پيپيءَ سوچيو ته شايد هن منهنجو آواز ڪونه ٻڌو، سو
هن ڪجهه بلند آواز سان وري چيو. اتي انهيءَ
ماڻهوءَ پوئتي نهاريو. ”آءٌ هت هيٺ آهيان“ پيپيءَ
چيو، هن هيٺ نهاريو ۽ ڏيڏريءَ کي ڏسي، چيائين،
”تون آهين پيپي!“ هن عجب مان چيو. هن ڏيڏريءَ کي
سڀڪو سڃاڻندو هو. ”هائو، آءٌ پيپي آهيان. آءٌ
نيويارڪ وڃي رهي آهيان.“ هن فخر سان ٻڌايو. اهو
مون کي ته ٻڌاءِ ته تون ڪيڏانهن ٿي وڃين. اهو نه
ٻڌاءِ ته ڏيڏريون هي ٻيٽ ڇڏي، نيويارڪ وڃي رهيون
آهن.“ انهي ماڻهو جواب ڏنس.
”ٻيون ڏيڏريون ته نه، صرف آءٌ وڃي رهي آهيان.“
پيپيءَ جواب ڏنو. پوءِ ته ٺيڪ آهي، ورنه اسين ته
ڏيڏرن کان سواءِ جالي ئي ڪونه سگهنداسون.“ هن
ماڻهوءَ چيو.
” ڇا، تون ڪنهن ڪم سانگي پئي وڃين؟“ ماڻهوءَ پڇيس.
”ڪنهن ڪم سان. هائو مون کي پنهنجو خانگي ڪم آهي.“
پيپيءَ چيو ۽ هوا ۾ ڦرنڊجي وئي.
ايتري ۾ ٽڪيٽ ڏيڻ واري انهيءَ ماڻهو کي سڏيو ۽ هن
پيپيءَ کي ڇڏي ڏنو. هن کان پوءِ، پيپيءَ جو وارو
هو. هوءَ ٽپندي، دريءَ وٽ پهتي. ٽڪيٽ واري پڇيو،
”ڪهڙي ٽڪيٽ کپئي؟“ ائين چئي، هن گراهڪ ڏانهن
نهاريو ته وائڙو ٿي ويو. پيپي بيٺي هئي، پيپيءَ
پڇيو ته ”ٽڪيٽ ڇا آهي؟“ هن جواب ڏنس، ته ٽڪيٽ هڪ
پني جو ٽڪر آهي، انهي پني جو مطلب آهي ته تو جهاز
۾ وهڻ لاءِ سيٽ خريد ڪئي.
”سيٽ خريد ڪري، آءٌ ڇا ڪنديس؟“ پيپيءَ چيو.
”تون ان تي ويهندين.“
”اڇا تنهنجو مطلب آهي ڪرسي!“ پيپيءَ چيو، ”اها
ڪرسي ڪيتري وڏي هوندي؟“
”اها وڏي ڪرسي آهي، هن آفيس واري ڪرسيءَ جيڏي.“
ٽڪيٽ واري ٻڌايس.
”توهان کي يقين آهي ته اها سيٽ آهي، آءٌ سمجهان ٿي
ته اها سيٽ منهنجي لاءِ ته پوري ڪانهي، تمام وڏي
آهي.“
”پوءِ ڇا ٿيو. بس، ايتري سيٽ ملندي.“
”جيڪڏهن انهيءَ ۾ آءٌ ويهي نه سگهان ۽ ڪري پوان ته
پوءِ.“ ڀلا، انهيءَ سيٽ لاءِ رقم ڪيتري ٿيندي!“
”جيتري ٻين عام سيٽن لاءِ.“
پوءِ، پيپي اندر وڃي رسيءَ تي ويهي ڏٺو. ٽڪيٽ واري
عينڪ پائي، هن ڏانهن نهاريو، ڇاڪاڻ ته هيڏيءَ
ساريءَ وڏيءَ ڪرسيءَ ۾ ڏيڏري ته نظر ئي ڪانه ٿي
آئي. پيپيءَ کي ڏسي ٽڪيٽ وارو ڪياڙي کنهڻ لڳو:
”اسين توکي انهيءَ سيٽ تي ڪيئن وهاريون، توکي ته
چوڌاري پٽو به ٻڌي ڪونه سگهبو.“
”پٽو؟ ڇا جو پٽو،“ پيپيءَ ڊڄندي چيو.
”هائو پٽو ٻڌبو آهي ته جيئن مسافر سيٽ تان ڪري نه
پوي جهاز جي اڏامڻ وقت اهو ضروري آهي.“
”پوءِ ته مون کي پنهنجي قدبت جيڏي سيٽ گهرجي.“
پيپيءَ فخر مان چيو.
