سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ  1988ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل آگسٽ 1988ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارؤ!

ڪيئن اسڪول جي تياري ڪريو پيا، يا نه. هاڻي ته باقي وڃي اسڪول کلڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن بچيا آهن. موڪلن ۾ توهان ضرور گهميا ڦريا به هوندؤ، ۽ ڪتابن کي به ضرور ڏٺو هوندو. جن ٻارن سستي ڪري ڪتابن کي هٿ ئي نه لاتو هوندو، اهي ته هينئر ڳڻتين ۾ هوندا، پر ويل وقت وري واپس نه ورڻو آهي ۽ نه ورندو، ان لاءِ اوهان کان جي غلطي ٿي به وئي آهي ته هاڻ پاڻ سان اهو واعدو ڪريو ته، توهان وقت کي اجايو نه وڃائيندؤ، پر هر گهڙي ۽ پل جو قدر ڪندؤ. جي توهان ائين ڪندا ته اهو وقت پري نه آهي، جو توهان به مستقبل ۾ پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺندا.

ٻارؤ! مون ڪيترا ڀيرا لکيو آهي ته مواد نقل ڪري نه موڪليو، پر ٻار، ان تي عمل ئي نه ٿا ڪن ۽ نقل ٿيل مواد موڪلي وري اهو ٿا لکن ته مواد ڇو نه ٿا ڇپيو. نقل خراب ڳالهه آهي. توهان جيڪي ڪجهه لکو، پنهنجي ذهن مان سوچي لکو، ته اهو مواد اوس ڇپبو.

چڱو ٻارؤ! هاڻ ٻئي پرچي ۾ حال اوريا، پر هڪ ڳالهه ته ٻڌو، توهان ڪڏهن پنهنجي ڪنهن دوست کي اها صلاح ڏني آهي ته هو گل ڦل پڙهي، جي نه ته، اڄ کان اهو عمل شروع ڪريو ۽ هن واحد ٻارن جي رسالي جا گهڻي ۾ گهڻا پڙهندڙ پيدا ڪريو؛ جيئن رسالو وڌيڪ سٺو ٿي نڪري.

چڱو ساٿ سلامت

اوهان جو ڀاءُ

اڪبر جسڪاڻي

ڪلياڻ آڏواڻي

لطيفي لات

ڏاڙهي رت رتياس ڏند ته ڏاڙهون گُل جئن

چوڏهين ماهه چنڊ جئن، پڙ ۾ پاڳڙياس

ميڙي ۾ محمد جي مَر مرڪي ماس

تنهن سورهه کي شاباس جو مٿي پڙ پرزا ٿئي.

 

مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي (مرتب ڪلياڻ آڏواڻي) مان کنيو ويو آهي. هي بيت سر ڪيڏاري جي داستان ڇهين جو نائون نمبر بيت آهي.

سمجهاڻي: سندس سونهاري، رت ۾ رڱجي وئي ۽ سندس ڏند ڏاڙهونءَ جي گل جيان ڳاڙها ٿي پيا. سندس دستار شريف جنگ جي ميدان ۾، چوڏهين جي چنڊ جيان پئي ٻهڪي، رسول اڪرم ﷺ جي ميڙي ۾ (قيامت ڏينهن اُمت جي ميڙ ۾) مر ته سندس ماءُ (امام حسين جي ماءُ بي بي فاطمه حضرت محمد صلعم جي نياڻي) فخر ڪري. انهيءَ سورهه کي آفرين هجي جو جنگي ميدان ۾ قتل ٿو ٿئي.

معنيٰ: رتياس = رڱيس. پاڳڙياس = سندس پڳ يا دستار. ميڙي = قيامت جي ڏينهن. ماس = سندس ماءُ.

