حاجي شاهنواز پيرزادو
ڪلام الله
بسم الله الرحمان الرحيم
(الله ٻاجهاري مهربان جي نالي سان ”شروع“)
اهڙن (ماڻهن) سان لڙندا رهو، جيستائين ڪه ملڪ
منجهان فتنو ۽ فساد فنا ٿي وڃي ۽ الله جو دين قائم
ٿي رهي، پر جيڪڏهن اُهي هٿ ڍرا ڪن، ته اوهين به
انهن مٿان دشمني دور ڪريو، ڇو ته زيادتي ظالمن کان
سواءِ ٻين مٿان جائز نه آهي. (البقر 193)
عبدالواحد لغاري
حضور ﷺ فرمايو
مسلمانن جي گهرن منجهان، سڀ کان بهتر گهر اهو آهي،
جنهن منجهه يتيم هجي، ۽ ان سان سهڻو سلوڪ ٿي رهيو
هجي ۽ مسلمانن جي گهر ۾ سڀ کان بدترين گهر اهو
آهي، جنهن منجهه ڪو يتيم هجي، ۽ ان سان خراب سلوڪ
ٿي رهيو هجي، ۽ ان سان خراب سلوڪ ٿي رهيو هجي!
(مشڪوات)
حال احوال
پيارا ٻارؤ!
گل ڦل جو هي پرچو، جڏهن اوهان جي ڪومل هٿن ۾
پهچندو، تڏهن گرمين جي موڪل اوهان کي ملي چڪي
هوندي، يا ملڻ واري هوندي، گهڻا ٻار انهيءَ موڪل
مان فائدو وٺي گهمڻ ڦرڻ به ضرور ويندا. ڪي وري
پنهنجن دوستن سان ملڻ لاءِ انهن جي ڳوٺن ڏانهن
ويندا. ٻارو دوستي نالوئي آهي وفاداري جو، اهو
دوست ڪهڙو جيڪو ٻئي جي ڪم نه اچي، ڏک سک ۾ دوست ئي
ته ڪم ايندا آهن پر افسوس جو اسان کي ڪيترن ٻارڙن
لکيو آهي ته ڪي ٻار قلمي دوستي جي ڪالم ۾ ائڊريس
پڙهي، کين خراب خط لکن ٿا.
ٻارو اسان قلمي دوستي جو ڪالم شروع انهي ڪري ڪيو
آهي جيئن سنڌ جا ٻار پاڻ ۾ رابطو رکن ۽ هڪ ٻئي جي
ڏک سک ۾ ڪم اچن اسان کي پڪ آهي ته ڪوبه بااخلاق
شاگرد گندي زبان خط ۾ ڪونه لکندو هوندو، پر ڪي بد
اخلاق هوندا، جيڪي ائين ڪندا هوندا ۽ اوهان سان،
جي ڪو ٻار اهڙو احوال ڪري ته ”مون فلاڻي کي خراب
خط لکيو آهي“ ته اوهان ان کي نصيحت ڪريو، جيئن هو
پنهنجي غلطي تي پڇتاءُ ڪري ۽ اڳتي اهڙي حرڪت کان
توبهه ڪري.
مون کي اميد آهي ته توهان باشعور شاگرد ڪڏهن به
اخلاق جي دامن کي هٿ مان نه ڇڏيندو ۽ ائين ڪرڻ سان
هرهنڌ مان ملندو.
چڱو ٻارو ساٿ سلامت
اوهان جو ڀاءُ
اڪبر جسڪاڻي.
ڪلياڻ آڏاڻي
لطيفي لات
هِن مُند مارو سنرا، کائر ۾ خوشحال
سائون، سيارڇ، مکڻي، جيڏيون آڻن جال
ستيءَ جي سيد چئي، ڪا ساڙيهه منجهه سنڀال
لڱن تان، لطيف چئي، لوئي لاه م، لال
ڀلو ڪندو ڀال، مينهن وسندا، موٽ تون.
مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي.
هي بيت سر مارئي جي داستان نائين جو، پنجون نمبر
بيت آهي.
