ڊريڪولا نيٺ ترڪن جي هٿان پنجيتاليهن ورهين جي
ڄمار ۾ هلاڪ ٿيو ۽ سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري سلطان
ڏانهن سوکڙي ڪري موڪلي ويئي ۽ سندس ڌڙ کي سندس
پوئلڳن سناگور جي قبرستان ۾ مٿاهين جڳهه تي دفن
ڪيو. سناگور جو اهو قبرستان رومانيا ملڪ ۾ بخارسٽ
جي ويجهو هڪڙي ٻيٽ تي قائم آهي. جڏهن آثار قديمه
جي ماهرن سندس قبر پٽي ته ان ۾ رڳو هڪڙي اڳڙي، هڪڙ
منڊي ۽ هڪڙي ڍڳي جون هڏيون هٿ آيون.
ترڪن مٿان سندس ڪاميابين سبب ڊريڪولا کي پنهنجي
ملڪ رومانيا ۾ هڪڙي ”لوڪ هيرو“ جو درجو حاصل آهي.
جهڙوڪ ڪنگ آرٿر کي انگلستان جي تواريخ ۾ قدر ۽
منزلت جي نگاهن سان ڏٺو وڃي ٿو. رومانيا جي
رهواسين ۾ هي واهمو ويٺل آهي ته هو هڪ ڏينهن وري
واپس موٽي ايندو ۽ رومانيا جي مڙني دشمنن کي ملڪ
مان تڙي ٻاهر ڪڍندو. رومانيا ۾ اڄ ڏينهن تائين ترڪ
مسلمان وڏي تعداد ۾ آباد آهن ۽ مقامي آباديءَ ۾
کير کنڊ ٿي چڪا آهن.
بهرحال، رت پيئڻ جي اها روايتي يا حقيقي ڪهاڻي
اڳتي وڌندي هلي. تان جو سن 1730ع ۾ جڏهن ماڻهن جو
واسطو رت چوسيندڙ چمڙن
(Vampires)
سان پيو ته هيءَ چوڻي عام ٿي وئي ته اِهي چمڙا
ڊريڪولا جا ساٿي ۽ همراهه آهن.
رت چوسڻ جي اها روايت هڪ حقيقت بڻجي ويهين صديءَ ۾
وري نروار ٿي، سن 1930ع ۾ جرمنيءَ ۾ سورنهن ماڻهو
پراسرار حالتن ۾ اَجل جو شڪار ٿيا. سندن نڙگهٽ تي
چڪن ۽ ڏندن جا نشان هئا.
سن 1931ع ۾ پيٽر ڪريٽن نالي اُهو جنوني قاتل
گرفتار ٿيو ۽ کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏني وئي. تحقيق
مان اها ڳالهه به ثابت ٿي ته هو سچ پچ پنهنجي شڪار
جي نڙگهٽ ۾ چڪ هڻي سندن رت چوسيندو هو.
سو ڊريڪولا جي تواريخ به ايتري قدر عجيب، پرجوش ۽
پرهيبت آهي جهڙوڪ ناول ڊريڪولا پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
جهڙوڪ عام پڙهندڙن ۾ غلط فهمي ڦهليل آهي ته برام
اسٽوڪر رڳو هڪڙو ناول ”ڊريڪولا“ ئي لکيو هئو. سا
حقيقت ڪين آهي. برام اسٽوڪر 1847ع ۾ ڊبلن شهر،
انگلينڊ ۾ ڄائو هو. ٿئيٽر سان کيس دلي لڳاءُ هو.
هو پاڻ به هڪڙي ٿئيٽر جو مئنيجر هو ۽ ورلي ورلي
ناٽڪن ۾ شوقيه اداڪاري پڻ ڪندو هو. ادب ۾ سندس
ٻيون اهم ترين لکڻيون ناٽڪن تي تنقيد ۽ ٻيا مضمون
آهن. جيڪي هن ”ڊبلن ميل“ نالي اخبار ۾ لکيا هئا.
