جيئن اهو آفيسر پيپيءَ کي اها حقيقت ٻڌائي رهيو هو
ته پيپيءَ پنهنجي هٿن سان محسوس ڪيو ته هاڻ سج به
لهي چڪو هو ۽ هاڻ هن کي پنهنجو گيت ڳائڻو هو. پوءِ
هن پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو ۽ ٽان ٽان ڪري گيت ڳائڻ
شروع ڪيو. مٿي ئي اسان ذڪر ڪري آيا آهيون ته
ڏيڏريءَ جي اها عادت هئي ته سج لهڻ سان هوءَ
پنهنجي ٻوليءَ ۾ ٽان ٽان ڪري، گيت ڳائيندي هئي.
انهيءَ آفيسر کان ته کل نڪري وئي، پيپيءَ غصي مان
هن ڏانهن نهاريو، پر گيت ڳائڻ جاري رکيو. هن ڪنهن
به صورت ۾ پنهنجي گيت ڳائڻ دوران، مداخلت برداشت
نه ڪئي. هن تي آفيسر جي گفتگو جو ڪوبه اثر ڪونه
ٿيو. آفيس کان ٻاهر ٻين ڏيڏرن به ٽان ٽان شروع ڪري
ڏني. ڪو ڪٿان پيو ٽان ٽان ڪري، ته ڪو ڪٿان، تان جو
انهن سمورن جو آواز هم آهنگ ٿي ويو ۽ هڪ ئي سر تار
۾ ٽان ٽان شروع ٿي وئي، اسين انهيءَ آواز کي ٽان
ٽان چئون ٿا پر ڏيڏر ان کي پيپي، پيپي چون ٿا ۽
سمجهن ٿا.
پيپي آفيس ۾ گيت ڳائي رهي هئي ۽ پاڻ کي خوش محسوس
ڪري رهي هئي، هنن جو عقيدو هو ته انهيءَ گيت ڳائڻ
سان، چنڊ وڌيڪ روشن ٿيندو آهي ۽ تارن جو چمڪو وڌيڪ
روشن ٿيندو ويندو آهي.
ٽڪيٽ ڏيڻ واري ۽ ٻين سڀني آفيسرن گڏجي، تمام گهڻي
ڪوشش ڪئي ته پيپيءَ کي هاڻ بس ڪرائجي ۽ کيس جهاز
جي سيٽ بابت ٻڌائجي، پر هو ائين ڪري ڪونه سگهيا.
ٽڪيٽ واري جو مٿو سور ڪرڻ لڳو ۽ ڪنن ۾ کڻي آڱريون
وڌائين انجنيئر ۽ ٻيا سڀ آفيسر ڀڄندا آيا. انهن به
ڪوشش ڪئي ته پيپيءَ کي خاموش ڪرائجي، پر پيپي انهن
ڏانهن اکيون ڦوٽاري نهاريو ۽ پنهنجو گيت جاري
رکيو. ٻاهر بيٺل ماڻهو وائڙا ٿي ويا ته آخر هن
ڏيڏريءَ کي ڇا ڪيو اٿن، جو ٻين کي گيت جي صورت ۾
پڪاري رهي آهي ۽ مدد لاءِ سڏي رهي آهي، سڀڪو ڀڄندو
آيو ۽ پڇڻ لڳو ته ”ڏيڏري کي ڇا ڪري رهيا آهيو، جو
ايڏيون رڙيون ڪري رهي آهي. ٽڪيٽ واري سڀني کي تسلي
ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”اسين ته هن کي ڪجهه به ڪونه
ٿا ڪريون!“
”پوءِ هوءَ ڇو دانهون ڪري رهي آهي؟“ هڪ عورت پڇيو.
”خبر نه آهي، هن ته اسان کي ٻوڙو ڪري ڇڏيو آهي.“
هڪ ڏنڊو مٽو ماڻهو دريءَ تائين ڌوڪيندو آيو.
”توهان کي شرم نٿو اچي، جو ننڍڙي ساهواري کي ماري
رهيا آهيو.“ هن چيو، ٻيا ماڻهو ڀڄندا آيا ۽ پڪارڻ
لڳا، ”اسان جي ڏيڏرين کي نه ماريو.“
”اسين ته هنن کي ڪجهه به ڪونه ٿا ڪريون.“ ٽڪيٽ
واري چيو.
پوءِ توهان ٽڪيٽون ڇو نٿا هلايو ۽ هن کي اڪيلو ڇڏي
ڇو نه ٿا ڏيو؟“ ڪنهن مجبوري مان چيو.
”ڏاڍو چڱو خيال آهي.“ هڪ آفيسر چيو. ”تون پنهنجي
ٽڪيٽن وڪڻڻ جو ڪم جاري رک ۽ سمجهه ته ڪجهه ٿيوئي
ڪونهي، جڏهين جهاز ۾ ڪو واقعو ٿيندو آهي ته اسين
به ائين ڪن ٽار ڪري ڇڏيندا آهيون.“
”پر، هيتري گوڙ ۾ آءٌ ڪيئن ٽڪيٽون ڏيندو رهان،
منهنجو ته مغز ٿو ڏري.“ ٽڪيٽ واري چيو.
پر ٻاهران ماڻهن به گوڙ مچائي ڏنو. انهن جو آواز ۽
دانهون به وڌنديون رهيون.
”پيپي، جهاز جي انتظار ۾ آهي. هن کي نيويارڪ وڃڻو
آهي.“
”ٽڪيٽ واري انهن کي ٻڌايو.
”پوءِ تون هن کي وڃڻ ڇو نه ٿو ڏين.“
ڪنهن پڇيو.
”مون ته هن کي ڪونه روڪيو آهي. هن جو جهاز تيار
بيٺو آهي ۽ هن دانهون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن.“
”ڏيڏريون دانهون ڪونه ڪنديون آهن. اهڙا لفظ نه
ڳالهاءِ.“
”توهان ڀلا هن کي اڪيلو ڇو نه ٿا ڇڏي ڏيو.“
ڪنهن چيو.
”هن جو سر ڪير ٿو کائي.“ هن جو جهاز هليو ويندو ۽
هيءَ ڏيڏري رهجي ويندي.
