاب ماسترياڻيءَ شهر مان گهرائي
ڏنو. مون سان گڏ هڪ ٻي به ڪلاس فيلو هئي. اچي
ڦاٿاسين. تاريخ ۾ شجرا ۽ سن ياد نه پيا ٿين. آخر
لڪي لڪي هڪ ترڪيب سوچيسين. موڪل کان پوءِ ٽاڪ
منجهند جو سڀ ستا پيا هئا. اسان ڪتاب کڻي ٻاهر
نڪتاسين. جتي به لڪايون ها ته ٻار ڳولي وٺن ها.
واهه ۾ يا کوهه ۾ اڇلايون ها ته پڪڙجي پئون ها. سو
هڪ ٻنيءَ ۾ کڏ کوٽي اتي ڪتاب کي دفن ڪري ڇڏيوسين.
هاڻي شهر مان جيستائين ٻيهر ماسترياڻي گهرائي ڏئي،
ان ۾ ايترا ڏينهن لڳن ها جو امتحان ته ٿي وڃي.
ماسترياڻيءَ ڏاڍو پڇيو، پر اسان سچي نه ڪئي. اهڙي
طرح امتحان ٿي ويو. مان ان غلطيءَ تي اڄ به ڳوٺ
ويندي، اها جڳهه پري کان ڏسندي، ڏاڍي شرمنده ٿيندي
آهيان.
سوال: ڪجهه ٿيڻ جي آس؟
جواب: بس هاڻي اهائي آس آهي ته وقت جو هڪ پل به
ضايع نه ٿئي، هر پل ڪنهن مثبت ڳالهه ۾ خرچ ٿئي.
سوال: ٻارن لاءِ پيغام؟
جواب: سنڌ کي دنيا جي نقشي تي قائم رکڻ ۽ جيڪي
غلطيون گذريل نسلن ڪيون آهن، تن کي نظر ۾ رکندي،
هڪ نئين واٽ سڀاڻي جي نسل کي ٺاهڻي آهي. ان لاءِ
تعليم حاصل ڪيو ۽ ساڃهه سکو. جيئن سڀاڻي اهم
ذميواريون سنڀالڻ جي قابل بڻجي سگهو.
منصور مارو ڏاهري
وائي
منهنجي ديس جا ٻار،
جهڙا گل گلاب جا!
جهڙا گل گلاب جا!
موتيا مگرا آهن مڙئي،
مکڙين جي مهڪار،
جهڙا گل گلاب جا!
ڪنول رابيل ڄڻ چنبيليا،
چيهن جي چهڪار،
جهڙا گل گلاب جا!
گلڙن جي گلزاري آهن،
ڦلڙن جي ڦولار
جهڙا گل گلاب جا!
مرڪ تن جي ڏاڍي مٺڙي،
ڄڻ ڪا ماکيءَ لار
جهڙا گل گلاب جا!
پيارا پيارا ٻول ٻولن ٿا،
ٻوليءَ ۾ ٻهڪار،
جهڙا گل گلاب جا!
گل ڦل قلمي دوستي
·
نالو: امر لال
ڪلاس: نائون اي
وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: مهراڻ ماڊل اسڪول پنوعاقل
·
نالو: چندر بوس سونارو
ڪلاس: نائون اي
وندر: بيڊمنٽن راند کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: مهراڻ ماڊل اسڪول پنو عاقل.
·
نالو: آفتاب احمد ابڙو
ڪلاس: نائون اي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول وارهه
·
نالو: فياض حسين لاشاري
ڪلاس: نائون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ پائليٽ اسڪول دادو.
·
نالو: ذوالفقار چاچڙ
ڪلاس: ڏهون
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 16 سال
ائڊريس: سنڌ ڪتاب گهر ڪنڌڪوٽ
·
نالو: محمد علي بروهي
ڪلاس: ڇهون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: مڊل اسڪول فقير جو ڳوٺ ٺٽو.
·
نالو: فقير محمد جت
ڪلاس: نائون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديرو.
·
نالو: عبدالله
ڪلاس: ستون بي
وندر: انسانيت سان پيار
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻو.
·
نالو: اعظم علي لاکو
ڪلاس: ستون ڊي
وندر: ادب پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سڪرنڊ.
·
نالو: دليپ ڪمار
ڪلاس: اٺون اي
وندر: وڏن جي عزت ڪرڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول چوهڙ جمالي ٺٽو.
