غلام مصطفيٰ مشتاق
(نامور مسلمان سائنسدان)
عبدالمالڪ اصمعي
اها ڳالهه به انتهائي دلچسپي واري آهي ته علم
حياتيات جهڙي اهم موضوع تي دنيا ۾ سڀ کان اول جنهن
لکڻ شروع ڪيو، اهو هڪ مسلمان عالم ۽ سائنسدان
عبدالمالڪ اصمعي هو. اصمعي جو اصل وطن ته بصره هو
۽ ابتدائي تعليم به هن اتان ئي حاصل ڪئي، پر پوءِ
بغداد ۾ اچي رهيو ۽ پڙهڻ ۽ تحقيق ۾ مصروف ٿي ويو.
هي تمام سٺن خيالن ۽ پاڪيزه ذوق جو مالڪ هو.شعر ۽
شاعريءَ سان به دلچسپي رکندو هو ۽ ادب جو به سٺو
مطالعو هوس. هي عباسي دور جو عالم هو ۽ سائنسدان
هو. هن هارون الرشيد ۽ مامون الرشيد ٻنهي خليفن جو
دور ڏٺو هو.
عبدالمالڪ اصمعي علم حياتيات جو تمام وڏو ماهر هو.
هي جانورن جي خاصيتن ۽ عادتن جو ايڏو ڄاڻو هو جو
هن ان علم تي پنج ڪتاب لکيا، جيڪي دنيا جا پهريان
ڪتاب، ان علم تي لکيا وڃن ٿا. هن جي ڪتابن جا نالا
هن ريت آهن:
1-
ڪتاب الخيل (گهوڙن تي)
2-
ڪتاب الابل (اُٺن تي)
3-
ڪتاب الشات (رڍن ۽ ٻڪرين تي)
4-
ڪتاب الوحوش (جهنگلي جانورن ۽ پکين تي)
5-
خلق الانسان (انسانن تي)
انهن ڪتابن ۾ اصمعيءَ انهن سمورن جانورن جون
خاصيتون، عادتن ۽ طور طريقن کي بيان ڪيو آهي. هن
علم حياتيات کي انهن پنجن حصن ۾ ورهايو آهي. پنجون
ڪتاب انسانن تي آهي. علم حياتيات ۾ اهي ڪتاب دنيا
جون پهريون لکڻيون آهن. جن ۾ هن سمورن جانورن جي
خاصيتن وغيره جو نهايت ماهرانه انداز ۾ بيان ڪري
ڄڻ ته جهنگ جي زندگيءَ جو نقشو آڏو رکي ڇڏيو آهي.
اهي ڪتاب پيش به نهايت دلچسپ انداز ۾ ڪيا ويا آهن.
اهي ڪتاب يورپ ۾ تمام گهڻا مقبول ٿيا ۽ انهن جا
دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجما به ڪيا ويا.
عبدالمالڪ اصمعي جيتوڻيڪ رياضي جي فن جو به ماهر
هو پر هن کي علم حياتيات سان وڌيڪ دلچسپي هئي.
اهوئي سبب آهي جو هن ان علم ۾ ڳوڙهي کوجنا ڪئي ۽
پنهنجا مشاهدا ۽ تجربا لکي، دنيا جا پهريان پنج
ڪتاب علم حياتيات تي لکيا. ان علم ۾ هي دنيا جو
پهريون سائسندان ٿي گذريو آهي.
عبدالله آريجو
(سائنس)
آسمان ۾ باهه
پيارا ٻارؤ! اوهان سڀني آسماني باهه يعني وڄ ته
ضرور ڏٺي هوندي. اسان وڄ کي کنوڻ به چوندا آهيون.
