سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1984ع

باب: --

صفحو :5

هڪ ڏينهن جوارين جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ نصير جي ٽنگ به ڀڄي پئي اسپتال ۾ کڻي ويس پر مجبور ٿي ڊاڪٽر کي گوڏي کان سندس ڄنگهه ڪٽڻي پئي: مان به هر روز ان کي پڇڻ ويندو هيس. هن دفعي منهنجي ڳالهائڻ ان تي اثر ڪيو، بُرن ڪمن ۽ بُرن جي سنگت جي صحبت جو نتيجو ڏٺائين، آئينده اهڙي چال کان توبهه تائب ٿيو. پڙهڻ جو شوق ان ۾ پيدا ٿيو. هر روز ان کي مان سائيڪل تي اسڪول وٺي ويندو هوس ۽ وري موڪل مهل به پاڻ سان سائيڪل تي گهر ڏانهن وٺي ايندو هوس.

هن سال فرسٽ ڪلاس ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو اٿس، هن وقت منهنجي همدردي ۽ دوستيءَ جو احساس ٿيو اٿس، جو ڏاڍو ٿورا پيو مڃي.

قرآن پاڪ جون فضيلتون

قرآن زندگي جو مڪمل قانون آهي.

قرآن مومنن لاءِ رحمت ۽ هدايت آهي.

قرآن پاڪ جي دل ياسين شريف آهي.

قرآن دل جي بيمارين لاءِ شفا آهي.

قرآن انسان کي اونداهي مان ڪڍي ٿو.

قرآن نصيحت جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو.

قرآن باوضو ۽ سچي دل سان پڙهجي.

قرآن تي دل سان عمل ڪجي.

قرآن ۾ سوچيندڙن لاءِ وڏيون نشانيون آهن.

قرآن ۾ 114 سورتون ۽ 540 رڪوع آهن.

موڪليندڙ: عاجز سنڌي، ڪنري

سعيد اڪبر مهر                               سائنس

ريڊيم

ريڊيم هڪ قسم جي ڌاتو جو نالو آهي. جنهن جو رنگ سفيد ۽ چمڪدار ٿيندو آهي. هن جي جسم مان خاص قسم جا شعاع نڪرندا آهن.

يورينيم جنهن خاص ڌاتو مان نڪرندو آهي ان کي يورينيم آڪسائيڊ يا پچ بليڊ چوندا آهن. هزارن ٽن يورينيم آڪسائيڊ مان گهڻي محنت ۽ پيچيده ڪيميائي عملن کان پوءِ ڪجهه ملي گرام ريڊيم نڪرندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي ڌاتو دنيا جي سڀني ڌاتن کان وڌيڪ قيمتي آهي.

ريڊيم جي دريافت جو سهرو پولينڊ جي مادام ڪيوري جي سر آهي. جنهن آسٽريليا ۾ هن ڌاتو جا قلم يورينيم آڪسائيڊ مان 1898ع ۾ سڀ کان پهريون حاصل ڪيا.

ان کان پوءِ 1911ع ۾ انهن قلمن يا ڪرسٽلز مان ريڊيم ڪڍيو.

ريڊيم مان مسلسل ٽن قسمن جي حرارت شعاعن جي صورت ۾ نڪرندي آهي.

انهن شعاعن کي ايلفا شعاع، بيتا شعاع گيما شعاع چئبو آهي.

درحقيقت ايلفا ۽ بيٽا شعاع ڪاٽو ۽ واڌو ذرات آهن ۽ گيما شعاعن تي ڪوبه چارج نه آهي.

ايلفا شعاع جيڪي ذرا خارج ڪندا آهن. انهن ۾ چار پروٽان ۽ ٻه اليڪٽران هوندا آهن. انهن ٻنهي قسم جي برقي ذرن جي اخراج جي رفتار هزار ميل في سيڪنڊ آهي. هي 20 هزار ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان حرڪت ڪندا آهن. هنن جي طاقت گهڻي گهٽ آهن. يعني معمولي قسم جي ٿلهي ڪاغذ مان به آساني سان گذري نه ٿا سگهن بيٽا شعاع انساني جسم ۾ اڌ انچ تائين وڃي سگهن ٿا. شيهي ۽ اليومينم جي چادر ۾ تيرهن انچن تائين وڃي سگهن ٿا. ان جي رفتار 84،000 ميل آهي. انهن جي طاقت نفوز ايلفا شعاعن کان تقريباً سؤ دفعه وڌيڪ آهي. هي ڪنهن به ڌاتو جي سنهي يا ٿلهي تهه کي آساني سان عبور ڪري سگهن ٿا.

انسان جسم تي انهن جو اثر گهڻي حد تائين خطرناڪ آهي. جسم جو جيڪو حصو ان جي زير اثر اچي، اهو ڳري سڙي مرده ٿي ويندو.

