ان جو مطلب آهي ته انسان جي مٿان ڪهڙيون به
تڪليفون ۽ مشڪلاتون اچن ته کيس ثابت قدم ٿي، انهن
کي منهن ڏيڻ گهرجي. جيتوڻيڪ الله جي مرضي کان
سواءِ ڪي به ڪين ٿو ٿئي. جادو ڪرڻ، ٽوڻا ڦيڻا هڻڻ
وغيره اهو سڀ شيطاني ڪم آهي ۽ اهو ڪم ڪرڻ ڄڻ شيطان
جو چيلو ٿيڻ آهي ۽ سندس تابع ٿيڻ کان سواءِ ٻيو
ڪوبه عمل نه آهي. حقيقت ۾ ٽوڻن ڦيڻن مان رڳو نقصان
ئي نقصان آهي. ڇو ته اتي پئسي جو زيان به ٿئي ته
وقت الڳ ضايع ٿئي ٿو. ان کان سواءِ وڏي ڳالهه اها
آهي جو خدا جو به ڏمر ٿئي ٿو ۽ رب پاڪ به ناراض
ٿئي ٿو. ان لاءِ هر مصيبت ۾ الله کان مدد وٺڻ
گهرجي ۽ ان جي رحمت جي اميد هر وقت دل ۾ رکڻ گهرجي
۽ کيس هر وقت پڪارڻ گهرجي ته پوءِ الله پاڪ جو
معجزو ڏسجي ته ڪيئن نه سندس ٻيڙا پار ڪري ٿو.
اچو ته دعا ڪريون ته الله پاڪ پنهنجي رحمت جون
بارشون اسان مٿان وسائيندو رهي ۽ غلط رستن تي هلڻ
کان ۽ شيطان جي شر کان محفوظ رکي.
محمد يامين سومرو
مضمون نمبر 2
سلسلو
40
ٽوڻن ڦيڻن مان نقصان آهي
يا فائدو؟
چيو وڃي ٿو ته دماغ سڄي جسم جو بادشاهه آهي ۽ پوءِ
جيڪڏهن جسم جو بادشاهه يعني دماغ صحتمند آهي ته
پوءِ اهو جسم به ضرور صحتمند هوندو. اڄ جي هن
سائنسي دور ۾ جتي هيءُ انسان آسمان جي بلندين کي
پيو ڇُهي ۽ ستارن تي تحقيق پيو ڪري، اتي انهن
انسانن مان ئي ڪجهه انسان وري به جهالت جي اونهين
کڏن ۾ ڪريل پيا آهن. هو زماني سان گڏ نٿا هلن.
اهڙا انسان گهڻو ڪري پاڪستان ۾ ئي ملن ٿا.
اڄ سائنس جي ذريعي انسان تقريباً هر بيماريءَ جو
علاج دريافت ڪري ورتو آهي، پر پاڪستان ۽ خصوصاً
سنڌ جا اهي بيوقوف ماڻهو، اڄ به پنهنجيون صدين جون
پراڻيون روايتون قائم رکندا آيا آهن، هنن وٽ هي
بيماريءَ جو علاج تعويذ، ٽوڻا ۽ ڦيڻا آهي.
هن حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪيترن ئي
الله جي پيارن ٻانهن، ڪيترن ماڻهن جو ڪامياب علاج
ڪيو آهي، پر اڄڪلهه ڪيترائي ٺڳ پيرن ۽ مرشدن جي
روپ ۾ هزارين غريب ماڻهن کي روز پيا لٽين. هو غريب
ماڻهن کان ٽوڻن ۽ ڦيڻن جي عيوض هنن جو چوپايو مال
وٺن ٿا. توهان پاڻ سوچي سگهو ٿا ته جيڪڏهن هو اصلي
اولياءَ آهن ته پوءِ کين مال جي ڇا ضرورت آهي.
ويچارا غريب ٽوڻا ڦيڻا ڪرائي به بيمار رهن ٿا.
آخرڪار اهي ئي بيمار کٽن تي چڙي چڙي مري وڃن ٿا.
آخر ۾ مان اهو ضرور چوندس ته انسان ته اشرف
المخلوقات آهي ۽ هن کي ان انداز ۾ بلڪل سوچڻ نه
گهرجي. اهي تمام ڪوڙا پير غريبن ڏانهن مصيبتن جا
منهن کوليندڙ آهن. مٿين تمام ڳالهين کي مدنظر
رکندي اسين اهو چئي سگهون ٿا ته ٽوڻا ۽ ڦيڻا انسان
کي خوشي ته نه پر نقصان ضرور ڏئي سگهن ٿا.
انٽرويو وٺندڙ (اسان جا اديب)
انور ابڙو
راشد مورائي
راشد مورائي جو مختصر تعارف اهو آهي ته سندس
تحريرون تلخ حقيقتن جي ترجماني ڪندڙ هونديون آهن.
راشد ٻارڙن جو به شاعر آ ته وڏن جو به، راشد سونهن
ڀرين جوان زندگين جو به شاعر آ ته چيرون چيرون
چهرن وارين زندگين جو به، راشد شرارتي ڇوڪرن جو
شاعر آ. راشد جي تحريرن ۾ شرارت به هوندي آ ته
معصوميت به. راشد ايترن سارن گڻن جو ڌڻي هوندي به
ڪنڊائتو شاعر پئي لڳو آ. سندس ٻه مجموعا ”سنڌڙيءَ
جو سوداءُ“ ۽ ”مينديءَ سندا کيت“ ڇپجي چڪا آهن.
