سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون 1989ع

باب: --

صفحو :2

سنڌ جيئن ته هندستان جو هڪ حصو هئي، ان ڪري ملڪ ۾ ايندڙ هر تبديليءَ جو مٿس اثر پوڻ لازمي هو. ڀڃ ڊاهه، لٽ مار، قتل خونريزي ۽ تشدد ذريعي مڪمل انقلاب جي حامين جو، سنڌ تي به زبردست اثر پيو. هتي به ڪجهه نوجوان اهڙا هئا، جن ڳالهين ۽ امن ڀري تبديليءَ کي بيڪار سمجهي، انقلاب جي راهه کي بهتر ٿي سمجهيو. اهڙن انقلابين ۾ ”هيمون ڪالاڻي“ جو نالو سرفهرست آهي.

هيمون ڪالاڻي، سکر سنڌ جي هڪ واپاري پيسو مل جي گهر ۾ 11 مارچ 1924ع تي پيدا ٿيو. پاڻ مئٽرڪ جو شاگرد هو، تڏهن هڪ طرف دنيا عالمگير جنگ ۾ سڙي ٻري رهي هئي؛ ته ٻئي طرف هندستان ۾، انگريز حاڪمن خلاف پوري اوج تي هئي. ٻين لفظن ۾ هندستان ڇڏيو تحريڪ پنهنجي اوج تي هئي. هي اهو دور هو، جڏهن سنڌ جي ماڻهن کي مارشل لا ذريعي چيڀاٽيو پئي ويو. تاريخ 23 آڪٽوبر 1941ع تي سکر جي چند انقلابين (جن ۾ هيمون ڪالاڻي به هڪ هو) کي خبر پيئي ته ڪراچيءَ مان هڪ ٽرين، بم گولا ۽ بارود کڻي اتر ڏي وڃڻ لاءِ سکر مان لنگهڻي آهي. هيمون ان ٽرين کي ڪيرائڻ لاءِ ريلوي لائين جي هڪ پٽي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. بدقسمتيءَ اها ٿي، جو سنڌ جا هي انقلابي جوان مڙس موقعي تي پڪڙجي پيا. ٻيا ته ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا. پر هيمون موقعي تي هٿيڪو ٿي ويو.

انگريزن مٿس ڪيس هلايو، جو ساندهه ٻه سال چالو رهيو. ڪيئي موقعا آيا، مهلون گذريون ۽ اتفاق ٿيا؛ انگريزن جو خيال هو ته هيءُ نوجوان رڳو پنهنجي فعل تي پڇتاءُ ڪري ۽ آئينده ڪنهن اهڙي ڪرتب کان توبهه تائب ٿئي ته کيس معاف ڪري ڇڏجي. پر هن سورهيه ۽ سرويچ ائين ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. آخرڪار وطن جي هن سورمي ۽ سپاهيءَ کي 21 جنوري 1943ع تي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. اهو ئي زمانو هو، جو انگريزن سنڌ جي هڪ ٻئي مٿير مڙس پير صاحب پاڳاري کي پڻ شهيد ڪري ڇڏيو هو. اڄ انگريز ۽ نادري قهر ڪندڙ حڪمران ته خاڪ ٿي ويا آهن، پر هيمون ڪالاڻي اسان جي تاريخ ۾ هميشہ هميشہ لاءِ امر ٿي چڪو آهي. تازو سندس ٻڍڙي ماءُ کي هندستان ۾ اعزازن ۽ انعامن سان نوازيو ويو آهي ۽ سندس نالي ۾ ڪو يادگار ٺاهڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي!

رحيم بخش ”قمر“ لاکو

وڻن جي واکاڻ

هي خَالِقَ! اُپايا عجب وَڻَ اَپارا،

سدا چهچ ساوا ۽ سُرهاڻ وارا.

هي اِنسَانَ سان ٻانهنَ ٻيلي ٿين ٿا،

ٿڌي ڇانوَ، ڇوڏا ۽ مِيوا ڏين ٿا،

ٿي ڪشتي ڪنارو پَسائن پيارا.

هي خَالِقَ! اُپايا عجب وَڻَ اَپارا،

هي ڪوڏِر ڪُهاڙيءَ ۽ ڏاٽِن سان هَمَدم

نه ڪاٺيءَ بنا ڪو ٿئي مور ٿو ڪم،

ڏِينِ هر ڪنهن کي سدائين سَهارا.

