سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ 1988ع

باب: --

صفحو :2

غلام محمد لاکو

جمشيد نسروانجي ميهتا

سنڌ جو تخت گاهه ڪراچي شهر، ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ نڪري نروار ٿيو. پر ان انگريزن جي اچڻ سان ترقي ۽ واڌاري جي راهه تي قدم رکيو. انگريزن حيدرآباد ڇڏي ننڍڙي ڪراچي شهر کي تخت گاهه بنايو. ان بعد هي شهر ۽بندر ويا وڌندا، هڪ پاسي سرڪاري بنگلا ۽ جايون ٺهيون، ته ٻئي طرف روڊ رستا ٺهڻ لڳا آهستي آهستي شهر جو نالو دهلي ۽ بمبئيءَ توڙي لنڊن تائين مشهور ٿي ويو، اهڙي ريت انگريزن پارسي، گجراتي ڪاٺياواڙي ۽ ڪڇي ماڻهو واپار تجارت صنعت ۽ ملازمت سانگي هتي اچڻ لڳا. اڌ صدي پوءِ هن شهر جي رونق ۾ زبردست واڌارو ٿيو. نوان اسڪول کليا ڪاليج ۽ مدرسا برپا ٿيا. بازارون لڳيون ۽ ميونسپل جڙي، آخرڪار هر ڪٽنب ۽ قبيلي مان پڙهيل لکيل نوجوان پيدا ٿيا، جن ڪراچي شهر جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيو اهڙن انسانن ۾ جمشيد نسروانجي ميهتا جو نالو به وڏي اهميت رکي ٿو.

جمشيد جي پيدائش 7 جنوري 1886ع تي ڪراچي ۾ هڪ پارسي خاندان ۾ نسوانجي ميهتا جي گهر ۾ ٿي، نسروانجي وڏو واپاري سکيو ۽ عزت دار انسا هو، هن پنهنجي پٽ جمشيد جي تعليم ۽ تربيت طرف پورو ڌيان ڏنو مناسب تعليم حاصل ڪرڻ بعد جمشيد پنهنجي پيءُ سان ڪاروبار ۾ سهڪار ڪيو، جمشيد جي ڪاروبار سنڀالڻ بعد جائداد ۽ دولت ۾ وڏو واڌارو ٿيو. ان ڪري ميهتا خاندان جي مڃتا اڃا به وڌي وئي.

ڪاروبار ۽ ڌنڌي کي وڌائڻ بعد نوجوان جمشيد علمي زندگي جي دائري کي وڌايو ان مقصد لاءِ هن ڪي بنيادي متا ۽ قاعدا ٺاهيا، جن تي پڇاڙي تائين عمل ڪندو رهيو، هڪ طرف خلق خدا جي خدمت ۾ دلچسپي ورتائين ۽ ٻئي طرف ملڪي سياست ۽ قومي معاملن ۾ پڻ سرگرم ٿي ويو. اميري ۽ شاهوڪاري هوندي به هن ڪڏهن وڏائي ۽ غرور کي پسند نه ڪيو، کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي ۾ سادگي اختيار ڪندي، جمشيد ميهتا هميشہ سادي خوراڪ ۽ لباس کان ڪم ورتو، شراب نوشي سگريٽ، مڇي ۽ گوشت واپرائڻ کان پاسو ڪندو هو ۽ گذر سفر لاءِ سبزين، دالين ۽ ميوات تي ڀاڙيندو هو. سندس گڻن ۽ عملي خدمتن جي بيان لاءِ هڪ الڳ ڪتاب جي ضرورت آهي.