·
نالو: غلام رسول چاچڙ
ڪلاس: ڏهون اي
وندر: علم سان چاهه
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ نيشنلائيزڊ هاءِ اسڪول ڪالوني
نمبر 1 ڪشمور
·
نالو: الطاف حسين
ڪلاس: ڏهون بي
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 15 سال
ائڊريس: گهر نمبر اي 44 فيڪٽري روڊ ڪوٽ غلام محمد.
·
نالو: لقمان کٽي
ڪلاس: نائون بي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سجاول.
·
نالو: شڪيل احمد ڪلر
ڪلاس: اٺون اي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: جابر هاءِ اسڪول ڏيپلو
·
نالو: سجاد حسين گاڏهي
ڪلاس: اٺون
وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: انور بڪ اسٽور ميهڙ
·
نالو: ڪمل ڪمار جيسراڻي
ڪلاس ڏهون اي
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر.
کل ته سهي
·
گراهڪ (دڪاندار کي) يار هي ڪڪڙ ته منڊي آهي.
دڪاندار: ڀائو توهان کائيندو يا مرغي کي ڊانس
ڪرائيندو.
(رميش ڪمار لاڻيوشن)
·
گراهڪ: هي آنا ڪنهن جا آهن؟
دڪاندار: منهنجا آهن.
گراهڪ: يار معاف ڪجان، مون کي توهان جا نه پر ڪڪڙ
جا آنا کپن.
(حسين فاروق گوپانگ قمبر)
·
مسافر (گارڊ کي) يار ڪا اهڙي صلاح ڏي، جيئن چانهه
پي اچان ته گاڏي بيٺي هجي.
گارڊ: پوءِ مون کي گڏ وٺيو هل.
(امجد علي عباسي لاڙڪاڻو)
·
جج (شاهد کي چيو) ٻڌاءِ چور جا پار پتا.
شاهد: سائين توهان جيترو قد، رنگ به توهان جهڙو،
نشان به منهن تي توهان جهڙا هوس، ڀلجان نه ٿو ته
توهان جهڙو هو.
·
بيرو (گراهڪ کي): سائين توهان کي اسان جي دڪان جو
حلوو ڪيئن لڳو.
گراهڪ: جلدي ۾ پيٽ جي سور جي دوا کڻي اچ.
(ايم رمضان علي سيلرو نم شريف)
·
هڪ ڇوڪرو: رات جو سيءَ ۾ وهنجي رهيو هو.
پڻس منع ڪندي چيس: پٽ نه وهنج ٿڌ لڳندئي.
ڇوڪر چيو: بابا پوءِ ڪوٽ پائي وهجان.
(عبدالسلام سانگي ميهڙ)
·
ٽيچر (صائمه کي) ماءُ جي پيرن ۾ ڇا هوندو آهي؟
صائمه (جلدي ۾) مس ماءُ جي پيرن ۾ جتي هوندي آهي.
(نسرين ڪنڌر پريالوءَ)
·
استاد شاگردن کي چيو ته: جنهن کي گهڻي سستي آهي،
اهو هٿ مٿي کڻي، شاگردن هٿ مٿي کنيا، پر هڪ شاگرد
هٿ مٿي نه کنيو.
استاد ان کان پڇيو: ڇو تون هٿ مٿي نه ٿو کڻين.
شاگرد: سائين مون کي ايتري ته سستي آهي جو مان هٿ
به مٿي نه ٿو کڻي سگهان.
(عبدالمنان بابر سرهيو لاڙڪاڻو)
·
هڪ چور جي وڪيل، جج کي چيو ته: سائين منهنجي موئڪل
چوري ائين ڪئي آهي، جو دري کليل هئي ۽ ان اندر
ساڄو هٿ وجهي سامان ڪڍي ورتو آهي، هاڻ ان جي سزا
هن کي ڇو ڏجي، ڪم ته هن جي هٿ ڪيو آهي.
جج چيو: ٺيڪ آهي، مان هن جي هٿ کي ٻه سال سزا ڏيان
ٿو، پوءِ هي هٿ سان گڏ جيل ۾ رهي يا هٿ ڪپي ڏي.
وڪيل مسڪرائي: چور جو مصنوعي لڳل هٿ ڪڍي، جج کي
ڏنو ۽ جج وائڙو ٿي ويو.
(حاڪم علي ٿهيم جوهي)
·
هڪ سپاهي جنگ جي وقت ۾ هروقت پنهنجي آفيسر وٽ
هوندو هو. جنگ ختم ٿي.
آفيسر خوش ٿي سپاهي کي چيو: شاباس پٽ، تون وفادار
آهين، جنگ جي وقت ۾ به تون مون سان گڏ هئين.
سپاهي جواب ڏنو: سائين امڙ جي نصيحت هئي ته جنگ جي
وقت آفيسر سان گڏ رهجان، ڇو جو جنگ ۾ آفيسر گهٽ
مرندا آهن.
