وقت گذرندي ويرم ڪانه، اسڪول ۾ ششماهه امتحان ٿيا،
جڏهن امتحان جو نتيجو نڪتو ته سڀني کان گهڻا نمبر
زاهد کنيا ۽ سڀ کان گهٽ مارڪون قيوم جي ڀاڳ ۾
آيون.
ان ڏينهن سڄي ڪلاس جي ڇوڪرن قيوم کي ڏاڍو ٽوڪيو ۽
انهي ڏينهن پهريون دفعو قيوم ڏاڍو پڇتايو ۽ ڏک ۾
اکين مان ڳوڙها وهي آيس. ان مهل زهد اچي کيس
پرچايو ۽ چيائينس ڀائو روءِ نه تو کي نوٽ بڪ کپن
مان ڏيان سبق چيئين ته اڳتي ڏهاڙي گڏجي پڙهون.
ان مهل سڄي ڪلاس جي ٻارن ڏٺو ته قيوم اڃان به وڌيڪ
روئي پيو ۽ چوڻ لڳو ته ادا زاهد مون کي معاف ڪجان
مان توکي ڏاڍو تنگ ڪندو هئس.
زاهد چيو ادا هاڻ ته بس ڪر اڳتي تون مون سان گڏ
پڙهندو ڪر منهنجي گهر ايندو ڪر ته گڏجي پڙهنداسين.
قيوم ڳوڙها اگهندي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ پوءِ ٻئي
خوش خوش پڙهڻ لڳا سالياني امتحان ۾ پاس ٿيڻ لاءِ.
سنڌيڪار: درياهه خان سهاڳ
چالاڪ گدڙ
پيارا ٻارو ڳالهه ڪندا آهن ته، ڪنهن ملڪ ۾ هڪ
راهگير جو ڪنهن جهنگ مان گذر ٿيو. اتي هڪ شينهن
پڃري ۾ بند هيو. جڏهن راهگير جو اتان گذر ٿيو ته
شينهن پاڻ ڏانهن سڏ ڪري چيو ته اي مسافر تون مون
کي هن پڃري مان آزاد ڪر مان توکي بلڪل ڪجهه به نه
چوندس پر راهگير اهو نه مڃيو ۽ اڳتي هلڻ جي ڪوشش
ڪيائين ته شينهن پڃري جي اندران مايوس ٿي غربت جي
لهجي ۾ چيو اي مسافر ڪجهه خدا جو خوف به ڪر،
جيڪڏهن تون مون کي هن پڃري مان آزاد نه ڪيو ته
شڪاري اچي مون کي ماري ڇڏيندو. مان مري ويندس ۽
منهنجي پويان جيڪي ننڍڙا ننڍڙا ٻچڙا آهن، سي به
مري ويندا، پر جيڪڏهن تون مون کي آزاد ڪندي ته مان
شڪاري کان بچي ويندس ۽ وڃي پنهنجي ٻچڙن سان خوش
رهندس راهگير کي شينهن جي انهن لفظن تي رحم اچي
ويو ۽ وڃي پنڃري جو دروازو کوليائين.
شينهن پڃري کان ٻاهر نڪرندي چيو: ”اي انسان مان
بلڪل بکايل آهيان ايتري قدر ٿي سگهي ٿو ته مان بک
جي ڪري مري وڃان،“ ان ڪري مان توکي ضرور کائيندس.
راهگير ٿڙڪندي چيو ته: ”اي جهنگ جا بادشاهه هي
ڪهڙو انصاف آهي ته واعدو ڪري وري ڦري وڃ جي،“
شينهن اهو ٻڌي ڪاوڙ مان چيو ته هل ته هلي فيصلو
ڪرايون.
آخر هي ٻئي هلندي هلندي هڪ گڏهه وٽ پهتا ۽ کيس سڄي
ڳالهه اول کان آخر تائين ڪري ٻڌايائون سڄي ڳالهه
ٻڌڻ بعد گڏهه چيو: ”انسان ته هوندائي بيوفا آهن.
ڇو جو جڏهن مان جوان هيس تڏهن مون کي خوب
کارائيندا هيا ۽ مون تي بار (وزن) به کڻدا هيا، پر
جڏهن هاڻي مان پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ مون ۾ ڪابه
بار (وزن) کڻڻ جي طاقت نه رهي آهي ته مون کي گهر
کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو اٿن.“
اهو ٻڌي راهگير شينهن کي چيو ته: ”هڪ گواهي
(شاهدي) صحيح ناهي ۽ هل ته هلون ڪنهن ٻئي ڏي.