 

غلام مصطفيٰ مشتاق

14- آگسٽ تي

چوڏهين آگسٽ تي آزاد ٿيو منهنجو وطن

قائداعظم جي ڪوشش ساڻ مهڪيو آ چمن

مهرباني آ خدا جي ۽ عطا قدرت سندي

سر زمين پاڪ آهي جاءِ ڪا جنّت سندي

ٻار، ٻڍڙا ۽ جوان آزاد هتڙي ٿا ڦرن

چوڏهين آگسٽ تي.....

سر به قربان پنهنجو ملڪَ ۽ ملت مٿان

هيچ آهي هر خزانو ديس جي دولت مٿان

قوم جا دشمن خدايا! ناس ٿي منهن ڀر ڪرن

چوڏهين آگسٽ تي.....

سبز ٻنيون کيت ساوا ٿا اپائن سونَ کي

هي جبل، ميدان واريءَ جا، وڌائن سونَ کي

گئس ۽ پيٽرول ٿا هرهنڌ تان هتڙي ٽِمن

چوڏهين آگسٽ تي.....

ٻارڙو! محنت ڪيو جيئن ڏيهه جي عزت وڌي

آئيندو روشن ٿئي ۽ ديس جي شهرت وڌي

گلستان ٿي ملڪُ سارو، گل پيا جت ڪٿ ٽڙن

چوڏهين آگسٽ تي.....

 شاعري مشتاق جي آهي امانت قوم جي

لفظ مٺڙا ۽ وفا آهي ضرورت قوم جي

گيت مارُو ملڪَ جا هر ماڳ تي چوندا وتن

چوڏهين آگسٽ تي.....

سڪندر سرواڻ

نظم

ننڍڙو ننڍڙو پيارو پيارو

سونهن ۾ سڀ کان آهي نيارو

سنڌي ٻار سنڌي ٻار سنڌي ٻار

اجرڪ جي جڏهن ٻوڪي ٻڌي ٿو

ٽِڪڙن جي هو ٽوپي پائي ٿو

سهڻو لڳي پوءِ سڀ ۽ سارو.

جيجل ڏيئي پئي هن کي لولي

پنهنجي ديس جي مٺڙي ٻولي

جيجل جو هو ٿيندو سهارو.

نياز ۽ نوڙت سان هو هلي ٿو

ڪپت ۽ ڪينو ڪونه رکي ٿو

دوستن جو آ دوست موچارو.

وڌي جڏهن هو وڏڙو ٿيندو

ديس پنهنجي جي واڳ جهليندو

ٿيندو همت ۽ حوصلي وارو،

هيمو، هوشو، دولهه، دودا

ٻار سنڌي سڀ سورهيه سوڍا

سچ لکيو ”سرواڻ“ آ ٻارو!

ذوالفقار سيال

ڪڪڙون ڪون

ڪڙ ڪڙ ڪڙ ڪڙ ٻوليون ٻولي

منهنجو آهي پيارو ڪڪڙ

 

اسر ويلي ننڊ ڦٽائي

مٺڙا مٺڙا ٻول ٻڌائي

لوڪ ستل ٿو هي جاڳائي

سهڻا سهڻا پرڙا کولي

ڪڪڙو ڪون، ها، ڪڪڙو ڪون

 

سانجهيءَ ويلي وڻ تي ويهي

واهيري تي هي ويهي ٿو

رنگ برنگي سهڻو سهڻو

پنهنجي موڙن کي ٿو موڙي

ڪڪڙو ڪون، ها، ڪڪڙوڪون.

غلام مرتضيٰ سومرو

منهنجي ناني

ناني! ناني! پياري ناني!

ڪين ڏسان ڪو هن جو ثاني

ڀت کارائي خوب کلائي

دل جا سڀ دک درد مٽائي

ڇڙٻ ڏئي ڪريان ناداني

ناني! ناني! پياري ناني!

انگل آڙا ڪيڏا سهي ٿي

مون لاءِ مميءَ سان وڙهي ٿي

ڪين ڀلايون اها مهرباني!

ناني! ناني! پياري ناني!