(آفتاب علي ڀٽي)
ننڍڙا اديب
ماءُ جي نافرماني
”ابا مون کي دڪان تان سودو آڻي ڏي.“ نبو کي ماءُ
چيو. ”مان ڪونه ٿو وڃان.“ مان مال چارڻ ٿو وڃان.“
هن وراڻيو. ماءُ کيس وري چيو ”ابا مون کي ٻوڙ رڌڻو
آهي. پهرين مون کي سودو آڻي ڏي پوءِ مال سان وڃ“
مگر هن نه
مڃيو ۽ هليو ويو. ماءُ ناراض ٿي چيس: ”ماريا شل
نانگ کاوئي.“
هي جهنگ ۾ مال چاري رهيو هو. اوچتو هن جي نظر هڪ
وڏي ڪاريهر نانگ تي پئي، جيڪو هن کي کائڻ لاءِ هن
ڏانهن اچي رهيو هو. هي ڊپ ۾ وٺي ڀڳو. ڊوڙندي پويان
مڙي ڏٺائين ته نانگ به تيزي سان سندس پويان اچي
رهيو هو. هن کي ماءُ جا الفاظ ياد اچي ويا دل ۾
الله کي ياد ڪري چيائين ته: يا الله مون کي نانگ
کان بچاءِ هاڻي ڪڏهن به ماءُ جي نافرماني نه ڪندس.
دعا گهري پوئتي نهاريائين ته نانگ نظر نه آيس.
سهڪندو گهر پهتو ۽ ماءُ جي پيرن تي ڪري چيائين
”امان مون کي معاف ڪر آئنده تنهنجو چيو مڃيندس. اڄ
تو مون کي پٽيو هو. ان ڪري نانگ مون کي کائڻ آيو
هو.“ ماءُ کيس ڀاڪر پائي چيو ”ابا توکي مون دلان
ٿورئي پٽيو هو.“ چيائين ”تڏهن ته بچيو آهيان. امڙ.
عبدالقادر مڱڻيجو
خراب صحبت
عامر هڪ سٺو ڇوڪر هو ۽ هوشيار هو. سندس هوشياري
اسڪول ۾ مشهور هئي. هو سدائين ڪلاس ۾ پهريون نمبر
کڻندو هو، پر جڏهن پنجون ڪلاس پاس ڪري ڇهين ڪلاس ۾
آيو ته هن جي دوستي هڪ خراب ڇوڪر، ابراهيم، جنهن
کي ڀوتار سڏيندا هئا، ان سان ٿي، ڀوتار خراب ڇوڪر
هو. هو نه چاهيندو هو ته هن جي ڪلاس ۾ ڪو هوشيار
ڇوڪر هجي. هو چاهيندو هو ته سڀ ڇوڪرا مون جهڙا
هجن.
ڀوتار ۽ عامر جي دوستي، جيئن پوءِ تئين وڌندي
ويئي. عامر به ڀوتار جي صحبت ۾ رهي ڀوتار جهڙو ئي
ٿي ويو هو. هو ٻئي روزانو رسيس ۾ ڀڄي ويندا هئا.
هڪ ڏينهن ڀوتار چيو عامر کي اڄ پنهنجي يار احمد وي
سي آر آندو آهي، هل ته هلي ڏسون. اُهي ٻئي ڀڄي
ويا، وي سي آر ڏسڻ. هاڻي وي سي آر ڏسڻ هنن لاءِ
جهڙوڪ نشو بنجي چڪو هو ۽ عامر جو پڙهائي ڏانهن
ڌيان نه رهيو هو.
هڪ ڏينهن عامر جي پيءُ کي عامر جي خراب ڪمن بابت
خبر پئي، سو عامر جو پيءُ اچي استاد کان عامر بابت
پڇا ڳاڇا ڪئي، ته استاد کيس سڄي حقيقت ٻڌائي. عامر
جي پيءِ کي عامر جي انهن ڪمن تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.
جڏهن عامر گهر آيو ته پڻس ڏاڍي مار ڪڍي ۽ پوءِ هن
پڻس سان واعدو ڪيو ته: آئون ڪڏهن به ڀوتار جهڙن
ڇوڪرن سان نه رلندس ۽ پوءِ هو اڳوڻي وانگر محنت
ڪرڻ لڳو ۽ ڪلاس ۾ پهريون نمبر اچڻ لڳو.
ٻارو اوهان به ڀوتار جهڙن خراب ڇوڪرن سان صحبت نه
رکو ۽ نه ئي خراب ٿيو.
