مارما ڊيوڪ ان عرصي ۾ اسلام جو نهايت غور ۽ فڪر
سان مطالعو جاري رکيو ۽ ان تي اسلام جي سچائي واضع
ٿي چڪي هئي، ان ڪري ڊسمبر 1914ع ۾ ان لنڊن اسلام
قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو ”محمد مارما ڊيوڪ پڪتال“
رکي ڇڏيو.
1920ع ۾ مارما ڊيوڪ کي هندستان جي مشهور اخبار
”بمبئي ڪرانيڪل“ ايڊيٽر بنجڻ جي آڇ ڪئي وئي ۽ ان
بمبئي وڃي ان جو ايڊيٽر ٿيو. هندوستان ۾ انهن
ڏينهن ۾ خلافت جون تحريڪون شروع ٿي چڪيون هيون.
مارما ڊيوڪ به انهن تحريڪن جي حمايت ڪئي، ان غير
ملڪي ڪپڙو پائڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ کاڌيءَ جو لباس پائڻ
شروع ڪيو هو.
مارما ڊيوڪ 21 سالن جي عمر ۾ 1926ع ۾ شادي ڪئي
هئي. ان زال جو نالو ”ميموريل“ هو. هي نيڪ عورت
آخر وقت تائين پنهنجي مڙس جي علمي ۽ ديني ڪمن ۾
شامل رهي.
1924ع ۾ مارماڊيوڪ کي نظام دکن پنهنجي رياست جي
تعليم جي محڪمي ۾ نوڪري ڏني ۽ ”چادر گهاٽ اسڪول“
جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو. ان کان سواءِ هڪ ٽن مهينن
جو رسالو ”اسلامڪ ڪلچر“ به ان جي رهبري ۾ شايع ٿيڻ
لڳو.
نظام دکن جي اڳواڻي ۾ مارماڊيوڪ قرآن پاڪ جو ترجمو
انگريزي زبان ۾ شروع ڪيو ۽ جڏهن اهو پورو ٿيو ته
هو نظام دکن ان کي ٻن سالن جي موڪل ڏني ته جيئن هو
مصر وڃي ڪري جامعه اذهر جي عالمن ۽ ٻين مسلمان اهل
علم سان پنهنجي ترجمي بابت مشورو ڪري سگهي. ڊسمبر
1930ع ۾ هي ترجمو شايع ٿي ويو.
1935ع ۾ مارما ڊيوڪ کي نظام پينشن ڏني ته هو
انگلستان هليو ويو. انگلستان پهچي ڪري ان اسلام جي
تبليغ شروع ڪئي. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي علمي
۽ ادبي ڪم ڪيائين. ڏهه- ٻارهن نهايت سٺا ناول به
لکيائين.
19- مئي 1936ع تي اوچتو دل جي حرڪت بيهڻ ڪري علامه
مارما ڊيوڪ پڪٿال جي وفات ٿي.
انصاف
·
انصاف خداوند تعاليٰ جي نزديڪ هر قرباني کان وڌيڪ
پسنديده آهي. (بائيڊن)
·
جڏهن ڳالهه ڪريو ته انصاف جي ڪريو. (قرآن مجيد)
·
انصاف جي هڪ ساعت سالن جي عبادت کان بهتر آهي.
(حضور صلعم)
·
فرد ۽ سماج جي زندگي ۾ سچي سعادت محض انصاف سان
قائم ٿي سگهندي آهي. (سقراط)
·
ايماندار ماڻهو هميشہ انصاف جي ڳالهه سوچيندو آهي.
(ارسطو)
·
انصاف جي هڪ ئي شڪل آهي ۽ جرم جون هزار صورتون
آهن. (افلاطون)
- عابد نياز ميمڻ، شڪارپور
اڪبر شڪارپوري
اسڪائوٽ
اڄ ڪلهه دنيا ۾ عام ڀلائي ۽ انسان ذات جي سک ۽
آرام لاءِ ڪيتريون ئي تنظيمون ۽ ارادا موجود آهن.
جهڙوڪ: يونيسيف سماجي ڀلائيءَ جا ادارا ۽ ٻيون
اهڙيون تنظيمون. انهن ۾ مڙني تحريڪن ۽ تنظيمن مان
اسڪائوٽ جي تحريڪ تمام گهڻي اهم ۽ مکيه تحريڪ آهي.