راشد مورائيءَ سان خاص گل ڦل لاءِ جيڪا رهاڻ ٿي،
اچو ته ٻڌون:
انور ابڙو: توهان جو جنم ڏينهن ۽ جنم جڳهه ڪهڙي ۽
ڪٿي آهي؟ ۽ ان جڳهه کان هن جڳهه تائين وارن
اورانگهي آيل مرحلن جي ڪٿا ٿورڙن مگر جامع لفظن ۾
ٻڌائيندا؟
راشد: جنم جي تاريخ 5 مارچ 1944ع، ڳوٺ جو نالو
تعلقو مورو آهي. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ کان اتر
طرف هڪ ڪلوميٽر پنڌ تي ڳوٺ چينجا ۾ حاصل ڪيم،
مئٽرڪ تائين تعليم هاءِ اسڪول نوان جتوئي ۾ حاصل
ڪيم، 1941ع ۾ پرائمري ماستر ٿيس. تعلقي سڪرنڊ،
تعلقي نواب شاهه ۽ تعلقي موري جي مختلف اسڪولن ۾
نوڪري ڪري 1972ع کان موري شهر ۾ پڙهائي رهيو
آهيان.
انور ابڙو: نشريات وسيلي (وي سي آر سميت) سٺن
خيالن کي کوٽيندڙ غلط رجحان ٻارڙن جي شفاف ذهنن تي
سڌا سنوان تير اُڇلي رهيا آهن ان منجهائيندڙ
صورتحال ۾ ٻارڙن کي ڪهڙو ادب ڏيڻ گهرجي ته جيئن هو
ادب ۾ وڌيڪ رغبت ڏيکارين ۽ نشريات جي اثرن کان
پاسي رهن.
راشد: منهنجي خيال موجب نشريات جي اثرن کان ٻار
پري رهي نٿو سگهي. حڪومت ۽ والدين گڏجي ڪوشش ڪن ته
نشريات ۾ سڌارو آڻي سگهجي ٿو. باقي ٻاراڻو ادب
هونئن به سنڌ ۾ گهٽ ٿو ڇپجي، ان کي وڌائڻ ۾ همٿائڻ
جي به ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
انور ابڙو: عام راءِ آهي ته ٻارڙن جي ذهني پرورش
گهر ۽ اسڪول ۾ ٿيندي آهي پر اڄ جو اڪثريتي شهري ۽
اقليتي ٻهراڙيءَ جو ٻار گهرو ۽ اسڪولي پرورش کان
وڌيڪ ٻاهرئين ماحول ۾ پرورش پائي رهيو آهي. والدين
۽ استادن کي ان ڏس ۾ ٻارڙن جي ذهني سٺائيءَ خاطر
ڪهڙي واٽ وٺڻ گهرجي؟
راشد: استاد ۽ والدين ٻارن تي وڌيڪ توجهه ڏين ۽
ڪچيءَ وهيءَ ۾ ٻارن کي ڇڙواڳ نه ڇڏين. ٿوريءَ وڌيڪ
توجهه جي ضرورت آهي جيڪا نٿي ڏني وڃي.
انور ابڙو: ٽي ويءَ تان پيش ٿيندڙ ڊرامن جيان
جيڪڏهن مخصوص ”ٻالڪ ناٽڪ رنگ“ ٻارڙن/وڏن جا لکيل
ٻارڙن جي ئي خاص اداڪاريءَ ۾ ڏيکاريا وڃن ته ڇا ان
طريقي سان ٻارڙن جي ذهني اؤسر ۾ واڌ ۽ ان ۾ پختگي
ايندي؟
راشد: واڌ بلڪل ايندي پر ٽي ويءَ جي انتظاميه کان
اها ڳالهه ڪير مڃرائي؟
انور ابڙو: ٻاراڻين سنگتن، ادبي تنظيمن ۽ سرڪار جي
سهڪار سان هر سال هر صوبي ۾ هڪ ڀيرو ”ٻالڪ ملڪ گير
ميلو“ جيڪڏهن لڳايو وڃي ۽ ان ۾ ٻاهرين پاڙيسري
ملڪن جي ٻارڙن جا به وفد گهرائي شامل ڪيا وڃن ته
هوند ٻارڙن ۾ هڪٻئي کي ويجهي سمجهڻ واري عمل سان
گڏ انهن ۾ خود اعتمادي پئدا نه ٿيندي؟
راشد: بلڪل فائديمند ڳالهه آهي، پر ڳالهيون اهڙيون
سوچيو جيڪي هن ملڪ ۾ عمل جوڳيون هجن.
انور ابڙو: دنيا جا چنڊ تي ۽ اسان جا زَمين تي
ٻارڙا ڪُڏي ٽپي ڏينهن گهارن ٿا. ڪهڙي وسيلي انهن
ٻارڙن کي انهيءَ اَڪارتي زندگيءَ مان ڪڍي سڌريل
ٻارڙن جي قطار ۾ بيهاري سگهجي ٿو؟
راشد: حڪومت آڏو ڪابه ڳالهه اڻ ٿيڻي ڪانه آهي.
ٻهراڙيءَ جا ٻار اڄ به وڻن هيٺ، تڏي تي ويهي پڙهن
ٿا. اهڙن ٻارڙن کي تون، مان چنڊ ته پري رهيو، ڪنهن
سٺي اسڪول ۾ به پڙهائي نٿا سگهون.
انور ابڙو: اهو ٻار! جنهن جي بستر تان ڇپر ڇانءَ
کسي ويئي هجي ان کي هن سماج ۾ ڪهڙي طرح جيئڻ
گهرجي؟ ڪو ڏس ڏيو؟؟
راشد: توهان شايد والدين هوندي به ڇورا ڇنا ٻار نه
ڏٺا آهن؟ سنڌ جي اڪثر ٻهراڙين ۾ جيڪي به انگ
اگهاڙا پيٽ بکيا ٻار ڏسندؤ، انهن تي ڇوري هئڻ جو
گمان گذرندو. اِهي ائين ئي جيئندا، جيئن جيئن پيا.
جيستائين ڪا گڏيل تبديلي اچي.
انور ابڙو: سنڌ جي سمورن پرائمريءَ کان مئٽرڪ
تائين وارن ٻارڙن جو يونيفارم اڇا ڪپڙا، سنڌي ٽوپي
۽ اجرڪ مقرر ڪيو وڃي ته اوهين ان کي ڪيترو جائز
صحيح سمجهندا ۽ ان جي حل لاءِ ڪهڙا اُپاءَ وٺڻ
لاءِ گس ڏسيندا؟
راشد: ادا، اول اگهاڙن ٻارن کي ڍڪائڻ کي سوچجي،
يونيفارم بعد جي ڳالهه آهي.