گيما شعاع ايڪسريز شعاعن جي مشابهه هوندا آهن انهن جي رفتار هڪ لک ڇهاسي هزار ميل يعني روشني جي رفتار برابر هوندي آهي. هن جي اندر سرائيت ڪرڻ جي طاقت ايڪسريز شعاعن کان وڌيڪ هوندي آهي. هي هڪ فٽ ٿلهي لوهه جي تهه مان آسانيءَ سان گذرندا آهن.

ريڊيم مان نڪرندڙ شعاع خطرناڪ به آهن ۽ فائديمند به آهن. انساني جسم ۾ انهن شعاعن کي سڌو سنئون برداشت ڪرڻ جي طاقت ڪونهي. پر اهي خطرناڪ اثر رکڻ وارا شعاع جڏهن هڪ خاص قسم جي پردي مان گذرندا آهن ته بعض انتهائي خطرناڪ بيماريون مثلا ڪينسر جي مريض کي پاڙ کان پٽي ڪڍن ٿا.

جديد تحقيقات مان اهو معلوم ٿيو آهي ته هڪ گرام ريڊيم سڄي سال ۾ 14،000،000 گرام حرارت پيدا ڪندو آهي.

هيءَ حرارت تقريباً پنڌرهن مڻ لوهه کي پگهاري سگهي ٿي. ان عمل دوران ريڊيم 2،500 گهٽجي ويندو آهي.

ريڊيم تقريباً پنج هزار سالن ۾ پنهنجي روشني ۽ حرارت وڃائي ڪارو ٿي ويندو آهي.

محمد امين بلوچ                 (اچو ته سنڌ گهمون)

نواب شاهه

سنڌ هڪ سهڻو ۽ ستابو علائقو آهي، جنهن جا شهر به ٻين علائقن جي شهرن کان وڌيڪ خوبصورت آهن. ورهاڱي کان پوءِ ڪن شهرن جي ترقي تي اثر پيو، جنهنڪري اُهي شهر پنهنجي اصلي رونق وڃائي برباد ٿي ويا آهن ته ڪي وري نئين سر سان آباد ٿيا آهن. هيءَ شهر به اُنهن مان هڪ آهي. نواب شاهه شهر ۾ اڳي اڪثريت رڳو هندن جي هئي پر ورهاڱي کان پوءِ هتي گهڻا نوان سنڌي اچي گڏ ٿيا آهن، ۽ هاڻي اڳي کان هي شهر گهڻو وڌي ويو آهي. هي ضلعي جو پهريون نمبر شهر هجڻ سان گڏ ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر پڻ آهي ۽ منجهس اٽڪل ٻه لک کن آدم رهي ٿو. هتي جي اصلوڪي رهاڪن ۾ محبت ۽ جانثاري جو جذبو گهڻو آهي.

نالو: هي شهر اصل ۾ هڪ ڳوٺ هو جو نواب شاهه نالي هڪ سيَد اڏايو هو. 1901ع ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ٿيڻ کان پوءِ هي شهر وڌيو ۽ سُڌريو آهي.

ريلوي اسٽيشن: مين لائين تي هيءَ هڪ مکيه ريلوي جنڪشن آهي. هتان هڪڙي لائين سڪرنڊ ڏانهن وڃي ٿي ۽ ٻي ميرپورخاص ڏانهن. هتي سڄو ڏينهن گاڏين جي اچ وڃ لڳي پيئي آهي.

اسٽيشن جي نئين ۽ جديد عمارت به چند سال اڳ ٺهي چڪي آهي.

مکيه رستا: نواب شاهه جي اسٽيشن تان لهي سڌو اولهه طرف اچبو ته هڪ وڏو گول چڪرو ڏسڻ ۾ ايندو جتي چار رستا اچي ملندا آهن. هڪ اهو رستو جيڪو اسٽيشن کان انهي چڪري تائين اچي ٿو، اهو اسٽيشن روڊ سڏجي ٿو. ٻيو رستو مسجد روڊ سڏجي ٿو جو جامع مسجد وٽ ختم ٿئي ٿو. ٽيون رستو ڏکڻ طرف مارڪيٽ روڊ سڏبو آهي. اهو رستو شهر کان ٻاهر وڃي ختم ٿئي ٿو. چوٿون رستو چڪري کان اتر طرف وڃي ٿو جو سڌو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل آفيس جي بلڊنگ وٽ وڃي ختم ٿئي ٿو، اُن کي ”مُني بازار ڪري چوندا آهن، جو دراصل ”موهني بزار“ جو بگڙيل نالو آهي. موهني بزار وارو ٽڪرو صفائي، سٺائي ۽ سهڻائي جي لحاظ کان بهتر آهي. هن ٽُڪري ۾ خاص ڪري وڏا وڏا دڪان، ۽ ڪپڙي جي مارڪيٽ پڻ آهي ۽ ڪجهه سرڪاري آفيسون پڻ آهن.