انتظار حسين
ساڙ
هڪڙي شهر ۾ هڪ بازار هئي، ان بازار ۾ ڪافي دڪان
هئا. اتي هڪ دڪان گلڻ جو به هو. هي ماڻهن سان بي
ايماني ڪندو هو ۽ شيون ٻين کان مهانگيون ڏيندو هو.
ان ڪري گلڻ جي دڪان تي گراهڪ گهٽ ايندا هئا. گلڻ
جڏهن ٻين جي دڪان تي گهڻي رش ڏسندو هو ۽ پنهنجي
دڪان تي هڪ به ماڻهو نه ڏسندو هو ته سڙي ويندو هو
گلڻ دڪان ڪرائي تي ورتو هو. گلڻ سوچيو ته مان ڪهڙي
ترڪيب استعمال ڪيان، جو ٻيا تباهه ۽ برباد ٿين.
گلڻ هڪ ڏينهن سوچيو ته ڇو نه هيئن ڪجي، جو پنهنجي
دڪان کي باهه ڏيان. گلڻ پنهنجي دڪان مان سڀ سامان
ڪڍيو ۽ هن چيو ته: منهنجو دڪان ته ڪرائي جو آهي.
سڙي ويو ته ڪهڙي پرواهه آهي.
گلڻ جو گهر به دڪان کان ٿوروئي پري هو، هن چيو ته
باهه وڌي وڃي، ٻين دڪانن کي لڳندي ۽ هن بيوقوف اهو
نه سوچيو ته باهه وڌي وڃي منهنجي گهر کي به لڳندي.
گلڻ رات جو وڃي پنهنجي دڪان کي باهه ڏني جا وڃي
گهر کي لڳي گهر جا سڀ ڀاتي جلدي جلدي نڪري پنهنجي
جان بچائڻ ڀڄي آيا، باقي گهر جو سمورو سامان سڙي
وين.
پوءِ ته گلڻ ڏاڍو پڇتايو ته جيڪڏهن ائين نه ڪيان
ها.
عبدالقادر
سچي خوشي
اڄ سڀني ماڻهن کي روزو هو، ليڪن نذير اڄ به روزو
نه رکيو هو. هن جي عادت ٿي ويئي هئي. انهي ڪري سڀ
ماڻهو اُنهي کي روزي خور چوندا هئا. اڃا عيد ۾ ٽي
ڏينهن باقي هئا، ته پڻس سڀني کي سٺا قلم وٺي ڏنا.
نذير جو قلم ڀڄي پيو. هن رحيمان جو قلم کڻي ورتو ۽
پنهنجو قلم انهي جاءِ تي رکي آرام سان سمهي رهيو.
جڏهن رحيمان، الماري کولي ته اتي ڀڳل قلم ڏٺائين.
هو روئيندي روئيندي، پنهنجي پيءُ وٽ ويئي ۽ اتي
اها شڪايت ڪيائين، ان جي پيءُ سڀني جا قلم پاڻ وٽ
گهرايا. اشرف اتي نه هو، ان جي پيءُ ان کي سڏيو.
هن مٿي جي سور جو بهانو ڪيو. رحيمان جڏهن هن وٽ
پنهنجو قلم ڏٺو، هن انهي کي سڃاڻي ورتو. ان جي
پيءَ نذير کي سمجهايو. پر انهي جي سمجهائڻ جو ان
تي ڪوبه اثر نه ٿيو. اڄ چنڊ نظر اچي چڪو هو. ۽ صبح
جو عيد هئي. ٻار سڀ خوش هئا. پر نذير جي دل اڄ به
ڪا نئين شرارت ڪرڻ ٿي چاهي. جڏهن رات جو سڀ ماڻهو
پنهنجون شيون سنڀالي سمهي پيا، نذير رات جو لڪي
رحيمان جي چني حوا جي الماري ۾ رکي ڇڏي ۽ حوا جي
چنمي رحيمان جي الماري ۾ رکي ڇڏي ۽ ڀاءُ جو جوتو
ميز هيٺيان لڪائي ڇڏيو ۽ آرام سان سمهي پيو. جڏهن
صبح ٿيو هن جي ڪنن ۾ گوڙ شروع ٿيو. رحيمان ۽ حوا
وڙهي رهيون هيون. هو چوي ته، تون چور آهين. هو چوي
ته تون چور آهين. وڏي مشڪل سان هنن کي ماءُ چپ
ڪرايو هوڏانهن وڏو ڀاءُ پنهنجا جوتا ڳولي ٿڪجي
پيو. هن پراڻا جوتا پاتا ۽ پنهنجي پيءَ سان گڏ
نماز پڙهڻ ويو. نذير عيد نماز پڙهڻ جي بجاءِ
پنهنجي دوستن سان گڏ گهمڻ هليو ويو. اتي هن هم عمر
ڇوڪري کي روئيندي ڏٺو، اُتي هنن شرارت ڪندي، انهي
ڇوڪر کي گندي پاڻي ۾ ڌڪو ڏنو ۽ کلندا هليا ويا.
