سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1984ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل جنوري 1984ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارؤ،

سال 1984ع جي شروع ٿيڻ سان ئي گل ڦل پنهنجي ارڙهين سال ۾ قدم رکيو آهي، گل ڦل جي پڙهندڙن جي خدمت ۾ نئين سال جون خوشيون مبارڪ.

تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته جنهن قوم خواهه ملڪ جي ٻارن ۾ سجاڳيءَ جي لهر پيدا ٿي ته ان قوم ۽ ملڪ جو مستقبل شاندار ۽ ڪامياب رهيو آهي.

اسان جي سنڌ جي ٻارن ۾ به جيڪا اڄ ڪلهه سجاڳيءَ جي لهر پيدا ٿي آهي. ان اهڙا ثبوت ڏنا آهن ته کين پنهنجن وڏن سان گڏوگڏ قدم وڌائڻ جو تمام گهڻو شوق آهي.

ان ذريعي سان ٻار نه رڳو پنهنجي ادبي ذوق کي تسڪين ڏيئي سگهندا پر هن کان پوءِ ايندڙ نسل لاءِ به هڪ نئين روشن راهه جوڙيندا.

اسان 1983ع ۾ ٻارن جي تعاون ۽ ساٿ لاءِ نهايت ٿورائتا آهيون ۽ اها آس اٿئون ته 1984ع ۾ اسان جا پڙهندڙ گل ڦل لاءِ بهترين ۽ معياري مواد موڪلي، سنڌ جي هن اڪيلي پرچي کي ترقي ڏيارڻ ۾ حصيدار بنجي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت جو زندهه ثبوت ڏيندا.

ٻارو هن پرچي سان گڏ سال 1984ع جو ڪئلينڊر به شامل آهي. جنهن جي ڌار ڪابه قيمت ڪانهي ڪا.

اوهان جو ڀاءُ

اڪبر جسڪاڻي

انور هالائي

لطيفي لات

پَرتَووُ پنهُونءَ جو، رُڳيائي راحت،

ڀانِيا ڏينهن ڀَوارئون، ساڄَن لاءِ صحت،

مِٺي مُصيبت، آهي آريءَ ڄامَ جي.

(شاهه)

هي بيت حضرت شاهه عبداللطيف جي رسالي ۾ سُر ڪوهياري جي داستان چوٿين جو ڇهون بيت آهي.

سمجهاڻي:

هن بيت ۾ شاهه صاحب سسئي جي حيثيت ۾ اهوئي اظهار ڪيو آهي ته پنهونءَ جي رڳي ٿورڙي جهلڪ به منهنجي لاءِ راحت آهي ۽ ان کي پنهنجي پنهل لاءِ سڀني تڪليفن وارن ڏينهن کي به خوشين جو ڪاڄ ڪري ٿي سمجهان. آري ڄام طرفان ڏک به منهنجي لاءِ سک آهي. هن بيت ۾ انسان ذات لاءِ سبق آهي ته اهو رستو، اها راهه جيڪا خدا جي ديدار ۽ نوازش ڏانهن وڃي ٿي، انهن تي سفر ڪرڻ وارن لاءِ هر مصيبت ۽ ڏک به سک سمجهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته رات جي پٺيان ڏينهن ضرور ايندو. ڏکن پٺيان سک آهن.

معنيٰ: پرتوو= جهلڪ، ديدار عڪس. راحت= سک، خوشي. ڀوارئون= تمام ڏکيو، خوفناڪ، مشڪلات وارو. صحت= خوشي، چڱڀلائي.

سرور لڪياري                                           (نظم)

ميلي تي

هلوڙي ٻارو ميلي تي،

هلوڙي ٻارو ميلي تي،

ميلي تي ميلي تي،

هلوڙي ٻارو ميلي تي.

پڪوان پوريون پڪيون مٺائيون،

جام آهن ميلي تي،

هلوڙي ٻارو ميلي تي.

رنگ برنگي ساوا پيلا،

ڦوڪڻا هن ميلي تي،

هلوڙي ٻارو ميلي تي.

شير ببر ۽ نانگ بلائون،

آهن، ڀولڙا پڻ ميلي تي،

هلوڙي ٻارو ميلي تي.

رڇ ڪتن ۽ ڪڪڙن جون،

ويڙهيون آهن ميلي تي،

هلوڙي ٻارو ميلي تي.

ملهون ملهه ڪوڏي ڪوڏي،

ڍڳن گهوڙن گوءِ ميلي تي،

هلوڙي ٻارو ميلي تي.

پوڙها پڪا جوان جوڌا،

ٻيا ٻارڙا پڻ ميلي تي،

هلوڙي ٻارو ميلي تي.

پوڙها پڪا جوان جوڌا،

ٻيا ٻارڙا پڻ ميلي تي،

هلوڙي ٻارو ميلي تي.

توهين به هلو ميلي تي،

اسين به هلون ميلي تي،

ميلي تي ميلي تي،

هلوڙي ٻارو ميلي تي.

