محمود علي ”شاد“ ڀٽو
وڏن جي نصيحت
شير محمد ذهين ڇوڪر هو، پر هو محنت نه ڪندو هو. هن
جي ماءُ هڪ ڪمپني ۾ ملازمت ڪندي هئي، جنهن جي ڪري
هوءَ گهر کي ٿورو وقت ڏيندي هئي. شير محمد جي وڏي
ڀيڻ مئٽرڪ ۾ پڙهندي هئي. هوءَ پنهنجي ڀاءَ جو هر
وقت، هر طرح سان خيال رکندي هئي، کيس برن ڪمن کان
روڪيندي هئي ۽ محنت ڪرڻ لاءِ چوندي هوس. پر شير
محمد کي ان جي نصيحت سٺي نه لڳندي هئي. هو ان جون
ڳالهيون هڪ ڪن مان ٻڌي، ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندو هو.
هوءَ شير محمد کي گهر سويرو اچڻ لاءِ چوندي هئي،
پر هو ان جو چيو نه مڃيندو هو.
ڀيڻس جون ڳالهيون هن کي خراب لڳنديون هيون، هڪ
دفعي هن جي ڀيڻ ڪجهه ڏينهن ماسيءَ جي گهر وئي ته،
هو ڏاڍو خوش ٿيو.
”چڱو ٿيو جو ادي وئي هلي، هر روز جي نصيحت کان ته
جند ڇٽي“ ٻه ٽي ڏينهن شير محمد دير سان سمهندو هو
۽ دير سان اٿندو هو، جنهن جي ڪري هن کي اسڪول وڃڻ
لاءِ به دير ٿي ويندي هئي. شام جو گهر دير سان
ايندو هو. هن کي پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻو پوندو هو. ٻن
ٽن ڏينهن ۾ هن کي احساس ٿيو ته ان جي ڀيڻ، جيڪا هن
کي نصيحت ڪندي هئي، سا بلڪل صحيح هئي ۽ انهيءَ
نصيحت ۾ هن جي پنهنجي ڀلائي هئي، هڪ ڏينهن هو
پنهنجي دوست رفيق سان گڏ واپس اچي رهيو هو ته، هن
ڏٺو ته هن جي ڪلاس ۾ گڏ پڙهندڙ تنوير وڏن ڇوڪرن
سان سگريٽ پي رهيو آهي. اهو ڏسي هن کي تمام گهڻي
حيرت ٿي، ان جو شمار ته ڪڏهن سٺن ڇوڪرن ۾ ٿيندو
هو. هن پنهنجي دوست رفيق کان پڇيو هن جي باري ۾ ته
هي ڇا آهي؟ ان تي رفيق هن کي جواب ڏنو ته: ”جنهن
کي سٺي اخلاق ۽ سٺي رستي تي هلائڻ لاءِ ڪوئي نه
هوندو آهي. ته ان جو اهڙو ئي حال هوندو آهي.“
اسان وقت تي انهن نصيحتن تي ڌيان نه ٿا ڏيون ۽
پوءِ پڇتائيندا آهيون، ليڪن اهي ئي نصيحتون اڳتي
هلي ڪري اسان جي لاءِ فائديمند ثابت ٿينديون آهن.
شير محمد کي اهو سڀ ڪجهه ڏسي ڏاڍو ڏک ۽ شرم ٿيو ۽
ان سوچيو ته : ”هن دنيا ۾ برن ڪمن تي هلائڻ وارا
گهڻا آهن، ليڪن سڌي راهه تي هلائڻ وارا ٿورا آهن،
جي منهنجي ڀيڻ منهنجو خيال نه رکي ها ۽ سٺن ڪمن جي
نصيحت نه ڪري ها ته پڪ منهنجو حال به هنن جهڙو هجي
ها.