شهر ۾ ٻيا به ڪي مکيه رستا آهن جهڙوڪ سڪرنڊ روڊ، ڪچهري روڊ وغيره.

ازانسواءِ شهر جي وچ مان ريلوي لائين لنگهي ٿي، جنهنڪري شهر ڄڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي. مٿيون احوال اولهه واري حصي جو آهي، شهر جي اوڀر واري حصي کي ”لائين پار“ سڏبو آهي.

نقشو: هن شهر جو نقشو لاجواب آهي. هتي جا رستا ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙا ڪشادا آهن. چَپي چَپي تي چار رستا اچي پاڻ ۾ ملندا آهن. اُتي جاين جون ڪنڊون به گولائي تي مڙيل آهن اِنهي ڪري اُهي وڏا گول چوڪ جَلسن ۽ تقريرن ڪرڻ لاءِ بلڪل موزون آهن.

ميونسپالٽي وارن اهڙن ڪن چوڪن تي بئنچون وغيره رکائي ڇڏيون اهن. ڪن جاين تي پارڪ (جهڙوڪ چڪري ۾ رکيل آهي) هيءَ پارڪ انهيءَ لاءِ آهي ته ماڻهو شام جو اتي ويهي تازي ۽ کليل هوا کائين.

شهر جون مکيه جايون:

جامع مسجد: چڪري کان اولهه ڏانهن رستو جتي وڃي ختم ٿئي ٿو، اتي جامع مسجد آهي. هن عمارت جي صدر دروازي کان اندر هڪ ميدان آهي ۽ پوءِ مسجد جي اصل عمارت آهي. عمارت قديم آهي ۽ سنڌ ۾ اڏاوت جي ڪاريگري جو سٺو مثال آهي. ڪاشيءِ جو ڪم هن مسجد ۾ گهڻو آهي، ۽ منجهس ديني تعليم لاءِ مدرسو پڻ آهي.

عيدگاهه: جامع مسجد سان لڳ پٺئين پاسي اولهه طرف عيدگاهه جو وڏو ميدان آهي، جنهن کي چوڌاري ديوار ڏنل آهي ۽ اندر وڻ قطارن ۾ آهن، جنهن ڪري اس کان بچاءُ آهي.

واپار: هن ضلعي جي آبادي زرعي لحاظ سان سڄيءَ سنڌ جي مشهور آهي اهوئي سبب آهي جو هتي واپار گهڻو هلي ٿو.

واپاري لحاظ کان هي شهر، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سان ڳنڍيل آهي. هتي ڪپهه ۽ سرنهن جو فصل مشهور آهي. شهر ۾ ڦٽين ٽاڻڻ جا ڪافي ڪارخانا آهن ۽ هڪ کند جو ڪارخانو پڻ آهي.

تعليم: هن شهر ۾ شاگردن جي تعليم جو خاطر خواه انتظام آهي. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرن لاءِ هاءِ اسڪول الڳ الڳ آهن ۽ ڊگري ڪاليج به الڳ الڳ آهن.

سائنس ڪاليج، لاڪاليج ۽ گرلس ميڊيڪل ڪاليج کان علاوه مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪئمپس پڻ آهي. ان کان سواءِ ڪافي پرائمري اسڪول پڻ آهن.

تفريح گاهه: هن شهر ۾ پبلڪ جي تفريح لاءِ باغ باغيچا وغيره گهڻا ڪونه آهن، ڪي چند پارڪ، جهڙوڪ چڪري وارو پارڪ، جتي ماڻهو اڪثر ڏسڻ ۾ ايندا آهن.

چڪري وٽ هڪ ميونسپل لئبريري پڻ آهي، جتي عام ماڻهن جي پڙهڻ لاءِ اخبارون، رسالا موجود هوندا آهن. ٻين تفريح گاهن ۾ چار سئنيمائون ڳڻي سگهجن ٿيون، اُنهن مان هڪ نشاط سئنيما ريل جي اوڀر طرف يعني لائين پار آهي شهر ۾ ٻيا به ڪي خانگي باغ يا پارڪ آهن مگر عام ماڻهن کي انهن جي اندر اچڻ جي اجازت ڪانهي اُن کان علاوه اڳوڻي ولس هاءِ اسڪول وارو باغ جنهن کي خواجا باغ جو نالو ڏنو ويو آهي، جو اسڪول جي اڳوڻي لائق ۽ قابل هيڊماستر صاحب جي محنت ۽ ڪوشش سان ٺهيو ۽ هنن جي خدمتن جي ياد ۾ سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. هن باغ ۾ عاليشان پارڪ ۽ گلن جا قسمين قسمين ٻوٽا آهن، ۽ رنگا رنگي گُل تمام سهڻي نموني ٻارين ۾ ڊرائنگ جي نقشن سان رکيل آهن جو ڏسندي حيرت وٺيو وڃي، واقعي هن ٽڪري کي جيڪڏهن بهشت چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءَ نه ٿيندو هتي صبح جو سوير شهر جا ڪيترائي ماڻهو باغ جي نظاري ڏسڻ ۽ هواخوريءَ لاءِ ايندا آهن، اُن وقت باغ جو نظارو بيحد وڻندڙ هوندو آهي ۽ گُلن جي چ‍ؤطرف هٻڪار هوندي آهي.