جمشيد نسروانجي ميهتا عملي حياتي ۾ مختلف شعبن ۾ ڀرپور خدمت ڪئي. صبح جو سويل اٿي پهرين عبادت ڪندو هو ۽ پوءِ چونڊ ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو. ان بعد هو صاحب سماجي واسطي ڪجهه وقت ڪڍندو هو. غريبن، يتيمن ۽ مسڪينن جي مدد، بنا ڪنهن مذهبي مت ڀيد جي ڪندو هو. بعد ۾ ذاتي ڪاروبار لاءِ وقت ڪڍي مختلف جاين تي پهچي پنهنجي تجارت ۽ واپار ڏي ڌيان ڏيندو هو. هنن مشغولين کان علاوه ٿيا سافي ۽ ميونسپل جي ڪمن تي پڻ ڀرپور ڌيان ڌريندو هو، عملي سياست ۾ بهرو وٺڻ سان جمشيد ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. ان سان گڏ هو ڪراچي ميونسپل جو ميمبر به چونڊيو ويو سال 1921ع کان 1933ع تائين هو پهريائين ڪراچي ميونسپل جو صدر ۽ پوءِ ڪراچي ڪارپوريشن جو پهريون ميئر رهيو. ان ريت پاڻ لاڳيتو ٻارنهن سال ڪراچي شهر جو چونڊيل سربراهه رهيو. ان دوران شهر جي اڏاوت ۽ بناوت ۾ زبردست دلچسپي ورتائين سون جي تعداد ۾ پارڪ، اسڪول، اسپتالون، گهٽيون، روڊ ۽ عمارتون ٺهرايائين. خيراتي ادارن ۽ سماجي ڪمن تي پنهنجي کيسي مان به وڏيون رقمون خرچ ڪيائين بهرحال ڪراچي جي چونڊيل سربراهه هجڻ سبب، جمشيد ميهتا شهر جي ڀلي جي هر رٿ ۾ دلچسپي ڏيکاري ۽ حصو ورتو اڄ به ڪيئي نشانيون ان جي مشاهدي ڏيڻ لاءِ موجود آهن. هو صاحب سال 1937ع ۾ سنڌي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو، جتي پڻ عوامي ڀلي جي هر اسڪيم ۾ حصو ورتائين پاڪستان ٺهڻ بعد سياست کي ڇڏي صرف سماجي ڪمن ۾ بهرو ورتائين سنڌ جي هن مثالي نيڪ مرد ڇاهٺ سالن جي ڄمار ۾ پهرين آگسٽ 1952ع تي وفات ڪئي. بيشڪ ڪراچي جمشيد جهڙو چونڊيل سربراهه نه اڳ ڏٺو هو نه وري پوءِ نصيب ٿيس.

وزير علي شاهه

سائيڪل

اڙي بس ايڏي ڊاڙ نه هڻ تون

ريل جيان لٻاڙ نه هڻ تون

تنهنجو واسطو آ پڪي سان

ڇا وڃي تنهنجو ڪچي سان

ڀلا جت جهنگ هجي ۽ پڻ واري

هلي سگهندي ات ريل يا لاري

پر مان واحد سائيڪل هان

جهنگ جهر جي نه ڪاڻ ڪڍان

ڀل ڇو نه هجي ڪو سنهڙو گس

تنهن تي به هلڻ جو مون کي وس

تو وانگر يا ريل جيان مان

نه ڊيزل ڪوئي تيل وٺان مان

ناهيان توهان جيان آئون مهانگي

مان آهيان سستي ۽ سهانگي

منهنجي سواري آ حاڪماڻي

غريبن جي مان آهيان ساٿياڻي.

 

تحرير: ڊاڪٽر سائم ساقا اوغلو        ترڪي جو ٻاراڻو ادب

سنڌيڪار: ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

ٽي شهزادا

ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن زماني ۾ هڪڙي ملڪ ۾ هڪ بادشاهه راڄ ڪندو هو. بادشاهه جا ٽي پٽ هئا. سڀيئي شهزادا بالغ ٿي چڪا هئا، پر اڃا ڪنهن جي به شادي ڪونه ٿي هئي. راڻي ۽ بادشاهه جنهن وقت به سندن شادي جو ذڪر ڪيو ٿي ته شهزادا ائين چوندي ته، ”اڃا اسان جي قسمت ۾ شادي لکيل ڪونهي.“ شادي ڪرڻ کان پيا لهرائيندا هئا.