انور ابڙو: سنڌي ادب جي سمورن تخليقڪارن کي جيڪڏهن
هٿڪڙيون هڻي ٻاراڻي عدالت ۾ آڻي بيهارجي ۽ سندن
”ٻاراڻي ادب ڏانهن ذميواري“ واري فرض نڀائڻ بابت
پڇا ڳاڇا (تفتيش) ڪجي ته ڪهڙا اديب اوچي ڳاٽ زنجير
ٽوڙي آزاد ٿي سگهندا؟ نالا ڳڻايو؟
راشد: رڳو ٻاراڻي عدالت ۾ ڇو؟ عوام جي عدالت ۾ ڇو
نه؟ جنهن ۾ ٻارڙا به اچي وڃن ٿا؟
انور ابڙو: توهان ٻارڙن لاءِ ڄڻ ته لکيو ئي نه
آهي. ان جو ڪو خاص سبب آهي يا ائين لاشعوري طور نه
پيا لکو؟
راشد: ائين نه آهي. ڪافي ٻاراڻا ڪتاب ۽ رسالا
شاهدي ڏيندا ته مون ٻارڙن لاءِ لکيو آهي. باقي
پنهنجي عادت مطابق بنا گُهر ڪرڻ جي ڪنهن به رسالي
وغيره کي مون ڪڏهن ڪو شعر يا ڪهاڻي نه موڪلي آهي.
انور ابڙو: حياتيءَ جي ڪا ڏکوئيندڙ گهڙي؟
راشد: ماءُ جو موت.
انور ابڙو: ٻارڙن جي گهاٽي يار ”گل ڦل“ جي گهاٽن
ننڍڙن يارن لاءِ ڪي سٺيون سوچن ۾ ڦيرا آڻيندڙ
صلاحون، جيڪي ننڍڙا ٻارڙا سِرَ سِرَ بنجي هن سماج
جي اڏاوت ۾ ڪم ايندا؟
راشد: پيارا ٻارؤ! رڳو پڙهو نه پر سمجهو، سوچيو ۽
فڪر به ڪريو. مستقبل جا خطرا اوهان جي انتظار ۾
آهن. پاڻ ۾ مشڪلات کي منهن ڏيڻ واسطي حوصلو پئدا
ڪريو.
گل ڦل قلمي دوستي
·
نالو: ارشاد علي ناريجو
ڪلاس: يارهون
وندر: سنڌ سان پيار
ائڊريس: نزد وڏو علم گمبٽ
·
نالو: صدرالدين مهر
ڪلاس: نائون
وندر: مطالعو ڪرڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول ڪالوني نمبر 1 ڪشمور
·
نالو: بختيار علي شاهه
ڪلاس: اٺون
وندر: راند کيڏڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول سلطان ڪوٽ شڪارپور
·
نالو: سريش ڪمار ماکي جاني
ڪلاس: يارهون
وندر: پيانو وڄائڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: پراڻي مارڪيٽ نزد زنانه اسپتال گمبٽ
·
نالو: پير سيد محب الدين شاهه
ڪلاس: ڏهون اي
وندر: اسلامي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول راڻيپور
·
نالو: عبدالجبار سميجو
ڪلاس: اٺون
وندر: علم سان چاهه
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ پرئڪٽسنگ اسڪول ڪنڌڪوٽ
·
نالو: ڪلديپ ڪمار
ڪلاس: اٺون اي
وندر: هاڪي کيڏڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول ڏيپلو
·
نالو: غلام علي ميمڻ
ڪلاس: نائون
وندر: ادب پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول پنگريو
·
نالو: سيد سڪندر علي شاهه
ڪلاس: پنجون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 10 سال
ائڊريس: سنڌي پرائمري اسڪول ٺٽو
·
نالو: الهڏنو
ڪلاس: نائون
وندر: ادب سان چاهه
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول تلهار
·
نالو: سجاد حسين رند
ڪلاس: ستون
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 12 سال
ائڊريس: عثمان رند هاءِ اسڪول ڳوٺ صبڙ خان رند.
·
نالو: آفتاب حسين رند
ڪلاس: ستون
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول صبڙ خان رند.
·
نالو: معراج خالد
ڪلاس: ڇهون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 11 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو ڄام فارم نمبر
1.
·
نالو: ذوالفقار علي ميمڻ
ڪلاس: اٺون
وندر: سٺا ڪتاب پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول پنگريو
·
نالو: علي انور ڪليري
ڪلاس: ستون اي
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لوهي ماٿيلو.
·
نالو: محمد هاشم شر
ڪلاس: پنجون
وندر: اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: پرائمري اسڪول محمود شريف ڄام صاحب نواب
شاهه.
کل ته سهي
·
ڊاڪٽر (مريض کي): چاچا، اڄ ته ماني آرام سان کاڌي
هوندئي؟
مريض: سائين سڄي بازار رليو آهيان، آرام ڪونه
مليو، لاچار آچار سان ماني کاڌي اٿم.
·
استاد: ڪنهن ساهه واري شيءِکي مارڻ نه گهرجي؟
شاگرد: سائين چئبو ته اسان ۾ ساهه ڪونهي؟
موڪليندڙ: مهتان علي خواجه پهاڙ مري
·
گراهڪ (دڪاندار کي): اڄ کان پوءِ منهنجو ڪتو به تو
وٽ ايندو ته توکي ان جي عزت ڪرڻي پوندي.
دڪاندار: حاضر سائين توهان جو ڪتو به آيو ته مان
سمجهندس ته توهان پاڻ آيا آهيو.
موڪليندڙ: ارشاد علي سومرو سڪرنڊ
استاد: (شاگرد کي) ڪک جو جمع ڇا آهي؟
شاگرد: سائين ٻهارو.
موڪليندڙ: عطاءالله هنڱورو کپرو
زال (مڙس کي): سڄي دنيا بي ايمانن سان ڀري پئي
آهي، کير وارو اٺ آنا به کوٽا ڏئي ويو آهي.