ڪافي دير کان پوءِ، نذير اتان لنگهيو. ان وري انهي
ڇوڪري کي اتي ڏٺو. هو هن وٽ ويو ۽ هن ڇوڪري چيو
”جيڪڏهن مون وانگر تنهنجا، ماءُ پيءُ ڀي نه هجن
ها، ته توکي کائڻ لاءِ ۽ پهرڻ لاءِ ڪوبه ڪپڙا نه
ڏيئي ها، ۽ توسان ڪهڙو نه حشر ٿئي ها. ليڪن مون
وانگر ڪو توکي گندي پاڻي ۾ ڌڪو ڏيئي ها ۽ توکي
پاڻي مان نه ڪڍي ها! انهي ڪري منهنجا ماءُ پيءُ نه
آهن تڏهن مون کي ماڻهو ماريندا آهن. ان ڇوڪري کي
پنهنجي گهر وٺي آيو ۽ ان پنهنجو نئون ڪپڙن جو جوڙو
ان کي ڏنو. ۽ ان کي نئين جتي وٺي ڏنائين ۽ گلي
لڳائي، ان کان معافي گهري ۽ پنهنجي عيد جي خرچي به
ان کي ڏيئي ڇڏي. ۽ هن کي چيائين هي وٺ منهنجا ڀاءُ
هن تمام شين ۾ تنهنجو حصو آهي، هن جي دل ۾ نئين
خوشي جاڳي پئي ۽ نذير اشراف ڇوڪرو بنجي رهڻ لڳو.
عبدالعزيز ڪنڀر
پڇتاءُ
انور اڄ به روز جيئان ڪلاس ۾ استاد جي هٿان مار
کائي رهيو هو، ڇو ته هو اڄ به ڪلاس ۾ دير ڪري آيو
هو ۽ هوم ورڪ پڻ ڪونه ڪيو هئائين. استاد مارڻ وقت
کيس چئي رهيو هو ته ”ڇورا تون ڪڏهن پهرين جيئان
محنت ڪندين ۽ اسڪول ۾ وقت تي ايندين.
انور هڪ تمام سٺو ۽ سلڇڻو ڇوڪرو هو. هو اٺين جماعت
۾ پڙهندو هو ۽ هر سال امتحان پهرين نمبر ۾ پاس
ڪندو هو. پر جيئن ئي هو اٺين ڪلاس ۾ پهتو ته هن جي
دوستي هڪ مغرور ۽ آوارا ڇوڪري، بابر سان ٿي، جيڪو
سڄو ڏينهن رلندو ۽ پاڙي واري هوٽل تي وي سي آر
ڏسندو هو. انور کي سندس دوستن ۽ استادن بابر سان
گهمڻ ۽ ڳالهائڻ کان جهليو، پر انور انهن جي هدايت
ٻڌي، اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندو ۽ بابر سان گهمندو رهيو.
آخرڪار وي سي آر جي شوق ۾ انور کان اسڪول وڃڻ ۽
محنت ڪرڻ وسري وئي. استادن جي چوڻ تي کيس پڻس گهڻو
سمجهايو ته: پٽ بابر سان رلڻ ڇڏ ۽ اسڪول جي ڪم ۾
محنت ڪر. پر انور پيءُ جي ڳالهه هڪ ڪن مان ٻڌي ٻي
مان ڪڍي ٿي ڇڏي. آخرڪار ڏينهن گذرندا ويا ۽ امتحان
به ويجها اچي پهتا، پر انور ۽ بابر هميشہ جيئان وي
سي آر ڏسندا رهيا آخرڪار امتحان ٿيو ۽ نتيجو به
ظاهر ٿيو ته ڪلاس ۾ فقط ٻه ڇوڪرا فيل ٿي پيا سي
هئا انور ۽ بابر.
هي ٻئي ڄڻا امتحان جو نتيجو ٻڌي شرم کان ڪنڌ هيٺ
ڪري بيهي رهيا. تنهن تي استاد کين سمجهايو ته همت
نه هاريو اڃا به وقت آهي اوهين محنت ڪريو،
انشاالله اوهان به ٻين شاگردن جيئان ضرور ڪامياب
ٿيندو.