علي نواز صابر نظاماڻي

اُترڙو ٿو لڳي

اُترڙو ٿو لڳي،

ٿڌو وائڙو ٿو لڳي،

ها ها اُترڙو ٿو لڳي...

سيءَ چوي ٿو گوشت بچايو،

گوشت گيهه ۾ ڀڃي ويٺا کايو،

گوشت کائي جيڪو سوئي ٿو تڳي،

ها ها اُترڙو ٿو لڳي...

سيءَ چوي ٿو سُئيٽر پايو،

ڪوٽ ٿلهو مٿان تنهنجي لايو،

کٿو پائيندا ماڻهو ها اڳي،

ها ها اُترڙو ٿو لڳي...

سيءَ چوي کٽو ڏڌ نه کايو،

کير مٺو پنهنجي پيٽ ۾ پايو،

ماکيءَ مکڻ مان ڪو ڦٻي،

ها ها اُترڙو ٿو لڳي...

سيءَ ڪري ٿو ٿڌ کنگهه پيدا،

ڪنهن کي ڪري ٿو ڊٻل نمونيا،

شال نه سيءَ ڪنهن کي لڳي،

ها ها اُترڙو ٿو لڳي...

 

استاد عبدالله چانڊيو

گيت

سال ۾ آهن مندون چار،

اونهار سرءُ سيارو بهار.

وڻ ٽڻ ٻوٽا ٿا ڏسجن سهڻا،

باغ باغيچا ٿا لڳن من مهڻا،

اها مند آهي وهوا بهار،

اونهارو سرءُ سيارو بهار.

وڃي بهار ته اچي اونهارو،

جنهن ۾ ٿئي بوندن جو وسڪارو،

تنهن ۾ پچن ٿا انن جا انبار،

اونهارو سرءُ سيارو بهار.

سڀڪو کهنڪر خوب ڪري،

تپ تپولي جي خبر ڪري،

اها اٿئو سرءُ جي سار،

اونهارو سرءُ سيارو بهار.

اتر جي ٿڌڙي هير لڳي،

ڏاڍي روز ٿي ماڪ پوي،

سيءُ پون پارو پار،

اونهارو سرءُ سيارو بهار.

شل قادر پنهنجو ڪرم ڪري،

هر ڪنهن جو ’چانڊيه‘ وارو وري،

ٿين سنڌڙي جا هوشيار ٻار،

اونهارو سرءُ سيارو بهار.

محمد رمضان ڪمبوهه (زلفي)

آيو سيارو

آيو سيارو ويو اونهارو

سيءَ ڪيو آهه سڀ تي مارو

ليس زڪام جو موسم آيو

سردي کان پڻ بچجو ٻارو

مفلر، ڪوٽ ۽ سوئيٽر پايو

سيءَ کي پاڻ کان پري ڀڄايو

رات جو سوڙ کي ويڙهي سمهجو

منهن پنهنجو پر، مور نه ڍڪجو

پير ٺرڻ تي چلهه تي ويهجو

چلهه تي ويهي پير سيڪجو

ساڳ ماني ٻاجهر جي کائجو

سادو سٺو ڪپڙو پائجو

سيءَ جي لپيٽ کان بچجو ٻارو

مڪتب مان گهر ورجو ٻارو

محنت سان اوهان علم پرايو

ديس جي عزت، مان وايو

سيءَ کان غفلت بيماري آ

تندرستي لاءِ ڌڪ ڪاري آ

سيءَ کان پنهنجو پاڻ لڪايو

سيءَ ۾ ”زلفي“ جان بنايو.

مجاهد راڌڻائي

نصيحت

صبح سويرو اٿجي ٻارو،

نانءُ خدا جو وٺجي ٻارو.

هٿ منهن ڌوئي ماني کائي،

راهه اسڪول جي وٺجي ٻارو.

مڪتب ۾ استاد جي اڳيان،

عجز ادب سان وهجي ٻارو.

لکي پڙهي ۽ علم پرائي،

گهر، موڪل ۾ ورجي ٻارو.

ماءُ پيءُ ۽ ٻين وڏڙن کي،

ادب سان آداب چئجي ٻارو.

رلڻ پنڻ ۾ ڪجهه به نه آهي،

لکڻ پڙهڻ کي وٺجي ٻارو.

پنهنجي قوم جي قسمت ٺاهڻ،

خاطر سوچڻ گهرجي ٻارو.

ٻوليءَ جي عزت عظمت خاطر،

پنهنجو ڏئي سِر ڇڏجي ٻار.

پنهنجي ديس لئه لکجن گيت ۽،

پڻ تاريخ کي لکجي ٻارو.

رات جو ساجهر سمجهي ٻارو،

صبح سوير اٿجي ٻارو.

آصف مٺياڻوي

ٻار

ننڊ ڦٽي ڪر ننڍڙا ٻار،

اسڪول وڃڻ کي ڪين وسار.

اٿي ننڊ مان تڙ تون ڪر،

ڪپڙا پنهنجا پاڻ پهر.

پيارا پنڌ اسڪول تون وڃ،

حساب مليل اسڪول جا ڀڃ.