هي باغيچو جنهن ڏٺو هوندو اهو ساراهه سان ڍاپندو ئي ڪونه. شايد گُلن جو ههڙو وڻندڙ نظارو لاهور جي شالامار باغ ۾ به نه آهي.

اُن کان سواءِ ڪافي خرچ سان ”لطيف هال“ نالي هڪ اهڙو عاليشان هال ٺاهيو ويو آهي جو هر قسم جي جلسن لاءِ موزون آهي، منجهس ڊراما، فلمون ۽ تقريرون به ڪيون وينديون آهن.

اسپتال: هتي سرڪاري وڏي اسپتال آهي ۽ اُن کان سواءِ ريل جي اوڀر واري حصي ۾ عيسائين جي ”مريم اسپتال“ آهي جا به هڪ وڏي ۽ سٺي اسپتال آهي. مريم اسپتال ۾ فقط عورتن جو علاج ڪيو ويندو آهي.

مال جي پڙي: هتي روزانو چوپائي مال جو وڪرو ٿيندو آهي، جنهن لاءِ ٻهراڙي جا ۽ شهر جا ماڻهو هتي اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ چوپائي مال جي خريد فروخت ڪندا آهن.

هوائي اڏو: نواب شاهه جو هوائي اڏو مهاڀاري لڙائي وقت انگريزن ٺهرايو هو. اهو تمام وڏي ايراضي ۾ پکڙيل آهي. حڪومت پاڪستان هن اڏي کي جديد طريقي سان سڌاري رهي آهي. حڪومت جي پڌرائي موجب ڪراچيءَ کان پوءِ صوبي ۾ هي ٻيو نمبر وڏو هوائي اڏو آهي.

موسم: هي شهر موسم جي لحاظ سان عجيب قسم جو آهي سياري ۾ گهڻو سيءَ پوي ۽ اونهاري ۾ گهڻي گرمي ٿئي ۽ انهي ساڳي اونهاري ۾ هن شهر جون راتيون ڪڏهين به وسرڻ جهڙيون نه آهن. اونهاري ۾ سڄو ڏينهن تمام گهڻي گرمي هوندي آهي، مگر قدرت رات اهڙي بنائي آهي جو انهي جي ڪري هتي جي رهاڪن کي ڏينهن واري گرمي وسريو وڃي. رات جو اهڙي ته ٿڌي هير لڳندي آهي جو سڄي رات ماڻهو اک ئي نه پٽيندو آهي ههڙي ٿڌي رات ڏينهن جي گرمي جي ستايلن کان ڪڏهن به وسرڻ جي نه آهي.

شهر ۽ پسگردائي: هن شهر جي چوڌاري سٺو ساوڪ وارو ماحول آهي. چئني طرفن کان باغات آهن ۽ شهر ۾ به گهڻا وڻ رستن جي ٻنهي پاسن تي رکيل آهن، تنهنڪري هن شهر کي باغن جو شهر ڪري چوندا آهن. شهر جي کُليل ماحول هئڻ ڪري هتي جي آب هوا ڏاڍي سٺي آهي، شهر ۾ هوادار ويڪريون ۽ ڪشاديون جايون آهن.

شهر جي چوڌاري ابادي هئڻ ڪري ساوڪ ئي ساوڪ ڏسڻ ۾ ايندي آهي.

شهر جو ڏاکڻيون حصو جيڪو ايسرپور جي نالي سان مشهور آهي، سو دراصل ڪُنب ليما جا هندو لڏي اُتي اچي ويٺا هئا، انهن جو ئي اڏايل آهي.

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪُنب ليما جو شهر جنهن کي ڌاڙيلن پاڪستان بنجڻ کان ڪي ٿورا سال اڳ ڦريو هو، سو اتي جا باشندا ڊپ کان خالي ڪري نواب شاهه لڏي آيا ۽ اُتي ايسرپور محلي جو بنياد وڌائون. ڪن پنهنجون جايون اڏائي مڪمل ڪيون ۽ ڪن جو ڪم اڃا هلي رهيو هو ته لڏپلاڻ شروع ٿي، جنهنڪري هو پنهنجون جايون اڌ ۾ ئي ڇڏي هليا ويا.