هڪ ڀيري بادشاهه جو وزير مري ويو ۽ انهي جي جڳهه تي نئون وزير مقرر ڪيو ويو. هي وزير پراڻي گهر مان لڏي،محل جي ويجهو هڪ گهر ۾ اچي رهيو. هن وزير جي هڪ ڏاڍي سهڻي مَن موهڻي ڌيءَ هئي. وزيرزادي کي ڏسندڙ هوش ۽ حواس وڃائي ٿي ويٺو اتفاق سان وڏي شهزادي وزيرزاديءَ کي ڏسي ورتو ۽ مٿس عاشق ٿي پيو. هڪدم محل ۾ اچي ماءُ جي حضور ۾ وڏي شهزادي عرض ڪيو ته، ”امان حضور آئون شادي ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ مون ڪنوار به ڳولهي ورتي آهي.“

راڻي خوش ٿيندي کانئس پڇيو ته، ”پيارا پٽ اها خوش قسمت نينگر ڪير آهي.“

”نئين وزير جي ڌيءَ آهي.“ شهزادي جواب ڏنو.

راڻي شهزادي کي دلاسو ڏيندي چيو: ”انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو سولو ڪم ٿيندو. بادشاهه سلامت کي اچڻ ڏيو ته ساڻس هن سلسلي ۾ ڳالهائيندس.“

وڏو شهزادو ماءُ جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کلندو ٻاهر نڪري ويو. ٿوري دير کان پوءِ وِچٽ پٽ ماءُ وٽ آيو ۽ اچي عرض ڪيائين: ”امان حضور آئون شادي ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ مون ڇوڪري به پسند ڪري ڇڏي آهي.“

راڻي اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ۽ پڇيائينس ته: ”پٽ اِها خوش قسمت ڇوڪري ڪير آهي؟“

”نئين وزير جي ڌيءَ.“ شهزادي جواب ڏنو.

راڻي اچرج ۾ پئجي ويئي ته ٻه شهزادا، هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ چاهين ٿا. پر تنهن هوندي به وِچٽ پٽ جي دل ٽوڙڻ بدران کيس مناسب جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيائين.

”چڱو پٽ! بادشاهه سلامت سان هن معاملي ۾ گفتگو ڪنديس ۽ هو ڪو نه ڪو حل تلاش ڪري وٺندو.“ راڻيءَ وراڻيو.

پٽ ماءُ جوهٿ چمي، ڪمري مان ٻاهر اڃا نڪتو ئي مس هو ته سڀ کان ننڍو شهزادو ڪمري ۾ داخل ٿيو. هن به ماءُ اڳيان پنهنجي دل جو حال بيان ڪندي عرض ڪيو ته: ”امان حضور، آئون شادي ڪندس، ڪنوار مون تلاش ڪئي آهي.“

راڻي سمجهي ويئي ته ننڍي شهزادي ڪهڙي ڇوڪري پسند ڪئي آهي. تنهن هوندي به لَکا ڏيڻ کان سواءِ کانئس پڇيائين ته: ”پٽ اِها ڀاڳوان ڪير آهي؟“

ننڍي شهزادي جواب ڏنو: ”نئين وزير جي ڌيءَ.“

”چڱو پٽ پڻهين کي ٻڌائينديس. هو ڪو نه ڪو حل تلاش ڪندو.“ جواب ڏنائين.

شام جو بادشاهه جڏهن محل ۾ آيو ته، راڻيءَ کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي. ٽيئي شهزادا هڪ ٻئي کان بي خبر، ماءُ پيءَ کان خوشخبري ٻڌڻ لاءِ بي چين هئا. بادشاهه ٽنهي شهزادن جي ماجرا ٻڌي، منصفانه حل تلاش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هڪدم ٽنهي شهزادن کي سڏايائين. ٽيئي شهزادا ادب سان بادشاهه سلامت جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيا.

”اي منهنجا پيارا پُٽ اچو، اچي منهنجي سامهون ويهو.“ بادشاهه وڏي آواز ۾ چيو.