چرچا ڪيڏا ناني ٻڌائي

روز رات جو ڳالهه سڻائي

ڪري ائين ئي مهماني!

ناني! ناني! پياري ناني!

سکيا ڏيئي تيار ڪري ٿي

دڙڪا ڏيئي پيار ڪري ٿي

ڪيڏي ناني جي قرباني!

ناني! ناني! پياري ناني!

ايم امين ارباب

منهنجي ماءُ

مون کي جنهن جي دعا آهي

سا منهنجي ماءُ آهي

ڪيئن نه هن جي سار ڪيان

ڪيئن نه هن سان پيار ڪيان

هن ۾ منهنجو ساهه آهي

هيءَ منهنجي ماءُ آهي

هن جي هنج ڪيئن وساريان

هن جي ٿڃ ڪيئن وساريان

هن سان منهنجو چاهه آهي

هيءَ منهنجي ماءُ آهي

هيءَ ئي منهنجي راهه آهي

هيءَ ئي منهنجي دانهن آهي

هيءَ ئي منهنجي ماءُ آهي

هن سان ئي عزت آ

هن کان ئي رحمت آ

هيءَ ئي جنت گاهه آهي

هيءَ ئي منهنجي ماءُ آهي

آصف مٺياڻوي

موڪل جو گهنڊ

ٽان ٽان ٽان گهنڊ وڄي ٿو

موڪل جو آواز اچي ٿو

هرهڪ ٻالڪ تياري ڪئي

تياري جنهن ٿي نياري ڪئي

ٿيلهي منجهه ڪتاب سهيڙي

بند ڪيا ٿي جاچي ميڙي

هاڻ وريا سڀ ڳوٺ وڃڻ لئه

هڪ ٻئي کان اڳي ڀڄڻ لئه

ڪي پنڌ پيادل پيادل ها

۽ ڪي چڙهيل سائيڪل ها

نيٺ ڀڄي ويا ٻالڪ گهر گهر

ماءُ چميو پئي تت کي هر هر

ڪهڙي پياري ڪيان واکاڻ

آصف اجازت گهري ٿو هاڻ

الوداع جا لفظ اچاري

مٺياڻوي ويو شعر سنواري

مدد علي هيسباڻي

راند رچايون

اچو ڙي ٻارو راند رچايون

هٿ هٿ ۾ ڏئي ڦيريون پايون

ڦيريون پايون پيار وڌايون

قرب پنهنجي جو هٿ ملايون

گيت خوشيءَ جا گڏجي ڳايون

پيار جو ناتو توڙ نڀايون

نچندي ڪڏندي راند ڪيون

هڪ ٻئي جو سدائين ساٿ ڏيون

ڪڏهن نه پاڻ کان ڌار ٿيون

پٿر جي ڪا ديوار اڏايون

توڙي اسين ننڍڙا آهيون

ڳوٺ سڌار اسڪيم ٺاهيون

غمن ڏکن کي دور پڄايون

نت نئين ڪا جوت جلايون

پراڻيون ڳالهيون سڀ اجايون

جيڪي رٺل سڀ پرچايون

ننڍي وڏي کي اهو ٻڌايون

راهه جا ڪنڊا ”مدد“ هٽايون

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

مُلّا نَصيرالدّين هُديٰ

(1208ع-1284ع)

مُلّا نصيرالدين هُديٰ، تُرڪيءَ جو مزاحيه سَپُورنج ۽ هڪ بهترين حاضر جواب ٿي گذريو آهي. هن جي عوامي تعليم طنز و مَزاج جي اوٽَ ۾ ايتري قدر ته مقبول ٿي، جو اَڄ تائين سندس نالو زندهه رهندو پيو اچي.

”مُلّا صاحب، ”هورتو“ ڳوٺ جي پيش امام، مُلّا عبدالله جو فرزند هو. سندس ولادت 605 هجري مطابق 1208ع ۾ ٿي. زماني جي تعليم کان ڀَلي ڀَتِ واقف هو؛ جنهن ڪري عالمن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. فهم ۽ فراست سببان کيس ”قضا“ جو ڪم به سونپيل هو.