مڙس: ڪيڏانهن ڪيا اٿئي ڏيکار.
زال: ڀاڄي واري کي ڏنا اٿم.
موڪليندڙ: گلاب راءِ ڪشمور
·
هڪ بادشاهه: هڪ مسخري کي خوش ٿي انعام ۾ هڪ ٿڪل
گهوڙو ڏنو.
مسخرو گهوڙي تي چڙهي هڪ طرف هلڻ لڳو ته بادشاهه سڏ
ڪري کانئس پڇيو ته ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين. مسخري
جواب ڏنو سائين جمع نماز پڙهڻ ٿو وڃان بادشاهه چيس
اڄ ته سومر آهي، مسخري جواب ڏنو، سائين هي گهوڙو
جامع مسجد تائين جمع جي ڏينهن مس پهچندو، اهو ٻڌي
بادشاهه کلي ڏنو ۽ هڪ سٺو تازو گهوڙو کيس ڏنائين.
موڪليندڙ: محمد نور گاڏهي ڪي اين شاهه.
·
ڊاڪٽر ۽ حڪيم جو پاڻ ۾ بحث ٿي رهيو هو، ايتري ۾ هڪ
منڊڪائيندو ٿي آيو. ان کي ڏسي ڊاڪٽر چيو، هن جي
هڏي ڀڄي پئي آهي حڪيم چيو هن جي نس چڙهي پئي آهي
جڏهن اهو همراهه ويجهو آيو ته چپل ڇڳل هئي.
موڪليندڙ: عمران جميل ميمڻ ميرپورخاص
·
استاد (شاگردن کي) ٿلهو ماڻهو شريف ڇو ٿيندو آهي؟
(هڪ شاگرد) سائين هو نه ڪنهن کي ماري ڀڄي سگهندو
آهي ۽ نه وري ڪير هن کي ماريندو ته هي ڊوڙي ڪونه
سگهندو.
موڪليندڙ: عبدالحڪيم سومرو جيڪب آباد
·
هڪ فقير (هڪ ماڻهو کي چيو): سائين الله جي نالي هڪ
رپيو ڏيو؟
(ان ماڻهو ورندي ڏني) نوجوان آهين وڃي ڌنڌو ڌاڙي
ڪر
فقير چيو: سائين مون رپيو گهريو آهي مشورو ڪونه ٿو
گهران
موڪليندڙ: پورن مل ڪوهستاني گهارو
·
هوائي جهاز اڏامي رهيو هو ته ان ۾ ڪا خرابي پيدا
ٿي پئي جهاز جي ڪپتان اعلان ڪيو ته جهاز ۾ وزن
گهڻو ٿي ويو آهي ان لاءِ مهرباني ڪري وزن گهٽ ڪرڻ
لاءِ ڪجهه اجايون شيون هيٺ اڇلائي ڇڏيو، جيئن جهاز
سلامتي سان منزل مقصود تي پهچي.
هڪ همراهه پنهنجي زال کي هيٺ اڇلائي ڇڏيو ڪپتان
چيس تو هي ڇا ڪيو مسافر چيو سائين هن کان سواءِ ڪا
فالتو شيءِ ئي ڪانه هئي.
موڪليندڙ: فقير محمد صادق خاصخيلي
·
هڪ ڇوڪر: بابا مان ڇا جو ٺهيل آهيان
پيءُ: پٽ مٽي جو
ڇوڪر: بابا پوءِ مون کي ماريندا نه ڪريو نه ته مان
ڀڄي پوندس.
موڪليندڙ: فاروق احمد پٺاڻ ڪنڌڪوٽ.
ننڍڙا اديب
مطلب جي دوستي
هي هڪ سچي ڪهاڻي آهي ته مطلبي دوست هميشہ پنهنجي
مطلب خاطر پيو ڊوڙندو آهي ۽ دوستي کي نه ڏسندو
آهي، پوءِ ڀلي اها ڪيڏي به سچي ۽ گهري دوستي ڇو نه
هجي پر هي ماڻهو پنهنجي مطلب ڪڍڻ کان پوءِ ساٿ نه
ڏيندو آهي. ڇو جو هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي
ويندو آهي.
هڪ شهر ۾ ٻه ڇوڪرا پاڻ ۾ گڏ پڙهندا هئا. جنهن مان
هڪ جو نالو اڪبر ۽ ٻئي جو نالو خالد هو. انهن ٻنهي
جي دوستي پاڻ ۾ ايتري ته گهري ۽ پڪي هئي، جو جدا
ٿيڻ جو نالو به وٺي نه ٿو سگهجي، پر اڪبر غريب هو
۽ خالد هڪ امير خاندان جو پٽ هو. پر اڪبر هميشہ
پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو هو. ۽ تمام گهڻو
هوشيار هو. پر خدا جي قدرت جو غريب جو هي حال هو،
جو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس ماءُ بيمار ٿي پئي ۽
هاڻي ڪوبه ڪمائڻ وارو به ڪونه هو ۽ پئسا به ختم ٿي
چڪا هئا سو ان ڪري اڪبر ويچارو پڙهڻ کان محروم ٿي
ويو ۽ هاڻي پنهنجي ماءُ جي علاج لاءِ به پئسا ڪونه
هئا سو ويچارو اهڙي مجبوري جي حالت ۾ پنهنجي دوست
خالد وٽ ويو پنهنجي ڏک ڀري ڪهاڻي ٻڌائي، ڪجهه مدد
لاءِ عرض ڪيائين، پر خالد خود غرض ماڻهو، ته پهرين
ئي هو، سو هن کي چيائين ته: يار خالد هاڻي نه تون
منهنجي ڪلاس ۾ ئي پڙهي سگهندين سو ان ڪري آفيسر به
نه بنجي سگهندين، ۽ تون منهنجي ڪنهن به ڪم نه اچي
سگهندين پر يار مون وٽ هن وقت ڪجهه به ناهي تنهنجي
مدد ڪرڻ لاءِ تنهن تي اڪبر کي تمام گهڻي حيرت لڳي
۽ دل ئي دل ۾ مايوس ٿي موٽي ويو پر جيون واري
مطلبي دوست کي ڪابه ڪهل نه آئي.