ذاڪر حسين سومرو                    ڪهاڻي نمبر-1

                                    سلسلو- 15

ضدي ڇوڪر

ماڻس جي اڃان صبح جو اک ئي مس کليس ته ماءُ کي سڏ ڪري چيائين ”امان... او امان...“ ماڻس ”جيءُ پٽ“. سليم: ”امان مون کي پئسا ڏي ته مان لغڙ وٺي اچان ۽ اُڏاريان“. ماڻس: ”نه ابا نه لغڙ نه اڏائجان.“ ماڻس گهڻو سمجهايس ۽ منٿون ڪيس؛ پر هن ماءُ جي هڪ به نه ٻڌي، ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيائين، سليم: ”امان ڏس نه اعجاز، اسلم، احمد وارا لغڙ اڏائين ٿا ۽ مان به ضرور اڏائيندس“ ماڻس دڙڪا ڏيئي تڙي ڪڍيس. نيٺ روئندو روئندو اچي ٿو ۽ پنهنجي ڀيڻ فرزانه وٽ ۽ روئڻ لڳو، ڀيڻ پڇيس، هن سڏڪا ڀريندي سڄي ڳالهه پنهنجي فرزانه کي ٻڌائي. ڀيڻ به هن کي گهڻو سمجهايو پر وريو ڪي ڪين. پهريائين هو روئي رهيو هو، پوءِ هن ليٽڻ شروع ڪيو ۽ دانهون ڪرڻ لڳو. ماڻس هن جي پيءُ کي ٻڌايو. جنهن هن کي سمجهايس پر هي ڇوڪر پنهنجي ضد تان نه لٿو. پڻس هن کي پئسا ڏنا، ڇاڪاڻ ته هو پيءُ کي پيارو هو، هاڻي هو خوش هو، ڀڄندو ٽپندو پيرن اگهاڙو بازار مان لغڙ وٺي آيو. ڀتين ۽ کڏن تي چڙهي لغڙ اڏائڻ لڳو، هڪ ڀت کان ٻي ڀت تي ٽپا کائڻ لڳو ڇاڪاڻ ته هن کي مزو اچي رهيو هو. ايتري ۾ ماءُ سڏ ڪيس ”ابا سليم او سليم...“ سليم: ”جيءُ امان“ ماڻس: ”پٽ مٿي لغڙ نه اڏاءِ هيٺ لهي اچ.“ سليم: ”نه امان ”نه مان نه مان هيٺ ڪين لهندس.“ ماڻس گهڻيون منٿون ڪيس ته پٽ لهي اچ- پٽ لهي اچ متان ڌڪ لڳنئي، پر هن ماءُ جي هڪ به نه ٻڌي ۽ آسمان ڏانهن نظرون ڪري پوئتي هٽندو لغڙ اڏائڻ لڳو. خبر تنهن مهل پيئي جڏهن اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيائين ۽ هن جي وات مان بي اختيار لفظ نڪري ويا. ”امان ڙي!“ هن جي واتان رت وهڻ لڳو. والدين اچي ڏسن ته پَٽ تي ڪريو پيو آهي ۽ سندس مٿي ۽ وات مان رت وهي رهيو آهي ۽ مٿو ڦاٽو پيو اٿس. ماڻس پٽ جو اهو حال ڏسي بيهوش ٿي ڪري پيئي. پوءِ ته گهر ۾ ڪُهرام مچي ويو. هرهڪ جي واتان اهو پئي نڪتو ته سليم مري ويو... سليم مري ويو. هنجو پيءُ بي اختيار ٿي پٽ کي ڏسي به رهيو هو ۽ روئي به رهيو هو. يڪدم پاڙيسري اچي گهر ۾ گڏ ٿيا.ڱ گهڻي ڪوشش کان بعد ۾ سليم کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. چند ڏينهن بعد هن جو ڦٽ چڙهي آيو. اڄ سليم روئي رهيو هو ۽ خيالن هن جي دل ۾ گهر ڪري ڇڏيو هو ۽ هو سوچي رهيو هو ته هو اڄ ڪهڙو منهن وٺي گهر ويندو ۽ والدين کان ڪيل حرڪت جي معافي وٺندو. ڪجهه ڏينهن بعد سليم خوش ٿيو. هو ماءُ کي سڏي ”امان او امان مون کي معاف ڪر“ تو مون کي سچ چيو هو. هاڻي سليم والدين جي قدمن تي ڪِري معافي وٺي پڪو اقرار ڪيو ته هو آئينده اهڙيون حرڪتون نه ڪندو. هاڻي سليم اسڪول سوير ويندو هو. پنج وقت نماز پابندي سان پڙهندو هو ۽ اڳي کان وڌيڪ پڙهڻ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. سچ ته هاڻي هن جا والدين ڪيترا ته خوش هئا.