”هن جي سيٽ به خالي رهجي ويندي.“
”هن کي ڪنهن ٻئي جهاز ۾ موڪلي ڏبو توهان وٽ ته
ڪيترائي ئي جهاز آهن.“
”ٺيڪ آهي اسين هن کي ڪجهه وقت ترسايون ٿا.“
آفيسر چيو.
”هن وقت هيءَ ڏيڏري پنهنجي هوش ۾ ڪانه آهي.“
پوءِ هو ڊڪندو ويو.
”توهان کي سڀ جهاز ترسائڻا پوندا، جيستائين هيءَ
ڏيڏري انهن دانهن ۽ ٽان ٽان منجهان لنگهي پار
پوي.“
ڪنهن عورت چيو.
”هوءَ دانهون ڪانه ٿي ڪري، هن سان ڪابه ويڌن ڪانه
آهي.“
”ٽڪيٽ واري چيو.
هڪ عورت وري چيو، ”توهان هن کي ضرور ستايو آهي.
جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هي ايتريون دانهون ڇو
ڪري ها. اوهان جي جاءِ تي آءٌ هجان ها ته هن ننڍڙي
ساهواري کي تنگ نه ڪريان ها.“
اوچتو، پيپي خاموش ٿي وئي. هاڻ هن جي آرام ڪرڻ جو
وارو هو. ”آءٌ دانهن يا رڙيون ڪانه ٿي ڪريان. مون
کي ڪابه تڪليف ڪانه آهي. آءٌ ته گيت ڳائي رهي
هيس.“ پيپيءَ هرهڪ کي ٻڌايو.
ٽڪيٽ وارو به پيپيءَ ڏانهن ڀڄندو آيو. هن پيپيءَ
تي هٿ گهمايو ۽ چيو، ”تو ٻڌو؟ هاڻي توکي مون تي
اعتبار ايندو.“
”مهرباني“ پيپيءَ چيو، ”ايترو ڏاڍيان نه ڳالهاءِ.“
هن وري پنهنجو گيت ڳائڻ شروع ڪيو.
مجموعي مان ڪنهن پڪاريو، ”يار، تون پنهنجو ڪم جاري
رک. هن کي ڇڏي ڏي.“ ٽڪيٽ واري پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه
جا ٻڙا وجهي ڇڏيا ۽ ٽڪيٽون هلائڻ شروع ڪيائين. جن
کي ٽڪيٽون وٺڻيون هيون، سي قطار ۾ ٿي بيٺا ۽ ٻيا
وڃي آرام گاهه ۾ ويٺا. ڪي ماڻهو ته ٽڪيٽ واري تي
ڏاڍا ناراض هئا. هو پيپيءَ ڏانهن به نهاري رهيا
هئا ته ٽڪيٽ واري ڏانهن به پر ٽڪيٽ وارو پنهنجي ڪم
۾ مصروف ٿي ويو ۽ ڪيڏانهن به ڌيان ڪونه ٿي ڏنائين.
وري به، اوچتو پيپيءَ ڳائڻ بند ڪيو. هن هڪ طرف ڪنڌ
نئڙايو. آهستي آهستي هڪ هڪ ڪري، سڀني ڏيڏرين ڳائڻ
بند ڪيو. رات ٿي وئي هئي، چنڊ ۽ تارا پوريءَ طرح
چمڪي رهيا هئا. هن کي به اطمينان ٿيو- پيپيءَ ٽپ
ڏيندي، دريءَ وٽ پهتي. ”هاڻ آءٌ تيار آهيان.“
جڏهين ٽڪيٽ واري پيپيءَ کي پنهنجي روبرو ڏٺو ته
چيو ”هاڻي تون خاموش ٿي آهين.“ هن پنهنجي ڪنن مان
ڪپهه ڪڍي ورتي.
”منهنجو گيت پورو ٿيو، هاڻ آءٌ وڃان ٿي.“ پيپيءَ
چيو.
سچ پچ، هاڻ تون وڃين ٿي.“ ٽڪيٽ واري پڇيو.
”هائو جهاز ڪٿي آهي؟“
”هن رستي سان وڃ. آءٌ توکي وٺي هلان.“
”نه، مهرباني، آءٌ پاڻ به وڃي سگهان ٿي.“
”سچ پچ!“ ٽڪيٽ وارو ڪرسيءَ تي ويهي رهيو هو ڏاڍو
ٿڪل هو.
”خدا حافظ!“ پيپيءَ چيو ۽ ويندي رهي.
ماسي کتو
شمس الدين سومري جون ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻيون،
ڪتابي صورت ۾ (ماسي کتو) جي نالي سان ڇپجي ويون
آهن.
گهرائڻ لاءِ لکو:
پوسٽ باڪس نمبر 238 حيدرآباد.
اڪبر جسڪاڻي
خيرو حجم
ننڍي هوندي هر ٻار ٺوڙهه ضرور ڪرائيندو آهي، اسان
وٽ مٿو ڪوڙائڻ خاص طرح اونهاري جي موتمار گرمين ۾
ضروري هوندو آهي، توهان شهرن ۾ ڪي اهڙا حجام به
ڏٺا هوندا جيڪي فوٽ پاٿن تي ننڍڙي پيتي ۾ ڏارهي
ڪوڙڻ، ۽ مٿي ڪوڙڻ جو سامان رکيو ويٺا هوندا آهن،
جتان غريب ماڻهو ڏاڙهي يا مٿو ڪوڙائيندا آهن.
