سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ 1988ع

باب: --

صفحو :3

هوءَ ڇوڪري هتان جي حاڪم جي ڌيءَ هئي ۽ گذريل طوفاني رات ۾، پنهنجي ماڙيءَ جي دري مان نوجوان جو ٻيڙو لڙهندي ۽ کيس ڀڄندي ڏٺو هئائين.

هيڏانهن ننڍڙي جل ڪماري پنهنجي محل ۾ موٽي آئي هئي، پر نوجوان کي وساري ڪين سگهي هئي، سو ڪن ڏينهن پڇاڻا هوءَ ساڌ ٻيلي جي ڪراڙي ديوداسيءَ وٽ وئي جيئن کانئس علم وسيلي پنهنجي مڇيءَ جهڙي اڌ ڌڙ بدران ڌرتي تي هلڻ چلڻ لاءِ ٽنگون وٺي سگهي. جهوني ديوداسي سندس ڳالهه ڌيان سان ٻڌي ۽ پوءِ ٻه چار جڙيون ٻوٽيون گڏي، اکري ۾ ڪٽڻ لڳي پر مک مان ٻڙڪ به ڪين ڪڇيائين.

ڪجهه گهڙين کان پوءِ، هن جل ڪماري کي چيو ته: ”تنهنجي تمنا پوري ٿي ويندي“ پر هڪڙي شرط تي، سا اها ته جيتوڻيڪ تون هلڻ چلڻ نچڻ ڦرڻ جي لائق ٿي ويندين، پر تون ڳالهائي ۽ ڳائي ڪين سگهندينءَ.

ننڍڙي جل ڪماري اها شرط قبول ڪئي پوڙهي ديوداسي کيس هڪڙي قديم آرسيءَ جي آڏو بيهاري ڪي اشلوڪ پڙهڻ شروع ڪيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي جل ڪماري پريءَ مان ڦري ڌرتي جي رهواسي عام رواجي ڇوڪري ۾ بدلجي ويئي جنهن کي سهڻو وڳو پهريل هو.

جل ڪماري محسوس ڪيو ته ڌرتي جو رهواسي نوجوان جنهن جي هن حياتي بچائي هئي، هاڻي کيس ڏسڻ شرط سڃاڻي وٺندي سو هن کيس ڳولهي لهڻ جو پڪو پهه ڪيو.

جل ڪماري ڪنارو وٺي گهمندي، ڦرندي ساڳي ماڙي جي در وٽ اچي نڪتي، ماڙي جي اندر دهلن، شرناين، ڏونڪن جو آواز سندس ڪنن تي پيو، پر کيس اهو ڏسي اچرج ٿيو ته، ماڙيءَ جي دربانن کيس اندر وڃڻ ڪين ٿي ڏنو. هنن کيس سڃاتو ئي ڪين ٿي ۽ هوءَ کين ٻڌائي به ڪين ٿي سگهي ته هوءَ ڪير آهي؟

سو ويچاري ٻوٿ ٻڌي، اداس اداس نگاهن سان ٻاهر بيهي رهي ۽ ماڙي مان ايندڙ خوشيءَ واڄٽن کي ڪن لائي ٻڌڻ لڳي... اوچتو سندس من ۾ الاجي ڪهڙو خيال آيو جو جهرمر پائڻ شروع ڪري ڏنائين ۽ ايتري سهڻي جهرمر پاتائين جو نيٺ محل جي دربانن کيس اندر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

اندر ماڙي جي باغ ۾ فانوسروشن هئا ۽ سمورو ماحول سازن سان ۽ آواز سان پئي ٻهڪيو، هن اهڙو نظارو اڳ ڪڏهن ڪين ڏٺو هئو.

ننڍڙي جل ڪماري جهمريون پائيندي اڳتي وڌندي رهي، هن ميڙاڪي ۾ سندس اکڙيون انهي نوجوان لاءِ واجهائي رهيون هيون نچندي نچندي هو باغ ۾ وڇايل ڇپر کٽ وٽ وڃي نڪتي ته عجب ۾ سندس اکيون ڦاٽي ويون، جو نوجوان جنهن جي هن جان بچائي هئي ڇپر کٽ تي تنهن ڏينهن واري ڇوڪري سان ويٺو هو ۽ کيس سڃاتائين به ڪين مورڳو ايترو ته هي نئين ڇوڪري ڏاڍي ڀلي نچڻي ٿي ڏسجي وري ڀر ۾ ويٺل ڇوڪريءَ سان ٽهڪن ۾ گم ٿي ويو.