سمجهاڻي:
هن رت ۾ مارو سُرها آهن ۽ ٿر ۾ آسودا آهن. سرتيون،
سائون، سيارڇ ۽ مکڻي (گاهه ۽ ولين جا قسم) گڏ ڪري،
جام ٿيون آڻين، هن ستياڻيءَ (مارئيءَ) جي وطن ۾ ڪا
ڪنهن کي يادگيري آهي؟ اي لال! (مارئي) پنهنجي بت
تان لوئي نه لاهج، ڌڻي سڳورو ڀلايون ڪندو. هاڻي
برساتون ٿيون وسن، اي مارئي! تون موٽي ماڳ وڃ.
معنيٰ:
سيارڇ
=
ول جو قسم. آڻڻ
=
آڻين. جال
=
گهڻيئي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
حضرت آدم عليہ السلام
حضرت آدم عليہ السلام اِنساني نسل جو وڏو (پيءُ) ۽
پهريون پيغمبر ٿي گذريو آهي؛ انهيءَ ڪري کيس
”اَبوالبشر“ ۽ ”صفي الله“ جي لقبن سان ياد ڪيو وڃي
ٿو. جن ۾ ملائڪ کانئس پهريائين خلقيا ويا. سندس
وجود ڪاري مٽيءَ مان ٺهيو ۽ اهائي هن عربي زبان جي
لفظ ”آدم“ جي معنيٰ آهي. پوءِ جيئن ئي جمع جي
ڏينهن، ڏهين مُحرم تي صبح جو پنجين بجي منجهس روح
ڦوڪيو ويو، ته هو ضمير، عقل ۽ هوش جو مجسمو بڻجي
پيو. زمين لاءِ خليفي مقرر ٿيڻ تي تمام جنن ۽
ملائڪن سندس سجدو ڪيو، پر فرشتن جو سردار ”اِبليس“
(شيطان) اِنڪاري ٿيو؛ جنهن ڪري هُو مردُود بڻجي،
بارگاه ايزديءَ مان هميشہ هميشہ لاءِ تڙيو ويو.
پوءِ هو (شيطان)، آدم ۽ سندس اولاد جو دائماً دشمن
ٿي پيو. ڪتابن ۾ آيو آهي ته ”شيطان“ فرشتو نه هو،
بلڪ هڪ ”جن هو.
هوڏانهن الله تعاليٰ، آدم ۽ سندس زال حوا (جيڪا
سندس ساڄي پاسيريءَ کان نڪتي هئي) کي ”جنت“ ۾ رهڻ
جو انهيءَ شرط تي حڪم ڪيو ته ”توهان هتان هر شيءِ
جو چڱي طرح چَسڪو وٺي سگهو ٿا، پر هن (ڪڻڪ جي
داڻي) جي ويجهو نه وڃجو، نه ته نافرمانن ۽ ظالمن
جي قطار ۾ شمار ٿيندؤ!“
ٿورن ڏينهن بعد اِبليس، ڏاڏي حوا کي برغلائي ورتو.
آخر ٻنهي (آدم ۽ حوا) سندس چُرچ تي، انهيءَ مَنع
ٿيل وڻ جو ميوو کاڌو، جنهن ڪري کين 350 سالن بعد
”جنت الموليٰ“ مان زمين طرف ڌِڪيو ويو. اسلامي
نظريي مطابق، اُن ڏينهن کان وٺي زمين تي انسان ذات
جي آبادي ٿي. آخر هڪ طويل عرصي بعد ”عرفات جي
ميدان“ تي ٻنهي جي ملاقات ٿي.
حضرت آدم عليہ السلام، هڪ پُختي اندازي مطابق 930
ورهيه زنده رهيو. يهودين جي سوچ مطابق سندس وجود
3761 ق. م ۾ ظاهر ٿيو. ”قصص النبيا“ ۾ آيل آهي، ته
سندس عمر عزيز هڪ هزار سال هئي، پر پاڻ سَتر سال
ايندڙ پيغمبر (حضرت دائود عليہ السلام) لاءِ ڇڏيا
هئائين.