هن تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پنهنجي محنت ۽ مشقت
سان ٿوري ئي عرصي ۾ غير معمولي شُهرتَ حاصل ڪئي
آهي، تنهن جو ذڪر هن مختصر مضمون ۾ ڪرڻ تمام ڪٺن
آهي. تاهم به مختصر جملن ۾ اسڪائوٽ ۽ ان جي
ڪارڪردگيءَ تي هيٺين عنوانن تحت روشني وجهڻ گهران
ٿو.
1- اسڪائوٽ جو باني:
هن تحريڪ جي باني جو نالو اِسٽيفنسن بيڊن پاول
آهي.
هي صاحب سنه 1810ع ڌاري يورپ جي هڪ ننڍڙي رستي
”گال“ ۾ ڄائو هو. اڃا ٽن ورهين جومس ٿيو ته مٿانئس
ماءُ جو سايو کڄي ويو. وري جو ٿورو هوش ئي مس
سنڀاليائين ۽ ستن ورهين جي عمر کي پهتو ته سندس
والد به چالاڻو ڪري ويو. هاڻي ته بيڊن پاول پيءُ ۽
ماءُ جي قرب کان محروم ٿي ويو. سندس والدين جي
وڇڙي وڃڻ کان پوءِ سندس سنڀال جو ذمو سندس چاچي
’سَر هِنِري سِمٽ‘ پنهنجي سر کنيو جو صاحب ڏکڻ
آفريڪا جي فوج جو ڪمانڊر- ان چيف هو.
بيڊن پاوال جڏهن وڏو ٿيو ۽ پنهنجي تعليم مڪمل ڪري
ورتائين ته سندس چاچي پاڻ سان گڏ پنهنجو ايڊي ڪئمپ
بنائي کنيو.
زولو سينڊ جي سردار ڊيني زولو انگريزن سان بغاوت
ڪئي ته هن جو چاچو وڏي فوج وٺي ان طرف روانو ٿيو.
ان موقعي تي بيڊن پاول پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون
ڀيرو ”زولو فوجين“ کي ”اين- گو- يَامَا“ جو ترانو
ڳائيندي ٻڌو؛ جنهن کان پوءِ هو اُن کان ايترو
متاثر ٿيو، جو ان کي اسڪائوٽ جي ڪارڪردگيءَ ۾ شامل
ڪري ڇڏيائين.
2- اسڪائوٽ جو بنياد:
سن 1889ع ۾ بيڊن پاول کي محاصري هيٺ اچي هَارِ
فِلئنگِ شهر جو بچاءَ به ڪرڻُ پيو ۽ اتي ئي هن کي
پنهنجي زندگي جو سڀ کان وڏو واقعو پيش آيو. جنهن
کان ساري دنيا ۾ مشهور ٿي ويو ۽ ان موقعي جو اڳتي
هلي اسڪائوٽ جي تحريڪ جو روپ اختيار ڪيو.
مذڪوره مهم ۾ ئي بيڊن پاول نوجوانن جي بهادري ۽
ذميواري پوري ڪرڻ جو اندازو لڳايو. جنهن کان متاثر
ٿي هن اسڪائوٽنگ لاءِ امداد جي عنوان سان هڪ ڪتاب
لکيو، جيڪو فوجين کان سواءِ عام ماڻهن نوجوان ۽
شاگردن جي مطالعي هيٺ رهيو. اهوئي سبب هو جو بيڊن
پاول جي اها نادر تصنيف اسڪولن ۾ درسي طور منظور
ٿي.
سنه 1903ع ۾ بيڊن پاول جڏهن لنڊن پهتو تڏهن هن اها
ڳالهه خاص طور محسوس ڪئي ته نوجوان، ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون ڪيتري قدر پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ڀڙ
آهن ۽ هن جي خيال جا حامي آهن. ان حقيقت کي آڏو
رکندي هن سنه 1907ع ۾ اسڪائوٽ تحريڪ جو باقاعدگيءَ
سان اعلان ڪري پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو. ان وقت هن
بِرائون سِي نالي هڪ ٻيٽ ۾ 20 ڇوڪرن جي هڪ ڪئمپ
قائم ڪئي جنهن ۾ مختلف جماعتن جا شاگرد اچي شريڪ
ٿيا. پنهنجي تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ هن
اِسڪائوٽنگ جي سِري سان هڪ پنڌرهه روزه اخبار جاري
ڪئي. جنهن جي اشاعت جي ڪري هيءَ تحريڪ دنيا جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي. بيڊن پاول جارج پنجين جي صلاح
سان پاڻ کي هميشہ لاءِ اسڪائوٽ زندگي لاءِ وقف ڪري
ڇڏيو.