ڳچ مهل کان پوءِ هن اٿي ڪري اعلان ڪيو ته هو ڀر واري رياست جو حاڪم آهي ۽ هتان جي حاڪم جي ڌيءَ جي ماءُ پيءُ جي رضامندي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ساڻس شاديءَ جا سانڀاها ڪري سفر تي اسهيو هئو، ته سندس ٻيڙو هڪڙي طوفاني رات جو درياهه ۾ ٻڏي ويو، جتان حاڪم زادي سندس جان بچائي ورتي هئي ۽ هاڻي هو ٻيهر جلدئي موٽي اچي ساڻس مان شان سان شادي ڪندو تاڙين جي ڦهڪي ۾ هو هي اکر چئي ويهي رهيو پر ننڍڙي ڪماري وڍ تي ڄڻ رت ئي ڪين ٽپڪي.

ڳوڙها ڳاڙيندي، هو منهن مٽائي ماڻهن جي ميڙاڪي مان ڊوڙندي ماڙي جي دروازي مان نڪري وئي ۽ ڊوڙندي ڊوڙندي درياهه جي ڪپر تي اچي پهتي.

غم جو غبار سيني اندر سانڍي دل ۾ دک سهيڙي هوءَ ٽپي پئي کيس ڄاڻ هئي ته هن ڀيري کيس سنڌو جي پيٽ ۾ هميشہ لاءِ رهڻو آهي ۽ هو وري اتان نڪري ڪين سگهندي.

چيو وڃي ٿو اها اداس ننڍڙي جل ڪماري ڪڏهن ڪڏهن طوفاني راتين ۾ جڏهن سنڌو درياهه گجگوڙون ڪندو آهي واءُ واڪا ڪندو آهي وڄ ورڪا ڏيندي آهي ۽ ڪن ڪڙڪاٽ ڪندا آهن ته هو درياهه جي ڪناري ستين جي آستان جي ويٺل نظر ايندي آهي جتان هن پهريون ڀيرو ان نوجوان شهزادي جو ٻيڙو غرق ٿيندي ڏٺو هو.

ديارام مڪواڻو

ڏکي ويل ڪم اچڻ

غريبن جي لاءِ مهيني جا آخري ڏينهن ڪنهن قيامت کان گهٽ ڪونه هوندا آهن. ڪاش! انهن آخري ڏينهن جو وجود ئي نه هجي ها. امتياز مسلسل اهو ئي سوچي رهيو هو. اڄ مهيني جي ٻاويهين تاريخ هئي ۽ هن جي پگهار بلڪل ختم ٿي ويئي هئي. ڀلا هو پندرهن سؤ رپين ۾ ڇهه پٽن سان گڏ ڪيئن گذارو ڪري سگهندو. ڪپڙا، جوتا، اسڪول جي في ۽ ٻيا هزارين خرچ ٿين ٿا. اهو ته شڪر هو جو گهر پنهنجو ئي هو نه ته هو ڪٿي جو به نه رهي ها.

”امتياز، ناشتو ڪري وٺ.“ هن جي زال چيو، تڏهن وڃي سندس سوچن جو سلسلو ٽٽي پيو. هن ناشتي ڏانهن ڏٺو، ساڳي ڪلهه واري ماني هئي ۽ ڳُڙ جي سليماني چانهه. هن مشڪل سان ٿوري ماني کاڌي. ڇو ته هن کي پيٽ جي باهه وِسائڻي هئي.

”ٻڌ، اڄ ست هزار رپين جو بندوبست ڪري وٺجان.“

”ڪٿان ڪريان ست هزار رپين جو انتظام. ڌاڙو هڻان، چوري ڪريان، ٻڌاءِ ڪٿي وڃان.“ امتياز جو آواز تيز ٿي ويو.

”ڏس، جيڪڏهن جمال مري ويو ته پوءِ آئون به مري وينديس.“ سندس زال ڏک وچان روئندي چيو.