تنهنڪري اسان کي گهرجي ته زندگيءَ جي ڏکين ۽
ڏکويلن ڏينهن ۾ محنت و مشقت ڪري سڀ ڪجهه پنهنجو
پاڻ بنايون پر ڪنهن تي به ڀروسو نه ڪريون.
ظفر اقبال سينهڙو:
واقعو
صبح جو ٿڌڙي هير پئي لڳي: آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل
هئا. ڇاڪاڻ ته سورج پنهنجي تيز شعاع سان نمودار ٿي
رهيو هو. مان ڪرسي تي ويهي دري مان هر هر نهاري
رهيو هوس، اوچتو ئي اوچتو اخبار واري جو هوڪو ٻڌم
هيٺ اچي اخبار خريد ڪيم ته ڇا ڏسان مان امتحان ۾
پهريون نمبر آيو آهيان. پهريون نمبر، اچڻ ڪري مان
ڪپڙن ۾ نه پيو ماپان، بابا سائين اها ڳالهه ٻڌي
مون کان به وڌيڪ خوش ٿيو. جيجل امان کي خوشي وچان
اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. منهنجون ڀينرون ۽ ڀائر
منهنجي انهي شاندار ڪاميابي تي منهنجي واکاڻ ڪرڻ
لڳا.
اها خبر بجليءَ جيان شهر ۾ ڦهلجي وئي، گهر ۾ مٽن
مائٽن اوڙي پاڙي وارن جو چڱو چهچٽو لڳي ويو. ڪي
هار پارائي رهيا هئا ته ڪي وري قيمتي تحفي کان
نوازي رهيا هئا. منهنجا هم ڪلاس اخبار جو پرچو هٿ
۾ کڻي مون کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. هر هڪ جي واتان
پنهنجي تعريف ٻڌي ڌڻي تعاليٰ جي در ٿورا مڃيم ۽
دوستن جو شڪريه اداڪيم دل چوي ٿي ته انهن سان گڏجي
وڃي پنهنجي معزز استادن جي قدم بوسي به ڪريان.
دوستن کي ويهاري مان بابا سائين کان اجازت وٺڻ
لاءِ سندس ڪمري ۾ گهڙيس ته ڇا ڏسان بابا سائين
منهنجي مٺڙي جيجل سان ڳالهائڻ ۾ مصروف هو. مون کي
اندر ايندي ڏسي هڪ دم چيائين منور پٽ اندر اچ اسان
فيصلو ڪيو آهي ته اڄ شام جو سڀني دوستن، عزيزن ۽
تنهنجي استاد کي چانهه جي دعوت ڏيون، بابا سائين
جا اهي لفظ ٻڌي منهنجي دل ٻيڻي ٽيڻي ٿي ويئي، مان
تڪڙو ٻاهر نڪتس. دوستن سان گڏجي پهريائين جناب هيڊ
ماستر صاحب جي قدم بوسڻ لاءِ وڃي حاضر ٿيس کيس
التجا ڪيم ته شام جو دعوت ۾ ضرور شريڪ ٿيندا تنهن
کان پوءِ ڌار ڌار هرهڪ استاد صاحب جي گهر وڃي انهن
جي پيرن تي هٿ رکي کين دعوت ڏنم.
ٽپهري جو وقت هو معزز مهمانن جي اچڻ ۾ باقي ڪلاڪ
اڌ باقي هو. بابا سائين ڊيڪوريشن وارن کان تنبو
وغيره هڻائي، صوفه سيٽ ۽ ڪرسيون ٺاهي رکيون هيون،
کاڌي پيتي لاءِ بوتلون آئسڪريم کان سواءِ
يونائيٽيڊ بيڪري جا بهترين بسڪوٽ ۽ وڻندڙ ڪيڪ ۽
بمبئي فيسي سوئٽ مارٽ کان اسپيشل مٺائي گهرائي
ويئي، چاچو فروٽ وغيره وٺي آيو. مان جيجل امڙ سان
ڪپڙن جي ڪٻٽ مان بهترين وڳي پائڻ جو مشورو ڪري
رهيو هوس خوشي وچان ريڊئي جو آواز تمام گهڻو کوليو
ويو اوچتو ئي اوچتو ريڊئي ۾ ٻڌايو ويو ته هڪ ضروري
اعلان ٻڌندا هاءِ اعلان ٻڌڻ شرط منهنجي مٺڙي ماءُ
بي هوش ٿي پٽ تي ڪري پئي بابا سائين ڏانهن نهاريم
ته ٻئي هٿ مٿي تي رکيل اٿس ۽ مان وائڙو ٿيس ته
هاڻي ڇا ٿيندو؟ اعلان هي هو ته:
”اڄ شام جو ساڍي پنجين وڳي کان حڪم ثاني پوري شهر
۾ ڪرفيو نافذ رهندو“
اهڙي ڏک ڏيندڙ تڪليف ۾ وجهندڙ خوشيءَ کي غم ۾
تبديل ڪندڙ واقعو مون کان ڪيئن وسرندو.