ڇا اوهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته آخر آسمان ۾ اها
وڄ ڪٿان آئي، جيڪا برسات جي موسم ۾ تمام وڏي گجگوڙ
سان واڄٽ ڪري کلڻ لڳي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن کنوڻ زمين تي
ڪري ڪافي تباهي آڻي ٿي. گهر سڙي وڃن ٿا، وڻ ٻري
وڃن ٿا ۽ زمين جو اهو حصو جتي کنوڻ ڪري ٿي،
آباديءَ لائق نٿو رهي؟ ڇا اوهان اهو ڪڏهن سوچيو
آهي ته کنوڻ ڪيئن ٺهي ٿي؟
پيارا ٻارؤ! جڏهن ڪڪر آسمان تي پهچندا آهن ته انهن
ڪڪرن ۾ پاڻي گئس جي صورت ۾ ڀريل هوندو آهي. جڏهن
هوا زور سان لڳڻ شروع ڪندي آهي ته ڪڪرن جي اندر
موجود پاڻيءَ جا ذرڙا تيزيءَ سان هڪ ٻئي کي ڇُهندا
آهن. جيڪڏهن اوهان پنهنجا هٿ مليو ته ٿوري وقت ۾
اوهان کي هٿن مان ڪوساڻ نڪرندي محسوس ٿيندي. بلڪل
اهڙي طرح جڏهن ڪڪرن ۾ موجود پاڻي جا ذرا هوا جي
زور تي هڪ ٻئي سان ٽڪرائجن ٿا ته انهن ۾ مسلسل رڳڙ
جي عمل جي ڪري هڪ برقي توانائي پيدا ٿئي ٿي. ڪڪر
هڪ حصي ۾ پيدا ٿيل اها برقي لهر ڪڪر جي ٻئي حصي کي
به چارج ڪري ٿي ۽ اهو سلسلو هڪ ڪڪر کان ٻئي ڪڪر
تائين وڌي ٿو. ان دوران جڏهن هوا انهن ڪڪرن مان
گذري ٿي ته اها ٻرڻ شروع ڪري ٿي ۽ هڪ شعاع پيدا
ٿئي ٿو، جنهن کي اسان وڄ يا کنوڻ چوندا آهيون.
پيارا ٻارؤ! اوهان هڪ ننڍڙو تجربو ڪري هٿرادو کنوڻ
پئدا ڪري سگهو ٿا. پر ان لاءِ اوهان کي هڪ اونداهي
ڪمري جي ضرورت پوندي. هڪ اونداهي ڪمري ۾ وڃي ٻه
ڦوڪڻا هوا سان ڀريو. ٻنهي جا مُنهن بند ڪري انهن
جون چوٽيون پاڻ ۾ ملائي گهڻ شروع ڪريو. اوهان ٻنهي
جا منهن پنهنجي سوٽ سان گهي سگهو ٿا. ڳچ وقت گهڻ
کان پوءِ اوهان ٻنهي ڦوڪڻن جا منهن پاڻ ۾ ملايو ۽
ٻنهي جي منهن کي به پاڻ ۾ رڳڙيندا رهو. اوهان ٿوري
دير کان پوءِ ننڍڙا روشني جا ذرا ڏسندا ۽ اوهان کي
هلڪي پئماني تي روشني جي گاج جا مختصر آواز پڻ ٻڌڻ
۾ ايندا. اوهان هي تجربو وري وري ڪري سگهو ٿا.
دريا خان سهاڳ
لاپرواهيءَ جي سزا
پيارا ٻارؤ! هيءَ هڪ خوبصورت ڪوڙي ڇوڪري جي ڪهاڻي
آهي، جيڪا هميشہ ڪوڙ ڳالهائيندي هئي ۽ هڪ جهنگل جي
ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ رهندي هئي. ان ڇوڪريءَ جو نالو
سلميٰ هو. جنهن کي پنهنجي ماءُ هميشہ نصيحت ڪندي
هئي ته ڌيءُ جهنگل ۾ نه ويندي ڪر، اتي وڏا وڏا
خطرناڪ جانور رهندا آهن. پر سلميٰ ماءُ جي ڳالهه
هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي کان ڪڍي ڇڏيندي هئي ۽ ان
لاپرواهيءَ جي سزا خدا هن کي ڏني.
پيارا ٻارؤ! ٿيو هيئن جو هڪ ڀيري سلميٰ جهنگل ۾
اندر هلي ويئي. اتي هن ڏٺو ته هڪ خوبصورت گهر آهي.
هُوءَ ٿڪل هئي سو دير ئي نه ڪيائين ۽ سڌي ان گهر ۾
اندر هلي ويئي. اتي ڇا ڏسي ته هڪ ميز پيئي آهي.