”ٺيڪ، آئون، پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪندس ۽ ها آئون آفيس پيو وڃان، جمال جو خيال رکجان.“ اهو چئي امتياز گهر کان ٻاهر نڪري ويو.

”يار امتياز، ڏاڍو خاموش آهين. ڇا ڳالهه آهي؟“ هڪ ٻئي ڪلارڪ امتياز کان پڇيو.

”ها حسين ڀاءُ! مون کي ست هزار رپين جي سخت ضرورت آهي.“ امتياز جواب ڏنو.

”مگر ڇا جي لاءِ؟“

”جمال جو آپريشن آهي. ٻن ڏينهن اندر جيڪڏهن رپين جو انتظام نه ٿيو ته هن جي جان خطري ۾ وئجي ويندي.“

حسين ڪجهه دير ته خاموش ويٺو رهيو، پر پوءِ پنهنجي کيسي مان ٽي سؤ رپيا ڪڍي امتياز کي ڏيندي چيو ته ”امتياز! مون وٽ ايترا ئي رپيا آهن، توکي خبر آهي ته منهنجي مالي حالت به بهتر نه آهي. ممڪن آهي ته هنن رپين سان تنهنجو ڪم ٿي وڃي.“

امتياز ڄاڻندو هو ته حسين به ان طبقي سان تعلق رکي ٿو، جنهن سان هو خود زندگي گذاري رهيو آهي. هن پئسا وٺڻ کان گهڻو انڪار ڪيو، پر حسين زبردستي ٽي سؤ رپيا هن جي کيسي ۾ رکي ڇڏيا.

”يار امتياز آفيس جو ٽائيم ختم ٿي ويو آهي. هاڻي اچ ته توکي گهر ڇڏي اچان.“ حسين چيو.

”نه يار، اڄ آئون گهر ڪونه ويندس. تون پنهنجي موٽر سائيڪل مون کي ڏي، ٿورو ڪم آهي.“

ٿوري دير کان پوءِ امتياز، حسين کان موٽر سائيڪل وٺي پنهنجي دوست طاهر جي گهر وڃي رهيو هو ۽ ڪجهه دير بعد هو طاهر جي گهر جي سامهون هو. هن دروازو کڙڪايو. دروازو طاهر ئي کوليو.

”اڙي يار امتياز! ڪيئن آيو آهين؟“ طاهر هن کي ڪمري ۾ ويهاريندي چيو. يار، جمال جو آپريشن ٿي رهيو آهي. ان ڪري ست هزار رپين جي ضرورت آهي. امتياز چيو.

”پر يار اڄڪلهه ته مان بلڪل ڪنگال آهيان.“ طاهر بي نيازي مان چيو.

”ڪا ڳالهه نه آهي.“ امتياز اٿندي چيو ۽ هٿ ملائي ٻاهر نڪري آيو. هاڻ هن کي پنهنجي ڀيڻ جو خيال آيو. هو پنهنجي ڀيڻ جي گهر روانو ٿي ويو ۽ گهر پهچڻ سان ئي چيو ته ”ادي! مون کي ويهڻو ڪونه آهي. بس، ست هزار رپين جي فوري ضرورت آهي. ڇو ته جمال جو آپريشن ٿي رهيو آهي.“

”پر امتياز! مون وٽ ته هڪ ٽڪو به ڪونه آهي، ڇو ته اسان هڪ هفتو پهرين رنگين؛ ٽي وي وٺي آيا آهيون ۽ ها هي موٽر سائيڪل تو ڪڏهن خريد ڪئي آهي.“ سندس ڀيڻ جلدي جلدي چيو.

”هي منهنجي نه آهي، پر هڪ دوست جي آهي.“ ۽ مايوسي جي حالت ۾ ائين چئي ٻاهر نڪري آيو.

يا الله! تو غريبن کي بي عزتي ۽ رُسوائي لاءِ پيدا ڪيو آهي ڇا؟ آخر ڪيستائين تون اسان جو امتحان وٺندو رهندين؟“ هو پنهنجي خيالن ۾ مگن موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هو ته ٽريفڪ سارجنٽ جي سيٽي ٻڌي موٽر سائيڪل کي اوچتو بريڪ هنيائين. هو غلط موڙ ڪاٽي رهيو هو.