تنهن کان سواءِ ”ڊريڪولا جو مهمان“ ڪهاڻي جيڪا
شايد ناول جو پهريون باب ٿيڻي هئي، پنهنجي جاءِ تي
هڪ مستقل اهميت ۽ حيثيت رکي ٿي. هن هڪڙو ٻيو ناول
”اَڇي ڪِيئين جو ڄار“ پڻ لکيو هو، جيڪو گهٽ ڄاتو
سڃاتو وڃي ٿو. البت برام اسٽوڪر جي تخليق
”ڊريڪولاءِ کي ادب ۾ جيڪو مٿاهون مقام ۽ مان حاصل
آهي. اهڙا مثال ڪي آڱرين تي ڳڻڻ برابر مَس ملن ٿا.
برام اسٽوڪر توڙي ڊريڪولا ٻئي لاثاني ئي نه پر
لافاني، اَڻمٽ ۽ اَمر آهن ۽ رهندا.
سليم سهتو
جتي لوڀي هجن.....
پيارا ٻارؤ! اڄ مان اوهان کي ڪجهه لوڀين ۽ ٺوڳين
جا قصا ٿو ٻڌايان پر بيهو ان کان اڳ جو مان اوهان
کي قصو ٻڌايان. مان اهو ضروري ٿو سمجهان ته اوهان
کي وضاحت سان ٻڌايان ته لوڀي ڪنهن کي چئبو آهي ۽
ٺوڳي ڪنهن کي چئبو آهي. ٻارؤ! لوڀي ان ماڻهو کي
چئبو آهي، جيڪو هرڪا شيءِ گهڻي کان گهڻي حاصل ڪرڻ
جي ڪوشش ڪري يعني هٻڇي هجي ۽ ٺوڳي ان ماڻهو کي
چئبو آهي، جيڪو لوڀيءَ جي هٻڇ واري ڪمزوريءَ جو
فائدو وٺي، کيس ڦري چٽ ڪري.
ٻارؤ! پهريون قصو ان دؤر جو آهي، جڏهن مان به
توهان وانگر ننڍو ٻار هوس ۽ ڪراچيءَ ۾ اين. جي. وي
هاءِ اسڪول ۾ ڇهون درجو پڙهندو هوس. انهن ڏينهن ۾
مون کي نئون نئون اخبار پڙهڻ جو شوق ٿيو هو. هڪ
ڏينهن اخبار ۾ مون هڪ ٺڳ جو قصو پڙهيو. قصو هن
ريت هو ته. هڪ ٺڳ. هڪ ڪڪڙ کڻي هڪ سرنديءَ واري جي
گهر ويو. انهن ڏينهن ۾ ٽيليويزن جي پروگرامن کي
شروع ٿئي ٿورو عرصو گذريو هو. در کڙڪايائين ته گهر
ڌياڻي در تي آئي. ٺڳ مائيءَ کي ڪڪڙ ڏنو ۽ چيائين
ته صاحب موڪليو آهي. مائي ڪڪڙ وٺي ڏاڍو خوش ٿي. ٺڳ
جڏهن اِهو ڏٺو ته مائي ڪڪڙ حاصل ڪري خوش ٿي آهي ته
هن مائيءَ کي چيو ته صاحب ٽي. وي گهرائي آهي ته
جيئن ان جو آواز ٺيڪ ڪرائجي. گهر ڌياڻيءَ فوراً
ٽي. وي کڻي ان ٺڳ جي حوالي ڪئي. ٺڳ ٽي. وي کڻي
رفوچڪر ٿي ويو. شام جو جڏهن گهر ڌڻي آيو ته زال
کانئس ٽي. وي ٺيڪ ڪرائڻ جي باري ۾ پڇيو. مڙس حيرت
مان زال ڏانهن نهارڻ لڳو تنهن تي مائيءَ کيس سڄو
قصو ٻڌايو. قصو ٻڌي گهر ڌڻي ٻئي هَٿَ مٿي کي ڏئي
ويهي رهيو. ٻيو قصو هن ريت آهي ته ڪجهه ٺڳ ماڻهن
کي ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪرين ڏيارڻ جي بهاني سان پئسا
وٺندا رهيا.