ٽيئي شهزادا بادشاهه جي سامهون اچي ويٺا. بادشاهه شهزادن جو جائزو وٺڻ بعد گفتگو شروع ڪئي:

”پٽڙا اڄ اوهان ٽيئي هڪ ٻئي کان بي خبر ماءُ وٽ آيا. اوهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته ساڳي ڇوڪري سان اوهان ٽيئي شادي نٿا ڪري سگهو.جيئن آئون اوهان ٽنهي سان ساڳي محبت ڪريان ٿو. انهيءَ ڪري اوهان مان هڪ کي ترجيح ڏيڻ مون لاءِ ممڪن ڪونهي. اوهان جي امڙ سان گڏجي سوچيوسين، ويچار ڪيوسين. آخر هي فيصلو ڪيو اٿئون ته اوهان ٽنهي کي پنج پنج اشرفيون ڏيئي سفر تي روانو ڪنداسين. اوهان مان جيڪو به ٽن مهينن اندر دنيا جو سڀ کان قيمتي تحفو يا ڪا شيءِ آڻيندو، انهيءَ جو وهانءُ وزيرزاديءَ سان ڪيو ويندو. حڪم ڏنو وڃي ٿو ته اوهان سڀ سفر جي تياري ڪريو. سڀاڻي جو سج اڀرڻ مهل سفر لاءِ نڪرندا.

ٻئي ڏينهن علي الصبح بادشاهه، راڻي ۽ محل جي ٻين خدمتگذارن ٽنهي شهزادن کي سفر تي روانو ٿيڻ وقت خير باد ڪيو. ٽيئي شهزادا پاڻ سان کائڻ پيئڻ جون شيون، ڪپڙا لٽا ۽ پنج سونيون اشرفيون کڻي سفر تي روانا ٿيا.

شهزادا جهر جهنگ جهاڳيندا، ميدانن ۽ جبلن مان گهمندا ڦرندا، آخر اهڙي هنڌ اچي پهتا، جتان مختلف ٽي رستا ٿي نڪتا. ٽِواٽي تي وڏي شهزادي چيو ته:

”ڀائرو! هتان هڪ ٻئي کان جدا ٿينداسين ۽ جڏهن ٽن مهينن پورن ٿيڻ ۾ ٽي ڏينهن رهندا ته ٻيهر وري اچي هن ساڳئي هنڌ تي ملنداسين.“

سڀني کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ اهڙي طرح ٽيئي شهزادا مختلف منزلن ڏي، ٽن مختلف رستن ذريعي روانا ٿيا.

آهستي آهستي ڏينهن، هفتا ۽ مهينا گذرڻ لڳا. جڏهن ٽن مهينن پوري ٿيڻ ۾ باقي ٽي ڏينهن وڃي رهيا ته ٽيئي شهزادا وري اچي ٽِواٽي تي هڪ ٻِئي کي مليا. هرهڪ جون اکيون خوشيءَ مان چمڪي رهيون هيون. هرهڪ کي يقين هو ته جيڪا وڏي قيمتي شيءِ هن خريد ڪئي آهي، اها کيس ڪاميابي سان همڪنار ڪندي. آخر وڏي شهزادي گفتگو جو سلسلو شروع ڪيو:

”پيارا ڀائرو! هاڻي ٻڌايو ته اوهان ڇا ڇا خريد ڪيو آهي. پهرين تون ٻڌاءِ منهنجا ننڍا ڀاءُ.“

مون هڪ غاليچو خريد ڪيو آهي.“ ننڍي شهزادي جواب ڏنو.

”ڀلا ٻڌاءِ ته انهيءَ غاليچي جي خاص خوبي ڪهڙي آهي؟“ وڏي شهزادي کانئس سوال پڇيو.

”هن غاليچي تي ويهڻ بعد، جنهن به هنڌ اوهان وڃڻ چاهيندا اُتي اوهان کي پهچائيندو.“ ننڍي شهزادي وراڻيو.

”واهه واهه! هاڻي ادا ٻڌايو ته اوهان ڇا آندو آهي؟“ وِچٽ ڀاءُ کان پڇياين.

”مون هڪ آئينو آندو آهي.“ وِچٽ ڀاءُ جواب ڏنو.

”ڀلا هن جي ڪهڙي خصوصيت آهي؟“ وري سوال پڇيائين.

”هي آئينو ڏسڻ بعد جنهن کي به ڏسڻ جي خواهش ڪندا، اُهو شخص آئيني ۾ نظر ايندو.“ وراڻيائين.