جڏهن شير محمد جي ڀيڻ گهر واپس آئي ته هن ڏٺو ته
هن ۾ سٺي تبديلي آئي هئي. هوءَ تمام گهڻي خوش ٿي ۽
حيرت به ٿيس ته ڇو هيٺ منهن ڪيو ويٺو آهي، جڏهن هن
کان پڇا ڪيائين ته: ”ڇا ڳالهه آهي ادا؟“ تنهن تي
هن چيو ته: ”ادي مون کي معاف ڪر، منهنجي پيار ڀيڻ،
مان هاڻي تنهنجي نصيحت تي عمل ضرور ڪندس.“
ان ڏينهن کان وٺي هن ڀيڻ سان واعدو ڪيو ته هاڻي
سٺن رستن تي هلندس ۽ نصيحت تي عمل ڪندس.
پيارا ساٿيو! اسان کي به گهرجي ته پنهنجي وڏن جي
نصيحت تي عمل ڪريون ۽ ان کي برو نه مڃون ڇو ته
اسان جي ان ۾ ڀلائي آهي.
گل حسن حجام
صحبت جو اثر
حيدر ننڍي هوندي به ڏاڍو شرارتي هوندو هو، وڏي
ننڍي جو ڪو خيال نه ڪندو هو. هر ڪنهن کي چرچا هڻڻ
هن جو روز جو معمول هو. حيدر جوا به ڪندو هو، ان
ڪري هن ۾ ٻيون بڇڙايون به گهڻيون اچي ويون. تڏهن
ته سياڻن چيو آهي ته!: ”هڪ برائي ٻي برائي کي جنم
ڏئي ٿي.“ هي جوا ڪرڻ جي پورت ڪرڻ لاءِ ماڻهن سان
ٺڳيون، ڪوڙ ۽ چوريون ڪرڻ به سکي ويو. هن جا ماءَ
پيءُ ويچارا غريب هئا. اهي گهڻو ئي سمجهائيندا
هئس، پر هن تي ڪنهن جي به چڱي ڳالهه اثر نه ڪندي
هئي.
هن آهستي آهستي سگريٽ پيئڻ به شروع ڪيا، پوءِ
گانجو پيئڻ به شروع ڪيو، ۽ هاڻي هو شراب جو به
موالي ٿي ويو هو. ”ٽڪو ڏيئي پرايو ٻار کارجي.“ هن
کي هير وجهڻ لاءِ ماڻهو، اهو سڀ ڪجهه مفت ۾ سخا
ڪندا هئا. حيدر ننڍي هوندي به گهڻين براين جو شڪار
ٿي ويو. هي اسڪول مان پنج درجا پاس ڪيل هو. پڙهڻ ۾
هوشيار به هو، پنج درجا پرائمري جا پاس ڪرڻ کان
پوءِ اهڙي بري صحبت ۾ اچي ويو، جو منجهس سڀ برايون
به اچي ويون. ان مان ڇوٽڪارو هن لاءِ هاڻ مشڪل هو.
ماءُ پيءُ ويچارا غريب ۽ شريف اچي هن جي بڇڙاين
مان ڦاٿا، روز ڪونه ڪو حيدر جي اچي شڪايت ڪندو هو.
هڪ ڏينهن حيدر شهر مان چوري ڪري جوا جو شوق پورو
ڪرڻ لاءِ وڃي جوا تي ويٺو. انهيءَ ڏينهن پوليس به
جوارين جي تلاش ۾ هئي. ان ڏينهن پوليس ڇاپو هڻي
جوارين کي پڪڙي وڌو، انهن جوارين ۾ حيدر به شامل
هو. جڏهن اها خبر حيدر جي مائٽن کي پيئي ته هو
ويچارا ڏاڍا پريشان ٿيا. نيٺ ڳوٺ جي چڱي مڙس رئيس
ولڻ کي منٿ ميڙ ڪري ڇوڪري کي پوليس مان ڇڏرائي
آيا. حيدر جي مائٽن ڏٺو ته حيدر جيڪڏهن هتي ئي
هوندو ته ڪونه سڌرندو. تنهن ڪري هن کي شهر وارن
مائٽن ۾ ڇڏي آيا. شهر جي مائٽن حيدر جون جيڪي
برائيون ٻڌيون تن کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ حيدر جي مائٽن
کي چين ته ”الله ڪندو ته هتي اوهانجو ڇوڪرو سڌري
ويندو.“ هن جا شهري مائٽ پڙهيل لکيل ۽ سمجهو هئا.