غلام فاطمه شورو                      ڪهاڻي نمبر-2

                                   سلسلو- 15

لغڙ اڏاريندس

خالد پنهنجي کڏ تي لغڙ اڏائي رهيو هو. خالد پنهنجي لغڙ کي اڏامندو ڏسي خوش پي ٿيو. سڄو آسمان خوبصورت لغڙن سان ڀريل هو. خالد جي ماءُ خالد کي اڱڻ مان آواز ڏيندي چيو:

”پٽ ڏاهو ٿي هيٺ لهي اچ.“

”خالد نه امان مان هيٺ نه لهندس... امان باقي ٿوري دير لغڙ اڏائي وٺان.“

خالد جي ماءَ وري بس ڪري ويهي رهي پر وري کيس پٽ جي ڳڻتي لڳي.

خالد جي ماءُ وري وڃي سمجهائڻ لڳس ته ”پٽ هيٺ لهي اچ ڪري پوندين.“

پر خالد ضد ڪري بيٺو ته ”مان هيٺ نه لهندس.“ آخرڪار خالد جي ماءُ پاڻ مٿي چڙهي وڃي خالد کي لاهي آئي ۽ سمجهائڻ لڳس ته پٽ مٿي لغڙ نه اڏائبو آهي ڪري پوين ته مغز ڦاٽي پوندئي. خالد روئندي روئندي هيٺ پٽ تي سمهي رهيو. سندس ماءُ خالد جو لغڙ رکي ڇڏيو. جڏهن خالد ننڊ مان اٿيو ته روئڻ لڳو ته مون کي لغڙ ڏي ته اڏايان. وري سندس ماءُ سمجهائيندي چيس ته پٽ پنهنجي کڏ کي ٽيڪو نه آهي جي مٿان ڪري پوين ته مغز ڦاٽي پوندئي ڏاها پٽ ائين ڪونه ڪندا آهن. ٻئي ڏينهن کان پوءِ خالد جي دل کان لغڙ اڏائڻ جو خيال ئي لهي ويو. هڪ ڏينهن موسم به وڻندڙ هئي هوا به تيز لڳي رهي هئي. سڀ ڇوڪرا پنهنجي کڏ تي لغڙا اڏائي رهيا هئا. جڏهن خالد ڏٺو ته سندس دل ۾ به لغڙ اڏائڻ جو خيال اچي ويو ۽ خالد لغڙ وٺي مٿي کڏ تي اڏائڻ لڳو. سڀ ڇوڪرا پاڻ ۾ پيچ لڙائي رهيا هئا. خالد سان به هڪ ڇوڪرو پيچ لڙائي رهيو هو. خالد پنهنجي لغڙ کي ڇڏائيندي سندس ماءُ جي به وصيت وساري ويٺو ته گهر جي ڇت کي ٽيڪ نه آهي. جيئن ئي خالد اڳتي وڌيو ته سندس پير هڪ سر تي وڃي پيو ۽ اچي خالد هيٺ ڪريو ۽ سندس مغز ڦاٽي پيو. سندس ماءُ اچي خالد کي کنيو ۽ ڊاڪٽر وٽ وٺي ويئي.

ڊاڪٽر خالد کي ملم پٽي ڪئي. جڏهن خالد هوش ۾ آيو ته پاڻ کي اسپتال ۾ ڏسي حيران ٿي ويو. سندس ماءُ چيس ”پٽ تون کڏ تان لغڙ اڏائيندي ڪري پيو آهين. ڏس غريب آهيون اچي وياسين نه ڏچي ۾“ اهو ٻڌي خالد پشيمان ٿيو ۽ اڳتي لاءِ کڏ تي چڙهي لغڙ اُڏائڻ کان توبهه ڪيائين.

علم ڇا آهي!

·       علم هڪ روشني آهي جيڪا جهالت جي انڌيري مان ڪڍي ٿي.

·       علم حاصل ڪرڻ هڪ عبادت آهي.

·       علم عيب لڪائي ٿو.

·       علم سان انسان جي دل روشن ٿئي ٿي.

·       علم هڪ اهڙو خزانو آهي جيڪو ڪڏهن به چورائي نه ٿو سگهجي.

·       علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان عورت توڙي مرد تي فرض آهي.

·       علم تلوار کان به وڌيڪ تکو آهي.