هلندي هلندي... هنن سان رستي تي هڪ گدڙ ملي ويو
هنن ٻنهي، انهيءَ گدڙ کي سڄي الف کان ي تائين
ڳالهه ڪري ٻڌائي. چالاڪ گدڙ ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ
چوڻ لڳو ته توهان ٻئي مون کي هاڻ انهيءَ پڃري وٽ
وٺي هلو، جنهن ۾ جهنگ جو بادشاهه شينهن بند هيو.
ٽئي ڄڻا انهي پڃري وٽ پهتا جتي شينهن بند هيو. گدڙ
پڃرو ڏسي عجب مان چوڻ لڳو ته مان اهو نٿو مڃان ته
ڪو ايڏو سارو جهنگ جو بادشاهه شينهن هن پڃري ۾ بند
هيو.
اهو ٻڌي شينهن وڏي فخر سان وڃي پڃري ۾ ويهي رهيو،
شينهن جي پڃري ۾ ويهڻ تي چالاڪ گدڙ راهگير کي اک
هڻي چيو ته پڃري جو دروازو بند، ڪري ڇڏ.
چالاڪ گدڙ جي چوڻ تي راهگير هڪدم وڃي پڃري جو
دروازو بند ڪيو ۽ شينهن ساڳيو پڃري ۾ بند ٿي ويو.
انهي چالاڪي تي راهگير ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چالاڪ گدڙ
جي چالاڪي کي ساراهيندو رهيو.
ٻارو! توهان کي به هر وقت ايترو تيار رهڻ گهرجي جو
ڪنهن مشڪل وقت ۾ ڪنهن جي جاني مالي مدد ڪري سگهو.
قاضي منظر حيات
ارشميدس
پيارا ٻارؤ! ارشميدس جي نالي کان واقف ڪير نه
هوندو. مغرب ۾ کيس آرڪمڊيز جي نالي سان به يا ڪيو
وڃي ٿو. هي يونان جو رهاڪو هو. بهترين رياضي دان
هجڻ سان گڏ ڪيترن ئي شين جو خالق به هو. سندس قابل
ذڪر ۽ مشهور ايجاد ”ارشميدس پيچ“ هئي. هي هڪ آبي
پيچ هو، جنهن وسيلي پاڻي جي سطح کي نهايت آسانيءَ
سان اونچو ڪري سگهبو هو. هي اوزار ايترو ته مشهور
ٿيو جو ڏيڍ هزار سال کان به مٿي استعمال ۾ ايندو
رهيو.
ارشميدس جي شُهريت جو سبب، سندس بڻايل اصول به
آهي. ان جو اصول اسان کي ٻڌائي ٿو ته ”جڏهن ڪا
نهري شيءِ ڪنهن پاڻياٺ ۾ وڌي وڃي ته پاڻياٺ جيتري
پنهنجي جڳهه ڇڏي ٿي، ان جي برابر ان نهري شيءِ جو
وزن گهٽجي وڃي ٿو.“ هن اصول کي ”اصول ارشميدس“
(آرڪمڊيز لا) چئجي ٿو. هن اصول جي ٺهڻ جي پويان به
هڪ واقعو آهي.
اهو دلچسپ واقعو هيئن آهي. سَسِلي جي بادشاهه
پنهنجو هڪ نئون تاج ٺهرايو، جيڪو سون مان جڙيل هو.
بادشاهه کي شڪ هو ته سوناري منهنجي تاج ۾ چانديءَ
جي ملاوٽ ڪئي آهي. بادشاهه هڪ ڏينهن ارشميدس اڳيان
پنهنجي شڪ جو اظهار ڪيو ۽ ارشميدس تي اهو ڪم
سونپيائين ته هو جاچ جوچ ڪري اهو ٻڌائي ته تاج
خالص سون مان ٺهيل آهي، يا ملاوٽ شامل اٿس، پر تاج
جي صحيح يا کوٽي هجڻ جي چڪاس وقت تاج کي ڪوبه
نقصان نه رسي. ارشميدس گهڻي وقت تائين ڪوبه اهڙو
طريقو دريافت نه ڪري سگهيو، جنهن مان تاج جي اصليت
کي پروڙي به سگهي ۽ تاج کي ڪوبه نقصان نه پهچي.
هڪ ڏينهن ٽَبَ ۾ وهنجڻ جي لاءِ گهڙيو. جيئن ئي هن
جو جسم پاڻيءَ جي اندر ويو ته، پاڻي سطح کي مٿي
چڙهيو ۽ هارجي پيو ۽ هن پنهنجو جسم پاڻيءَ جي اندر
تماڪ هلڪو محسوس ڪيو. هي ڏسي هو خوشيءَ ۾ نه ٿي
ماپيو. پوءِ هو انهيءَ ئي حالت ۾ سسليءَ جي گاديءَ
سيراڪيوس جي گهٽين ۾ ”يوريڪا! يوريڪا“ يعني (”مان
پتو لڳائي ورتو آهي، مان پتو لڳائي ورتو آهي.“) جا
آواز بلند ڪندو رهيو.