انهن هن جي سٺي نموني تربيت ڪئي. حيدر کي اتي دوست
به سٺا لکيل پڙهيل ۽ شريف ملي ويا. هي اتي انهن
سان رِلي ملي ويو. انهن سٺن دوستن جي ڪري هي به
سٺو ٿيڻ لڳو، جيڪي هن ۾ عادتون هيون هن مان نڪرڻ
لڳيون. هاڻي هي هڪ سٺو ڇوڪر ٿي ويو آهي. هاڻي هي
هر وقت ڪتاب پڙهندو رهندو آهي. هي هاڻي ڏاڍو سمجهو
۽ با ادب ڇوڪرو آهي. جو هر ڪنهن جي عزت ڪري ٿو.
هن هاڻي شاعري ڪرڻ به شروع ڪئي آهي. مائٽ هن کي
همٿائيندا رهن ٿا. هاڻي هي هڪ شاعر آهي. تنهن ڪري
هرڪو هن کي حيدر ننڍڙو شاعر چوندو آهي.
پيارا ٻارو! تڏهن ته چوڻي مشهور آهي ته ”جهڙي صحبت
تهڙو اثر“ ٻارو بري صحبت کان پري ڀڄو.
عبداللطيف ”شاد“
انساني جسم
اوهان کي اهو پڙهي تعجب ٿيندو ته انساني دماغ ۾
25، ارب کان به وڌيڪ نيوٽران هوندا آهن، جيڪي
پنهنجو ڪم هر وقت ڪندا رهندا آهن. حالانڪه ننڊ جي
دوران به انهن جو ڪم ساڳيءَ طرح جاري رهندو آهي،
پوري دُنيا جو ٽيليفون نظام به ان جي برابر ڪم نٿو
ڪري سگهي، اسان جي دل، جيڪا هڪ ننڍي پمپنگ اسٽيسن
آهي، ان ۾ ٻه پمپ هوندا آهن. هڪ ڦڦڙن کي رت پهچائي
ٿو ته جيئن اتان آڪسيجن جذب ڪري سگهي، ٻيو ان صاف
ٿيل رت کي پوري بدن ۾ ڊوڙائڻ جي لاءِ، هڪ ماڻهوءَ
جي سراسري زندگيءَ ۾ دل 3 لک ٽن رت پمپ ڪري ٿي، ۽
پنهنجي بجلي به پاڻ ئي خود بخود پيدا ڪري ٿي.
سَتر سال جي زندگيءَ ۾ انسان جي دل 4، کرب دفعه
ڌڙڪي ٿي، اهڙي طرح هڪ ماڻهوءَ جي سراسري زندگي ۾
ڦڦڙ، 50 ڪروڙ دفعا ڦُوڪبا ۽ سُسسندا آهن. انسان جي
اک ۾ هڪ کرب کان به وڌيڪ روشني قبول ڪرڻ وارا ريشا
هوندا آهن. اهو تعداد انهن ستارن جي برابر آهي،
جيڪو ”ملڪي وي“ نالي ڪهڪشان ۾ ڳوليو ويو آهي.
انسان جي بدن ۾ رَتَ جي نَلين جي اگر ماپ ڪئي وڃي
ته انهن جي ڊيگهه سَٺ هزار کان هڪ لک ميل ڊگهي
ريلوي لائن جي برابر وڃي ٿيندي.
انسان جو جسم 30 ڪروڙ ڪيميائي جُزن تي مشتمل آهي.