عبدالحڪيم شيخ ”پرديسي“
حقيقي خوشي
هڪ ڏينهن، آئون صبح جي وقت باغ ۾ گهمي رهيو هوس ته
منهنجي نظر سامهون وڏي گلاب جي ٻوٽي تي پئي جنهن ۾
هڪ وڏوگلابي گل بيٺو هو. منهنجي جڏهن مٿس نظر پئي
ته مون کي ”گل ڦل“ ياد اچي ويو، پوءِ ته رستي
ڏانهن رخ رکيم، جڏهن آئون رستي تي پهتس ته سامهون
بس اچي رهي هئي. بس ۾ چڙهي ويٺس جنهن 45 منٽن ۾
شهدادپور شهر ۾ پهچايو. بس مان لهڻ کان پوءِ شميم
ڪتاب گهر تي آيس ۽ اتان گل ڦل خريد ڪيم. گل ڦل جي
قيمت ته مون شميم کي ايڊوانس ۾ ڏئي ڇڏي هئي، هاڻي
مون کي رڳو اهو انتظار هو ته جلدي لطيف پارڪ ۾
پهچان ۽ اتي ويهي پنهنجو ڦوٽو ڏسان، پر جڏهن پارڪ
۾ ڪتاب کولي ڏٺم ته، ٻنهي پاسي منهنجو ڦوٽو نه هو
پريشان به ٿيس ۽وري قلمي دوستي جو ڪالم کوليم ته
منهنجي اکين تي ڪنهن شخص اچي هٿ ڏنا. مون صحيح ڪيو
ته اهو شخص منهنجو دوست گل محمد آهي پوءِ مان ۽ گل
محمد ان کي پڙهي رهيا هئاسين ته گل محمد جي نظر
منهنجي نالي تي پئي ۽ مان به اهو ڏٺو ڏاڍي خوشي
ٿي. ڦوٽو نه ڇپجڻ واري پريشاني لهي وئي ۽ پوءِ گل
محمد مون کان موڪلائي هليو ويو ۽ مان به اٿيس ته
بس اچي وئي ۽ ان ۾ چڙهي ويٺس ته منهنجو استاد گل
حسن به بس ۾ چڙهيو، پر مان کيس ڪونه ڏٺو ۽ سائين
به ماٺ ڪري اچي منهنجي ڀرسان ويهي رهيو. مون جڏهن
(کل ته سهي) جو ڪالم پڙهيم ته مون کا ٽهڪ نڪري
ويو. جنهن تي سائين گل حسن چيو شاهه صاحب ڇا ٿي
ويو تڏهن مان کيس مڪمل ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ پوءِ
سائين گل حسن مون کان رسالو وٺي پڙهيو جڏهن سائين
گل حسن قلمي دوستي وارو ڪالم کوليو تڏهن سائين گل
حسن چيو، سائين توهان به حصو ورتو آهي ڇا.“ مون
چيو مانس ها سائين، سائين تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽
چيائين شاهه صاحب ڪنهن به رسالي ۾ حصي وٺڻ سان
انسان ۾ هوشياري پيدا ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجي ادبي
دنيا ۾ به اعليٰ مثال حاصل ڪري سگهي ٿو.
سيد حمايت علي شاهه
ضمير جو آواز
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪ ڇوڪرو
رهندو هو جنهن جو نالو احمد هو. احمد جو پيءُ مري
ويو هو ۽ احمد جي ماءُ ٻين گهرن ۾ ٿانو ملي،
پنهنجو ۽ پنهنجي پٽ جو گذران ڪندي هئي، احمد کي
پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. احمد جي ماءُ احمد کي
اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. احمد به محنت ڪري هر سال
پهريون نمبر ايندو هو. احمد سان گڏ ڳوٺ جي وڏيري
جو پٽ به پڙهندو هو. جنهن جو نالو اسلم هو. اسلم
هميشہ ناپاس ٿيندو هو ۽ احمد سان ساڙ ڪندو هو.
اسلم پنهنجي پيءُ جي مدد سان انهن کي ڳوٺ کان
ڪڍرائي ڇڏيو. احمد ماءُ کي وٺي اچي شهر ۾ رهڻ لڳو
احمد هاڻي ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. احمد صبح جو
اسڪول ويندو هو ۽ شام جو ڇولا کپائيندو هو. وقت
گذرندي دير ئي ڪانه ٿيندي آهي، هڪ ڏينهن احمد جي
ماءُ کي سخت بخار ٿي پيو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
اها مري ويئي. احمد پنهنجي ماءُ جي مرڻ تي ڏاڍو
پريشان ٿيو. ڇاڪاڻ ته اهائي ئي احمد جو واحد سهارو
هئي. احمد پنهنجي ماءُ جي مرڻ کان پوءِ همت نه
هاري پر وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳو. وقت پنهنجي رفتار سان
هلندو رهيو ۽ احمد به وقت سان گڏوگڏ پنهنجي تعليم
مقرر ڪري ورتي ۽ هڪ سٺو ڊاڪٽر بنجي ويو. هڪ ڏينهن
احمد پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هو ته ان وقت هڪ ڪيس آيو.
احمد وڃي ڏٺو ته سندس اڳيان اهو ساڳيو وڏيري جو پٽ
بيهوش پيو هو. جنهن کيس ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏيو هو. احمد
جي دل ۾ خيال آيو ته، مان ان جو علاج نه ڪريان، پر
سندس ضمير چيو ته تون هڪ ڊاڪٽر آهين ۽ ڊاڪٽر جو ڪم
ٻين جي خدمت ڪرڻ آهي ان کان پوءِ احمد اسلم جو سٺي
طرح علاج ڪيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسلم ٺيڪ ٿي
ويو ان کي جڏهن خبر پئي ته منهنجو علاج ڊاڪٽر احمد
ڪيو آهي ته هو ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ ان احمد کان
معافي ورتي ان ڏينهن کان پوءِ ٻئي دوست ٿي ويا.
غلام اصغر منگي
ڪتاب بهترين دوست
آهي
انسان کي دنيا ۾ ڪيترن ئي انسانن سان ملڻ جو موقعو
ملي ٿو. انهن مان هو اهڙن کي دوست بنائڻ چاهي ٿو.
جيڪي طبيعت ۽ فطرت سان ملن ٿا. ظاهر آهي ته ڪبوتر،
ڪبوتر سان ۽ باز، باز سان ويهڻ پسند ڪندو.
هلندڙ دؤر ۾ اوهان کي هي ڳالهه عام طور ٻڌڻ ۾
ايندي ته اڄڪلهه جي دوستي ڪهڙي آهي؟ دوست کارائڻ
پيارڻ جا دوست آهن، جي نه کارائبو پيئاربو ته سڀ
دوست غائب. اها بلڪل سچي حقيقت آهي. ان ۾ ڪوبه
وڌاءُ ڪونهي ته جيڪڏهن توهان بيٺل هوندا دولت مند
۽ اثر رسوخ جا مالڪ هوندا ته سڄي دنيا اوهان کي
پئي ساراهيندي ۽ اوهان جي دوستي جي آرزو ڪندي پر
جيڪڏهن اوهان وٽان دولت ۽ اثر رسوخ موڪلائيندو ته،
ميدان دوستن کان صاف ٿي ويندو، البت پنجئي آڱريون
هڪ نه آهن.