اهڙو هڪ حجام اسان جي شهر ۾ به آهي، مان ننڍڙو
هوندو هوس جو ان کي فوٽ پاٿ تي ڏٺو اٿم اڄ تائين
غريب وٽ اهائي صندل، ڀڳل ڪرسي ۽ پراڻي دؤر جون
ڪينچيون ۽ پاڪيون اٿس. ڳالهين جو ڳهير، صفامو
مولائي مڙس، جسم تي سياري ۾ نيلامي ڪوٽ ۽ پينٽ ۽
اونهاري ۾ به شرٽ سوٽ پاتل پنهنجي منهن وتندو
ڳالهائيندو. شل نه ڪو گراهڪ اچيس پوءِ ان جي ٻيڙي
ٻڏي. گراهڪ جي ٺوڙهه ڪرائڻ ايندو ته ان جي مٿي کي
اڌو گابرو پاڻي هڻي پوءِ کڻندو پراڻي پاڪي هٿ ۾،
پاڪي ائين وهائيندو ڄڻ ته سارين جو لابارو پيو
ڪري، سارين جي لاباري وقت جيئن کرچ کرچ جو آواز
پري کان ٻڌبو آهي. تيئن هن جي پاڪي به ٺوڙهه تي
ائين آواز ڪندي هلندي آهي. ماڻهن کي وٺي اهڙو
سوگهو ڪندو آهي ڄڻ ته ڪڪڙ ڪهڻي هجيس. پوءِ همراهن
جي مٿي تي رڳو ٽڪن اچڻ ڪري رت پيو ٽمندو. جي ڪير
اعتراض ڪندو ته چوندو ”تنهنجي مٿي ۾ ڦرڻيون هيون
اهي ڦٿيون آهن.“ يا چوندو- ’پئسا به ته ٻارهن آنا
ڏنا اٿيئي گوڙڇو ٿو ڪرين. کڻي چار آنا نه ڏجان.“
وري جي ڪنهن گراهڪ سان ڳالهائڻ شروع ڪيائين ته
پوءِ ڏاڙهي کي لڳل سستو صابڻ سڪي ويندو ۽ هي ويٺو
ڳالهيون ڪندو.
وري برش کڻي ڏاڙهي کي ڪونه هڻندو.
سڪل ڏاڙهي ۾ پاڪي هلائڻ شروع ڪندو جي ڪنهن گراهڪ
رڙ ڪئي ٽه لاچار کڻي ٻيهر برش کي پاڻي ۾ ڀڄائي
هڻندو ڏاڙهي کي نه ته ٺهيو.
هن وٽ اڪثر گراهڪ ٻهراڙي جا هاري ناري اٻوجهه ۽
مسڪين ماڻهو ايندا آهن. جن لاءِ چوندو آهي ته ”مان
جنن کي انسان بڻائيندو آهيان ڇو ته ٻهراڙي جا غريب
ماڻهو مهيني ماسي ڏاڙهي لهرائڻ ايندا آهن، ۽ ٻين
هنڌن تي مهانگائي ڪري اچي هن جي رخ چڙهندا آهن.
وري جي ڪو مڇيون ننڍيون ڪرائيندس ته هڻي ٻيڙو ٻوڙي
ڇڏيندس ڪا مڇ ڪيڏانهن پئي ويندي ته ڪا ڪيڏانهن ڪن
جي مڇين کي ته صفا ننڍو ڪريو ڇڏي اعتراض ڪرڻ تي
چوندن ”ٻه ٽي مهينا ڇٽي پيا مڇن ٺهرائڻ کان.“
آهي ڳالهين جو ڳهير لفظ اهڙا ڳالهائيندو جو رستي
جا ويندڙ ماڻهو به بيهي رهندا.
جي ڪو ننهن لهرائيس ۽ ڪير ڏسندس ته ان کي چوندو
”يار ڇا ٿو ڏسين سنب پيو لاهيان، (سنب گهوڙن جا
لاهبا آهن، يا چوندو ته ”ٻنهي جي ڦٽل آهي.“
اڪثر چوندو آهي ته ”مون وٽ مون جهڙا گراهڪ ايندا
آهن“ ٻوڏ وقت شهر وارن جا قرض منظور ٿيا هئا ۽
انهيءَ ڪري سڀ ڪنهن قرض ورتو هو انهيءَ ڪري ته قرض
معاف ٿي ويندو.
هن همراهه به هزار روپيا ورتو هو هاڻ نوٽيس ايندا
اٿس ته چوندو آهي ته ”مار مون کان به وڌيڪ سڃا آهن
ڇا! جو نوٽيس ٿا موڪلين. مون وٽ ڇا آهي جو
ڏيندوسان. بس اها پيتي اوزارن واري آهي اچي اها
نيلام ڪن ٻيو ڇا آهي! مون وٽ.“
هن ڀيري هن کي ڏٺم هڪ ٻار جو مٿو ڪوڙيندي ٻار جون
ڪيڪون پي پيون. پر هن همراهه ٻار کي اهڙو کڻي قابو
ڪيائين جو ڄڻ ته شينهن کي پڃري ۾ ڦاسايو هئائين
ٻار جون رڙيون هن جا مزاحيه ٽوٽڪا ۽ پاڪي جي کرڙ
کرڙ جي آواز سان گڏ هڪڙي لئي ۾ هلي رهيا هئا.
ٻار جو مٿو اهڙو ٿي ڪوڙيائين ڄڻ ته رلي تي ٽڪ
ڪڍندو هجي ڪاٿي وار بيٺل ڪاٿي رت. سو ٻارو مان به
کل کي روڪي ڪونه سگهيس ۽ ان وقت ذهن ۾ آيو ته
اوهان کي به اهو منظر ڪهاڻي جي روپ ۾ ٻڌائي ڇڏجي.
سو ٻارؤ اهي اٿو خيري حجم جا احوال.
دنيا آهي گول
مختيار مڱڻهار جي ٻارن لاءِ لکيل شاعري ڪتابي صورت
۾ ڇپجي ويئي آهي.
مختيار جا شعر اهڙا ته پيارا ۽ وڻندڙ آهن جو هڪ
ڀيرو ڪتاب پڙهڻ سان دل پئي چوندو ته هر هر پيو شعر
پڙهجي. اسڪيچن سان سينگاريل ڪتاب جي قيمت 2 روپيا
آهي.