”هل اوئي، هيڏانهن اچ.“ سارجنٽ سخت آواز ۾ هن کي چيو.

”هي غلط موڙ ڇو ڪاٽيو آهي، ڀنگ پي گاڏي ٿو هلائين ڇا؟“

امتياز گهٻرائجي ويو. ڇو ته هن وٽ موٽر سائيڪل جو لائسنس به ڪونه هو. ”سائين مون کي معاف ڪريو، مون کان غلطي ٿي وئي آهي، آئينده ائين ڪونه ٿيندو.“ امتياز هُن کان معافي وٺندي چيو.

ان وقت ڪيترائي ماڻهو، هنن وٽ گڏ ٿي ويا هئا. ان رش ۾ امتياز کي هلال الدين به نظر آيو. ان جي ڳلي ۾ تعويذ نما لاڪٽ ٻڌل هو.

”سنتري جي، هن کي ڇڏي ڏي، پنهنجو ئي ماڻهو.“ هلال الدين اڳيان وڌي سارجنٽ کي چوڻ لڳو.

”وڃ، وڃي عيش ڪر.“ ٽريفڪ سارجنٽ اکيون ڪڍندي چيو.

امتياز هڪ طرف بيٺل هلال الدين کي ڏسي رهيو هو ۽ سوچي رهيو هو ته هي اهوئي هلال الدين آهي، جنهن کي هن جي چوڻ تي پاڙي وارن پاڙي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو هو ۽ هن تي الزام لڳايو هو ته هو پاڙي جي ڇوڪرن کي خراب ۽ آواره ڪري رهيو آهي ۽ پاڙي مان ڪڍڻ جو فيصلو به امتياز پاڻ ئي ڪيو هو.

”امتياز ڀاءُ، ڪيئن آهين؟ هلال اڳتي وڌي چيو.

”بس.“ هن صرف ايترو ئي چيو.

”ڇا ڳالهه آهي امتياز ڀاءُ؟ ڪجهه ٻڌاءِ ته سهي ۽ ها جمال خوش آهي.“ هلال الدين چيو.

”بس، جمال جو ئي غم آهي.“ امتياز جواب ڏنو.

”ڇا ٿيو آهي جمال کي.“ هلال بيتابي سان پڇيو.

”هن جو آپريشن ٿي رهيو آهي، ان ڪري ست هزار رپين جي ضرورت آهي.“ ائين چئي امتياز خاموش ٿي ويو.

هلال ڪجهه دير ته بيٺو رهيو، پر پوءِ بنا ڪجهه چوڻ جي هڪ طرف روانو ٿي ويو. امتياز هن کي ويندي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪري هڪ طرف هلڻ لڳو. جڏهن پنهنجن ئي ساٿ ڪونه ڏنو ته پوءِ غيرن مان ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي ۽ هن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. هن پنهنجي موٽر سائيڪل جو رخ رفيق جي گهر طرف ڪيو ته شايد هتان مدد ملي وڃي. هي هن جي آخري ڪوشش هئي. هن سوچيو پي، ته جيڪڏهن هن طرف به ڪم نه ٿيو ته، پوءِ هو ڪنهن جي به اڳيان هٿ نه ٽنگيندو. پوءِ ڇا به ٿي پوي. جڏهن رفيق جي گهر پهتو ته هن وٽان به ساڳيو ئي جواب مليس، جيڪو ٻين وٽان مليو هوس. هو مايوس ۽ نااميد ٿي دنيا جي ظلم تي رئندو، جڏهن گهر پهتو ته هن جي زال سندس منتظر هئي.

”ڇا ڳالهه آهي، ڏاڍي خوش پئي ڏسڻ ۾ اچين؟“ هن پڇيو.

”خوش ڇو نه ٿيان، هلال الدين، زال جي هٿان توهان ڏي پئسا موڪليا آهن ۽ وري پڇو پيا.“ سندس زال هڪ ئي ساهه ۾ چيو.

”سچ“ امتياز حيرت ۽ خوشي مان چيو.

”ها، ها. هن ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“ سندس زال چيو ۽ امتياز کلڻ لڳو. ڪافي ڏينهن بعد هن جي چهري تي رونق آئي هئي. ”برو ماڻهو، هڪ فرشتو ثابت ٿيو.“ هن سوچيو.