”هڪ منٽ ترسو.“ ٽڪيٽ واري چيو، ”تون هت ترس، آءٌ
جلدي اچان ٿو.“ هو هليو ويو ۽ وڃي پنهنجي چيف سان
مليو. ان کي ٻڌايائين ته ڏيڏريءَ پيپيءَ منهنجي
آفيس ۾ ويٺي آهي.“ چيف جواب ڏنس ته ”ٺيڪ آهي، اهي
چڪ ڪونه پائينديون آهن.“
”پر جناب، هوءَ ته نيويارڪ وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ گهري رهي
آهي.“ ٽڪيٽ واري ٻڌايو.
”پوءِ ڇاهي، ڀلي ٽڪيٽ ڏيوس.“
”هوءَ عام ٽڪيٽ ڪانه ٿي وٺي. هوءَ ٿي چوي ته سيٽ
تمام ڪشادي آهي؛ هوءَ انهيءَ تي قابو ويهي ڪانه
سگهندي.“
اها ڳالهه آهي، هل ته ڏسون، هي پهريون موقعو آهي،
جو هڪ ننڍڙيءَ ڏيڏريءَ ٽڪيٽ گهري آهي. اسان کي هن
جي پوري پوري سنڀال لهڻ گهرجي. ”چيف کلڻ لڳو ۽
ٽڪيٽ واري جي پٺي ٺپرڻ لڳو. پوءِ ٻئي پيپيءَ وٽ
آيا. پيپي اڃا انهيءَ وڏيءَ ڪرسيءَ جي وچ ۾ ويٺي
هئي. چيف پڇيس ”ڇا حال آهي مائي پيپي.“
”بلڪل ٺيڪ آهيان. مهرباني“. پيپيءَ جواب ڏنو“ البت
هن سيٽ جي معاملي ۾ مونجهارو آهي، ڇاڪاڻ ته مون کي
نيويارڪ وڃڻو آهي.“
”ٺيڪ آهي، هي ننڍڙو ٻيٽ آهي ۽ تون وسيع دنيا ڏسڻ
چاهين ٿي.“
”هائو، سائين.“
”توکي سڄي دنيا جي گهمڻ جي ٽڪيٽ گهرجي.“
”نه في الحال نيويارڪ جو ارادو آهي.“
”ٺيڪ، پيپي پهريائين نيويارڪ ويندي. پوءِ دنيا جا
ٻيا ملڪ ۽ شهر ڏسڻ ويندي.“ چيف چيو. ”چڱو، اسين
توهان جي سيٽ لاءِ بندوبست ڪري رهيا آهيون. آءٌ
پنهنجي عملدار سان ملان ٿو ۽ صلاح مشورو ڪريان
ٿو.“ پوءِ چيف پنهنجي آفيسر وٽ ويو، جنهن وري
پنهنجي صلاحڪارن کي گهرايو، پوءِ وڏو انجنيئر به
آيو. آخر، جهاز وارو عملو به اچي گڏ ٿيو، جهاز
واري انجنيئر چيو، ”آءٌ هن کي وهاري سگهان ٿو. اها
ڪيتري وڏي آهي؟“ پوءِ سڀ وري ڏيڏريءَ وٽ آيا. پوءِ
انجنيئر هڪ فوٽ پٽي کنئي ۽ پيپي کي چيائين ته
توهان مهرباني ڪري هن پٽيءَ تي ويهو ته اوهان جي
قدبت جي ماپ ورتي وڃي ۽ انهيءَ ماپ جي وري سيٽ
تيار ڪرائي وڃي.“
پوءِ پيپي، ٽپ ڏيئي انهيءَ پٽيءَ تي اچي بيٺي،
انهيءَ پٽيءَ تي وهڻ پيپيءَ لاءِ ڪو آسان ڪم ڪونه
هو، ڇاڪاڻ ته اها پٽي ته کڻي ڪاٺ جي ٺهيل هئي، وهڻ
کان اڳ، هوءَ ٻه- ٽي دفعا ته ترڪي پئي، پر پوءِ
نيٺ ٺهي ٺهي ويٺي، انجنيئر بيٺو هو. اتي پيپيءَ
وهندي پڇيو ته ”هيئن ٺيڪ آهي؟“
انجنيئر چيو، ته ”بس، ٺيڪ آهي.“
”آءٌ ڏسان ٿو ته تون هڪ انچ جيتري جاءِ والارين
ٿي. هاڻ اسين تنهنجي لاءِ پوري ۽ مناسب سيٽ تيار
ڪري سگهون ٿا.“
”مهرباني، مون کي، به توهان ۾ اهائي اميد هئي، مون
کي واٽ تي ڪيترائي سمنڊ پار ڪرڻا آهن، تنهنڪري سيٽ
ڪا مناسب ڏيندا.“
پوءِ ٻيا به سڀ هليا ويا. باقي ٽڪيٽ وارو وڃي
بچيو.