گهرائڻ لاءِ لکو
رحمت پور محلو، لاڙڪاڻو
جهامن ’جان‘
ڪوئن جي ذهانت
ٻارؤ! حيوانن جي زندگي جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم
ٿئي ٿو ته انسان جيان هنن ۾ به سوچڻ جي صلاحيت
موجود آهي. هر جانور مختلف خطرن کان خبردار هوندو
آهي ۽ ان سان وڙهڻ جي معمولي ذهانت رکي ٿو. سرڪس
جي سيکاريل جانورن کي ڏسي اوهان يقيناً هن جي
ذهانت کي سمجهي وٺندا پر تمام سادي قسم جي حيوانن
جو مطالعو ڪرڻ سان تعجب لڳي ٿو ته هنن ۾ پڻ ذهانت
۽ سمجهه جي ڪيئي مثال ملن ٿا. ڪوئو به هڪ اهڙو ئي
جانور آهي، جنهن جي عقلمندي ۽ چالاڪي ۾ ٿورا جانور
مقابلو ڪري سگهندا. ڪيترين ڪهاڻين ۽ ڪهاوتن ۾ هنن
ذهانت جو اعتراف ملي ٿو. جديد دور جي ماهرن به هن
ننڍڙي جانور جي عقلمندي کي تسليم ڪيو آهي.
هڪ ماهر حيوانات جنهن کي ڪوئن کان عجيب طريقي سان
نقصان پيو. ان صاحب وٽ ڪافي ڪڪڙيون پاليل هيون. هن
آنن کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪمري جي ڇت تي ٿيلهي لٽڪائي
ڇڏي هئي. ڪڪڙيون جيترا آنا ڏينديون هيون، اهي
ٿيلهي ۾ وجهي ڇڏيندو هو ۽ چار- پنج ڏينهن کان پوءِ
آنا ڪڍي وڪڻي ڇڏيندو هو. هڪ دفعو هو اهو ڏسي حيران
ٿي ويو ته اَنن جو تعداد وڌڻ بدران گهٽبو وڃي، هن
کي هڪ نئين نوڪر تي شڪ ٿيو. گهرائي پڇا ڪيائين ۽
هن کي چور ٺهرائي ڌمڪايائين. مگر جڏهن هن قسم کنيا
۽ پنهنجي بيگناهي جو يقين ڏياريو، تنهن بعد هو
انهي چور کي پڪڙڻ جاسوسي ڪرڻ لاءِ اسٽور ۾ لڪي
ويهي رهيو. هن ڏٺو ته اوچتو ٿيلهي مان آنو اڇلجي
ٺڪاءُ سان زمين تي ڪري ٽٽي پيو. اڃا هو انهيءَ
عجيب واقعي کي سمجهي نه سگهيو هو ته اسٽور جي
مختلف ڪنڊن مان بيشمار ڪئا ظاهر ٿيا. انهي ڪريل
آني کي چٽڻ لڳا. هنن ڇلڪي جو هڪ ذرو به فرش تي
باقي رهڻ نه ڏنو. ٿيندو ائين هو جو ٻه دلير ڪوئا
انهيءَ اسٽور ۾ رکيل ٻورين جي وسيلي انهي رستي
تائين پهچي ويندا هئا پوءِ سولائي سان ٿيلهي ۾
داخل ٿيندا هئا ۽ اتان آنن کي ٻاهر ڪيرائيندا هئا.
ٻيو هڪ ماهر حيوانات جنهن ڪوئن تي تحقيق شروع ڪئي
هئي. ڪنهن دوست هن کي بهترين قسم جو روغن سوغات
طور ڏنو. اهو روغن بوتلن ۾ بند هو. ماهر کي انهي
دوران ۾ ٻن- ٽن مهينن لاءِ ڪٿي وڃڻو هو. هن سڀ
بوتلون پنهنجي اسٽور ۾ بند ڪري رکيون ۽ تالو ڏيئي
هليو، واپسي تي جڏهن اسٽور کي کوليائين ته بوتلن
مان اڌو اڌ روغن غائب هو. جڏهن هن انهي پراسرار
چور جي تحقيقات ڪئي ته انهي راز جو انڪشاف ٿيو ته
اها چالاڪي ڪوئن جي آهي. شروع ۾ ڪوئن بوتل ڏسي
بوتلن جا ڪارڪ ڪتريا پر بوتلن جو منهن سوڙهو هئڻ
ڪري هو تيل تائين پهچي نه سگهيا ته هنن هڪ ترڪيب
سوچي. هو پنهنجو پڇ بوتل ۾ وجهي ڇڏيندا هئا. جڏهن
پڇ تيل ۾ ٻڏي ويندو هو ته ٻاهر ڪڍي تيل کي چٽي
ڇڏيو ڏيندا هئا ۽ پوءِ وري ساڳيو عمل شروع ڪندا
هئا پر جڏهن روغن بوتلن ۾ تمام ٿورو ٿي ويو ۽ پڇ
نه پهچڻ ڪري هنن کي اهو ڪم ڇڏڻو پيو.
ارڙهين صدي جي آخر ۾ نيويارڪ جي هڪ موسيقار
ڊيٽرايٽ کي هڪ عجيب تجويز سمجهه ۾ آئي هن ٽي ڪوئا
جهليا ۽ انهن کي نچڻ جي تربيت ڏيڻ شروع ڪئي. ظاهري
اهو ڪم ناممڪن هو ليڪن ڪوئن ڊيٽرايٽ کي مايوس نه
ڪيو. تمام جلد سُرتار جا پابند ٿي ويا ۽ پوءِ
باقاعدي ملي ڪورس تي نچڻ ۽ رقص جي مهارت حاصل ڪري
ورتي، ڊيٽرايٽ انهن جي پيرن ۾ ننڍڙا کونگهرا ٻڌندو
هو ۽ هو پيرن جي جهڻڪار تي ٽپڪ ٽپڪ نچندا هئا.