هڪ ڏينهن ٺڳ انهن سڀني ماڻهن کي جيڪي عرب ملڪن ۾
نوڪري ڪري راتورات امير ڪبير بڻجڻ چاهين پيا، کين
هڪ لانچ ۾ وٺي وڃي سمنڊ جي ڪناري تي ڇڏي ڀڄي ويا.
اُهي همراهه لڪندا ڇپندا هڪ پڪي سڙڪ تي پهتا. پري
کان کين هڪ ويگن نظر آئي. اُهي ويگن ۾ ويٺا ۽
ڊرائيور کي چيائون ته ادا اسان کي شارجا ۾ لهڻو
آهي. ڊرائيور کين چيو ته مان ڪورنگي پيو وڃان.
اُهي حيرت سان هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا ۽ ڊرائيور کي
چيائون ته ادا ڇا شارجا ۾ به ڪورنگي آهي؟ ڊرائيور
چيو ته ڪورنگي ڪراچيءَ جي سمنڊ جي ڪناري واري هڪ
بستيءَ جو نالو آهي. اهو ٻڌي همراهن جا تاڪ لڳي
ويا ۽ وٺي رڙيون ڪرڻ لڳا ته اسان ٺڳجي وياسين.
پيارا ٻارؤ! اوهان کي انهن قصن مان سبق حاصل ڪرڻ
گهرجي ۽ اهو عهد ڪرڻ گهرجي.
منير سولنگي
سياڻو ڪڙمي
ايران ملڪ ۾ هڪ بادشاهه حڪمراني ڪندو هو، جيڪو
تمام گهڻو ڏاهو هو. هو پنهنجي اميرن ۽ وزيرن سان
گڏجي بادشاهيءَ جو چڪر هڻندو هو. هو ماڻهن سان
هميشہ نرم ۽ مٺو ڳالهائيندو هو. تنهن ڪري هن کي
ماڻهن جا ڏک ۽ سور سولائيءَ سان معلوم ٿيندا هئا ۽
پوءِ هو ماڻهن جا اهنج ۽ ايذاءَ يڪدم دور ڪندو هو.
هڪ ڏينهن اُهو بادشاهه وزيرن ۽ اميرن سميت هڪ
ٻنيءَ وٽان اچي لنگهيو ۽ اتي ڏٺائين ته هڪ پوڙهو
ڪڙمي هر ڪاهي رهيو هو. اهو ڪڙمي تمام پوڙهو ۽
ڪمزور هو. بادشاهه لشڪر سان گڏ پنهنجي وڏي وزير
سميت ڪڙميءَ وٽ بيهي رهيو ۽ ڪڙميءَ کي چيائين ته:
”تو ڇو نه ڪئي؟“
”جهان پناه! مون ڪئي.“ ڪڙميءَ جواب ڏنو. پر اها
خدا جي مرضي هئي جو ائين ٿي نه سگهيو. بادشاهه
ڪڙميءَ کان ٻيهر سوال ڪيو ته ”ٻيهر ڇو نه ڪيئي؟“
”مان ٻيهر ڪئي.“ بادشاهه ساڳيو سوال ٽيون دفعو ڪيو
ته ”تو ٽيون دفعو ڇو نه ڪيئي؟“ ”مان ٽيون دفعو
ڪئي.“
ان کان پوءِ بادشاهه ڪڙميءَ کان پڇيو ته ”تون ڪنهن
سان واپار ڪندو آهين؟“ ”بادشاهه سان.“ ڪڙميءَ
وراڻيو. پر جي بادشاهه نه ايندو آهي ته پوءِ ڪنهن
سان ڪندو آهين؟“ ”وزير سان.“ ڪڙميءَ چيو.
پر جي نه وزير نه ايندو آهي ته پوءِ ڪنهن سان
واپار ڪندو آهين؟“ بادشاهه ڪڙميءَ کان سوال پڇيو.
پوءِ مان شهزادي جي آسري تي هوندو آهيان.“ بادشاهه
ڪڙميءَ جا جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڪڙميءَ کي ڪن ۾
چيائين ته .خبردار ٿجانءِ تو وٽ ڪير به ماڻهو اچي
ته پوءِ ان کان ڪافي ناڻو معاوضي طور وٺي پوءِ
سوالن جا جواب ڏجانءِ“ بادشاهه ويندو رهيو.