هن اهو معلوم ڪري ورتو هو ته نهرين شين کي پاڻياٺ
۾ وجهي، ان جي نهري هجڻ جو جائزو وٺي سگهجي ٿو. هڪ
ئي نهري شيءِ جا ٻه نمونا هٿ ڪري پاڻيءَ ۾ وجهجن،
جنهن مان هڪ نمونو خالص هجي ۽ ٻيو ملاوتي وارو.
ٻنهي نهرن جسمن کي پاڻيءَ ۾ وجهجي ان جو جيترو وزن
گهٽبو، اهو ٻنهي جو هڪ جيترو نه هوندو. ان طرح
صحيح ۽ کوٽي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پاڻيءَ جي
اندر چانديءَ جي ملاوتي واري سون جو وزن اهو نه
هوندو، جيترو خالص سون جي تاج جو.
انهيءَ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي قابل ذڪر ڳالهين جو
مالڪ هو.
ڄام الطاف شاهين ابڙو
اٺ جو جت، ڪئو
هڪڙي ڪئي کي ڪواٺ نظر آيو، جنهن جي نڪ ۾ مهار پيل
هئي. جا زمين تي گهلبي پئي آئي. ڪئي مهار جو ڇيڙو
کڻي پڪڙيو پوءِ جيڏانهن ڪئو ٿي ويو اوڏانهن اٺ به
هليو ٿي ويو، ڇاڪاڻ جو اٺ جي عادت آهي ته مهار
ڇڪيندڙ جي پٺيان هليو هلندو آهي. پوءِ اهو ٻار هجي
يا ٻڍڙو هجي سو اٺ پنهنجي عادت موجب ڪئي جي ڇڪ تي
هليو ويو، تنهن تي ڪئو ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو ته ڏسو!
آئون ڪهڙو نه پهلوان آهيان جو اٺ جهڙي پربت کي
گهليندو وڃان ٿو!
اٺ به ڪُئي جي آڪڙ صحيح ڪري ورتي تنهن دل ۾ چيو ته
”چڱو يار ڪئا! تون کڳيون هڻي وٺ، ائون توکي جلد ئي
تنهنجي کڳين جو مزو چکايان ٿو.
ٻئي ڄڻا جڏهن ڪنهن ندي جي ڪناري تي آيا تڏهن ڪئو
هٻڪي بيهي رهيو اٺ چيس ته ”اي منهنجا جبل ۽ بيابان
وارا رفيق؟ تون حيران ٿي ڇو بيهي رهيو آهين، تون
منهنجو رهبر ۽ اڳوڻ آهين. مڙس ماڻهو ٿي ندي ۾ گهڙي
پوءِ ڪهڙو ڊپ آهي؟ ڪئو ”اي دوست! پاڻي تکو ۽ اونهو
آهي تنهن ڪري مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته ٻڏي نه پوان.“
-
”چڱو بيهه ته آئون پاڻي ڪڇيان ته ڪيڏو آهي“ (ائين
چئي اٺ نديءَ ۾ پير پائي چوڻ لڳو) ”ادا! پاڻي گوڏي
جيڏو مس اٿئي ڊڄين ڇو ٿو؟ گهڙي اچ.“ ڪوئو- تنهنجي
لاءِ جا ماڪوڙي سا به منهنجي لاءِ نانگ آهي گوڏي
گوڏي ۾ تفاوت آهي، ڪَه نه؟ اٺ ”تڏهن ڪوئو ٿي ڪري
اٺن سان گستاخي متان ڪرين نه ته انهي گستاخي جي
باهه ۾ جلي ويندين!
ڪئو! مون کي معاف ڪر، مون اڳتي لاءِ توبهه ڪئي خدا
جي واسطي مون کي ڪنهن طرح ندي اڪاري ڇڏ.“
اٺ کي ڪئي جي نيزارين تي رحم اچي ويو ۽ چيائينس ته
هاڻي اچي منهنجي ٿوهي تي ويهه، ته ندي اڪاري
ڇڏيائين تو جهڙن هزارن ڪوئن کي ندي اڪارڻ منهنجو
شان آهي.
نصيحت: (بزرگن سان بر نه ميچ)
جڏهن تون پيغمبر ۽ رهنما نه آهين، تڏهن پانڌيئڙو
بنجي ڪنهن جي پٺيان رستو هل ته ڪنهن ڏينهن
گمراهيءَ جي کوهه مان نڪري ارشاد ۽ پيري جي درجي
کي رسين.