جهنگلي ڪوئا گهر ٺاهڻ جي فن ۾ مهارت، ڪايگريءَ ۽
ذهانت جو ثبوت ڏين ٿا. زمين کي کوٽي گولائي ۾ گهر
ٺاهين ٿا. جنهن ۾ گاهه جو بسترو ۽ شاخن مان گلدستا
ٺاهي گهر سينگارين ٿا. اهڙي طرح هي جانور پنهنجي
عقلمندي ۽ سياڻپ سان ڪيترن ماهرن کي پاڻ ڏانهن
مائل ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه انسان جون ضرورتون
پوريون ڪن ٿا. ارجنٽائين ۾ ڪوئن جو سڀ کان وڏو
فارم آهي، جتي 50 هزار کان وڌيڪ ڪوئا رهن ٿا. انهن
کي وڪيو وڃي ٿو. هنن جي وارن مان عورتن جا ڪوٽ
ٺاهيا ويندا آهن. هتي ڪوئن جي آرام ۽ آسائش جو خاص
خيال رکيو وڃي ٿو. هر شام تازي خوراڪ ڪوئن کي ملي
ٿي. جيڪا ساين ڀاڄين ۽ مڪئي تي مشتمل آهي. اهڙي
طرح ڪوئا به ڪمائتا ٿي پيا آهن ۽ آئنده به ماڻهن
جون ڪيئي گهرجون پوريون ڪندا.
عام معلومات
نانگ بنا کائڻ پيئڻ جي ٻن سالن تائين زندهه رهي
سگهي ٿو،
جهرڪي جي دل هڪ منٽ ۾ 800 دفعا حرڪت ڪري ٿي.
جهرڪي ڏينهن ۾ پاڻي جا فقط 17 ڦڙا پيئندي آهي.
سائنسي نظريي کان پهرين ساهوارو اميبا پيدا ٿيو
هو.
روشني آواز کان تيز آهي ۽ ان جي رفتار 186000 في
ميل آهي.
پوري دنيا ۾ 3064 زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون.
دنيا ۾ روزانو وڌ ۾ وڌ استعمال ٿيندڙ سواري لفٽ
آهي.
-موڪليندڙ: عبدالعزيز ٻٻر، جوهي.
قطب الدين کنڊ
ڏکن پٺيان سک
جيئن ڪاليج کي موڪل ٿي. آءٌ ڪاليج جي بس ۾ چڙهي
موٽي رهيو هوس ته بس ۾ منهنجي ذهن ۾ سائين جا چيل
لفظ گونججي رهيا هئا. اڄ سائين پنهنجي پيرڊ ۾
غريبن ۽ مسڪين جي مدد ڪرڻ بابت ليڪچر ڏنو هيو.
آءٌ بس اندر سوچيندو پئي آيس ته هن مهنگائي جي دور
۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهو زندگي جي گاڏي کي ڪيئن ٿا
پيا هلائين.
خاص ڪري ڳوٺن ۾ رهندڙ غريب ۽ مسڪين پورهيت جن وٽ
ايترو به پئسو نه آهي جو پنهنجي اولاد کي پڙهائي
سگهن.
آءٌ سوچن جي انهيءَ سمنڊ ۾ ترندو آيس پئي ته اوچتو
سوچن جي لهرن ۾ ڪنهن رڪاوٽ وڌي ۽ آواز لڳايو.
يونيورسٽي ڪالوني، يونيورسٽي ڪالوني.
آءٌ بس تان لهي گهر پئي آيس ته ان ان وقت به آءٌ
سوچن جي زنجير ۾ جڪڙيو پئي آيس ان وقت منهنجي ذهن
۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ جا چيل لفظ اچي رهيا هئا ته
ڪنهن غريب جي مدد ڪرڻ ثواب آهي.
اوچتو سوچن جي اها زنجير به ٽُٽي پئي ۽ ڪنن تي ٻيو
آواز پيو ”الله جي نالي بابا الله جي نالي“! هڪ
درد ڀري آواز جي صدا جنهن منهنجو توجهه پاڻ ڏانهن
ڇڪايو.
آءٌ جڏهن ان آواز جي ويجهو ويس ته منهنجي نظر ان
ڇوڪري تي پئي جنهن کي آئون پنهنجي دوست مسعود جي
ڳوٺ ۾ هن جي پشم جهڙن هٿن ۾ پٽي ڏسندو هيم ۽ هي
خوشي وچان نچندو ٽپندو اسڪول ويندو هيو.
آءٌ هن کي سندس ڳوٺ ۾ خوشي جي حال ۾ ڏسي آيو هيس
مگر اڄ هن جي اها حالت ڏسي مون کي تعجب لڳو.
سندس چهرو ڪوماڻيل، وار ٽڙيل پکڙيل، ميرا ڪپڙا ۽
پير اگهاڙا هيا.
هن جي ويجهو ويهي کانئس اهڙن حآلن ۾ اچڻ جو سبب
پڇيم ته هن ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ مون کي گهوري نهارڻ
لڳو. مان هن کان وري ساڳيو سوال ڪيو ته هن جي اکين
۾ لُڙڪ ڀرجي آيا ۽ مون ڏانهن تعجب ڀرين اکين سان
نهارڻ لڳو. هن کي ساڻ ڪري هوٽل ۾ وٺي آيس جتي هن
کان ساڳيو سوال ڪيم ۽ کيس گهڻو سمجهايم جنهن کان
پوءِ هن پنهنجو درد ڀريو داستان ٻڌايو.
هن پهريائين پنهنجو تعارف ڪرايو ته منهنجو نالو
دادن آهي ۽ آءٌ علي مراد جو پٽ آهيان.
منهنجو پيءُ ڳوٺ جي وڏيري جو هاري هو آءٌ پنهنجي
پيءُ جو اڪيلو پٽ هيس منهنجي چوڻ تي بابا مون کي
اسڪول ۾ داخل ڪرايو. منهنجي پڙهڻ سان گهر جو خرچ
وڌي ويو تنهنڪري بابا ڪڏهن ڪڏهن شهر ۾ مزدوري به
ڪندو هو جنهن سان گهر جو خرچ ۽ منهنجي پڙهائي جو
خرچ هلندو هو.
جڏهن مان ٻه درجا پاس ڪيا ته استاد نون ڪتابن وٺڻ
لاءِ چيو پر بابا وٽ ايترا پئسا ڪونه هئا جو ڪتاب
وٺي ڏئي.