ٻئي ڏينهن تي جڏهن وڏو وزير درٻار ۾ آيو ته
بادشاهه ان کي چيو ته، تو منهنجي ڳالهه ٻولهه
ڪڙميءَ سان ٻڌي. ڇا تون اهو ٻڌائي سگهندين ته اسان
جي انهن سوالن جوابن جو مطلب ڇا هو؛ وڏي وزير
نهايت نماڻائي سان جواب ڏنو ته ”جهان پناه! اوهان
جي سوالن جو مان مطلب سمجهي نه سگهيس.“ انهيءَ تي
بادشاهه وزير کي چيو ته ”ڪهڙي نه افسوس جهڙي ڳالهه
آهي جو تون وڏو وزير ٿي ڪري به ڪجهه نٿو ٻڌائي
سگهين؟“ هڪ سادو سودو ۽ اڻپڙهيل ڪڙمي منهنجي سوالن
جا جواب ٺيڪ ٺيڪ ڏيئي ويو. تون ته وڏي وزير هجڻ جي
لائق ئي ناهين. هاڻي مان توکي ٻه ڏينهن مهلت ڏيان
ٿو، جيڪڏهن انهن ٻن ڏينهن ۾ سوالن جا جواب صحيح
ٻڌائي وئين ته پوءِ تون ساڳيو وڏو وزير رهندين نه
ته ٻيءَ صورت ۾ توکي انهيءَ عهدي تان هٽائي جيل ۾
وڌو ويندو.
وزير بادشاهه جو نادري حڪم ٻڌي درٻار مان اٿي هليو
آيو. ٻاهر اچي ڪڙميءَ جي جوابن ۽ بادشاهه جي سوالن
تي سوچڻ لڳو. مگر هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو.
هن پنهنجي دوستن کان به پڇا ڪئي پر ڪير به کيس
ڪجهه ٻڌائي نه سگهيو. آخرڪار وڏي وزير ڪڙميءَ
ڏانهن وڃڻ جو پڪو پهه ڪيو.
ٻئي ڏينهن تي هن ناڻي جون ٻه ٿيلهيون ساڻ کنيون ۽
اڪيلو اڪيلو ان ڪڙميءَ وٽ وڃي پهتو. ڪڙمي ساڳيءَ
ئي زمين تي هر ڪاهي رهيو هو. ڪڙميءَ جڏهن وزير کي
ڏٺو تڏهين هو هر ڇڏي سڌو وزير جي اڳيان اچي بيٺو ۽
وزير کي چيائين ته سائين! تڪليف ڪئي اٿوَ؟ وزير
جواب ڏنو ته ”ڪالهه جيڪا تنهنجي ۽ بادشاهه سلامت
جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. ان جي باري ۾ ڄاڻ
حاصل ڪرڻ آيو آهيان. جيڪڏهن تون ڪجهه نه ٻڌائيندين
ته مان وزارت جي عهدي تان لهي ويندس ۽ مون کي جيل
۾وڌو ويندو.“ بادشاهه مون کان انهيءَ ڳالهه ٻولهه
جو مطلب پڇيو پر مان نه ٻڌائي سگهيس ۽ هاڻي تو وٽ
اچي پهتو آهيان. هي ٻه ٿيلهيون ناڻي جون وٺ ۽
منهنجي عزت بچاءِ. ڪڙميءَ وزير کي چيو ته ”توهان
مون کي ناڻي جون ٻه ٿيلهيون ڏنيون آهن تنهن ڪري
اوهان کي سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿو.
بادشاهه جڏهن مون کان پڇيو ته ”تو ڇو نه ڪئي؟ جنهن
جو مطلب اهو هو ته تو جوانيءَ ۾ شادي ڇو نه ڪئي؟“
مون جواب ڏنو ته ”مون ڪئي، پر خدا جي مرضي ائين
هئي، جو مون کي ان شاديءَ مان پٽ جو اولاد نه ٿيو.