- نصير احمد ميمڻ پاٽ شريف

اچو ته ڪهاڻي لکون

اچو ته ڪهاڻي لکون جو سلسلو ٻارن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي ويو آهي. ڪيترائي ٻار شوق سان حصو وٺن ٿا. ان جي مقبوليت کي ڏسي پهريون ۽ ٻيو نمبر ايندڙ ڪهاڻيڪارن کي ڪتاب انعام ۾ موڪليا ويندا آهن. (ڪو ڀاءُ اچو ته ڪهاڻي لکون لاءِ ڪتاب موڪليندو ته اسان ان جو نالو شڪريي سان شايع ڪنداسين)

اچو ته ڪهاڻي لکون لاءِ هڪ رهنما مواد هر مهيني ڏنو ويندو آهي. ان لاءِ هيٺيان شرط آهن:

1- ارڙهن سالن جو ٻار ڪهاڻي لکي موڪلي سگهي ٿو.

2- هن ئي پرچي ۾ اچو ته ڪهاڻي لکون نمبر 18 جو ڪوپن ڀرڻ ضروري آهي.

3- ڪهاڻي اهڙي طرح موڪليو، جو اسان وٽ 18 فيبروري 1984ع تائين پهچڻ گهرجي.

4- ڪهاڻي گل ڦل جي ٻن يا ٽن صفحن کان مٿي نه هجي ۽ ڪهاڻي پني جي هڪ پاسي لکيل هجي، ٻنهي پاسي لکيل ڪهاڻي کي مقابلي ۾ شامل نه ڪيو ويندو.

5- ڪهاڻيڪار پوري ائڊريس لکي موڪلين سندن نالا پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا.

اچو ته ڪهاڻي لکون 18- رهنما مواد

اڪبر: يارو اسلم سخت بيمار آهي، ان کي رت جي ضرورت آهي.

عمر: ”نه يار رت جو ته پوءِ مري ڪونه وڃبو.“

اڪبر: ”نه مري ڪونه وڃبو. پهرين مان رت ڏيندس.“

سڀ ٻار: ”هلو ته هلي رت ڏيون.“ اهو سوچي ڪهاڻي لکو.

ڪهاڻي موڪلڻ جو پتو

اچو ته ڪهاڻي لکون

ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس 12- حيدرآباد.

نتيجو اچو ته ڪهاڻي لکون

ماهه نومبر 1983ع جي پرچي ۾ ”اچو ته ڪهاڻي لکون“ جي عنوان تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو هو. جنهن ۾ هيٺين ٻارن حصو ورتو.

1- ذاڪر حسين سومرو 2- غلام فاطمہ شورو 3- سجاد احمد ميمڻ حيدرآباد 4- سمندر علي لاشاري سعيدپور 5- مقصود احمد قاضي مٽياري 6- ضمير علي ٻرڙو گهٽهڙ 7- فردوس نظاماڻي ٽنڊو سومرو 8- عالمان خاصخيلي 9- ڏيارام مورياڻي 10- ممتاز علي منگي صوڀو ديرو 11- رحيم بخش شيخ شڪارپور 12- اقبال احمد نائچ 13- امر ديپ واسواڻي شهدادڪوٽ 14- غلام رضا بڙدي پريالوءِ 15- احمد بخش شيخ لاڙڪاڻو 16- سعيد احمد سومرو راڌڻ اسٽيشن 17- اختيار حيدر خاصخيلي 18- زاهده محبوب لغاري ميرپورخاس 19- غلام محمد اسير فريد آباد 20- اجيت ڪمار لالواڻي 21- پون ڪمار 22- دليپ ڪمار ڦلواڻي 23- نبي بخش خاصخيلي 24- ڪوثر حسين سومرو حيدرآباد 25- منير احمد چنو خيرپور ميرس 26- حبيب الله رستماڻي بلوچ 27- حق نواز مهر نصرپور 28- نجمه بيگم پٺاڻ 29- منظور علي ڪلهوڙو وڳڻ وڏا 30- جميل احمد چنه ڀان شريف 31- مير محمد ڀٽي ٺل 32- محمد بخش گل لاڙڪاڻو 33- نصير احمد ميمڻ پاٽ شريف 34- وفا ولاسائي ڪلوئي شهر 35- دريا خان ڪلهوڙو مورو 36- عبدالعزيز ٻٻر جوهي 37- در محمد بيوس بهراڻي 38- عبدالرسول چنا فيروز شاهه 39- شميم کٽياڻ ميرپورخاص 40- شاهه نواز تنيو گمبٽ 41- اسماعيل سليم، هنڱورجا 42- احمد علي چنو 43- راجا غلام المصطفيٰ ڀٽي گمبٽ 44- علي حسن عباسي 45- ڪنيا لال، جروار 46- غلام فاروق شورو ڪوٽڙي 47- واحد لطيف کٽياڻ ميرپورخاص 48- بدرالدين صدف ميمڻ ڦل 49- زيرو ٺڪر 50- رتن ڪمار راڌڻ 51- ايم هارون ناشاد، 52- منوج ڪمار لهاڻو 53- غلام سرور لاکو 54- محمد ملوڪ ٻرڙو 55- محمد خان لاکو 56- سيد ڪرم علي شاهه 57- عبدالعزيز نوناري 58- سردار عباسي 59- فاروق عمر ميمڻ 60- علي سرور شاهه لاڙڪاڻو 61- محمد جمن گهمرو 62- عبدالڪريم ٽانوري 63- راجا علي شير کوکر لاڙڪاڻو 64- محمد جمن گهمرو خيرپور 55- عزيز ميمڻ هنڱورجا 66- ريحانه ناز ميمڻ پاٽ شريف 67- مفتي فيض محمد سومرو 68- ذوالفقار قريشي دادو 69- مظهر سومرو نئون ديرو 70- پريل شاهه بخاري لاڙڪاڻو 71- زاهده گوپانگ قمبر 72- فرح ديبا شڪارپور 73- نوشابه لاڙڪ نواب شاهه 74- رخسانا ناز سومرو سکر.