ان کان پوءِ انور ۽ بابر استاد کان ۽ پنهنجي
والدين کان معافي ورتي ۽ محنت ڪري پڙهڻ لڳا.
”سڳنڌ“ اختر شيخ
نثار بزمي
ڀائٽيءَ جي چاچي سان گفتو
اسين آهيون ٻالڪ
ته ڇا ٿي پيو
وڏا ٿي اسان ڪي
وڏا ڪم ڪنداسين
اسان پنهنجي تاريخ
چانديءَ جي ورقن تي
لعلن جواهرن جي لفظن سان
ٺاهي لکي
پوءِ پونين کي
تحفي ۾ ڏيئي ڇڏينداسين
چاچا دلاور!
اسين آهيون ٻالڪ
وڏا ٿي اسان دودا دولهه
ٿينداسين
وطن جا سپاهي ٿي
پنهنجي وطن جي
حفاظت ڪنداسين
اسان پنهنجي ڌرتيءَ کي کيڙي
پوءِ خوشحال ٿينداسين
دولت ۽ غربت کي ميڙي
مالا مال ٿي
رب جا احسان ڳائي
پيا مرڪنداسين
او چاچا دلاور!
رڳو تون دعا ڪر،
رڳو تون دعا ڪر
هڪ ڏينهن جي ڳالهه
اچو ته مضمون لکون سلسلو مسلسل چار سال کن لاڳيتو
هليو آهي. هاڻ ان جي جاءِ تي اسان ”هڪ ڏينهن جي
ڳالهه“ جي عنوان سان هر مهيني ٻن ٻارن جا ليک
ڇپينداسين ۽ انهن کي پهريون ٻيون نمبر انعام به
ملندو. هن سلسلي ۾ صرف مئٽرڪ تائين پڙهندڙ شاگرد
لکي سگهن ٿا ۽ کين انعامي ڪتاب اسڪول جي ائڊريس تي
موڪلبا.
موضوع ٻارن جي حوالي سان هجي ۽ توهان ٻار جيڪي هن
معاشري ۾ ڏک سک ڏسو ٿا، انهن کي لفظن جي روپ ۾ لکي
موڪليو، مضمون ٻن پنن کان وڌيڪ نه هجي.
مضمون موڪلڻ جو پتو:
”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“
ايڊيٽر گل ڦل
سنڌي ادبي بورڊ،
پوسٽ ڪوڊ 76070 ڄام شورو سنڌ.
نتيجو اچو ته مضمون لکون- 56
ماهه اپريل 1989ع جي پرچي ۾ اچو ته مضمون لکون جي
عنوان تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو هو. جنهن ۾ هيٺين
ٻارن حصو ورتو.
1- رضوان عنايت علي خواجه تلهار 2- رشيد احمد
ڪليري گهوٽڪي 3- سعيد احمد نظاماڻي ٽنڊو قيصر 4-
لياقت علي ميتلو رتو ديرو 5- علي اصغر چانڊيو
لاڙڪاڻو 6- علي نواز گراماڻي جوهي 7- ٻاگهل قاضي
راڌڻ 8- غلام حيدر جروار مصري جروار 9- امر لال
مينگهواڙ ڏهرڪي 10- رسول بخش قاضي ماڪن ڪوري 11-
امير حسن خواجه ڪڍڻ 12- غلام مجتبيٰ سرڪي ٺٽو 13-
نند لعل نوهاڻو ميرپور خاص 14- عبدالوحيد ٻگهيو
آباد 15- نثار احمد چنه ڏيٻارجه 16- بخشل خان
سومرو ميهڙ 17- مير محرم لغاري جوهي 18- رياض احمد
ڪاڪيپوٽو رتو ديرو 19- اشفاق ميمڻ هنڱورجه 20-
ارباب علي ڪپري جهڏو 21- سليم الله سومرو ميرڪ 22-
آفتاب بانو قريشي 23- قمر الدين سهتو ڪنڊيارو 24-
محمد هاشم عباسي منور آباد 25- راجيش ڪمار ٽندو
محمد خان 26- فرحان قريشي ڄام شورو 27- نيڪ محمد
پٺاڻ شهباز خان پٺاڻ جو ڳوٺ 28- نعمت الله ميمڻ
باڪراڻي 29- نظر حسين قاضي ماڪن ڪوري 30- غلام
مجتبيٰ ڪلوڙ عادلپور 31- عبدالرشيد مهيسر ڪشمور
ڪالوني 32- عبدالقيوم ڀٽي ٽنڊو محمد خان 33- اڪبر
علي سميجو ڪشمور 34- حبيب الله هالا نوان 35- اظهر
حسين مڏ باهو 36- فيض محمد سومرو ٺٽو 37- رجب
شعبان ڪلوڙ ڪشمور 38- عنايت الله ڪنڌڪوٽ 39- عاجز