سنه 1920ع ۾ سڄي دنيا جي اسڪائوٽن جو پهريون بين
الاقوامي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ بيڊن پاول کي دنيا جو
چيف اسڪائوٽ مقرر ڪيو ويو ۽کيس ”لارڊ“ جو خطاب
مليو. اسڪائوٽ جي تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ بيڊن
پاول جي گهر واري ”مِس زولّيو سائين.“ به وڏو
ڪردار ادا ڪيو.
جڏهن گرلس گائيڊ جي تحريڪ شروع ٿي ته هن کي به چيف
گائيڊ چونڊيو ويو.
هن تحريڪ ۾ شامل ٿيندڙ ڇوڪرا جن جي عمر 11 ورهين
کان گهٽ هوندي آهي انهن کي ”ڪَبّ“ سڏبو آهي.
اهڙي طرح ڇوڪريءَ کي ”بلوبرڊ“ ڪوٺجي ٿو. 11 سالن
کان وڌيڪ عمر وارن ڇوڪرن کي اسڪائوٽ ۽ ڇوڪرين کي
گرل گائيڊ چئبو آهي.
3- اسڪائوٽ گرل گائيڊ ۽ انهن جون ذميداريون:
اسڪائوٽ تحريڪ ۾ اڪثر اسڪول شاگرد دلچسپيءَ سان
حصو وٺندا آهن. ۽ دل لگن سان پنهنجي ۾يواري
سرانجام ڏيندا آهن. هنن جو ڪم آهي ملڪ ۽ قوم جي
خدمت ڪرڻ. جيئن ته: ڪنهن بيمار جي پرگهور لهڻ،
ڪنهن کي ڌڪ لڳي ته ان جي ترت ۽ بنا دير سان سنڀال
لهي ان جي ملم پٽي ڪرڻ، انڌي کي رستو ڏيکارڻ، مطلب
ته جنهن به ڪم ۾ انسان ذات جي خدمت جو دخل آهي اهو
ڪم اسڪائوٽ ۽ گرل گائيڊ جي منشور ۽ پاليسي سان
لاڳو آهي.
4- اسڪائوٽ ۾ ٻين عملي ڪمن جي سکيا:
هن تحريڪ ۾ حصو وٺندڙن کي ملڪي خدمت ۽ بچاءُ کان
علاوه پنهنجي مدد پاڻ جي مصداق، دستڪاري ۽ ٻيا هنر
سيکارڻ، ڪاوڙ ۽ غصي تي ضابطو رکڻ، جهنگن ۾ ڪئمپون
لڳائي اتي ڪاٺين ۽ پاڻي جو بندوبست ڪري رڌ پچاءُ
جو انتظام ڪرڻ وغيره.
مطلب ته اسڪائوٽ جي تعليم آهي.
پاڻ تي ڀروسو رکڻ، قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪرڻ ۽ بهادري
ڏيکارڻ.
5- اسڪائوٽ مان فائدا:
اسڪائوٽ ۾ شامل ٿيڻ هرهڪ شاگرد خواه نونهال لاءِ
ضروري آهي.
هن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ ڪري، صحيح نموني زندگي گذارڻ
جي سکيا ملي ٿي. ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو موقعو ملي
ٿو. غريبن، بيمارن ۽ مجبورن جي خدمت ڪرڻي پوي ٿي.
جنهن ڪري ڌڻي تعاليٰ جو راضپو حاصل ٿئي ٿو.
سچ پچ ته ڪنهن به دکي انسان جي خدمت ڪرڻ عين عبادت
کان گهٽ نه آهي.
سوچ
هڪ بم جي قيمت تمام گهڻي آهي، جيڪو انساني زندگي
جو خاتمو ڪري ٿو، پر هڪ اَنَ جي داڻي ۽ پاڻي جي
قطري جي قيمت تمام ٿوري آهي، جيڪي انساني زندگي
کي وڌائين ٿا.