جنهن تي ٽي کير جا پيالا پيا هئا. هڪ وڏو، ٻيو
ننڍو ۽ ٽيون سڀني کان ننڍو. سلميٰ جيڪا ٿڪل به هئي
ته بکايل به. تنهن نه ڪئي هم نه تم وڃي وڏي پيالي
مان ٿورو کير چکيو، جيڪو ايترو ته گرم ۽ لوڻاٺو هو
جو سلميٰ جلدي ٿڪي اڇلائي ڇڏيو ۽ وري ٻئي پيالي
مان ڪجهه کير کڻي چکيو ته اُهو ڦڪو ۽ بي سوادي هو،
جيڪو به هن ٿڪي اڇلائي ڇڏيو ۽ هوءَ ٽئين پيالي
ڏانهن وڌي، جنهن ۾ تمام سٺو کير پيو هو. اهو سمورو
کير سلميٰ پي ڇڏيو ۽ پوءِ هوءَ جلدي اڳتي وڌڻ لڳي.
جتان ڏاڪڻ تي چڙهي هوءَ جلدي مٿي چڙهي ويئي. اهو
ڏسڻ لاءِ ته مٿي ڇا آهي؟ ڇا ڏسي ته مٿي ٽي بسترا
پيا آهن. هڪ وڏو، ٻيو وچولو ۽ ٽيون ننڍو. سلميٰ سڀ
کان پهريائين وڏي بستري تي سمهي پئي، جيڪو تمام
سخت هو. اتان اٿي وري وچولي بستري تي سمهي، جيڪو
به کيس پسند نه آيو ۽ پوءِ آخر ۾ ننڍي بستري تي
سمهي پيئي، جيڪو تمام آرام ده ۽ ملائم هو.
سلميٰ سمهڻ مهل سوچڻ لڳي ته هي تمام سهڻو گهر ڪنهن
سجايو آهي ۽ اُهو ماڻهو ڪيڏانهن ويو آهي. سلميٰ
جهنگل جو پنڌ ڪري ٿڪجي پئي هئي، تنهن کي اتي
سوچيندي سوچيندي ننڊ اچي ويئي. ٿوري دير بعد ٽي
ديوَ آيا. هي گهرا انهن ديون جو هو. انهن ۾ زال،
مڙس ۽ ٽيون انهن جو پٽ هو. جڏهن اُهي اندر پهتا ته
وڏي ديوَ رڙيون ڪيون ته منهنجي پيالي ۾ کير ٿورو
آهي. سندس زال به رڙيون ڪيون ته منهنجي پيالي مان
به کير کٽل آهي. سندن پٽ روئڻ لڳو ته منهنجو پيالو
ته بلڪل خالي آهي. آخر جڏهن هو مٿي پهتا ته وري به
ديوَ ۽ سندس زال رڙيون ڪيون ته اسان جي بستري تي
ڪير سمهي ويو آهي. سلميٰ جيڪا ننڊ ۾ خواب ڏسي رهي
هئي، سا انهن جي رڙين تي سجاڳ نه ٿي هئي. ڇو ته هو
گهڻي ٿڪل هئي. ديو جو پٽ جڏهن بستري جي ڀرسان پهتو
ته زور سان رڙيون ڪري چيائين ته منهنجي بستري تي
ڪير سمهيو پيو آهي. ايتري ۾ سلميٰ به اٿي کڙي ٿي ۽
ائين ڀڄڻ لڳي جو پوئتي نه ڏٺائين. وڏو ديو به
جيستائين اٿيو ۽ هن جي پويان ڀڳو، تيستائين سلميٰ
ڀؤ کان ڀڄندي ڀڄندي گهر کان ٻاهر نڪري، جهنگل مان
ڦرندي گرندي اچي گهر پهتي. گهر ۾ اندر داخل ٿيڻ
سان ٻاهريون دروازو بند ڪري ڇڏيائين.
سلميٰ جي ماءُ ڌيءَ جي ڏک ۾ روئي رهي هئي ۽ سلميٰ
جو پيءُ کيس دلاسا ڏيئي رهيو هو ته ٿوري دير ۾
سلميٰ اچڻ واري آهي. جڏهن سلميٰ جي ماءُ سلميٰ کي
ڏٺو ته ڀاڪر پائڻ لڳس ۽ سلميٰ ماءُ پيءَ کان روئي
معافي وٺڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته هاڻي مان ڪڏهن به
جهنگل ڏي نه وينديس ۽ نه وري ڪوڙ ڳالهائينديس.