هي خالِقَ! اُپايا عجب وَڻَ اَپارا،

وڻن تي پکي خوب لاتيون لنون ٿا،

۽ ٽارين مٿان ڀؤنرَ، پوپٽ ٽِلن ٿا،

هي خَالِقَ! اُپايا عجب وَڻَ اَپارا،

مُحمّد ﷺ مٺي جو هي فَرمان آهي،

صِلو وَڻن پوکڻ جو ذِيشَانُ آهي،

گهڻا پوکيو وَڻَ صداقت سان سارا،

هي خَالِقَ! اُپايا عجب وَڻَ اَپارا،

هي خالق جا دُنيا تي ٿورا نه ٿُورا،

ڪيائين وڻن مان ئي جهانگي جا جُورا،

”قَمَرَ“! قُرب وارا سي آهن قرارا،

هي خَالِقَ! اُپايا عجب وَڻَ اَپارا،

سدا چهچ ساوا ۽ سرهاڻ وارا.

اسير ملاح

 

گيت

 

موڪل جو ڏينهن آيو ٻارو

آيو آيو راند جو وارو

گڏجي سڏجي ميچ ڪنداسين

لغڙ اُڏائي پيچ ڪنداسين

ڳاڙهو لغڙ سائو، ڪارو...

اٽي ڏڪر ڪرڪيٽ بڻي آ

هاڻ انهي جي ڳالهه گهڻي آ

ڇڪن چئونڪن جو وسڪارو...

اچو ڏڙهي سان راند ڪڏون ڪا

ڦِرڦِر سَئونٽون، پينگهه لُڏي ڪا

لِڪ لِڪوٽي، چوپڻ ڍارو...

آيو آيو راند جو وارو

موڪل جو ڏينهن آيو ٻارو

اڪبر جسڪاڻي

 

ماءُ جو پيار

 

پيارا ٻارؤ! توهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته اڄ جنهن حال ۾ آهيو، ان ۾ امڙ جي ڪيتري خدمت سمايل آهي. راتين جون راتيون اوجاڳو ڪري پنهنجي ٻچڙي کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. شل نه ٻچي کي ڪو ڪوسو واءُ لڳي پوءِ ته تيسين آرام ڪونه ايندس، جيسين وڃي سندس ٻچڙو خوش ٿئي.

ٻارؤ! مان به پنهنجي امڙ جي پيار ۽ محبت بابت سوچي رهيو هوس. ڪيترو پتڪڙو هوس. اڄ هن عمر ۾ پهتو آهيان، پر امڙ جو مون سان اهو ئي پيار آهي. جڏهن ڳوٺ پهچڻ ۾ ڪجهه دير ٿيندي آهي ته وتندي آهي پڇائون ڪندي، ته منهنجو ٻچو ڪڏهن ايندو ۽ هر ٻئي، ٽئين ڏينهن ويندي آهي منهنجي دوست کان پڇڻ ته ”ابا، ٻچو ڪڏهن ايندو؟“

اهي ڳالهيون جڏهن ٻڌندو آهيان، تڏهن ذهن ۾ ايندو اٿم ته اسان ٻاهر بي فڪر ٿيا هلندا وتون، پر ماءُ جيجل ڪيترو پريشان ٿي ٿئي. شاهي بازار ۾ هڪ عورت کان سندس پٽ وڃائجي ويو. پوءِ ته اها ويچاري ايترو ته پريشان هئي، جو سڄي شهر ۾ رڳو اهي لفظ هوس ته ”منهنجو ٻچو ڪٿي آهي؟ منهنجو ٻچو ڪٿي آهي؟“ خدا جي قدرت جو ان وقت ٻار ملي ويس. مون سمجهيو ته ايترو پريشان ٿي آهي. ضرور ٻار کي موچڙا هڻندي پر بجاءِ موچڙن هڻڻ جي ٻار کي ڀاڪر پائي چميون ڏيڻ لڳي ۽ منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا.

سوچيم ته مامتا ڪيتري نه عظيم آهي ۽ پوءِ مون کي وري پنهنجي امڙ ياد اچي ويئي. جڏهن ڳوٺان صبح جو چئين بجي نڪرندو آهيان تڏهن امڙ ڀاڪر پائي ڳلن تي چميون ڏئي چوندي آهي ”ابا! الله سائين خير ڪندئي، رات جو وقت آهي، ڪتن جو خيال ڪجان! ۽ پهچڻ شرط خير جو خط لکجان.“ اهي لفظ ٻڌي سوچيندو آهيان ته ڇا ٻيو ڪو عزيز انهي وقت تي اهي لفظ چوندو.