کل ته سهي
هڪ همراهه ڪنهن وٽ مهمان ٿي ويو، (ميزبان پڇيس)
”ٿڌو پيئندا يا گرم“،
مهمان چيو: ٿڌو، ميزبان پڇيس ”ڪائي جي گلاس ۾ يا
اسٽيل جي گلاس ۾،
مهمان چيو: ”ڪائي جي گلاس ۾“
ميزبان چيو: ”معاف ڪجو، اسان وٽ ڪائي جو گلاس
ڪونهي.“
رشيد احمد چنا، نصير آباد.
هڪ دوست، ٻئي دوست کان پڇيو ”يار تنهنجي مادري
زبان ڪهڙي آهي“ دوست جواب ڏنس: ”يار منهنجي ڪابه
مادري زبان ڪانهي، ڇو ته منهنجي ماءُ گونگي آهي.“
محمد اسلم جهتيال
ٻه بيوقوف عجائب گهر ڏسڻ ويا، اتي هڪ ماڻهو جو
مجسمو ٺهيل هو ۽ ان تي لکيل هو. 1510 ق. م اهو ڏسي
هڪ بيوقوف چيو: يار لڳي ٿو ته ويچارو ڪنهن
ايڪسيڊنٽ ۾ مئو آهي، ٻئي چيو: ”ها يار، تڏهن ته
ٽرڪ جو نمبر به لکيو اٿن.
عارف ڪلادي گهوٽڪي
هڪ همراهه پٽ کي چيو، ”پٽ ڪتابن ۾ لکيل آهي ته
عورتن جي صلاح تي نه هلجي.
پٽ چيو: ”ها بابا، تڏهن ته امڙ جي چوڻ تي مان
اسڪول نه ويندو آهيان.“
عبدالقدوس بروهي ميهڙ.
هڪ ڊاڪٽر وٽ مريض آيو، ڊاڪٽر ان کي چيو ”مان اک
ڏسي بيماري سڃاڻي ويندو آهيان، ۽ تنهنجي کاٻي اک
مان لڳي پيو ته توکي مليريا ٿي آهي.“
مريض چيو: سائين، اها ته منهنجي پٿر جي نقلي اک
آهي.
ذوالفقار علي چاچڙ، گهوٽڪي.
هڪ ڇوڪر، پنهنجي دوست کي چيو ”يار منهنجي پيءُ وٽ
سڄي دنيا جا خط ايندا آهن، پر پڙهندو نه آهي.
دوست پڇيس ”ڇا اڻپڙهيل آهي.“
ان چيو ”نه يار، منهنجو پيءَ ٽپالي آهي.“
پرنس امداد علي چاچڙ، گهوٽڪي.
هڪ جج وٽ هڪ چور آيو، جج ان کي چيو، ”جڏهن مان
پرائيويٽ وڪيل هوس، ته تو ٻڪري چورائي هئي، ۽ جڏهن
سرڪاري وڪيل ٿيس، ته، تو ڍڳي چورائي هئي، هاڻ
جڏهن، مان جج ٿيو آهيان ته، تون مينهن جي چوري جي
ڪيس ۾ آيو آهين.“
چور چيو: ”سائين، مون به ترقي ڪئي آهي.“
نور الدين خاصخيلي ٿاڻو بولاخان
ٻه ڇوڪرا پاڻ ڊاڙون هڻي رهيا هئا، هڪ چيو: ”منهنجي
ڏاڏي وٽ اهڙي مينهن هوندي هئي، جو کير ڏهبو هو ته
آئسڪريم ٺهي پوندي هئي.“ اهو ٻڌي، ٻئي دوست چيو:
يار منهنجو ڏاڏو گنجو هوندو هو، ان جي مٿي تي بيدو
ڀڃبو هو ته آمليٽ ٺهي پوندو هو.