هڪ ڏينهن استاد مون کي چيو ته جيڪڏهن مان سڀاڻي
ڪتاب کڻي نه آيس ته هو مون کي اسڪول مان ڪڍي
ڇڏيندو. مان بابا کي ڪتاب وٺي ڏيڻ لاءِ گهڻو زور
ڀريو ته بابا مون سان واعدو ڪيو ته سڀاڻي آءٌ شهر
۾ مزدوري ڪرڻ ويندس ۽ تنهنجي لاءِ ڪتاب به وٺي
ايندس.
ٻئي ڏينهن جيئن آءٌ اسڪول پهتس ته استاد ڪتاب جي
پڇا ڪئي ته مان چيومانس ته بابا اڄ شهر ويو آهي
سڀاڻي کڻي ايندا ته استاد ڪاوڙ ۾ اچي مون کي اسڪول
مان ڪڍي ڇڏيو.
مان کيس گهڻيون منٿون ڪيون ليڪن هن منهنجي هڪ نه
ٻڌي ان بعد جڏهن مان گهر موٽي رهيو هوس تڏهن مان
پنهنجي گهر جي آڏو ماڻهن جو ميڙ ڏٺو منهنجي دل جي
ڌڙڪڻ ڊوڙڻ لڳي مان تيز قدم کنيا جڏهن ويجهو پهتس
ته مان بابا جي مرده لاش کي کٽولي تي ڏٺو. مون کي
ٻڌايو ويو ته بابا شهر ۾ مزدوري ڪندي هڪ مٿاهين
جڳهه تي تغاري کنيو ٿي ويو ته اتفاق سان سندس پير
ڏاڪڻ تان ترڪي ويو ۽ هيٺ اچي ڪريو جتي زخمن جو تاب
سهي نه سگهيو ۽ وڃي خدا سان مليو.
هن دنيا ۾ هاڻي منهنجي ماءُ کان سواءِ پيو ڪوبه
سهارو نه هيو.
ان بعد امان مون کي بوڻينڊا ٺاهي ڏيندا هئي ۽ آءٌ
اُهي شهر جي بس اسٽينڊ تي وڃي وڪڻندو هيس امان وري
ڳنڍ ٽوپ جو ڪم ڪندي هئي جنهن سان گهر جو خرچ هلندو
هو. ائين وقت ويو گذرندو پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو به
آيو جنهن مون کان رهيل مرڪ به کسي ورتي.
خوشين جي بجاءِ غم ڏنا.
اهو ڏينهن اهڙو ڏينهن هيو جنهن مون کان پنهنجو
آخري سهارو به ڇني ورتو.
ان ڏينهن امان کي سخت بخار ٿي ويو. مون وٽ ايترا
پئسا ڪونه هئا جو سندس علاج ڪرايان. مان وڏيري کي
وڃي منٿون ڪيون جنهن کي ڪوبه احساس نه ٿيو جنهن
منهنجي عرض کي هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيو.
آءٌ پئسن لاءِ هيڏانهن هوڏانهن گهڻو ڦريس ته جيئن
امان جي لاءِ دوا وٺي اچان مگر افسوس ايڏي ڪوشش جي
باوجود مون کي پئسا نه مليا ۽ مان امان جي زندگي
نه بچائي سگهيس امان ۽ بابا کان پوءِ هن دنيا ۾
منهنجو ڪوبه وارث نه هيو.
ان کان پوءِ آءٌ ڏکن ۽ دردن کي ساڻ ڪري ڳوٺ ڇڏي
شهر طرف آيس. گهمندي گهمندي هڪ اسڪول وٽ آيس جيئن
اسڪول کي موڪل ٿي ته سڀ ڇوڪرا ڪتاب کڻي ٻاهر نڪتا
ان وقت ڇوڪرن جي هٿن ۾ ڪتاب ڏسي مون کي پڙهڻ جو
ڏاڍو شوق ٿيو ليڪن آءٌ بيوس ۽ مجبور هئس اسڪول جي
آڏو بيٺل بس ۾ ڇوڪرا چڙهيا ته آءٌ به انهن سان گڏ
بس ۾ چڙهي هن ڪالوني ۾ آيو آهيان مون کي ڏاڍي اُڃ
۽ بک لڳي هئي تنهنڪري آئون ٻين جي آڏو هٿ ڦهلائي
رهيو هوس.
مون کي هن جي ڏک ڀري ڪهاڻي ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ پوءِ
کيس ساڻ ڪري ڪوارٽر تي وٺي آيس جتي کيس پهريائين
ماني کارائي ۽ سندس ڪپڙا بدلائي پوءِ پنهنجي وڏي
ڀاءُ وٽ وٺي آيس جنهن کي هن جي باري ۾ سڄي ڳالهه
ڪري ٻڌايم ۽ کيس هن جي پڙهائڻ ۽ رهائڻ لاءِ چيم.
جنهن هن کي پڙهائڻ ۽ رهائڻ لاءِ واعدو ڪيو.
ان وقت هن جي چهري تي مرڪ تري آئي ۽ گلاب جيان ٽڙي
پيو.
هڪ خدا
سج. چنڊ تارا رات ڏينهن سڀ پنهنجي طريقي سان هلي
رهيا آهن. جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ الله هجن ها ته هرڪو
پنهنجو قانون ۽ ضابطو جاري ڪري ها ۽ يقينن اهڙي
صورت ۾ انهن جي وچ ۾ زبردست ٽڪراءِ ٿئي ها ۽ نتيجو
ظاهر آ يعني ڪائنات جي تباهي هجي ها.
(القرآن)
عبدالجليل جروار
هڪ روپيو
سج بادلن جي اوٽ ۾ لڪل هو رکي رکي اُتر جي ٿڌڙي
هير لڳي رهي هئي، پريان بيٺل انبن ۾ ڪوئل ٻولي رهي
هئي، جنهن جي ٻولي سڀني پکين جي ٻولين کي شهه ڏيو
بيٺي هئي.
چؤطرف ساوڪ ئي ساوڪ هئي ڄڻ ته ڪنهن سائي چادر
وڇائي ڇڏي هجي.
ننڍڙو خادم سندس پيءُ الله بخش جي ماني کڻي وڃي
رهيو هو، جنهن ٻني ۾ هر پئي هلايو.