قرآن پاڪ ۾ پنجويهن جاين تي سندس نالو ملي ٿو.
زمين تي رهي، پوکي راهيءَ کان علاوه ڪپڙو اُڻڻ،
اَٽو پيهڻ ۽ خدا جي گهر (ڪعبة الله) جي تعمير ۾
رڌل رهيو. سڀ کان اول زمين تي کين ”اَنگور“ جو
ميوو نصيب ٿيو. کين 199 پُٽَ اڳ ئي هئا. انهن کان
علاوه ”هابيل“ (ٻڪرار)، ۽ ”قابيل“ (هاري) نالي ٻه
پٽ به ناليرا ٿيا. جن جو پاڻ ۾ معمولي ڳالهه تان
اڱاري ڏينهن جهڳڙو ٿي پيو. نتيجي ۾ قابيل، هابيل
کي اُڦٽ ماري وڌو. دنيا جو هي پهريون موت آهي.
حضرت آدم عليہ السلام پٽ جي وفات تي نهايت ڏک جا
لفظ آلاپيا؛ ۽ پوءِ اهي ئي لفظ دنيا ۾ ”مَرثيي“ جي
ابتدا ثابت ٿيا. کين ٽيون پٽ ”شيٽ“ پيدا ٿيو؛ جنهن
نبوت ماڻي. غازه ۽ اَقليمه سندس ٻن نياڻين جا نالا
به ڪتابن ۾ آيل آهن.
حضرت آدم عليہ السلام کي پنج سؤ ورهين جي عمر ۾
پنهنجي اولاد مٿان نبوت عطا ٿي هئي. دوران نبوت
سندس ڪيترائي مُعجزا مشهور ٿيا. مثلاً: نيري رنگ
جي پٿر مان مٺو پاڻي وهي هلڻ، هڪ وڻ جيڪو کانئن
گهڻو پري هو ان کي ويجهو سڏڻ ۽ ٿورين ٺڪرين کان
نبوت جي شاهدي ڏيارڻ وغيره جهڙا عبرت ۾ وجهندڙ
هئا. سندس نصيحتون به گهڻيون بيان ٿين ٿيون.
جهڙوڪ: انسان کي دنيا سان محبت ڪرڻ نه گهرجي ۽ هر
ڪم جو نتيجو پهريائين سوچڻ گهرجي وغيره.
مطالعي مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته حضرت آدم عليہ
السلام کان اڳ زمين تي هڪ ٻي مخلوق به رهندي هئي،
جيڪا ”جنات“ سڏبي هئي. حضرت آدم عليہ السلام، خدا
تعاليٰ جي هيڪڙائيءَ لاءِ پنهنجي اولاد کي بار بار
هدايت ڪندو رهيو. سندس اولاد تي پنجاهه وقت نماز،
روزا ۽ پاڪائيءَ لاءِ وهنجڻ (غسل ڪرڻ) جو حڪم ڪيل
هو. انهيءَ سان گڏ حرام (جهڙوڪ: سوئر وغيره) لاءِ
منع ۽ خون ۽ شراب لاءِ سختي سان روڪ ٿيل هئي. وٽس
ٻارهن ڀيرا جبرئيل عليہ السلام آيو هو. مٿس
ايڪويهه صحيفا جملي نازل ٿيا هئا. آخر 930 سالن
جي عمر ۾، جمع ڏينهن خدا ڏانهن راهي ٿيو. سندس
جنازه نماز، پُٽ شيٽ عليہ السلام پڙهائي ۽ اَبو
قيس جبل ۾ جاءِ ملي. پاڻ ڊگهي قد ۾، نَوي فوٽن جي
لڳ ڀڳ هو.