نريش ڪمار پبلڪ اسڪول حيدرآباد
هڪ همراهه ڪڏهن به راڻي باغ ڪونه ڏٺو هو، هڪ دوست
ان کي راڻي باغ گهمائڻ وٺي آيو، جڏهن، هن زيبرا کي
ڏٺو ته چيائين: شهري ماڻهو ڏاڍا هوشيار آهن، گڏهه
کي به رنگ ڏيئي بيهاريو اٿن.
علي نواز جتوئي، هالا.
گل ڦل قلمي دوستي
* نالو: نزڪت علي سهاڳ – ڪلاس ڏهون (اي)
وندر: شاعري ڪرڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس طيب شريف تعلقو رتوديرو.
* نالو: خدا بخش سومرو، ڪلاس: ڇهون
وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 11 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ماٿيلو.
* نالو: شاهه خالد ڪاظمي، ڪلاس: اٺون (اي)
وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 14 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس ور شهر، تعلقو گهوڙا ٻاري ضلعو
ٺٽو.
* نالو: حاجي خان راڄڙ، ڪلاس: نائون
وندر: شاعري ڪرڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول بس اسٽينڊ لوڻ کاڻ
تعلقو کپرو.
* نالو: اشرف علي هڪڙو، ڪلاس: نائون (سي)
وندر: معلوماتي ڪتاب پڙهڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: واپڊا ايريگيشن ڪالوني پنو عاقل.
* نالو: عبدالحفيظ شيخ، ڪلاس: نائون (سي)
وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 14 سال
ائڊريس: عبدالولي اينڊ برادرس شيخ منزل محله مير
علي بازار خيرپور ميرس.
* نالو: بيهاري لال، ڪلاس: نائون (اي)
وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 14 سال
ائڊريس: سٽي گيٽ ڪول ڪارنر نزد سٽي گيٽ هوٽل
عمرڪوٽ.
* نالو: ثناءَ الله ڏهر، ڪلاس: ڏهون (بي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمر ڊهو گهوٽڪي.
* نالو: شاهنواز لاشاري، ڪلاس: ڏهون
وندر: معلوماتي ڪتاب پڙهڻ، عمر: 18 سال
ائڊريس: لاشاري رائيس مل تلهار.
* نالو: نديم علي ڪورائي، ڪلاس: نائون (اي)
وندر: اداڪاري ڪرڻ“ عمر: 15 سال
ائڊريس: ايشيا هوٽل اسيشن روڊ لاڙڪاڻو.
* نالو: آغا ذوالفقار جويو، ڪلاس: (اٺون) (بي)
وندر: قرآن شريف پڙهڻ، عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ون ميهڙ.
* نالو: عرفان احمد ميمڻ، ڪلاس: اٺون (اي)
وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 13 سال
ائڊريس: ڪامران ڪنفڪشنري اسٽور شاهي بازار بدين.
* نالو: عبدالڪريم: ڪلاس: ستون (اي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 12 سال
ائڊريس: مدرسه عربيه محمديه فريد آباد تعلقو ميهڙ.
* نالو: وفا اياز علي سومرو، ڪلاس: اٺون
وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ، عمر: 14 سال
ائڊريس: محمد هاشم چنا بوٽ هائوس ڦلجي اسٽيشن ضلع
دادو.
* نالو: آفتاب حسين شاهه، ڪلاس: نائون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: فرينڊز ويلفيئر سوسائٽي ڏهرڪي.
* نالو: خان محمد ڀٽو، ڪلاس: ڏهون (ڊي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 17 سال
ائڊريس: نيو قلندري هوٽل نزد جامع مسجد سڪرنڊ، روڊ
نوابشاهه.
* نالو: اعجاز علي پاهي، ڪلاس: نائون (اي)
وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: سي سترهن واپڊا ڪالوني ڄامشورو.
* نالو: ارشاد احمد شيخ، ڪلاس: اٺون (اي)
وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 10 سال
ائڊريس: رسول بخش شيخ پان هائوس مين روڊ ميرپور
ساڪرو.