عاجز جمالي
(انٽرويو
وٺندڙ)
هوشيار شاگرد پيرل چانڊيو
جوهي هاءِ اسڪول جو هوشيار ترين شاگرد 718 مارڪون
کڻي اٺين ڪلاس ۾ ۽ سڄي اسڪول ۾ پهرين پوزيشن ۾ پاس
ٿيندڙ شاگرد پيرل چانڊيو 1- جنوري 1976ع تي هڪ
غريب مزدور چاچي غلام رسول چانڊيو جي گهر ۾ پيدا
ٿيو. گل ڦل لاءِ ورتل انٽرويو هيٺ ڏجي ٿو:
سوال: اوهان اٺين ڪلاس ۽ سڄي اسڪول ۾ پهرين پوزيشن
حاصل ڪئي، پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟
جواب: آئون ڇهين ڪلاس کان وٺي محنت ڪندو اچان ٿو.
امتحانن وقت رات جو چار ڪلاڪ ۽ صبح جو ٽي ڪلاڪ
پڙهندو آهيان ۽ امتحان هال ۾ ويهڻ کان ڪلاڪ اڳ به
چڱي ريت مضمون ياد ڪري ويندو آهيان. ان ڪري نه رڳو
هن سال پر ستين ڪلاس ۾ به پهرين پوزيشن کنيم ۽
ڇهين ڪلاس ۾ به ٽاپ مارڪون کنيم.
سوال: اسڪول ۾ پڙهائڻ وقت استادن جو رويو ڪيئن
هوندو آ؟
جواب: اسان جو اسڪول ننڍڙو آهي. ان هوندي به اسان
سان استادن جو رويو بهتر هوندو آهي. اسان جا سڀ
استاد محنتي آهن ۽ اسان کي چڱي ريت پڙهائيندا آهن.
سوال: اوهان ڪي مقابلا يا انعام کٽيا؟
جواب: جي ها، اسان جي اسڪول ۾ اڪثر تقريري مقابلا
ٿيندا آهن. مان تن ۾ شرڪت ڪندو آهيان. مان اسڪول ۾
هيمون ڪالاڻي جي ورسي تي تقريري مقابلي ۾ پهرين
پوزيشن کنئي ۽ ”شهيد هيمون ڪالاڻي“ ايوارڊ کٽي
ورتم.
سوال: اوهان جي پسنديده راند ڪهڙي آهي؟
جواب: ڪرڪيٽ.
سوال: موجوده ٻاراڻو ادب، جيڪو تخليق ٿئي پيو ان
جي باري ۾ ڇا خيال آهي.؟
جواب: مون گهڻو ادب ڪونه پڙهيو آهي. باقي استاد
بخاري، ادل سومرو ۽ ٻين اديبن ٻارن لاءِ سٺو لکيو
آهي.
اوهان جا پسنديده اديب ڪهڙا آهن؟
جواب: شاعرن ۾ شيخ اياز ۽ ڪهاڻيڪارن ۾ اڪبر
جسڪاڻي.
سوال: پسنديده ڪهاڻي يا ڪتاب؟
جواب: اڪبر جسڪاڻي جي ”بتين واري ناني“ منهنجي
پسنديده ڪهاڻي آهي. گل ڦل، شعور، مُرڪ ۽ ٻيا رسالا
پسنديده رسالا آهن.
سوال: اوهان ڪنهن ٻاراڻي تنظيم جا ميمبر آهيو؟
جواب: ها ادا، مان ساٿي ٻارڙا سنگت جو سيڪريٽري
آهيان.
سوال: توهان پنهنجي تنظيم کي وقت ڏيندا آهيو؟
جواب: ها مان روزانه شام جو ٽي ڪلاڪ تنظيم جي
لئبرري تي ويندو آهيان. اُتي ٻارڙن کي رانديون
ڪرائيندا آهيون ۽ ٻارڙن جا مسئلا هوندا آهن ته
انهن کي به حل ڪرڻ لاءِ سوچيندا آهيون.
سوال: اوهان هڪ غريب شاگرد جي حيثيت ۾ موجوده
تعليمي نظام کي ڪيئن ٿا سمجهو؟
جواب: اسان وٽ غريب ٻارڙن سان تمام گهڻا مسئلا
آهن. فيون تمام گهڻيون ٿي ويون آهن. تعليم جو ڪوبه
بندوبست ڪونهي. رڳو اسان جي جوهي هاءِ اسڪول جو
مثال ڏسو ته 115 شاگرد هڪ ڪلاس ۾ پڙهن پيا ۽ ڪمرن
نه هجڻ ڪري ڪافي شاگرد وڻن هيٺان پڙهندا آهن. ان
ڪري غريب ٻارڙا تعليم حاصل ڪري نه ٿا سگهن. پنهنجي
حڪومت کي گذارش آهي ته مئٽرڪ تائين تعليم مفت ڪئي
وڃي ۽ ٻهراڙين ۾ اسڪول تعمير ڪرايا وڃن.