بادشاهه ٻيو دفعو به ساڳيو سوال ڪيو. جنهن جو مون
جواب ڏنو ته ”مون ڪئي پر خدا جي مرضي ائين هئي
يعني ٻيءَ شاديءَ مان به پٽ جو اولاد ڪونه ٿيو. ان
کان پوءِ بادشاهه مون کان سوال ڪيو ته ”تون ڪنهن
سان واپار ڪندو آهين.“ مون جواب ڏنو ته بادشاهه
سان. بادشاهه جي سوال جو مطلب هو ته توهان ڪهڙي
مهيني کي سٺو سمجهندا آهيو. مون جواب ڏنو ۽ چيو ته
آگسٽ مهيني کي. ڇو ته انهيءَ مهيني ۾ مينهن جام
وسندو آهي ۽ پوکون ڀليون ٿينديون آهن. بادشاهه وري
سوال ڪيو ته ”جيڪڏهن بادشاهه نه اچي ته پوءِ ڪنهن
سان واپار ڪندو آهين؟“ وزير سان مون جواب ڏنو جنهن
جو مطلب هو ته جيڪڏهن آگسٽ ۾ مينهن نه وسي ته پوءِ
ڪهڙي مهيني لاءِ انتظار ڪندا آهيو. مون چيو ته
سيپٽمبر لاءِ. بادشاهه جو آخري سوال هو ته ڀلا
جيڪڏهن وزير به نه اچي ته پوءِ ڪنهن سان واپار
ڪندا آهيو. مون جواب ڏنو ته شهزادي سان. جنهن جو
مطلب هو ته جيڪڏهن آگسٽ ۽ سيپٽمبر مهينا هٿ نه اچن
ته پوءِ آڪٽوبر مهيني لاءِ ترسندا آهيون ته من
انهيءَ مهيني ۾ ئي مينهن وسي ته پوکون پوکيون.
وزير جڏهن ڪڙميءَ جي سمجهاڻي ٻڌي ته هو حيرت ۾ اچي
ويو ۽ جلد ئي ڪڙميءَ کان موڪلائي سڌو درٻار ۾
بادشاهه وٽ هليو آيو. هن ڪڙميءَ ۽ بادشاهه جي وچ ۾
ٿيل گفتگو جو سمورو مطلب بادشاهه کي ٻڌايو.
بادشاهه ٽهڪ ڏنو ۽ وزير کي چيائين ته منهنجي هن
بادشاهيءَ کي هلائڻ لاءِ وڏي وزير کي اڃا گهڻو
ڪجهه سکڻ گهرجي.
دوست ڪتاب
منهنجو آهي دوست ڪتاب
مان ڪتاب جڏهن پڙهان ٿو
پڙهي پڙهي مزو اچي ٿو
منهنجو ڪتاب لا جواب
منهنجو آهي دوست ڪتاب
مان جڏهن اسڪول وڃان ٿو
استاد جڏهن اسان کي پڙهائي ٿو
بيت ڪهاڻيون ۽ حساب
منهنجو آهي دوست ڪتاب
جيڪو پنهنجو ڪتاب پڙهندو
پڙهي پڙهي ٿيندو نواب
اهو ڏٺو آهي ”خالد“ خواب
منهنجو آهي دوست ڪتاب
خالد امير بخاري
محمد عثمان عباسي
(تنقيدي جائزو)
درسي سنڌي ٻاراڻو ڪتاب
ڪنهن به عمارت جو بنياد جيتري قدر مضبوط هوندو
آهي، ايتري قدر ان بنياد تي اڏاوت ٿيندڙ عمارت به
پائيدار هوندي آهي. جيڪڏهن بنياد ئي ڪمزور هوندو
ته پوءِ ان ڪمزور بنياد تي ٺهيل عمارت مضبوط نه
رهندي. ڪنهن وڻ جون پاڙون پاتال ۾ مضبوط نه آهن ته
ٿورڙي جهوٽي لڳڻ سان وڻ ئي ختم ٿي ويندو.
اسان جي تعليمي نظام جو به مثال انهي عمارت ۽ وڻ
جهڙو آهي ۽ ان نظام جو بنياد پرائمري تعليم آهي.
اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ پرڳڻي ۾ تعليم عام ٿيڻ جي
بجاءِ ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿي رهي آهي. ان جا
ڪيترائي سبب آهن. آئون فقط بنيادي سنڌي ٻاراڻي
ڪتاب تي ايڊيٽوريل بورڊ جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو
ته جيئن آئنده سنڌ جي گلن جهڙن ٻارن لاءِ جيڪي
ڪجهه نصاب تيار ٿئي، ان تي خاص توجهه ڏيڻ جي ضرورت
آهي.
هن ڪتاب جي شروعات ۾ جيڪا تصويرن واري پٽي ڏني وئي
آهي. ڪتاب جي آخر ۾ استادن لاءِ ڏنل هدايتن موجب
پٽي پڙهائي، پهريون سبق شروع ڪجي ٿو.
سڀ کان پهريائين پٽي بابت ڪجهه لکجي ته بهتر
ٿيندو. سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ مون پاڻ وڃي مشاهدو
ڪيو آهي ته اها پٽي مختلف نمونن سان پڙهائي وڃي
ٿي. مثلاً: ا، ب، ٻ، پ، ڀ، ت، ٺ، ٽ، ث، ٿ، ف، ڦ،
گ، ڳ، ڱ، ي، د، ذ وغيره. هن طريقي سان پٽي پڙهائي
وڃي ٿي. جڏهن مان انهن کان پڇا ڪئي. چيائون ته اصل
پٽي صحيح هيءَ آهي ۽ جيڪا ڪتاب ۾ آهي، اها ڀليل
آهي.
ڪجهه اسڪولن ۾ ا، ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ، ج،
ڄ، جهه، ڃ، چ، ڇ، وغيره. هن طريقي واري پٽي تمام
ٿورن اسڪولن ۾ پڙهائي وڃي ٿي.
هن ۾ به ٻه طريقا رائج آهن: الف انب، ب بلا، ٻ
ٻڪري، ڀ ڀولڙو، ت تارو، ٿ ٿنڀ ۽ ٽ ٽنڊڻ وغيره هي
طريقو تقريباً سڄي سنڌ ۾ رائج آهي.
جيڪا پٽي نصاب ۾ رکيل آهي: الف اک، ب بدڪ، ٻ ٻڪ، ڀ
ڀت، ت تارو، ٿ ٿيلهو، ٽ ٽوپي وغيره. هي طريقو نٿو
پڙهايو وڃي.
هن ۾ ڊيل جيڪو لفظ ڏنل آهي. اهو ڊيل پکي شاگردن کي
ته ٺهيو پر ڪيترن استاد صاحبن جو به شايد ڏٺل نه
آهي. فقط ٻڌندا آهن ته ڊيل مور جي مادي آهي. ڇو ته
ان ۾ خاص مور سان ايتري مشابهت نه آهي ۽ اهو پکي
عام به نه آهي. پر خاص جاين تي هوندو آهي. مثلاً:
راڻي باغ يا ڪن خاص نمائشن تي هوندو آهي. ان ڪري ڊ
ڊپ، يا ڊ ڊاک، يا ڊ ڊڪ وغيره ڏنو وڃي، جيڪو
سولائيءَ سان مشاهدي لاءِ ملي سگهي.
ٻيءَ جاءِ تي ي يڪو ڏنو ويو آهي. جيڪو معاشري ۾
نقصانڪار آهي. ڇو ته تاس راند معاشري ۾ انسان کي
بگاڙيو آهي. جنهن به ٻار کان وٺي پوڙهي ماڻهو
تائين تاس سکي آهي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ راند ۾ صرف
ڪندا آهن، جيڪي هڪ طرف اجايو ٽائيم ضايع ٿيندو آهي
۽ اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته ان راند کي به ڪنهن نه
ڪنهن قسم جي جهڳڙي سان پورو ڪيو ويندو آهي. ان
لاءِ ٻي ڪا تصوير ڏني وڃي ۽ ان يڪي (تاس) جي لعنت
کان معاشري کي نجات ڏياري وڃي. نصاب ۾ داخل ڪرڻ
سان شاگرد خواه استاد کي ضرور سکڻي پوي ٿي. اها
وبا ختم ڪئي وڃي ته بهتر ٿيندو. ان ي يڪي جي بدران
ي يارهن، يارهن خانن جي ڪا تصوير ڏني وڃي.