اڄ جهڙي خود غرض زماني ۾ ڪي سچا دوست ملندا، پر
انهن جو تعداد به تمام گهٽ آهي. اوهان جي دولت،
طاقت ۽ خوبصورتي اهڙي شيءِ آهي جيڪا اوهان ڏانهن
هر شيءِ کي پئي ڪشش ڪندي، پر جيڪڏهن دوست ڪنهن غرض
سان دوست بڻيو هوندو سا جيڪڏهن اوهان مان پوري نه
ٿيندي ته هو توهان کي ڇڏي ويندو دوستي بيغرضيءَ جو
نالو آهي.
ڪتاب هڪ اهڙو ساٿي ۽ دوست ٿئي ٿو. جيڪو اوهان کي
ڪڏهن به ڌوکو نه ٿو ڏئي ۽ اوهان ۾ ڪوبه غرض نه ٿو
رکي ۽ نه اوهان ۾ لالچ رکي دوستي رکي ٿو. اوهان
خوبصورت آهيو يا ڪوجها. امير آهيو يا ڪنگال، پوڙها
آهيو يا جوان هر حالت ۾ ڪتاب اوهان سان دوستي نه
ٿو ڇڏي. بشرطيڪ اوهان هن سان دوستي ڳنڍڻ جا پوري
طرح خواهان هجو. ڪتاب اوهان کي هرگز بديءَ جي راهه
نه ڏيکاريندو. اٽلو اوهان جي نقصان کي روڪ ڪندو،
اوهان کي علم جي زيور سان سينگاري وڌيڪ خوبصورت،
سهڻو اڪابر ۽ ڪامياب بڻائيندو جتي اوهان کي ٻيا
دوست ترقي يافته ڏسي سڙندا ۽ حسد ڪندا، اتي ڪتاب
توهان جي خوبين کي وڌيڪ چمڪائيندو ۽ ڪاميابيءَ جون
وڌيڪ خوبيون ۽ گڻ اوهان ۾ پيدا ڪندو. اهڙي طرح
اوهان وڏي منزل تي پهچي ويندؤ.
پيارا ٻارو! جيڪڏهن اوهان جو هن دنيا ۾ ڪو به سٺو
دوست نه آهي ته توهان صرف ڪتاب سان دوستي رکو ۽
اهوئي اوهان کي ڪامياب ڪندو.
محمد بخش ”مراد“ جوڻيجو:
هڪ ٻالڪ
هڪ ننڍڙو سهڻو ٻالڪ
نيريون نيريون اکڙيون کڻي
هڪ هڪ ڏي پئي واجهايائين
ڪومايل جنهنجو چهرو
بک وچان ڏرا ڏنل اکيون
پاڻي بن پياسا چپڙا
لٽڙا ليڙون ليڙون
اگهاڙا پتڪڙا پيرڙا
اونهاري جي موسم ۾
ٽامي جهڙي ڌرتي کي
لتاڙيندا ٿي ويا.
مسرور سنڌي جوڻيجو
اچو ته مضمون لکون- 42
مضمون موڪلڻ جي آخري تاريخ- 30 آگسٽ 1988ع آهي
اچو ته مضمون لکون سلسلو ٻارن لاءِ انهي ڪري شروع
ڪيو ويو آهي ته جيئن انهن کي مضمون لکڻ جو ڏانءُ
اچي، پهريون ۽ ٻيو نمبر مضمون نگارن کي انعام ۾
ڪتاب موڪلبا.
1.
هن سلسلي ۾ مئٽرڪ تائين پڙهندڙ شاگرد حصو وٺي سگهن
ٿا.
2.
هن ئي پرچي ۾ اچو ته مضمون لکون- 41 جو ڪوپن ڀرڻ
ضروري آهي.
3.
مضمون ٻن وڏن پنن تي هڪ پاسي لکل هجي ٻنهي پاسي
لکيل مضمون کي مقابلي ۾ شامل نه ڪبو.
4.
مضمون سان گڏ اسڪول جي ائڊريس لکڻ گهرجي ڇو ته
گهڻا وڏا (نوجوان) به حصو وٺن ٿا ان لاءِ ٻي ڪنهن
ائڊريس تي ڪتاب نه موڪلبا. انعامي ڪتاب رجسٽرڊ بڪ
پوسٽ ڪري ٿا موڪلجن نه ملڻ جي صورت ۾ ادارو ٻڌل نه
رهندو.
عنوان: (ٻين ڪاڻ جيئڻ گهرجي)
مضمون موڪلڻ جو پتو
ايڊيٽر گل ڦل
سنڌي ادبي بورڊ پوسٽ ڪوڊ نمبر 76070
ڄام شورو سنڌ.
نتيجو اچو ته مضمون لکون- 40
ماهه جون 1988ع جي پرچي ۾، اچو ته مضمون لکون، جي
عنوان تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو هو. جنهن ۾ هيٺين
ٻارن حصو ورتو.