سوال: ٻارن کان جيڪا مزدوري ڪرائي پئي وڃي ان جي
باري ۾ ڇا خيال آهي؟
جواب: سائين! اسان تي وڏو ظلم ٿئي پيو. ٻارڙن کي
هوٽلن تي بيراگيري ڪرائي ٿي وڃي، تغاري کڻائي ٿي
وڃي. ان ڪري مان هن حڪومت کي عرض ڪندس ته ٻارن جي
جسماني پورهيي تي پابندي لڳائي وڃي ۽ ٻارڙن کي
مزدوري ڪرائڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.
سوال: وڏا ٿي ڇا ٿا ٿيڻ چاهيو؟
جواب: ڊاڪٽر ٿيڻ ٿو چاهيان.
سوال: اهڙو واقعو جنهن ۾ تمام گهڻي خوشي ٿي هجي؟
جواب: اسڪول ۾ سڀني کان گهڻيون مارڪون کڻي پهرين
پوزيشن حاصل ڪيم. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشي ٿيندي.
سوال: گل ڦل جي پڙهندڙ ٻارڙن لاءِ ڪو پيغام ڏيندا؟
جواب: گل ڦل جي پڙهندڙ سڀني ساٿين کي گذارش آهي ته
تمام گهڻي محنت ڪن، ڪاپي ڪرڻ کان پاسو ڪن، محنت
ڪري پاس ٿين ۽ پاڻ ۾ سڀ ٻارڙا اتحاد ڪن. شاهه
سائين جي هن بيت وانگر:
”وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾“
رضوان عنايت علي خواجه
مضمون نمبر 1
سلسلو 50
هن دؤر ۾ ٽيڪنالاجي جي اهميت
جڏهن کان انسان هن ڌرتي تي پنهنجو وجود آندو. تڏهن
کان هن پنهنجي لاءِ پنهنجي زندگيءَ کي خوبصورت
بنائڻ جي لاءِ پنهنجي ذهن کي ولوڙڻ شروع ڪيو. جيئن
ته انسان جو ذهن هڪ تخليقي مادو آهي. جنهن جڏهن به
ڪنهن ڳالهه تي سوچيو آهي ته اُن مان نتيجو ڪڍي
ڪجهه نه ڪجهه حاصل ضرور ڪيو آهي. اڄ جي هيءَ اچرج
۾ وجهندڙ سائنس دنيا، جنهن رات کي به ڏينهن وانگر
چمڪائي ڇڏيو آهي. اهو صرف ۽ صرف ”ٽيڪنالاجي“ جي
ڪري ئي ممڪن ٿيو آهي. اڄ جا ڪجهه طاقتور ملڪ
جهڙوڪ: آمريڪا ۽ روس وغيره جيڪي ٻين ڪيترن ئي ملڪن
تي پهاڙ جيان هاوي آهن.
اهو صرف ان ڪري ته اُهي ”ٽيڪنالاجي“ جي لحاظ کان
خود ڪفيل آهن. جديد ”ٽيڪنالاجي“ ڪنهن به ملڪ جي
معاشي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اڄ جي هن تيز رفتار دؤر
۾ ريڙهه جي هڏي وانگر اهميت رکي ٿي.
هيءَ جديد ”ٽيڪنالاجي“ جو ئي اثر آهي، جو اڄ جي
انسان چنڊ تي قدم رکيا آهن.
جديد ”ٽيڪنالاجي“ جو هڪ حصو ”ڪمپيوٽر“ جي صورت ۾
اسان ڏسون ٿا، جيڪو انسان جي ذهن کان به وڌيڪ تيز
ڪم ڪري ٿو.
اڄ اسان معاشي لحاظ کان پوئتي وڃي رهيا آهيون، اهو
ان ڪري جو اسين جديد ”ٽيڪنالاجي“ کان محروم آهيون،
جيڪڏهن اسان جديد ٽيڪنالاجي کي عملي ور تي پاڻ ۾
داخل ڪريون، ته اسين ڪڏهن به معاشي لحاظ کان پوئتي
وڃي نه ٿا سگهون. ڇاڪاڻ ته هن دور ۾ ڪنهن به ملڪ
جي ترقيءَ جو دارومدار صرف ”ٽيڪنالاجي“ تي آهي.