هن پيپيءَ کي ٻڌايو ته ”هو تنهنجي سيٽ جي بندوبست
۾ آهن، پر اها ٻئي جهاز ۾ ئي ملي سگهندي. تيسين
تون اطمينان سان ويهي رهه. هاڻي هو تنهنجي ٽڪيٽ جي
قيمت لاءِ سوچي رهيا آهن.“
”ڀاءُ، ٽڪيٽ جي قيمت به سيٽ جي ايراضيءَ آهر
ٿيندي؟“ پيپيءَ پڇيو.
”هائو. ائين ئي ٿيندو!“
”پوءِ ته قيمت به هڪ انچ جي برابر ٿيندي.“
”ڇا جو انچ.“
”اها ته منهنجي ماپ آهي. منهنجي سيٽ به هڪ انچ
ٿيندي.
”اسين پنهنجيون ٽڪيٽون ائين ته ڪونه وڪڻندا
آهيون.“
”پوءِ ڪيئن وڪڻندا آهيو؟“
”پيسن کي انچن ۾ ته ڪونه آڻي سگهبو آهي.“
”پر، توهان ته ائين چيو ته ٽڪيٽ منهنجي سائيز جي
هوندي، ته پوءِ رقم جو حساب به ائين انچن ۾ ئي
لڳائبو.“
وري ويچارو ٽڪيٽ وارو ٻاهر هليو ويو.
هو پنهنجي آفيسرن وٽ ويو. هو هن ڏانهن عجب مان
نهارڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته هو ڏاڍو پريشان هو.
جڏهين هن نئين حالت کان کين واقف ڪيو، ته هو سڀ
اٿي کڙا ٿيا ۽ گڏجي پيپيءَ وٽ ويا.
هڪڙي آفيسر پيپيءَ کان پڇيو.
”ڇا، توهان جو خيال آهي ته ٽڪيٽ به توهان جي ماپ
جي هجي ۽ ان جي قيمت به اوتري ماپ جي هجي؟“
”هائو.“
”اوهان جي ٽڪيٽ واري توهان کي سڀ ڪجهه ٻڌايو
هوندو.“
پيپيءَ پڇيو.
”هائو.“
”هن ته سڀ ڪجهه ٻڌايو آهي، پر اهو ڪيئن ممڪن آهي.“
پيپيءَ فوٽ پٽيءَ ڏانهن اشارو ڪيو.
هڪ آفيسر، هڪ انچ جيتري ٽڪري، ٽڪيٽ مان ماپي ڪٽي
ورتي، پوءِ وري پيپيءَ هڪ ڊالر جو نوٽ ڏنو، جنهن
مان پڻ هڪ انچ جيتري ٽڪري ڪٽي وئي.
ٽڪيٽ ڏيڻ وارو ويچارو وائڙو ٿي. هن کي ته اهو خواب
خيال به ڪونه هو ته ائين به ٽڪيٽ وڪڻي سگهجي ٿي.
هن دانهن ڪئي ته اها رقم ته ڪافي نه آهي.
پيپيءَ چيو.
”بس، اها رقم ٽڪيٽ جي ماپ مطابق آهي.“
هڪ آفيسر چيو.
”انهيءَ معاملي کي في الحال اتي ئي ڇڏيو، اسين
پوءِ ڏيڏرين جي ٽڪيٽ سيٽ ۽ ان جي قيمت بابت
سوچينداسون ۽ ڪو فيصلو ڪري وٺنداسون.“
اها صلاح سڀني کي پسند آئي ۽ پوءِ سڀني سک جو ساهه
کنيو؟
ٽڪيٽ واري اها ٽڪيٽ پيپيءَ کي ڏني.
هنن چيو.
”پيپي، اسان کي اميد آهي ته تنهنجو سفر نهايت
خوشگوار رهندو.“
هرڪو ائين چئي ويندو رهيو.
پيپيءَ پڻ هنن کي چڱو جواب ڏنو.
جهاز تي، واڍن ۽ مسترين، پيپيءَ جي سيٽ ٺاهڻ لاءِ
ڪم شروع ڪري ڏنو. پوءِ اها سيٽ، جهاز جي هڪ ڪنڊ ۾
رکي وئي ۽ ان سان هڪ سلامتيءَ وارو پٽو پڻ لڳايو
ويو. جڏهن اهو سڀ انتظام ٿيو ته پوءِ هڪ آفيسر
پيپيءَ کي ٻڌائڻ ويو ته ”هاڻ هل، جهاز هلڻ وارو
آهي ۽ تنهنجي سيٽ تيار آهي.“ |