آهي مٺو محنت جو ڦل،

محنت جو ڪو، ڪونهي ملهه.

سچ کي پنهنجو ساٿي سمجهه،

ڪوڙ مان ورندوڪين ڪي ڪجهه.

کڻ هٿن ۾ ڀالا ڪات.

سستي ڇڏ تون ٿيءُ تيار،

ٻيڙيءَ پنهنجي پاڻ ئي تار.

لاهه بدن تان مهٽي مر،

همٿ هردم ڪين تون هار.

پاڻ وڏن جو چيو مڃ،

وڏا به ڪندا پوءِ تو سان پيار.

محنت کان ٿي ڪين نٻل،

محنت ڪر تون ٿي هوشيار.

سچ چوڻ ۾ ڪڏهن نه منجهه،

ڪوڙي جي آ ڪوڙي ڪار.

دشمن ماري ڪر تون مات،

نعرا هڻبا ٿي نروار.

ناز سنڌي

من موهڻو وطن، هي سهڻو وطن،

جان پنهنجي کان ڀي پيارو وطن.

هن ۾ موهن جو آهي دڙو،

ڀنڀور، برهمڻ ۽ ڪاهو دڙو،

هت هرهنڌ عظمت جا آثار ملن،

من مهڻو وطن، هي سهڻو وطن.

ڪڏهن ڪنهن عمرڪوٽ ٻَڌايو،

۽ ڪڏهن ڪنهن رني ڪوٽ اَڏايو،

هت هرهنڌ سڻا ڳوٺ وسن،

من موهڻو وطن، هي سهڻو وطن.

نيارو ننگر ۽ هتي ئي ٿرپارڪر،

ڪشمور- بکر ۽ ڪيٽي بندر،

هت وک وک وسن ڪيئي چمن،

من موهڻو وطن، هي سهڻو وطن.

ٺارو شاهه ۽ بولا خان ڪيئي،

مُکيءَ مڪليءَ جا نشان ڪيئي،

سنڌ- سونهن جا هي سينگار آهن،

من موهڻو وطن، هي سهڻو وطن.

رخسانه ”ناز“ سومرو

محمد مارما ڊيوڪ

مارما ڍيوڪ پڪٿال پهريون- نو مسلم انگريز آهي، جنهن پهريان اسلام قبول ڪيو ۽ پوءِ سالن جي محنت ۽ غور فڪر کان پوءِ ڪلام پاڪ جو ترجمو ڪيو. ان ترجمي کي دنيا ۾ وڏي عزت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. آمريڪا کانسواءِ ٻين ملڪن ۾ به هي ترجمو لکن جي تعداد ۾ وڪجي چڪو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته ڪنهن به انگريز ترجمو ڪندڙ جي قرآن مجيد کي ايتري شهرت ڪانه ملي جيتري ان کي حاصل آهي.

مارما ڊيوڪ پڪٿال 17- اپريل 1875ع تي انگلستان جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هو. ان جي پيءُ جو نالو چارلس پڪٿال هو. هو گرجا گهر جو پادري هو. ان جي پهرين زال مان ڏهه ٻار هئا. پهرين زال جي وفات کان پوءِ ان ٻي شادي ڪئي ته ان مان مارما ڊيوڪ پيدا ٿيو. مارما ڊيوڪ هيرُو جي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي. ان جي ساٿي شاگردن ۾ سرونسٽن چرچل به شامل هو، ۽ انهن ٻنهي ۾ آخري وقت تائين دوستي رهي.

تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مارما ڊيوڪ لاءِ ٻه رستا هئا. هڪ ته اهو ته آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري، ۽ ٻيو اهو ته پنهنجي هڪ دوست سان گڏ فلسطين جو سير ڪري. ان زماني ۾ فلسطين تي ترڪن جي حڪومت هئي. مارما ڊيوڪ فلسين روانو ٿيو. ۽ ان ئي جڳهه کان ان جي زندگي ۾ انقلاب آيو. هو ڪيترائي سال فلسطين، شام، مصر ۽ عراق ۾ رهڻ کان پوءِ استنبول هليو ويو. ان دوران ان عربي به سکي ورتي هئي. ان کان سواءِ ترڪي زبان سکيائين. آهسته آهسته ان عربي لباس به پائڻ شروع ڪيو ته ان کي عربن جي تهذيب و تمدن سان گهري دلچسپي پيدا ٿي وئي هئي- هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن ترڪي حڪومت جو زوال شروع ٿي چڪو هو. مارما ڊيوڪ کي ترڪن سان گهڻي محبت هئي، ڪيترن ئي ترڪ رهنمائن سان سندس دوستي هئي. انهن ۾ انور پاشا به شامل هو.

1912ع ۾ مارما ڊيوڪ انگلستان واپس آيو ۽ اتي جي ترڪن جي حمايت ۾ هڪ اينگلو عثمانيه سوسائٽي قائم ڪئي، پر 1914ع جي مهاڀاري جنگ ۾ جڏهن انگريزن ۽ ترڪن جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي ته مارما ڊيوڪ جون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com