ننڍڙي خادم جي مٿي تي ڏڌ جو لوٽو ۽ هٿ ۾ ماني هئس.
اوچتو هوا جي لڳڻ ڪري خادم جي کيسي مان هڪ روپيو
ڪري پيو.
خادم ماني هيٺ رکي روپئي جي پويان ڀڳو.
پريان رفيق گاهه ڪري رهيو هو، رفيق جڏهن رپيو ڏٺو،
ته جلدي ۾ ڊوڙي اُهو روپيو کنيائين.
”مون کي ڏي اهو روپيو“ خادم چيو.
”هل ڙيءُ هل...! مون پاڻ اهو لڌو آهي.“
”نه! نه! الله سونهن هينئر منهنجو ڪريو آهي.“
”نه ٿو ڏيان ڀلا ڇا ڪندين؟“
”تون ته صفا ڪو... آهين، تون ائين نه ڏيندين...“
خادم، رفيق کي گار ڏيندي چيو.
خادم وڃي رفيق جي گلي مان جهليو، رفيق جي اکين جا
تارا ٻاهر نڪري آيا، ساهه گهٽجڻ لڳس.
”اڙي! ڇڏين نه ٿو... رفيق گهٽيل آواز ۾ چيو.“
رفيق ٻيو ڪو چارو نه ڏسندي خادم جي ڳٿر مان جهليو
۽ اهڙي ته سٽ ڏنائين جو خادم جي قميص جا سڀئي بٽڻ
ٽٽي پيا.
رفيق اهو ڏسي ڀڄي ويو. خادم واپس اچي ماني کنئي ۽
ٻني ڏانهن پنڌ پيو.
ماني کڻي آخر ٻنيءَ تي پهتو ۽ پڻس کي سڏيندي
چيائين.
”بابا......... او بابا... هلي آ ماني کاءُ.“
”ها، ها اچان ٿو اچان.“ الله بخش ڏاندن کي
بيهاريندي چيو ۽ پوءِ سڌو خادم وٽ آيو.
الله بخش ڪپڙي مان ماني کولي ڏُڌ جو وٽو ڀري ماني
کائڻ ويٺو. ماني کائيندي هن جي نظر خادم جي قميص
جي ٽٽل بٽڻن تي پيئي.
اڙي ڇورا... هي ڇا ڪيو اٿئي؟“
الله بخش، خادم جي ٽٽل بٽڻن ڏانهن نظر ڪندي چيو.
”بابا...“ خادم ڳالهه ڪندي رڪجي ويو.
”ها ها! چئو ڇا ٿيو آهي؟“
”بابا آئون ماني کڻي آيس پئي ته...... منهنجو
روپيو اهو رفيق کڻي ڀڄي ويو“
”اڙي پوءِ گلي مان جهلي هڻينس ها پٽ تي...!“
الله بخش ماني جو گرهه وات ۾ وجهندي چيو.
”گلي مان به جهليومانس پر سَٽ ڏيئي ڇڏائي ويو.“
”اڙي ٽڪي جو ڇورو، اسان جن ڇوڪرن سان ٿو هٿ چراند
ڪري.“
الله بخش ڪهاڙي کڻندي چيو.
”هلي آ... ڏسون ٿا رفيق کي...“
الله بخش جو منهن ٽامي جهڙو ڳاڙهو ٿي ويو.
هي ٻئي وڏيون وڏيون وکون کڻندا ڳوٺ ڏانهن وڌيا ۽
سڌو رفيق جي گهر در تي اچي بيٺا.
الله بخش رفيق جي پيءُ کي سڏيندي چيو.
”رمون...! او رمون، ٻاهر ته نڪر.“
گهران جواب مليس ته رمون گهر ۾ آهي ئي ڪونه، هي
ٻئي تڪڙو تڪڙو پنهنجي گهر پهتا.
”ڇو خير ته آهي“ الله بخش جي زال نوران پڇيو.
الله بخش ڪهاڙي رکندي چيو.
”پٽهين کان خبرون پڇ.“
خادم ماڻس کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
”خادم جا پيءُ هي جهولي اٿئي ڪجان ڪجهه به نه“
”پري ٿي، اسان به مڙس آهيون، ڪنڌ ڪري ته ڀلي ڪري
پر پلاند وٺبو.“
الله بخش ڪهاڙي هٿ ۾ ڪري ٻاهر نڪري ويو.
خبر ناهي اڳتي ڇا ٿيندو؟ مڙسن جا ڪنڌ ڪرندا، زالون
بيوه ٿينديون نوران جي ذهن ۾ ڪئين وهم پيدا پي
ٿيا.
هن کي ائين لڳو ڄڻ ته هن جو سڀڪجهه برباد ٿي
ويندو، زندگي ڪنڊن جي سيج بڻجي ويندي، هي مکڙي
(خادم) گل ٿيڻ کان اڳ ڪومائجي ويندي، هن جا سندر
سپنا ختم ٿي ويندا.
الله بخش تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو رمون جي گهر ڏانهن
وڌڻ لڳو.
گس تي رئيس گڏيس جيڪو ڳوٺ جو چڱو مڙس به هو.
”الله بخش خير ته آهي.“
تڪڙو تڪڙو هي ڪهاڙي ڪيڏانهن کنيو وڃين؟“
”بس رئيس خير ڪونهي.“
”آخر ٿيو ڇا؟“
الله بخش سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
رئيس الله بخش کي سمجهائيندي چيو.
”ڏس اهو مڙسن جي شان نه آهي ته هو ننڍڙين ڳالهين
تان وڙهن، دنيا جا ملڪ ترقي جون منزلون جلدي سان
طئي ڪري رهيا آهن ۽ اسان اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيون
جتان نڪري نه ٿا سگهون ۽ جيئن پوءِ تيئن هيٺ پيا
وڃون.
هي زندگي ٻن ڏينهن جي آهي انهي ۾ پاڻ ۾ کلي
ڳالهايو محبت سان رهو.“
”رئيس...“ الله بخش اڳتي ڪڇي نه سگهيو.