جديد ”ٽيڪنالاجي“ گهٽ وقت ۾ گهڻو منافعو حاصل ڪرڻ
جو ذريعو آهي. ”ٽيڪنالاجي“ ڪنهن به ملڪ جي صنعتي
ترقي ۾ بيروزگاريءَ کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪ جي پيداوار
کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ڪري ٿي. هيءُ صرف جديد
”ٽيڪنالاجي“ جوئي نتيجو آهي. جو اسين ڪنهن به وقت
تمام گهڻو پري ويٺل ماڻهو سان چند گهڙيون ملاقات
ڪري سگهون ٿا.
طبي لحاظ کان به ”ٽيڪنالاجي“ جي وڏي اهميت آهي. اڄ
اسين جديد ٽيڪنالاجي جي بدولت، ڪنهن به بيماريءَ
کي لاعلاج نٿا سمجهون ۽ اسان کي ڪنهن به بيماريءَ
کي سڃاڻڻ ۾ دير ئي نه ٿي لڳي.
”ٽيڪنالاجي“ جي ايتري گهڻي اهميت جي پيش نظر هن
لاءِ وڏي پيماني تي کوجنا جاري آهي ۽ مستقبل ۾
اسان انهن شين کي بخوبي ڏسي سگهنداسين. جن کي
موجوده دؤر ۾ ناممڪن تصور ڪيو وڃي ٿو ليڪن
”ٽيڪنالاجي“ جي بدولت اهي ممڪن ٿي سگهن ٿيون.
رشيد احمد ڪليري
مضمون نمبر 2
سلسلو 50
هن دؤر ۾ ٽيڪنالاجي جي اهميت
جيئن جيئن وقت گذرندو رهي ٿو، تيئن تيئن انساني
سمجهه ترقي ڪندي رهي ٿي ۽ ان ۾ انسان نوان نوان
خيال ڪندو رهي ٿو. جن مطابق هو پنهنجي زندگيءَ کي
وڌيڪ آسان بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اهڙين
ڪوششن لاءِ هن کي سائنس جوئي سهارو وٺڻو پوي ٿو.
ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته سائنس انسان جي جذبن ۽
خيالن جي ترجماني ڪري، ان ۾ سوچ، ڦولها ۽ ايجاد
ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪري ٿي. ٽيڪنالاجي هڪ اهم ترين
ذريعو آهي، جنهن جي ڪري، هر ماڻهو آساني سان
پنهنجو ڌنڌو ڪري ٿو. آسان طريقي سان هن دؤر ۾ هر
ماڻهو ڪم ڪري سگهي ٿو.، جيئن اڳي گهڻا ماڻهو ڪڻڪ
جو ڳاهه ڳاهيندا هيا. پر جيئن وقت گذرندو ويو تئين
تئين هي دنيا ترقي ڪندي رهي هئي، جنهن ۾ ڪڻڪ جي
ڳاهڻ لاءِ ٿريشر ايجاد ڪيو ويو، ان ۾ ڪڻڪ آساني
سان ڳاهي سگهجي ٿي ۽ وقت جو به بچاءُ ٿئي ٿو. مطلب
ته هن دنيا ۾ سک ئي سک آهن، تئين تڏهن ته انسان
ترقي ڪندو رهي ٿو، هن دؤر ۾ ڪمپيوٽر جي وڏي اهميت
آهي هن جي مدد سان هر حساب آساني سان حل ٿي سگهي
ٿو. هاڻي اها حالت آهي جو دنيا جا ترقي يافته ملڪ
ڪمپيوٽر کي پنهنجي لاءِ ايتروئي لازمي سمجهن ٿا،
جيترو هوائي جهاز، ٽيليفون يا بجلي وغيره کي ٻين
ايجادن جي ڀيٽ ۾ ڪمپيوٽر هڪ تمام مختصر عرصي اندر
سڄي دنيا ۾ ڇانئجي چڪو آهي، ايتريقدر جو ايندڙ
سالن ۾ ڪمپيوٽر تي انسان جي زندگيءَ جو دارومدار
ايترو ته وڌي ويندو جو ان کان سواءِ اسين پنهنجي
تهذيب جو تصور به نه ڪري سگهنداسين ۽ اسان جي
سموري ترقي جو بنياد به هن حيرت انگيز مشين تي
رکيو ويندو. مطلب ته هن دؤر ۾ ٽيڪنالاجي کي وڏي
اهميت حاصل آهي.