- احمد علي چنو
مسعود احمد برڪاتي
قسط-1
سنڌيڪار: فهميده شيخ
صحت جا اصول
صحت ئي اصل ۾ زندگي آهي، صحت کان سواءِ زندگي
بيڪار آهي.
صحت جو خيال رکڻ هر انسان ۽ هر قوم جو فرض آهي.
اسان جي دنيا جهان جي معلومات حاصل ڪريون ٿا. اتي
اسان کي صحت جي اصولن جو علم به حاصل ڪرڻ گهرجي.
اسان صحت جي باري ۾ بنيادي ۽ ضروري ڳالهين کي تمام
مختصر ڪري لکي ڇڏيو آهي.
هي اصول وڏن وڏن ماهرن جي مشورن ۽ تجربن جو نچوڙ
آهي.
هن ۾ اهڙيون به ڳالهيون شامل آهن، جيڪي ڪتابن ۾
نٿيون ملن پر اهي تمام گهڻيون اهم آهن، جيڪي هيٺين
ريت آهن.
·
صحت جي باري ۾ هي ڳالهه چڱي طرح سمجهڻ گهرجي ته
صحت صحت جي اصولن تي عمل ڪرڻ سان حاصل ٿيندي آهي.
صحت جي اصولن جي خلاف عمل ڪرڻ سان انسان بيمار
ٿيندو آهي. هي ٿي نٿو سگهي ته اصول صحت جي خلاف
عمل ڪري رڳو دوادارون سان صحت حاصل ٿي وڃي سا
اجائي آهي.
·
صحت جي شاهراه ڪا ننڍڙو رستو ڪونهي. جو ڪجهه ماڻهو
سمجهندا آهن ته صحت ۽ طاقت جو راز دوائون آهن. سو
غلط آهي.
دوائون صرف بيماري کي پري ڪرڻ ۾ مدد ڏينديون آهن.
اصولن جو نعم البدل نٿيون ٿي سگهن. جيڪڏهن ڪنهن
ماڻهو جي صحت تمام گهڻي سٺي آهي ۽ هو گهڻو طاقتور
نظر اچي ٿو ته هي نه سمجهڻ گهرجي ته هو گهٽ خاصي
دوا کائيندو آهي.
هن جو سبب صرف هي آهي ته هو کائڻ- پيئڻ ۾ گهٽ ۽
آرام ڪرڻ ۾ ۽ صفائي ۾ صحت جي اصولن جو پابند آهي.
·
صحت کان منهن موڙڻ کائڻ پيئڻ جو خيال نه رکڻ،
ضرورت کان وڌيڪ محنت يا وري ضرورت کان وڌيڪ آرام ۽
بي عملي نقصانڪار مشغلو- راتين جو جاڳڻ، بيماري جو
علاج نه ڪرڻ، پرهيز نه ڪرڻ، انهن ڳالهين سان آهسته
آهسته صحت برباد ٿيڻ لڳندي آهي ۽ پوءِ بيماري جي
شڪل اختيار ڪري وٺندي آهي.
انهيءَ ڪري صحت جو خيال شروع کان ئي رکڻ گهرجي ۽
بيماري جي نوبت نه اچڻ ڏجي.
·
گهڻو ڪري بيماريون ماڻهو پاڻ سڏائي ٿو. بنا سڏائڻ
بيماري گهر نه ايندي آهي.
بيماري جو سبب صحت جي اصولن جي خلاف ورزي ۽ گهڻي
عرصي تائين غفلت آهي.
جڏهن جسم اصولن جي خلاف ورزيون ڪندي ڪندي ٿڪجي وڃي
ٿو ته هو بيماري جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري وجهندو
آهي. اهڙين بيمارين جو علاج مشڪل به ٿيندو آهي ۽
وقت به گهرندو آهي ۽ ان کان پوءِ ڪافي نعمتن ۽
راحتن کان محروم به رهڻو پوندو آهي.
·
طاقتور ٿيڻ ۽ صحتمند ٿيڻ ۾ فرق آهي. ضروري ناهي ته
طاقتور ماڻهو صحتمند به هجي ڪي صحتمند ماڻهو ڪنهن
بيماري کان گهٽ طاقتور ٿي سگهن ٿا.