سڀاڻي اوهان اچو، اوهان جو فيصلو ڪري ٺاهي ڇڏيون.“
ٻئي ڏينهن فيصلو ٿيو. ٻنهي ڌرين کي ٺاهيو ويو.
فيصلي ۾ خادم ۽ رفيق به هئا، انهن کي پوءِ احساس
ٿيو ته انهن جي ٿوري غلطي جي ڪري گهر تباهه ٿي وڃن
ها.
پوءِ رفيق ۽ خادم اهڙين ڳالهين ڪرڻ کان توبهه
ڪئي.“
آواز ۽ ٿانو
آوازن جي لهرن سان ٿانو ڌوتا ويندا آهن جنرل موٽرز
نالي هڪ مشهور صنعتي اداري، ڪجهه عرصو اڳ هڪ صنعتي
نمائش ۾ هڪ اهڙي مشين پيش ڪئي جنهن ۾ آواز جي لهرن
جي مدد سان ٿانو صاف ڪيا ويندا آهن.
- فرح ديبا سومرو
حافظ ”عزيز“ بروهي
دوستي
مان ۽ نصير هڪ ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين، سڄي ڪلاس ۾
اسان ٻن کي ئي هوشيار سمجهيو ويندو هو. استاد جڏهن
ڪوبه سوال پڇندو هو ته اسان ٻنهي کان ئي کيس سوال
جو صحيح جواب ملندو هو.
رسيس ملڻ وقت نصير پنهنجن پئسن جي شيءِ وٺندو هو،
جيڪا گڏجي کائيندا هئاسين، ان کان پوءِ منهنجن
کيسن جي تلاشي وٺڻ شروع ڪندو هو. کيس جيڪي به پئسا
لڀندا هئا اهي به اتي ئي ريڙهي وارن جي حوالي ڪري
ڇڏيندو هو. رسيس ختم ٿيڻ بعد ٻئي ڄڻا کيسا خالي
ڪري وڃي ڪلاس ۾ ويهندا هئاسين.
موڪل مهل به ٻئي گڏجي گهر ڏانهن ايندا هئاسون. ڇو
ته نصير جو گهر به اسان جي گهٽيءَ ۾ هو. منجهند جي
ماني کائي اسٽيڊيم ۾ راند ڪرڻ ويندا هئاسون. سج
لٿي تائين اتي رانديون ڪندا هئاسون. اسان جو اهو
سلسلو ڪيتري وقت تائين ساڳيو رهيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آهستي آهستي نصير جي طبيعت ۾
تبديلي ايندي وئي پڙهڻ ۾ اهو اڳيون شوق ان ۾ نه
رهيو. اسڪول وڃڻ وقت به موڪل مهل گڏجي اچڻ کان به
لهرائيندو هو. ڇو ته اسٽيڊيم ۾ واهيات ڇوڪرن جي
سنگت ۽ صحبت کان ان کي مان جهليندو هوس، جا ڳالهه
ان کي نه وڻندي هئي، مان ڪيترا دفعا پاڙي جي رولو
ڇوڪرن سان بازار ۾ گهمندي ۽ رلندي ڇوڪرن سان بازار
۾ گهمندو ۽ رلندي ڏٺو هيم، گهڻا ڀيرا مان ان کي ان
غلط چال چلت کان پئي روڪيم ۽ سمجهايم پر هن اڻ ٻڌو
پئي ڪري ڇڏيو.
هڪ ڏينهن شام جو دستور مطابق راند جي ميدان تي
راند ڪرڻ لاءِ ويم، ڏٺم ته نصير آوارا ڇوڪرن جي
ڪچهري ۾ ويٺو آهي. مون کي ان جي ان بري سنگت ۾
شريڪ ٿيڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو، اتي ته ڪجهه چئي ڪونه
سگهيم ان کي ڪجهه چوڻ مناسب نه سمجهيم.
نصير اسڪول کان اڪثر گسائيندو هو. ان تي ان بري
صحبت جو اثر ايترو ته ٿيو جو ڪيترن ڏينهن ۾ ان کي
ڪتاب هٿ ۾ ڪونه ڏٺم، صبح جو گهران نڪري ويندو هو
ته وري رات جو گهر جو منهن پيو ڏسندو هو. سڄو
ڏينهن آواره يارن سان آوارا گردي ۾ پورو ڪندو هو.
جهيڙا جهڳڙا ڪرڻ ته ان جي وندر ٿي وئي هئي، هڪ
ڏينهن راند جي ميدان تي نصير پنهنجي دوستن سان هڪ
وڻ هيٺان جوا ڪري رهيو هو ته اوچتو رانديگر ڇوڪرن
جو بال اچي هنن مان ڪنهن کي لڳو، پوءِ ته چڻ ککر ۾
ڀتر لڳو. هي مڇرجي ويا. رانديگرن ڇوڪرن کي گهٽ- وڌ
ڳالهائڻ لڳا، آخر هڪ وڏو جهيڙو ٿي پيو. جنهن ۾
نصير کي به مٿي ۾ هاڪين جا ڌڪ لڳي ويا. سڄو رتوڇاڻ
ٿي پيو، انهن مان ڪي اسپتال ۾ ته ڪي ٿاڻي تي پهتا.
نصير به هفتو کن اسپتال ۾ زير علاج رهيو. ان جا
وڏا ٻيءَ ڌر جي وارثن ڏانهن ايلاضن ۽ منٿن ۾ مصروف
رهيا نيٺ نصير کي معاف ڪيائون.
نصير واپس گهر پهتو. پر سهڙَ ڄنگهان ٽي، نصير جا
پرڪار ساڳيا رهيا، هينئر ته چوري ڪرڻ ان جو ڄڻ
پيشو ٿي چڪو هو. ڪيئي دفعا ٿاڻي تي پوليس وٺي ويس،
ڏاڍي مارڪٽ به ٿيندي رهيس، پر هن تي ڪو اثر ڪونه
پيو. روز ٿاڻي تي، چڱن مڙسن وٽ فيصلا، مطلب ته
نصير جا وڏا چٽيون ڀري ڀري ٿڪجي پيا. پاڙي اوڙي
وارا به ان کان نفرت ڪرڻ لڳا. |