ها ته ٻارؤ! امڙ جهڙي عظيم رشتي جو قدر ڪريون ۽ ان کي ڪڏهن به نه ڏکويون. ڇو جو اسان ان جي هڪ رات جي اوجاڳي جو به ٿورو لاهي نه ٿا سگهون.

منٺار سولنگي

 

آئون جيڪر

 

صبح سويرو،

ادڙا ادڙيون، ننڍڙا ننڍڙيون،

وِهنجي سِهنجي،

اُجرا اُجرا ڪپڙا پَهري،

هٿ ۾ ٿيلها ڪلڪِ سنڀالي،

جَڏهن وَڃن ٿا مڪتب ڏي،

تڏهن ڪنهن فوٽ پاٿ تي بيهي،

اَڻڀن اَڻڀن وارن وارو،

ميرن ميرن ڪپڙن وارو،

گَدلن گدَلن ڳٽڙن وارو،

ننڍڙو ادڙو،

هَٿُ ۾ ڇولن ٿال جَهلي،

ميرن سيرن ڳٽڙن تي،

اُجرا اُجرا لُڙڪ وهائي،

دل ئي دل ۾ سوچيندو آ،

آئون به جيڪر پَڙهڻ وَڃان ها،

پنهنجي ننڍڙي ڦرهيءَ تي،

اُبتا سبتا اکر لِکان ها،

آئون به جيڪر پڙهڻ وڃان ها!

ادل سومرو

 

ايڪو

 

پاڻ سڀئي هڪ آهيون دوست!

اچو ته ويڇا ڊاهيون دوست!

ڪُلفت ڪاوڙ ختم ڪري سڀُ

پنهنجي کي پرچايون دوست!

هر وندر جي ڀيٽ ۾ زيادهه

علم ادب کي چاهيون دوست!

وڃي ٿو جيڪو جلدي وسري

سبق اُهو ورجايون دوست!

علم سان آهي هُنر ضروري

ساٿين کي سمجهايون دوست!

پلُ پلُ آهي قيمت وارو

ويهي نه وقت وڃايون دوست!

جهيڙي وارا جذبا ٺاري

گيت اَمُن جا ڳايون دوست!

محنت، مُحبت، ڏاهپ سان سڀ

ديس پنهنجي کي ٺاهيون دوست!

قربان جعفري

 

ڊريڪولا جي ڪهاڻي

 

سن 1897ع جي هڪڙي اونداهي رات، ”برام (ابراهام) اسٽوڪر“ نالي هڪڙو غيرمعروف آئرش اديب، ايڪٽر ۽ مئنيجر ننڊ ۾ ڪو ڀوائتو خواب ڏسندي، ڇرڪ ڀري، سجاڳ ٿيو ۽ انهيءَ خواب جي زير اثر هن ”ڊريڪولا“ نالي ناول لکڻ شروع ڪيو. ڊريڪولا هڪڙي اهڙي زنده لاش جي ڪهاڻي آهي، جيڪو رات پوڻ سان تابوت مان اُٿي هلي ٿو ۽ پنهنجي دائمي جياپي لاءِ ٻين جيئرن انسانن کي کاڄ بڻائي، سندن نڙگهٽ مان رت چوسي ٿو. جيستائين ڪي سندس شڪار ٿيل انسان سندس جهڙا ئي ٿي، سندس چيلا بڻجي وڃن.

درحقيقت (Vampire) يعني رت پياڪ چمڙي جي باري ۾ ڪا ڪهاڻي لکڻ جو خيال ورهين کان برام اسٽوڪر جي ذهن ۾ ويٺل هئو ۽ هن انهي خيال جي ڳولها خاطر، هن مهينن جا مهينا برٽش ميوزم ۾ کوجنا ڪئي هئي. نيٺ هن هڪڙي پراڻي جرمن اخبار ڳولهي لڌي جنهن ۾ ٽراسلوينيا جي ڊريڪولا نالي هڪڙي بدڪار شهزادي جو ذڪر هو ۽ سندس تذڪرو تواريخ ۾ پڻ ”وَلاد ڀوائتو“ جي نالي سان موجودو هو.

برام اسٽوڪر جي زرخيز ذهن هن ڪردار کي بنياد بنائي جيڪو تخليقي روپ ڏنو تنهن ۾ سندس تخليقي ڪردار ”ڊريڪولا“ پنهنجي مرضيءَ مطابق رت پياڪ چمڙي، ڀگهڙ يا ڪوهيئڙيءَ جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو. آرسيءَ ۾ سندس عڪس نظر ڪين ٿو اچي ۽ کانئس بچاؤ جي ٻين طريقن سان گڏوگڏ کيس ڀڄائڻ جو واحد طريقو هي آهي ته عيسائي عقيدي موجب صليب سندس اکين جي آڏو ڪيو وڃي ۽ سندس سموري قوت سج جي پهرين ڪرڻي سان زائل ٿي وڃي ٿي، تنهن ڪري هو ڀڄي وڃي پنهنجي تابوت ۾ سمهي رهي ٿو.