خليل لاکو
(اسان جا اديب)
محترمه عطيه دائود
سوال: شروعاتي زندگيءَ ۾ تعليم متعلق واقفيت
ڏيندا؟
جواب: مون نواب شاهه ضلعي جي تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ
موليڏنو لاڙڪ ۾ جنم ورتو. 5-6 سالن جي هئس ته بابا
سائين وفات ڪري ويو. منهنجي ذهني تربيت وڏي ڀاءُ
محمود لاڙڪ ڪئي. ننڍپڻ کان مون کي سماج جي غلط
رسمن، ڪوڙ ۽ منافقت کان نفرت ڪرڻ جا سبق ڏنائين.
ننڍي لاڪون مون کي منهنجي پيرن تي بيهڻ جي اهميت
کان واقف ڪيائين. مون آزاد زندگي گذارڻ جا خواب
شروع کان ڏٺا ۽ مان ان ۾ ڪامياب ٿيس.
پنج درجا ڳوٺ جي ڇوڪرين واري اسڪول ۾ پڙهيم. اسڪول
۾ هڪ ڪمرو هوندو هو. جتي پٽيءَ کان پنجينءَ تائين
ٻار گڏ ويهندا هئا. پڙهائي جو ڪو معيار ڪونه هو.
ماسترياڻي مرضيءَ سان ايندي ويندي هئي. ان وقت صرف
هڪ ٻه مضمون پڙهايا ويندا هئا. سال ۾ ٻه ڀيرا
”ميڊم“ انسپيڪٽر آف اسڪولس، ڪچو ۽ پڪو امتحان وٺڻ
ايندي هئي. هڪ ٻه ڪتاب ته مان سال جي پهرئين مهيني
۾ الف کان ي تائين ياد ڪري ۽ حساب ڪري ڇڏيندي هيس.
پڙهائيءَ سان تمام شوق هوندو هو، پر ماحول نه
مليم. اڄ به ڪيترن ڳوٺن جو حال اهو ئي آهي.
پرائمري پاس ڪري، ڇهون درجو نواب شاهه ۾ پڙهيم.
ستين کان ميٽرڪ تائين ميران اسڪول حيدرآباد ۾
تعليم ورتم. هتي مون کي سٺيون استاد مليون. جن
منهنجي ڪافي رهنمائي ڪئي. ڪيترا ڊراما، ٽيبلو ۽
گيت وغيره لکيا ۽ حصو ورتم. انعام به حاصل ڪيم.
آپا شاهده بيگم خواجه، آپا ڪملا ۽ آپا رضيه قريشي
جن منهنجي صلاحيتن کي همٿايو. انٽرميڊئيٽ زبيده
ڪاليج مان ڪيم.
سوال: توهان کي ادب پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق پئدا ڪيئن
ٿيو؟
جواب: منهنجو پيءُ شاعر هو. پيءَ جو اثر ڪيئن ورتم
خبر ناهي. مون به شروع واري شاعري ائين ڪئي هئي.
ڳوٺ ۾ ماڙيءَ تي ادا جو ڪمرو هو. ڪچي عمارت هئي.
منهنجي ڀاءُ ان تي شاهه جو شعر لکيو هو:
ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ، ننڊن ڪندي نه ملي.
ڀت تي چاڪ سان لکيل، اهو منهنجو پهريون سبق هو.
ادا جا رکيل ڪجهه نصابي ۽ ادبي ڪتاب پڙهيم. ڪڏهن
ڪڏهن ڪو رسالو ايندو هو ته پڙهندي هيس. گهر وارن
جو شوق هو ته مان ڊاڪٽر ٿيان. ادب جي حوالي سان
منهنجي ڪنهن همٿ افزائي نه ڪئي، نه ئي ماحول مليو.
منهنجي سئوٽ سڪينه ٻه ٽي ڪهاڻيون لکيون. منهنجي
ادبي شوق ۾ واڌارو ماهوار سهڻي ۽ فهميده حسين جو
ڪالم ”سگهڙين سٿ“ پڙهڻ بعد ٿيو. ف. م. لاشاري
وارو، هلال پاڪستان ميگزين به مون کي ادبي شعور
ڏنو. مان ننڍي هوندي کان لکندي هيس، پر ڇپرائيندي
نه هيس. 1983ع ۾ احمد سليم مون کي ”جفاڪش“ اردو
رسالي ۾ ڇپڻ لڳو. جنهن ۾ مون سنڌي شاعري ۽ ٻيو
مواد ترجمو ڪري هلايو. ان کان پوءِ مختلف اردو
اخبارن رسالن ۾ لکيم. پر جڏهن مون سنڌي ادبي سنگت
جي گڏجاڻين ۾ وڃڻ شروع ڪيو؛ تڏهن محسوس ڪيم ته
منهنجو ادبي جنم هاڻي ٿيو آهي. سمجهيم ته ان کان
اڳ ته مان پاڻ به پنهنجي اڳيان واضع نه هيس. ادبي
سنگت جو پهريون ڏينهن ادب ۾ پهرين وک ٿي سمجهان.