سنڌيڪار: عبدالغني شيخ
ڏاهپ جا نڪتا
·
بيڪار جيئڻ، ڄڻ وقت کان اڳي مرڻ. (گوئٽي)
·
زندگيءَ انڪساريءَ جو سبق آهي. (بيري)
·
ڄمار سالن سان نه پر عملن سان ڪٿجي. (بيلي)
·
ڪاوڙ ۾ وات کليو وڃي ۽ اکيون ٻوٽجيو وڃن. (ڪاتو)
·
غلطي جو احساس نه هئڻ ئي سڀ کان وڏي غلطي آهي.
(ڪارلائيل)
·
پنهنجي جهالت جو احساس علم طرف وڏو قدم آهي.
(ڊزرائيلي)
·
ڏاهپ صرف سچ ۾ سمايل آهي. (گوئٽي)
·
ٻين جي پرک- سياڻپ؛ پنهنجي پرک ڏاهپ. (لائوزي)
·
نيڪي، ته صحت؛ بدي ته بيماري. (پيٽراري)
·
جنگ تباهي جي سائنس آهي. (جان ايس. سي ايبٽ)
·
سٺي جنگ ۽ خراب امن، اهي ڪڏهن به ڪونه ٿيا.
(فرينڪلن)
·
ماڻهو سيکاريندي به سکي ٿو. (سينيڪا)
·
انڌو ڏسي، انڌي کي ته ٻئي ڄڻا کوهه ۾. (انجيل)
غلام محمد لاکو
هيمون ڪالاڻي
سنڌ جي ماڻهن تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجي ديس جي
حفاظت لاءِ مثالي قرباني ڏني آهي. ڇا هندو ڇا
مسلمان، ڇا مؤمن ڇا ڪافر، جڏهن به وطن تي مصيبت
آئي، تڏهن هڪ ڳالهه ٿي دشمن جي سامهون ٿيا. ڌرتيءَ
جي اهڙن جانباز سپاهين جي هڪ ڊگهي لسٽ موجود آهي،
جن مان سکر جو سورمون ”هيمون ڪالاڻي“ به هڪ آهي.
انگريزن گذريل صديءَ ۾ سنڌ فتح ڪري، ان کي به
پنهنجي هندستاني راڄ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. تيرهن/
چوڏهن سال پوءِ هندستان جي ماڻهن پنهنجي ديس کي
آزاد ڪرڻ لاءِ، هڪ زبردست انقلاب برپا ڪيو.
بدقسمتيءَ سان اهو انقلاب ناڪام ٿيو ۽ انگريز هڪ
سؤ سالن لاءِ مضبوط ٿي هندستان تي حڪم هلائڻ لڳا.
سنڌي ماڻهن به پنهنجي حال سارو، ان انقلاب ۾ حصو
ورتو، پر جڏهن هيءَ بغاوت پوري ٿي، تڏهن ڪيئي
سورما جن ۾ هندو به هئا ته مسلمان به، ڦاسيءَ جي
ڦندي تي چڙهي ويا.
ويهين صديءَ جي ايندي ئي ننڍي کنڊ جي ماڻهن ۾
سياسي سجاڳيءَ جي هڪ لهر ڊوڙي ويئي. هر طرف حقن جي
حاصلات ۽ ڌارين حاڪمن کي ڪڍڻ جو نعرو بلند ٿيو. ان
جدوجهد ۾ ڪيئي اختلاف اڀريا، معرڪا ٿيا، مخالفتون
ٿيون، گروپ ٺهيا ۽ علحدگيون پيدا ٿيون. آخر ۾ ننڍي
کنڊ جي سياست جا ٽي رجحان ڏٺا ويا. مسلم گروپ،
جنهن مذهب جي بنياد تي پاڪستان جي گهر ڪئي.
ڪانگريس، جنهن مغربي طرز جي حڪمراني ۽ سرشتي تحت
ملڪ وٺڻ ٿي چاهيو ۽ ٽيون ٽولو هو انقلابين جو، جن
مڪمل ۽ ريٽي انقلاب ذريعي انگريزن کي هندستان مان
ڪڍڻ ٿي چاهيو. هن آخري ٽولي ۾ ڀڳت سنگهه ۽ سندس
ساٿي هئا. |