ججن جي فيصلي موجب هيٺين ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون پهريون ۽ ٻيو نمبر قرار ڏنيون ويون آهن. اهي پنهنجي صحيح ائڊريس موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.

1- ذاڪر حسين سومرو عادلپور.

2- غلام فاطمہ شورو ڄام شورو.

ڀلو موت

ڀلو موت اهو آهي جو ماڻهو پنهنجي حق وٺڻ لاءِ (لڙندي) مري جيڪو شخص پنهنجي مظلوميت تي مئو اهو شهيد آهي.

(حضور صلعم)

 

وڏي دولت

1- غريب جي سڀ کان وڏي دولت ايمان آهي.

2- مرد جي سڀ کان وڏي دولت اخلاق آهي!

3- عورت جو سڀ کان وڏي دولت عصمت آهي!

4- طالب علم جي سڀ کان وڏي دولت علم آهي!

5- ڪاريگر جي سڀ کان وڏي دولت هنر آهي!

6- بادشاهه جي سڀ کان وڏي دولت انصاف آهي!

7- فقير جي سڀ کان وڏي دولت گودڙي آهي!

- موڪليندڙ عاجز سنڌي

هڪ سؤ روپين جي شاندار ورڇ

هڪ ٻار جو جواب صحيح آيو

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت- 51 جو نتيجو 30 ڊسمبر تي ظاهر ڪيو ويو.

ساڄي کان کاٻي:

1. سلڇڻو 5- وڙ 6- اُمت 7- آني 9- علامت.

مٿان کان هيٺ:

2- لات 3- وڙهيا 4- رابعا 7- اهم 8- وليم.

هڪ ٻار جو جواب صحيح هجڻ ڪري مقابلي ۾ شامل ڪيو ويو کيس هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام ۾ موڪليا ويندا.

نبي بخش خاصخيلي ڳوٺ ڍالو خاصخيلي پوسٽ آفيس طاهر هنڱورو تعلقو هالا ضلعو حيدرآباد.

نوٽ: ٻارن جي خواهش تي آڏ آکري ڳجهارت بند ڪري خالن جو سلسلو شروع ڪيو پيو وڃي. جنهن ۾ صحيح جواب موڪليندڙ ٻارن کي هڪ سؤ روپين جو انعام حصي آهر ملندو.

گل ڦل خال ڀريو- 1

هڪ سؤ روپين جو انعام

اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ: 12 فيبروري 1984ع

نتيجو ظاهر ٿيڻ جي تاريخ: 16- فيبروري 1984ع

ٻارن جي گهڻي اسرار تي، اسان آڏ آکري ڳجهارت بند ڪري ان جي جاءِ تي گل ڦل خال ڀريو سلسلو هن مهيني کان شروع ڪري رهيا آهيون جنهن جا هيٺان اصول ۽ شرط آهن.

1- خال ڀري رسالي مان ڪوپن ڦاڙي جواب موڪلجن.

2- خالن جي فيصلي کي ڪوبه چئلينج نه ٿو ڪري سگهجي.

3- نتيجي ۾ جن به ٻارن جا جواب صحيح هوندا انهن کي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب حصي آهر موڪليا ويندا.

4- ڪنهن جو به جواب صحيح نه اچڻ تي هڪ غلطي واري کي انعام ڏنو ويندو. جي هڪ غلطي ۾ به ڪو ٻار نه ايندو ته اهو انعام رد سمجهيو ويندو.

5- لفافي تي گل ڦل خال ڀريو ضرور لکڻ گهرجي.

گل ڦل خال ڀريو ڪوپن- 1

1- بدنصيب ٿري........ جو لکيل آهي.

2- نعراءِ مستانه جو لکندڙ.......... هو.

3- الوحيد اخبار........... ۾ نڪتي هئي.

4- سنڌ.......... ۾ انگريزن جي هٿ هيٺ آئي هئي.

5- سچل سرمست جو ميلو.......... مهيني ۾ لڳندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com