سوال: ٻارن کي ادب پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق ڪيئن ڏيارجي؟
جواب: اسان وٽ ٻارن کي سندن ڪهڙو حق مليو آ؟ هو ته
بنيادي حقن کان محروم آهن. اسان جي ٻهراڙيءَ جا
ٻار مال چارين، مزدوري ڪندا وتن. تعليم اسان جي
قوم جو وڏو مسئلو آهي. ادب ۾ پهرين انهن لاءِ اهي
موقعا پيدا ڪجن، جو گهڻي کان گهڻا ڪتاب ٻارن لاءِ
لکيا وڃن. ٻار جي معصوم چهري تي مرڪ ڪيڏي نه وڻندي
آهي. پر هن ڌرتي ڄاون، ٻارن جي ننڍڙن ڪلهن تي وڏين
ذميوارين جو بار وڌو ويو آهي. اسان ماڻهن کي
ڏينهون ڏينهن سازشن تحت غلاميءَ جي زنجيرن ۾
وڪوڙيو ويو آهي. اڄ جا مسئلا اسان جي ڌرتي، ٻولي،
ثقافت، تهذيب ۽ خود وجود جي بقاء جا مسئلا ڪر کنيو
بيٺا آهن. سو اسان چاهيندي به ٻارن جي گهربل اصلاح
نٿا ڪري سگهون. اسان جا ٻار جنن ڀوتن وارو ادب ۽
راند روند ۾ وقت کپائڻ بدران اهڙو ادب پڙهن جو
سندن ذهني جاڳرتا پئدا ڪري. سماج جا سياسي ۽ سماجي
مسئلا، انهن تي واضح ڪجن. نصاب ۾ ته تاريخ جو ٻيڙو
ٻوڙيو ويو آهي.
سوال: موجوده ٻاراڻي ادب جي رفتار مان اوهان مطمئن
آهيو؟
جواب: اڄ جي ٻار ۾ جيڪو شعور آهي. ان مطابق ته
ٻاراڻو ادب تخليق نه ٿي رهيو آهي. ها باقي اسان جي
ننڍپڻ واري دور سان ڀيٽ ڪبي ته چڱا ڪتاب ۽ رسالا
نڪرن پيا. پر اڄ جي سڄاڻ ٻار لاءِ اهو ڪافي ناهي.
ٻارن جون جيتريون تنظيمون آهن ۽ اهي عملي طور سجاڳ
آهن، اوترو ادبي واڌارو نه پيو ٿئي. ٻاراڻو ادب
اسان وٽ جهڙوڪ 10-11 سالن جي ٻارن لاءِ لکيو وڃي
ٿو. جيڪي ان کان وڏا ٻار آهن. سوچ ۽ فڪر جا مالڪ
آهن، انهن لاءِ نٿو لکيو وڃي. ٻارن لاءِ هن وقت
صرف ٻه ٽي رسالا اچن ٿا، ڪتاب نه ٿا لکيا وڃن،
ناٽڪ، ناول ۽ مضمونن جا ڪتاب نه ٿا ملن.
سوال: توهان ٻارن لاءِ ڇا لکيو آهي؟ جي نه لکيو
آهي ته ڪو خاص سبب؟
ٻاراڻي عمر ۾ جو لکيو هيم، سو ٻاراڻو ادب آهي ڪجهه
نظم لکيا هيم. هاڻي ٻارن لاءِ ڪونه لکيو اٿم. ائين
نه هئڻ کپي. ٻار اسان جو آئينده آهي. انهن کي پاڻ
کان الڳ ڪرڻ نه کپي. پر تمام گهڻيون مصروفيتون
معاشي جدوجهد ۾ انڌاڌنڌ ڊوڙ ۽ ٻين ڪيترن ئي
ذميوارين ۽ مصروفيتن سبب. تنهن هوندي به ان شڪايت
کي دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪنديس. |