تنگ نظري ۽ خشڪ خياليءَ کان سدائين پَري رهيو ۽ هميشہ کِل مُک رهي، نهايت اهم ۽ سَنجيده ڳالهيون، کل ڀوڳَ جي انداز ۾ بيان ڪندو رهيو. طنز و مَزاج سان ڀَريل سندس گُفتا ٻُڌڻ وارن کي، زندگيءَجي راهه ۾ هڪ وڏي حقيقت تي غورڪرڻ لاءِ مجبُور ڪندا هئا.

سندس اُصول هو، ته ”هن رُئاريندڙ دنيا ۾ ماڻهن کي سمجهائڻ لاءِ ضروري آهي، ته سندن سمجهه مطابق ڳالهه سمجهائي وڃي؛ ۽ ڳالهه سمجهائڻ لاءِ کِل ڀوڳَ کي ذريعو بڻايو وڃي.“ انهيءَ نظريي تحت، پاڻ کي ڄاڻي ٻُجهي بي سمجهه بَڻائيندو رهيو.

سندس حياتيءَ جا سمورا واقعا نهايت نصيحت آموز آهن هن خوش پوش ۽ صاف سُٿري فيلسوف، 76 ورهين جي ڄمار ۾، 683 هجري مطابق 1284 ع ۾ وفات ڪئي، ۽ ڳوٺ ”سوري حصار“ ۾ هميشہ هميشہ لاءِ آرامي رهيو. مٽيءَ ۾ سُمهڻ وارو ”هي زنده دل مُلّا“ اَڄ به پنهنجي عجيب گفتگو سببان جيئرو جاڳندو نظر اَچي ٿو. هيٺ، سندس ”حاضر جوابيءَ“ جو مثال نموني طور ڏجي ٿو:

هڪ ڏينهن هڪ ڳوٺاڻو، مُلّا وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو، ته ”هي خط ته پڙهي ٻڌاءِ!“ خط عربي زبان ۾ لکيل هو. مُلّا چوڻ لڳو، ” هي خط عربي زبان ۾ آهي.... ۽ مون کي عربي نه ايندي آهي!“ اهو ٻڌي ڳوٺاڻو وائڙو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو، ته ”مُلّا! هيڏو سارو پَڳَڙُ ٻَڌو اَٿيئي ۽ عربي نه ٿي اَچيئي!!“ مُلّا ٺهه پهه عمامو لاهي، اُن جي مٿي تي رکيو ۽ چيائينس، ته ”جيڪڏهن پَڳڙ ٻڌڻ سان عربي اِيندي آهي، ته پوءِ هاڻي تون ئي پاڻ کڻي هي خط پڙهه!“

هي دلگداز طبيعت جو مالڪ، جيتوڻيڪ اَڄ اَسان ۾ موجود نه آهي، پر سندس ڇڏيل ناصحانه گُفتا ۽ ويڇا اسان کي سندس ياد هر وقت تازي ڪرائيندا رهن ٿا. سندس ٽوٽڪن جو مڪمل ڪتاب، راقم الحروف (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي). ”مُلّا نصيرالدين جا لطيفا“ نالي سان 1961ع ۾ شايع ڪرايو ويوآهي. دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ هي ڪتاب علمي ماهيت سان گڏ تفريح لاءِ ڪارائتو سامان مُيّسر ڪري ٿو.

قرآن ڪريم جون مقدس آيتون ۽ نبي ڪريم جون حديثون توهان جي ديني معلومات ۾ اضافي ۽ تبليغ لاءِ شايع ڪيون وڃن ٿيون. انهن جو احترام ڪرڻ توهان جو فرض آهي. ان ڪري جن صفحن تي اهي آيتون هجن تن کي صحيح اسلامي طريقي مطابق بيحرمتي کان محفوظ رکيو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com