بيماري ڪمزور ڪندي آهي، پر هر ماڻهو جي طاقت ۾ فرق
هوندو آهي.
انهيءَ لحاظ کان بيماري ۽ صحت ٻنهي حآلتن ۾ مختلف
ماڻهو مختلف طاقت رکندا آهن.
هڪ جسماني محنت ڪرڻ وارو ماڻهو، جسماني محنت نه
ڪرڻ واري کان بيماري جي حالت ۾ به گهڻو طاقتور
هوندو.
مطلب محض طاقت جو نالو صحت ناهي.
طاقت جي باوجود صحت خراب ٿي سگهي ٿي ۽ صحت جي
باوجود ماڻهو طاقت ۾ ٻين کان گهٽ ٿي سگهي ٿو.
(هلندڙ)
هڪ خدا
سج، چنڊ تارا، رات ڏينهن سڀ پنهنجي طريقي سان هلي
رهيا آهن. جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ الله هجن ها ته هرڪو
پنهنجو قانون ۽ ضابطو جاري ڪري ها ۽ يقينن اهڙي
صورت ۾ انهن جي وچ ۾ زبردست ٽڪراءُ ٿئي ها ۽ نتيجو
ظاهر آ يعني ڪائنات جي تباهي هجي ها. (القران)
سنڌيڪار: محبوب علي جوکيو
ڏيڏريءَ جو سفر
پيپي هڪ ننڍڙي ڏيڏريءَ جو نالو آهي. اها پرٽورڪو
جي ٻيٽ تي رهندي هئي ۽ هميشہ ڪمند جي سرسبز فصل ۾
گذاريندي هئي. اتي هوءَ ڳائيندي به هئي ته راند
روند به ڪندي رهندي هئي، هن جي اها عادت هوندي هئي
ته جيئن سج لٿي جي مهل ٿيندي هئي ته اچي ٽان ٽان
ڪرڻ ۾ شروع ٿيندي هئي. پوءِ ته ڀرپاسي وارن سڀني
ڏيڏرن جون دانهون شروع ٿي وينديون هيون. هڪ دفعي
هن کي ڪنهن ٻڌايو ته هي ڪمند جو فصل ۽ هي ٻيٽ
سموري دنيا نه آهي، هنن کان ٻاهر ته الائي ڇا ڇا
رکيو آهي، هن کي انهيءَ ڳالهه تي ويساهه ئي ڪونه
پي آيو. آخر، هن پڪو پهه ڪيو ته هن ٻيٽ کان ٻاهر
وڃي ڏسان ته دنيا ڪهڙي آهي ۽ ان ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون
شيون موجود آهن، اهو ارادو ڪري، هوءَ اتان نڪتي ۽
سڌو رخ ڪيائين جهازن جي گوديءَ جو. هن سڄو ڏينهن
پنڌ ڪيو. هوءَ واٽ تي واٽهڙن کان پڇندي رهي ته
جهازن جو اڏو ڪٿي آهي. آخر، هوءَ هوائي جهازن جي
اڏي تي اچي پهتي، هن هڪ ننڍڙي دري ڏٺي، جتان هڪ
ماڻهو ٽڪيٽون وڪڻي رهيو هو. هڪ طرف سان ڪيتريون ئي
بئگون ۽ ٻيو سامان پيو هو. پيپي، انهن کي
لتاڙيندي، وڃي دريءَ وٽ پهتي، هن چيو ”مون کي هڪ
ٽڪيٽ گهرجي آءٌ نيويارڪ وينديس.“
”قطار ۾ ٿي بيهه.“ ٽڪيٽ واري چيس.
”اها ڪٿي آهي؟“ پيپيءَ پڇيو.
”انهيءَ پوئين ماڻهوءَ جي پٺيان ٿي بيهه.“
پيپي انهيءَ جڳهه وٽ پهتي ۽ اتي انتظار ۾ بيٺي
رهي.
جلدي سندس اڳيان وارو ماڻهو هڪ قدم اڳيان وڌيو،
پيپيءَ به ائين ڪيو، پيپيءَ هن کي ٻڌايو ته ”مون
کي نيويارڪ وڃڻو آهي،“ پر هن ماڻهوءَ ڪوبه جواب
ڪونه ڏنس، هو قطار ۾ بيٺو رهيو. |