وڏي شهزادي ٻين ڀائرن جي خريد ڪيل شين جي معلومات حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي خريد ڪيل شيءِ جي باري ۾ ٻڌايو ته:

”مون پڻ صوف خريد ڪيو آهي. هن صوف جي هيءَ خاصيت آهي ته اهڙو بيمار جيڪو مرڻ جي حالت ۾ هجي، ان کي جيڪڏهن هي صوف کارائبو ته بلڪل ٺيڪ ٿي ويندو.“

هڪ ٻئي طرفان خريد ڪيل شين جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ بعد شهزادن شين کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو. پوءِ چيائون ته: ”اچو ته ڏسون ته وزيرزادي ڇا پَئي ڪري.“

وِچٽ شهزادي کيسي مان آئينو ڪڍي، وزيرزاديءَ کي ڏسڻ جي خواهش ڪئي. ڇا ٿو ڏسي ته وزيرزادي سخت بيمار آهي ۽ بستري تي ليٽي پيئي آهي.

”ڀائرو! وزيرزادي سخت بيمار آهي.“ رڙ ڪندي چيائين.

ننڍي شهزادي هڪدم غاليچو کوليو ۽ ٽيئي شهزادا غاليچي تي ويٺا. ويهڻ بعد اک پورڻ ۽ اک کولڻ جي دير به ڪونه لڳي جو سڀ پنهنجي محل ۾ پهچي ويا. هڪدم پنهنجي امڙ کي صوف ڏنائون ته وزيرزاديءَ کي کارائڻ لاءِ اوڏانهن موڪلي ڏي. صوف کائڻ بعد وزيرزادي جي صحتياب ٿيڻ جي خبر ٻڌائون.

وزيرزادي جي تندرست ٿيڻ بعد هڪ مسئلو درپيش آيو ته وزيرزادي جي شادي ڪنهن سان ڪرائجي؟ جنهن آئيني ۾ ڏسي ڇوڪري جي بيماريءَ جي باري ۾ ٻڌايو. انهي کي يا جنهن غاليچي تي کڻي اچي جلدي محل ۾ سڀني کي پهچايو، انهيءَ کي- يا بيمار وزيرزادي کي موت جي منهن مان بچائي، صوف وگهي صحتياب ڪرڻ واري شهزادي کي وزيرزاديءَ سان شادي ڪرائي وڃي؟

گهڻو سوچ ويچار ڪيائون، آخر ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهيا. آخر بادشاهه هِي ڪيس قاضي جي ڪورٽ ۾ فيصلي لاءِ موڪليو.

شهزادن کان حال احوال وٺڻ کان پوءِ، قاضي ڏاڍو غور ۽ فڪر ڪيو. آخر هي جواب ڏنو:

”وزيرزاديءَ جي شادي آئيني جي مالڪ شهزادي سان نٿي ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته غاليچو نه هجي ها ته اڏامي جلدي محل ۾ پهچڻ ممڪن نه ٿئي ها؛ ۽ صوف کان سواءِ وزيرزادي چڱي ڀلي ڪونه ٿئي ها. غاليچي جو مالڪ شهزادو به ڇوڪري جو حقدار نٿو ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته آئيني نه هئڻ جي صورت ۾ وزيرزادي جي بيماريءَ جي خبر نه پوي ها ۽ صوف کان سواءِ وزيرزادي تندرست نه ٿئي ها. وزيرزاديءَ جو حقدار، صوف جو مالڪ شهزادو به نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته آئيني کان سواءِ بيماري جي خبر نه پوي ها ۽ غاليچي کان سواءِ جلدي محل تائين پهچڻ ممڪن نه ٿئي ها. تنهن ڪري صوف جو مالڪ شهزادو اڃان رستي تي هجي ها ته وزيرزادي مري سگهي ٿي.“

هاڻي پڙهندڙ فيصلو ڪن ته وزيرزادي جي شادي ڪنهن سان ڪرائجي.

قربان جعفري

”جل ڪماري“

آڳاٽي زماني ۾ روهڙي شهر جي ڀرسان سنڌو جي ڪپر تي زندهه پير جي مزار جي ڪٿ هيٺيان درياهه شاهه جو محل هئو. کيس ست جل ڌيئرون هيون. وڏيون ڇهه ڀينرون ته نهايت خوش و خورم گذارينديون هيون. سواءِ سڀني کان ننڍڙي جل راجڪماريءَ جي جنهن جي مک تي نالي ماتر به مرڪ ڪين ايندي هئي.