عباسي علي قاضي ماڪن ڪوري 40- آفتاب بانو قريشي
سجاول 41- وفا ايم ايوب جوڻيجو ميرپور بٺورو 42-
گهنشام پرڪاش لنڊ ڪشمور 43- شمشاد علي ابڙو ابڙا
بڪار 44- بشير احمد گبول ميرخان گبول 45-
عبدالوهاب ٻرڙو ميرپور ٻرڙو 46- جان محمد لاشاري
ميرپور ٻرڙو 47- وسيم احمد سومرو لاڙڪاڻو 48-
خورشيد احمد ڪلوڙ ڪشمور 49- ايس خادم حسين گل
گهنڃو پنو عاقل 50- رشيد احمد لغاري ميرو خان 51-
فريد حسين هيسباڻي نئون ديرو 52- اعظم علي لاکو
سڪرنڊ 53- رجب علي مڱڻهار سرهاري 54- چمن لال
ڏيپلو 55- آفتاب علي ڀٽي 56- جاويد گل ممڀاڻي ٺٽو
57- امتياز علي ميرپور ٻرڙو 58- ايم رمضان نم شريف
59- خدا بخش چنا لواري شريف 60- زاهد حسين ٿيٻو
ميرپورخاص 61- ظهور احمد ڪلوڙ عادلپور 62- عبدالله
ڪاڪا نيو سعيد آباد 63- رب نواز کوسو گڊو بيراج
64- شاهنواز ميراڻي گڊو 65- جڳت رام جمناڻي پنو
عاقل 66- عبدالحڪيم ٻگهيو وارهه 67- فرزانه ٻرڙو
ميرپور ٻرڙو 68- آفتاب حسين سومرو محرابپور 69-
درشن ڪمار پريمي خانپور مهر 70- طارق امر ڇتو چنڊ
71- محمد بخش مغيري لاڙڪاڻو 72- محمد اسماعيل
قمبراڻي ٽنڊو محمد خان 73- اياز حسين سومرو سومرا
وليج 74- نويد عباسي ميمڻ سجاول 75- اعجاز علي
جاگيراڻي نئون ديرو 76- مدد علي ٽڳڙ لاڙڪاڻو 77-
غلام مصطفيٰ هاليپوٽو ماتلي 78- غلام حسين جوڻيجو
ميهڙ 79- عبدالستار سومرو ميهڙ 80- امداد حسين
مگسي شهداد ڪوٽ 81- محمد خان خاصخيلي ٺٽو 82-
محبوب علي بروهي فقير جو ڳوٺ 83- منير احمد مير جت
خيرپور ميرس 84- سردار نظر علي خان گڏاڻي 85- مجيب
الرحمٰن شيخ لاڙڪاڻو 86- مهيش ڪمار پنو عاقل 87-
نظر حسين سهتو محرابپور جنڪشن 88- ايم مير حسن
بروهي فقير جو ڳوٺ 89- نظير حسين لغاري ٽنڊو
الهيار 90- علي اڪبر ڪنراڻي ٺل 91- پرويز علي
عمراڻي سجاول 92- همدم ذوالفقار علي بڙدي پير وسڻ
93- عبدالحڪيم ٻگهيو وارهه 94- نياز محمد ڪلوئي
مير ڪاري کوهه 95- ڀڳوان بي ڏيپلائي حاڪم علي
”راز“ پانڌي خان 97- موهن ياسين مري کپرو 98- لطف
الدين گڏاڻي ميرپور ماٿيلو 99- زرينه لاڙڪ گڊو
بيراج 100- ممتاز ميتلو قمبر 101- شيخ عبداللطيف
باڪراڻي 102- عبدالله ٽڳڙ لاڙڪاڻو 1303- غلام علي
بهادر پور 104- محمد مريد سومرو سرهاري 105- غلام
رسول سامت ميرپور ٻرڙو 106- ممتاز علي شاد سولنگي
ڪشمور 107- مسڪين احمد خان سمون ٽنڊوالهيار 108-
نصر الله خان بوزدار کپرو 109- حمايت علي راشدي
ملاحرمت 110- فقير مهرالهرکيو لوهاري 111- فارينه
نور احمد يوسفاڻي ڏيپلو 112- درويش ڪمار ڪنڌڪوٽ
113- ارجڻ ڪمار مکڻ سمون 114- ذوالفقار سومرو آباد
115- محمد اسحاق سميجو دادو 116- آغا محمد اقبال
پٺاڻ ٽنڊو شهباز 117- ڀاونداس ڪانجواڻي ٻٻر لوءِ
118- عقيل عباسي خواجه ڪڍڻ 119- پرنس ڪنعيا لعل
ساولاڻي شهدادڪوٽ 120- عبدالڪريم عمراڻي سجاول
121- عظيم جروار شير خان جروار.