جيڪڏهن تون بادشاهه نه آهين ته رعيت ٿي هل جيڪڏهن
جهازران نه آهين ته ٻيڙي تکي نه هلاءِ آزمودگاري
نه هجين ته خلاصو دڪان نه هلاءِ جڏهن ڪو ماڻهو ٻئي
تي فوقيت ڏيکاريندو آهي تڏهن انهن جي وچ ۾ ضرور
عداوت پيدا ٿيندي آهي، تنهنڪري ڪنهن کي فوقيت نه
ڏيکار پاڻ کي وڏو ڪري ليکڻ ماڻهن جي علم نفسياتي
عادت آهي، جيڪڏهن تون روحانيت ۽ نوازيت جو طالبو
آهين ته پاڻ کي هميشہ ننڍو ڪري ليک.
اياز حسين سومرو
مضمون نمبر 1
سلسلو نمبر 40
ٽوڻن ڦيڻن مان نقصان آهي
يا فائدو؟
هن ساري سنسار ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ مخلوقات رهي ٿي.
انهن ۾ سڀ کان اعليٰ ۽ اتم ذات انسان جي آهي. ان
جو ثبوت اهو آهي ته الله پاڪ انسان کي ”اشرف
المخلوقات“ سڏيو آهي.
انسان هر دور ۾ مختلف مسئلن ۾ رهيو آهي ۽ سندس
شخصيت واقعي هڪ عجوبو آهي. اهو انسان اشرف
المخلوقات ان وقت ٿي سگهي ٿو، جڏهن علم حاصل ڪري ۽
جهالت جا پردا لاهي ڦٽا ڪري ۽ غلط رستا پرائڻ کان
پاسو ڪري.
علم انسان کي برائي ڀلائي، نفعي نقصان، ثواب گناهه
۾ پرک ڪرائي ٿو. اڳي دور جو انسان ٻين طاقتن ۽
آفتن جي پوڄا ڪندو هو ۽ ان لاءِ کيس وڏا وڏا نقصان
سهڻا پوندا هيس ۽ هو حقيقي مالڪ کان ناآشنا هو. پر
جيئن انسان جي سمجهه ۽ ساڃهه ۾ اضافو آيو ته هن
سڀني غلط امڪانن کي رد ڪندو اڄوڪي روشن دنيا ۾
پهتو ۽ هڪ مالڪ جي عبادت ڪندو رهيو.
اڳ جو انسان هڪ مالڪ کان واقف ڪونه هو. ان لاءِ هو
ٻين طاقتن جي پوڄا ڪندو هو پر جيئن سندس خيال روشن
ٿيندا ويا تيئن هو هڪ خدا جي عبادت ۾ صرف ٿي ويو.
اڄ جو زمانو ترقيءَ جي اوج تي پهتو آهي ۽ سائنسي ۽
ٽيڪنالاجيءَ جي دور جو آغاز ٿي چڪو آهي، پر ان
هوندي به هن دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا انسان رهن ٿا
جيڪي غلط رسمن رواجن، طريقن کي پنهنجو بنايو ويٺا
آهن. ڪيترا ماڻهو جادو تي يقين رکن ٿا ته ڪيترا
وري ٽوڻن ڦيڻن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مگن
آهن. جيڪڏهن هڪ ماڻهو مسلمان آهي ۽ هڪ خدا ۽ رسول
ﷺ تي ايمان رکي ٿو ۽ انهن کي مڃي ٿو ۽ وري به پوءِ
انهن غلط طريقن کي پنهنجو بنائڻ ۽ انهن مان فائدو
پسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ وري به اهو ماڻهو سراسر مشرڪ
آهي.
هن دور ۾ ڏٺو وڃي، ته خاص ڪري علم کان ناواقف لاءِ
ٿورڙي انداز ۾ واقفڪار جڏهن ڪنهن تڪليف ۾ ٿا اچن
يا کين اولاد نٿو ٿئي، يا ٻيون مجبوريون ٿين ٿيون
ته هو هڪدم مُلن کان ٽوڻا ڦيڻا وٺڻ لاءِ وڃن ٿا.
يا پيرن فقيرن تي باسون باسين ٿا ته اسان جو ڪم
ٿئي ته اسان توهان کي هيترو نذرانو ڏينداسين
وغيره. مطلب ته اهي هڪ خدا کان مدد وٺڻ بدران انهن
کان مدد وٺن ٿا، جنهن جي هٿ ۾ ڪابه ڳالهه ڪانه
آهي. اهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي الله جي رحمت کان
مايوس ٿين ٿا. اهو سمورو غلط آهي ۽ الله جي رحمت
کان ڪڏهن به مايوس نه ٿيڻ گهرجي. ان لاءِ لاکيڻو
لطيف شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ڪهڙو نه سٺو شعر
چئي انسان کي هدايت ڪئي آهي ته:
تانگي ۾ تاڻي ٻَڌُ پنهنجو تُرَهو
اونهي ۾ آڻي، ڪونه ڏيندو ڪو ٻيو |