کيس هميشہ لاءِ ختم ڪرڻ جو واحد طريقو هي آهي، ته ڏينهن جي روشنيءَ ۾ جڏهن هو پنهنجي تابوت ۾ مرده حالت ۾ ستل هجي ته ڪاٺيءَ جي هڪڙي ڊگهي گهڙيل ميخ، ڪاٺيءَ جي هٿوڙيءَ سان سندس دل ۾ ٺوڪي ڇڏجي ته هو اَبدي ننڊ سمهي پوندو ۽ سندس روح آجو ٿي عام فطري حالتن جيان جسم مان پرواز ڪري ويندو.

”ڊريڪولا“ جو هي اَمر ۽ اڻمٽ ڪردار جنهن ساڳئي نالي واري حقيقي انسان تي جڙيل آهي سو پندرهين صدي عيسوي ۾ ڊريڪولا جي لقب سان مشرقي يورپ ۾ هنڌين ماڳين مشهور هئو. هو هڪ ڪوجهو، بدخصلت، چيڙاڪ ۽ ڏنگو نواب هئو، جيڪو پنهنجي عوام، توڙي انسان دشمني ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئو.

عوام ۾ عام طرح هي مشهور هئو ته سندس جسم ۾ شيطان جو واسو آهي ۽ هو هڪ ٻئي کي سندس رهائشگاهه کان ڏور ڏوري رهڻ جي  صلاح ڏيندا هئا. سندن چوڻي هئي ته هو ماڻهو جو رت چوسيندو هئو.

مشرقي يورپ جي تواريخ لکي ٿي ته وَلاد (ڊريڪولا) سن 1430ع ۾ ڄائو هو، جڏهن هو چوڏهن ورهين جو هو ته سندس پيءُ کي سندس ڀاءُ ”راڊو“ سان گڏوگڏ حملو ڪندڙ ترڪن جي هٿن ۾ بطور يرغمال حوالي ڪرڻو پيو هو. راڊو جنهن کي ”ٺاهوڪو“ جو لقب مليو، سو سلطان جو لاڏلو هو. پر ڊريڪولا پنهنجي پهريدارن کي ڊيڄاري ڀڄائي ڪڍيو. هن انهيءَ لاءِ هي طريقو اختيار ڪيو جو ماڻهن کي رشوت آڇي کانئن ننڍڙا ننڍڙا پکي ۽ جانور گهرايائين ۽ پوءِ اُنهن کي ايذاءُ رسائي ننڍڙيون ميخون ٺوڪي پٽ تي پٿاري ڇڏيائين.

هن بد ارواح ڇوڪري کي چئن سالن کان پوءِ آزاد ڪيو ويو ته هن ترڪن خلاف جنگ جوٽي ڏني ۽ رستي ۾ ايندڙ هرهڪ حمايتي يا جيو کي تاراج ڪندو ويو. سندس ڪي ڏوهه ۽ اذيتون ته ايتري قدر ڪنبائيندڙ آهن جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن. هڪڙي بيان مطابق هن ٽيهه هزار انسان هڪڙي ڏينهن ۾ قتلام ڪيا هئا. سندس ڦاهي ڏيڻ جو من پسند طريقو هي هو ته هٿ ۾ چڙهيل ماڻهن کي جيئري صليب تي ليٽائي ميخون ٺوڪرائي چوڌاري ٽنگرائي ڇڏيندو هو ۽ پاڻ انهن جي وچ ۾ ويهي شراب ۽ ڪباب اڏائيندو هو. جڏهن ته سندس چوڌاري مرده انسانن جي سڙندڙ جسمن جي اُگري ڌپ ڦهليل هوندي هئي.

اِئين سُجهي ٿو ته اِنهيءَ مان انساني رت چوسڻ جو خيال ورتو ۽ ڊريڪولا جي وات جي اُگري ڌپ ۽ سندس تابوت جي قبرستان جو نقشو چٽيو آهي ۽ اِهو ئي موزون ترين طريقو سمجهي ٿو ته اهڙي انسان جي ڪٺور دل ۾ خنجر يا ڪا ميخ آرپار ٺوڪي ڇڏجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com