هن ڪتاب جي سبق ڇهين ۾ جمع يعني جوڙو (2) سمجهايو
ويو آهي. ان ۾ جيڪو پهريون اکر ڏنو ويو آهي، اهو
هيئن لکيل آهي. هِي بُوٽَ آهِن. تصوير ۾ هڪ بوٽ
ڏيکاريو ويو آهي. جمع جي لاءِ ٻه يا ٽي بوٽ ڏنا
وڃن ها يا ان جاءِ تي جهڙي طرح صوف سمجهايا ويا
آهن، ائين ڪنهن ٻي شيءِ جو مثال سمجهائجي ها ته
بهتر هو. مثلاً: جاري ۾ پنج بُوٽَ پيا آهن. جيڪڏهن
ٻار کي چئبو ته بُوٽَ کڻي اچ ته سڀ کڻي ايندو. پر
چئبس ته بُوٽُ کڻي اچ ته هڪ بُوٽُ کڻي ايندو. اهڙي
نموني هن سبق ۾ اها به هڪ خاص غلطي نظر اچي ٿي.
چوڏهين سبق کان ارڙهين سبق تائين فقط ٻار لاءِ هڪ
هڪ يا ٻه ٻه لفظ نوان آهن. هنن سبقن جي ڪري ٻار کي
ڪو خاص فائدو نٿو ٿئي.
سبق ڇويهون: هن سبق ۾ لکيل آهي ته طوطا ميوو کاءُ.
تصوير ۾ طوطو ميوو کائي رهيو آهي. جيڪڏهن جيئن
ڪتاب ۾ لکيل آهي: طوطا ميوو کاءُ ته جملي مطابق
طوطي کي ميوو ڏيندي ڏيکاريو وڃي ها. صحيح ته ائين
ٿو ٿئي ته طوطو ميوو کائي ٿو.
سبق ستاويهون: هن سبق ۾ لکيل آهي ته وَيهُه سَفَرَ
ڪَر. اڻپورو ۽ غلط جملو ڏنو ويو آهي. ڇو ته جيڪو
ويهندو ته سَفَرُ ڪيئن ڪندو. هتي ته مورڳو ڪتاب ۾
سَفَرَ لکيل آهي. خبر نه آهي ته پاڪستان جي الائي
ڪهڙي فقري ۾ ڪاميٽيءَ پڙهيو آهي ته هڪ ٽڪيت وٺي
ماڻهو جهاز، بس يا ريل وغيره ۾ سَفَرَ ڪندو وتي.
هتي ائين لکڻ گهربو ته ٽڪيٽ وٺ، ريل يا جهاز يا بس
۾ ويهه، سَفَرُ ڪر.
سبق ٻٽيهون: هن سبق ۾ ثَمَرُ لفظ ڏنو ويو آهي جيڪو
پڻ ڌاريو آهي يعني فارسي آهي. اهو مٿين درجن لاءِ
هئڻ گهربو هو. هن سبق ۾ اسان کي لفظ سولي سنڌي
وارا هئڻ گهرجن.
سبق ڇٽيهون: هن سبق جي منڍ ۾ جيئن ته تصويرن سميت
انب، شينهن، نانگ ۽ مينهن لکيل آهي. هيٺ ڪجهه نواڻ
اچڻ گهرجي ته بهتر ٿيندو. مثلاً: ڏينڀو مار،
مِينهُن وسي ٿو، ڪيلو کاءُ وغيره.
آخر ۾ نصاب ڪاميٽيءَ جي اختياري وارن کي گذارش آهي
ته جنهن به شعبي جو نصاب مرتب ڪن ته ان سان واسطو
رکندڙن کي ان ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي
شعبي ۾ درس ۽ تدريس جو تجربو رکن ٿا. ان کي ڪنهن
حد تائين ٻار جي ماحول ۾ ذهن کان واقفيت هوندي
آهي.
وڌيڪ لاءِ مان استاد صاحبن کي گذارش ٿو ڪريان ته
نصاب جي مونجهارن جو حل ڳولي، نصابِ ڪاميٽيءَ
تائين پهچائين ته جيئن آئنده اهي مونجهارا حل ٿي
وڃن. |