”جمال جو آپريشن ڪامياب ٿي ويو آهي.“ اوچتو ڊاڪٽر اچي هن کي ٻڌايو.

”مبارڪ هجي امتياز ڀاءُ!“ امتياز هلال الدين جو آواز ٻڌو. هو ڪمري ۾ اچي رهيو هو.

”مان ڪهڙي طرح تنهنجي مهرباني ادا ڪريان، هلال ڀاءُ.“ امتياز چيو.

”اڙي يار، مهرباني جي ڪهڙي ڳالهه آهي. جمال ته منهنجو به پٽ آهي.“ اوچتو امتياز ڏٺو ته هلال جي ڳلي ۾ لاڪيٽ موجود نه هو.

”هلال تنهنجو سون جو لاڪيٽ ڪيڏانهن ويو؟“ امتياز هلال کان پڇيو.

”يار، مون اهو وڪڻي ڇڏيو.“ هلال جواب ڏنو.

”ڇو؟“ امتياز حيرت مان پڇيو.

”ان لاءِ ته اهو لاڪٽ جمال جي زندگيءَ کان وڌيڪ قيمتي ڪونه هو.“

هاڻي امتياز کي واقعي اهو لڳي رهيو هو ته هلال انسان جي روپ ۾ هڪ رحمدل فرشتو آهي. هن کي ننڍي قد وارو هلال تمام بلند نظر اچي رهيو هو. اهو لاڪٽ جيڪو هن جي ڳلي ۾ برائيي جي علامت هو، اهو اڄ نيڪي جي علامت بنجي جمال جي زندگي جي صورت ۾ موجود هو.

امان الله شِخ

زندگي

مٺڙا ٻارؤ!

زندگي جهڙي نعمت کان ڪجهه به ڪوبه پيارو ڪونهي، دلڙي کي هٿ ۾ کڻي امر ٿي وڃو. انسانيت سان محبت رکو اگر انسان بڻجڻ چاهيو ٿا، خواهشون، اميدون ۽ امنگن جو ٻيو نالو زندگي آهي، هيءَ خدا جي رحمت، نعمت، ۽ هڪ عظيم عطيو آهي، ان کي ائين ضايع ڪرڻ ڪفر جي برابر آهي، منزل ڏانهن وڌڻ روشنيءَ کي تلاش ڪرڻ زندگيءَ جي آرزو آهي، زندگي مان اونداهيءَ کي ٻاهر ڪڍي اڇلايو اڳتي وڌو، گلن کان خوشبو، رنگينن کان رنگ، سمنڊ کان سچا موتي، پوپٽ وانگر اڏري سمنڊ جو ٻيو ڪناري حاصل ڪريو، پر هي سڀ ڪجهه ڪرڻ وقت ڪنهن انسان جي دل نه رنجايو ڪنهن بي وس انسان جي اکين مان ڳوڙها نه وهن ڪنهن جي حقيقي زندگي برباد نه ٿئي. صرف پنهنجي خواهشن جي تڪميل لاءِ ٻين جي معصوم چپن جي مرڪ نه کسيو.

استاد رحمت الله ڏانوري

واندڪائي

وئڪيشن جو وقت هيو موڪلن جا ڏينهن هئا، نظير ۽ حميد ٻه دوست هئا. نه هئن ڪم نه ڪار سو نظير ۽ حميد اوطاق ڏانهن ويا ۽ اتي ويهي صلاح ڪرڻ لڳا اتي ٻيا به ڪيترائي ماڻهو ويٺا هئا ۽ هي هڪ ٻئي کي چئي رهيا هئا ته يار هلي شهر گهمجي، يا وري ڀرسان وهندڙ واهه ۾ هلي وهنججي. ڀلا جي ائين نٿو سڄو ڏينهن گذري ته هلي ميدان ۾ راند ڪجي. هڪ ٻئي کي چئي رهيا هئا ڪيئن اهي صلاحون صحيح آهن يا نه؟

اهي نظير ۽ حميد واريون صلاحون اوطاق جي ماڻهن مان هڪ پوڙهي ٻڌيون پئي، جڏهن نظير ۽ حميد صلاحون پوريون ڪيون تڏهن پوڙهي مرد مخاطب ٿيندي چين.