اياز حسين امان الله سومرو لاڙڪاڻو- ڪيڊٽ محمد
يامين اصغر سومرو پيٽارو- ڀڳوان بي. ڏيپلو- رميش
ڪمار پنوعاقل- ذوالفقار علي فدا گولو ٺل- راجيش
ڪمار روشن ڏيپلو- خدا بخش جروار ٽنڊوالهيار- ايم
آفتاب احمد ڪنڌڪوٽ- عي مراد گاڏهي لواري- نواب علي
ڀٽي لوهي- اشفاق احمد ميمڻ پنگريو- ممتاز علي مست
سٺيو- ممتاز علي شاد سولنگي ڪشمور- سجاد قادر
ميرپورخاص- سيف تنيو اڳڙا- بشير حامد چنا ڪارياڻي-
ڪلديپ ڪمار پوراڻي ڏيپلو- آفتاب عباسي لاڙڪاڻو-
چندر ڀڳواڻ ڏيپلو- رميش ڪمار پنوعاقل- سيد حمايت
علي شاهه راشدي حرمت ملان- خالد احمد ٻانڀڻ ٺري
ميرواهه- شير محمد بلوچ ڄامشورو- نياز هارون ميمڻ
راڻيپور- عبدالرحيم ميمڻ آراضي- جان محمد لاشاري
ميرپور ٻرڙو- ڪلثوم سومرو ميرپور ٻرڙو- اعجاز علي
ميمڻ عمرڪوٽ- نسيم الغني قريشي هالا پراڻا- منظور
علي ميمڻ ڪوٽڙي ڪبير- محمد ياسين حاجي محمد ملوڪ
کپرو- سرفراز منگي سکر- نادر حسين ڪناسرو رتوديرو-
محمد اسماعيل چينهاڻي کهڙا- مجاهد فاروق اعظم ميمڻ
عمرڪوٽ- اميد علي سومرو نواب شاهه- صبغت الله زاهد
سومرو ميرپور ٻرڙو- مير حسن لاشاري ٺل- الطاف حسين
پيرزادو ڪنڊيارو- مسعود احمد تمنا خانواهڻ- ارشاد
علي سومرو سڪرنڊ- محمد عرس راڄپر فيض گنج- ايس
اعجاز علي کٽي تلهار- ممتاز علي بوزدار کپرو-
تيمور احمد ميمڻ ميرپورخاص- ٻڍل لاڙڪ ڪنڊيارو-
ميوو مل پريماڻي ڪڍڻ- سڌير احمد ميمڻ لکي غلام
شاهه- عبدالغفار ملاح ڳوٺ عليم- جميده تنيو اڳڙا-
اعجاز خاصخيلي لوهي موري- اسرار مقبول سيهڙ نواب
شاهه- فياض حسين ڪليري نواب شاهه- بيوس مڪيش ڪمار-
ظفر اقبال سينهڙو حيدرآباد- اسلم چانڊيو بدين- ايس
خادم حسين گهنڃو پنوعاقل- محفوظ علي ميرجت
ٽنڊوالهيار- الطاف احمد قريشي دادو- ديدار علي وفا
جلباڻي مورو- ممتاز علي چنا شهدادڪوٽ- الطاف شر
اڪري- نظر سنڌي ڪنڌڪوٽ- انعام الله سومرو ميرپور
ٻرڙو- ڪرشن لعل کتري عمرڪوٽ- الله بچايو ڏاهري
سرهاري- شبير احمد لغاري داد لغاري- فياض حسين
ميمڻ راڻي پور- محمد اسلم جلباڻي رتوديرو- غلام
رسول ڀٽي بچابند- عبدالجبار ملاح ڳوٺ عليم- ساقي
انور علي بڙدي ڪورڪي- منور علي سانگي لاڙڪاڻو-
وجئه ڪمار پنوعاقل- ذوالفقار سومرو ٺل- خالد احمد
سومرو شڪارپور- سريش ڪمار مٺي- معراج احمد عباسي
لاڙڪاڻو- اعظم علي لاکو سڪرنڊ- احمد خان بڙدي دوڙ-
نياز حسين خاصخيلي ڏوڪري- راجا رسول بخش قاضي ڳوٺ
ماڪن ڪوري- حفيظ الله جوکيو رتوديرو.
ججن جي فيصلي موجب هيٺين مضمون نگارن جا مضمون
پهريون ۽ ٻيون نمبر قرار ڏنا ويا آهن. انهن کي
انعام وارا ڪتاب موڪليا ويندا.
·
اياز حسين امان الله سومرو، ڪلاس ڏهون ڊي، پائليٽ
اسڪول لاڙڪاڻو
·
ڪيڊٽ محمد يامين اصغر سومرو ڪٽ نمبر 8615 ايوب
هائوس، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو.
ٻه سؤ رپين جي شاندار ورڇ
گل ڦل خال ڀريو 6 جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو
هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن. کين حصي آهر
انعام موڪلبو.
جواب:
1-
بو علي حسن بن حسين 2- 1100 فٽ 3- وليم گلبرٽ 4-
ثاليس ملطي 5- پولينڊ.
·
عبدالحفيظ، پڙهندڙ ڪلاس ڇهون، سي هاءِ اسڪول،
ميرپورماٿيلو.
·
عبدالصمد سومرو، ڪلاس ڏهون، سي هاءِ اسڪول
ڪنڊيارو.
·
الطاف حسين شر، معرفت شاهه لطيف پرائمري اسڪول،
پوسٽ انب فقير وايا پڪا چانگ، خيرپورميرس.
·
عابد حسين زرداري، ڪلاس اٺون بي هاءِ اسڪول، قاضي
احمد.
گل ڦل خال ڀريو- 8
ٻه سئو رپين جو انعام
اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 30 آگسٽ 1988ع آهي
گل ڦل خال ڀريو جا هيٺيان اصول ۽ شرط هي آهن:
1.
رسالي ۾ شامل گل ڦل خال ڀريو حصو ڪٽي موڪلڻ گهرجي.
2.
ويهن کان مٿي جواب صحيح اچڻ تي صرف ويهن ٻارن کي
انعام ڏبو باقي نالا شايع ڪبا.
3.
گهڻا ”نوجوان“ ٻارن جي سلسلي ۾ حصو وٺن ٿا ان لاءِ
فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪي ٻار اسڪول جي ائڊريس
موڪليندا انهن کي انعام موڪلبو.
4.
ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو ان کي ڪير به چيلينج
ڪري نٿو سگهي.
گل ڦل خال ڀريو-8
1.
دنياجي پهرين وزيراعظم عورت جو نالو...... آهي.
2.
پاڪستان جي پهرين وزير تعليم جو نالو...... آهي.
3.
چين جي پهرين خلاباز، وانگ گان چون آمريڪي خلائي
شٽل ۾........ سن ۾ خلا ۾ سفر ڪيو هو.
4.
شمس الدين بلبل....... ضلع جو هو.
5.
فيض احمد فيض....... سن ۾ گذاري ويو. |