ججن جي فيصلي موجب هيٺين ٻارن جا مضمون پهريون ۽
ٻيو نمبر قرار ڏنا ويا آهن.
1.
رضوان عنايت علي خواجه ڪلاس اٺون گورنمينٽ هاءِ
اسڪول تلهار.
2.
رشيد احمد ڪليري گهوٽڪي.
ٻه سئو رپين جي شاندار ورڇ
گل ڦل خال ڀريو 6 جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو
هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن. کين حصي آهر
انعام ڏبو
جواب:
1.
1922 (2- سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو 3- ڪراچي
يونيورسٽي 4- اين ڊي اي ڪراچي 5- زرعي يونيورسٽي
ٽنڊو ڄام 6- لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس 7- آغا
خان ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي.)
1. ستارو 4- سچل سرمست 5- 88
2.
چندر بوس سونارو مهراڻ ماڊل اسڪول پنو عاقل.
3.
لياقت علي شيخ ڪلاس نائون اي پائليٽ سيڪنڊري اسڪول
لاڙڪاڻو.
4.
جميل احمد جتوئي ڪلاس ڏهون اي گورنمينٽ هاءِ اسڪول
ميرپورخاص.
5.
وجئه ڪمار اگهياريم ڪلاس نائون بي مهراڻ ماڊل
اسڪول پنو عاقل.
6.
سنيل ڪمار سڀواڻي ڪلاس نائون اي گورنمينٽ هاءِ
اسڪول ميرپور ماٿيلو.
7.
فاروق احمد راشدي ڪلاس اٺون اي نئون ديرو.
8.
پرمانند ڪمار ڪلاس اٺون بي گورنمينٽ هاءِ اسڪول
پنو عاقل.
9.
رفيق احمد سومرو مدرسه ارشاد العلوم ميرڪ وايا
هنڱورجا.
10.
زينت الله جمالي ڪلاس نائون هاءِ اسڪول بکر جمالي.
11.
ساجده پروين شيخ ڪلاس اٺون بي مغل گرلس هاءِ اسڪول
لاڙڪاڻو.
12.
شاهين شمن جوڻيجو ڪلاس پنجون پرائمري اسڪول دڙا
وايا باڊهه.
13.
ٻاگهل قاضي راڌڻ.
مرتب: قلندر لڪياري
انعامي مقابلو ڀڃ ڳجهارت
ٻه سئو رپين جو انعام
اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 28 جون 1989ع آهي
ٻارن جي خواهش موجب ”گل ڦل خال ڀريو“ سلسلو ختم
ڪري ان جي جاءِ تي توهان جي وندر ورونهن ۽ سوچ
ويچار لاءِ ’ڀڃ ڳجهارت‘ جاري ڪري رهيا آهيون.
هي سلسلو جناب قلندر لڪياري لکي رهيو آهي، صحيح
جواب اچڻ تي ڪڻن ذريعي ٻارن کي انعام ڏبو، گهڻا
جواب صحيح اچڻ تي ڪڻن وسيلي انعام ڏبو باقي نالا
شايع ڪبا.
ها ٻارو هنن ڳجهارتن متعلق پنهنجي راءِ به ته
موڪلجو، هي سلسلو اوهان کي ڪيئن ٿو لڳي اسان کي
اوهان جي جواب جو انتظار رهندو.
آءُ ڳجهارت گڏجي ڳوليون، پيار ڀريون ڪي ٻوليون
ٻوليون
سوچي سوچي سوچ وڌايون، لال لڀڻ جي لوچ وڌايون
سوچيندڙ جو شاهي شان، ملڪ مٺي جو ٿيندو مان.
(قلندر لڪياري)
ڳجهارت-1
1ـ هنج رهي ڍنڍ ۾- چهنب سندس سوني
پاڻي پيئي پڇ سان- تو ڀي ڏٺو هونِي؟
2ـ پسن وارو پڇ رکي ٿو- تاج مٿي تي شاهي
ناچ ڪري ٿو تاڪَ ڌناڌن- راڳ سڻي ڪو راهي
3ـ باهيون به ٿو ٻاري ۽ پاڻي به پياري ٿو
جن، آهي وڻن جو هي، سڀني کي جياري ٿو. |