اي پٽڙو، اهي سڀ ڳالهيون انهن خوش نصيب اُهي ٻار آهن، جيڪي هڪ گهڙي به قيمتي سمجهن ٿا. ان پوڙهي ماڻهو چيو ته پيارا ٻارو توهين پنهنجي زندگيءَ هينئن سفر ڪريو.

علم پڙهو ۽ ٻين دوستن کي به پڙهايو جنهن مان توهان جا دوست فائدو حاصل ڪن ڪجهه وقت لکڻ کي به ڏيو ته جيئن اکر سٺا ٿين ۽ ڪجهه وقت راند کي به ڏيو باقي وقت ۾ ڪتاب کي ساٿي بڻايو ته تمام گهڻي ڄاڻ حاصل ٿئي. اجايو وقت وڃائڻ ناداني آهي.

نظير ۽ حميد ان پير مرد جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ آئينده لاءِ پڪو پهه ڪيائون ته هر ڪم وقت سان ڪنداسين.

پيارا ٻارؤ! توهان کي به پير مرد ۽ نظير، حميد جيان هر ڪم ٽائيم سان ڪرڻ گهرجي.

قاضي آصف

ڪلاس ۾ پهريون نمبر

اهو سڀني محسوس ڪيو هو، ۽ سڀني کي خبر هئي ته قيوم، زاهد سان ڏاڍو اچائيندو هو- ان ڪري جو ٻئي ڪلاس ۾ پهريون نمبر هئا. قيوم شرارت ۾ ۽ زاهد پڙهڻ ۾، استاد ڪلاس ۾ هوندو هو ته، زاهد جي بادشاهي هوندي هئي ۽ جيڪڏهن استاد ڪلاس ۾ نه هوندو هو ته قيوم جي حڪمراني هوندي هئي.

قيوم ڏاڍي شرارت ڪندو هو، ڪلاس ۾ پنهنجي ساٿين کي ڏاڍو تنگ ڪندو هو، زاهد توڻي جو ڪلاس مانيٽر هو، پر جڏهن استاد نه هوندو هو ته، هن جي هڪ به نه هلندي هئي.

قيوم ڪڏهن چاڪ کڻي بورڊ تي ڪارٽون ٺاهيندو هو، ته ڪڏهن ڪنهن ڇوڪر جي پٺي تي  لکي ڇڏيندو هو. ڪلاس ۾ جڏهن ماستر پڙهائيندو هو ته، زاهد کان وڌيڪ ڪير به هوشيار نه هوندو هو، صورتخطي ۾ هڪ به چڪ نه پوندي هئس. حساب برابر سبق پڪو ورڊ پڪا ۽ قيوم سڀني ڪمن ۾ سدائين پوئتي، پوءِ ماستر اچي هن کي رول سان وٺندو هو. قيوم جيئن مار کائيندو هو تيئن، سندس دل ۾ ٻين هوشيار شاگردن ۽ خاص ڪري زاهد سان ساڙ اڃان وڌيڪ ڪندو هو.

هڪ ڏينهن وجهه وٺي، زاهد قيوم کي چيو ته: ”ادا قيوم ايڏي شرارت ڇو ٿو ڪرين، استاد جي مار به ڏاڍي ٿو کائين پڙهين ڇو نه ٿو؟ قيوم سمجهڻ بجاءِ زاهد جا چيٻاڙا ڪڍي ڀڄي ويو.

قيوم گهر ۾ ڏاڍي شرارت ڪندو هو، گهر ۾ سندس پيءُ هوندو ڪونه هو، وتندو هوشهر ۾ هروڀرو رلندو قيوم جي ماءُ ٻين ننڍن ٻارن کي سنڀالي يا قيوم جي شرارتن کي منهن ڏي، قيوم ماءُ کي هروڀرو به ڏاڍو تنگ ڪندو هو.

هوڏانهن زاهد ڏاڍو سلڇڻو ٻار هو، گهڻي شرارت به نه ڪندو هو، اسڪول کان موٽي ماني کائي آرام ڪندو هو، شام جو راند ڪندو هو ۽ اتان موٽي اسڪول مان مليل هوم ورڪ ڪندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com