هو ننڍڙي جل ڪماري گهڻو ڪري درياهه جي مٿاڇري تي اچي، نيري اڀ، ساجهر جي سج ۽ ٻنهي ڪنارن تي بيٺل زمين جي ساوڪ ڏانهن نهاري، ٿڌا ساهه ڀريندي هئي ۽ پوءِ وري درياهه منجهه ٽٻي هڻي محل ڏانهن موٽي ايندي هئي ۽ اڳي کان وڌيڪ ڏکويل ڏسبي هئي، ڇاڪاڻ ته کيس درياهه کان ٻاهر دنيا جي ڏسڻ جي ڏاڍي سڪ هئي کيس ائين لڳندو هو ته ڄڻ ته هو ڌرتي ۽ اڀ کان ڏور رهي، ڪڏهن خوش گذاري ڪين سگهندي.

کيس درياهه جي اندر نظارن ۾ ڪا خوشي محسوس ڪين ٿيندي هئي، نه کيس طرح طرح مڇيون وڻنديون هيون، نه درياهه جي تر ۾ پيل رنگا رنگي پهڻ ۽ اسرندڙ ٻوٽا چڱا لڳندا هئا. درياهه شاهه ۽ پڻ سندس ٻيون ڇهه ڀينرون جيتوڻيڪ کيس خوش رکڻ جي هر طرح ڪوشش ڪندا هئا ۽ نيون نيون آکاڻيون ٻڌائيندا هئا ٽول آڻي ڏيندا هئا، تنهن هوندي به سندس روح کي راحت ڪين ايندي هئي، مورڳو هو ڏکويل ڏسبي هئي.

هڪڙي رات ننڍڙي جل ڪماري محل مان نڪري ترندي اچي ڪناري تي ويٺي، اها رات ڪاري ۽ طوفاني هئي، درياهه جي ڇولين جو شپڪو پئي پيو، واءُ واڪا ٿي ڪيا ۽ ڪنن ڪڙڪا ٿي ڪيا، اوچتو وڄ جي هڪ وراڪي ۾ چمڪاٽ ٿيڻ تي هن هڪڙي ٻيڙي کي لهرن ۾ لڙهندي ۽ ٻيڙي جي ڀر ۾ هڪڙي نوجوان کي پاڻي ۾ ٿاڦوڙا هڻندي ۽ مدد لاءِ واڪا ڪندي ڏٺو.

ننڍڙي جل ڪماري پاڻي ۾ ٽپي پئي ۽ نوجوان جي مدد لاءِ وڌي ۽ وڏي جاکوڙ کان پوءِ کيس ٻڏڻ کان بچائي سندس ٻانهن ۾ هٿ وجهي ترندي وري ڪناري تي آئي ۽ کيس آرام سان ڪپر جي ڇيڙي تي ليٽائي ڇڏيائين.

نوجوان بيهوش ٿي ويو هيو ۽ سج اڀرڻ تائين سندس مٿي کان ويهي، سندس پرگهور لهندي رهي جڏهن ساجهر مهل طوفان ڍرو ٿيو ته هن هڪڙي ڇوڪريءَ کي درياهه جي ڪپ کان سير ڪندي پنهنجي طرف ايندي ڏٺو، سو هوءَ هڪدم ٽپ هڻي، ٻيهر پاڻيءَ ۾ لهي ويئي ۽ درياهه جي تري ۾ هلي وئي.

ڪناري تي ليٽيل نوجوان سج اڀرڻ سان جڏهن اک پٽي ته سندس پهرين نگاهه مٿي کان بيٺل ڇوڪريءَ تي پئي، سمجهيائين ته شايد انهي ڇوڪري کيس بچائي ڪناري تي آڻي وڌو آهي، سو اٿڻ شرط سندس ٿورا مڃيائين، هوءَ کيس پاڻ سان وٺي پنهنجي ماڙي تي آئي، جتي هو آلو وڳو مٽائي آرامي ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com