* نالو: آصف علي کوسو: ڪلاس: نائون (اي)
وندر: ادبي رسالا پڙهڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: کوسه فلورمل سجاول روڊ شهدادڪوٽ.
* نالو: محمد موسى ميمڻ، ڪلاس: يارهون
وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 17 سال
ائڊريس: ميمڻ ڪريانه مرچنٽ دولت ڪالوني نوابشاهه.
* نالو: محمد صفر سولنگي، ڪلاس: يارهون
وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول سيتا روڊ
وليج ڀريا.
* نالو: اسحاق مهراڻ، ڪلاس: ڏهون (سي)
وندر: شاعري ڪرڻ، عمر: 16 سال
ائڊريس: شبير ٽيلرز سجاول ضلعو ٺٽو.
* نالو: محمود فراز قاضي، ڪلاس: ستون (اي)
وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 13 سال
ائڊريس: شهباز ميوزڪ سينٽر طارق روڊ هالا نوان.
* نالو: تيرٿ داس، ڪلاس: اٺون،
وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ، عمر: 14 سال
ائڊريس: ڊاڪٽر گهنشام داس روحل بس اسٽينڊ عمرڪوٽ.
* نالو: گُل خان بروهي، ڪلاس: نائون (بي)
وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سڙهاري.
* نالو: صفي الله رستماڻي، ڪلاس: نائون
وندر: ٻارن سان پيار، عمر: 14 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس واهي پانڌي تعلقو جوهي.
* نالو: عبداللطيف، ڪلاس: ڏهون (اي)
وندر: گُل ڦل پڙهڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: سومرا بوٽ هائوس نزد جامع مسجد شاهي بازار
بدين.
* نالو: مختيار احمد مهڙ، ڪلاس: اٺون (سي)
وندر: ادب سان چاهه، عمر: 10 سال
ائڊريس: نذير احمد ڪريانه مرچنٽ عظيم ڪالوني سڪرنڊ
روڊ نوابشاهه.
* نالو: خان زمان جوکيو، ڪلاس: اٺون (اي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: ڪاٺوڙ وايه ملير سٽي ڪراچي
* نالو: احسان علي سومرو، ڪلاس: ڏهون
وندر: علم سان پيار، عمر: 15 سال
ائڊريس: ضلع پوسٽ آفيس ڏهرڪي نئون.
* نالو: عبدالفتاح دائوداڻي، ڪلاس: ستون (سي)
وندر: گُل ڦل پڙهڻ، عمر : 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول وارهه.
خط
ادا: اپريل وارو گل ڦل مقرر ڪيل تاريخ کان هڪ ٻه
ڏينهن اڳ مليو، پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي، اميد ته رسالو
وقت تي ڪڍندا رهندا، هن ڀيري ڪهاڻين ۾ آئون مرڻ
چاهيان ٿو، ڌوڌم، ٽي دوست، شينهن ۽ ٻلي، جهڙي ڪرڻي
تهڙي ڀرڻي، قلم جي آتم ڪهاڻي، تر جي گُٿي، ٻالڪ
سکيا، واڍو ۽ ماسي مصيبت بيحد پسند آيون، شاعري ۾،
بيخود بلوچ، ”درد“ سولنگي، انجم قاضي، آصف مٺياڻوي
جي شاعري پڙهڻ جوڳي هئي.
رجب علي ڪنڀر ڪوٽ غلام محمد.
ادا، جيئن ته گل ڦل جا اسان پُراڻا پڙهندڙ آهيون،
تقريباً هي اٺون نائون سال آهي. وچ تي توهان کي
ڪجهه مجبوريون ٿي پيون هيون، جنهن ڪري رسالو عدم
تسلسل جو شڪار رهيو 93 ۽ 94 سال اسان رسالي جا
مسلسل شمارا پڙهي نه سگهياسين جنهن ڪري اسان کي
تمام افسوس آهي، اميد رکون ٿا ته مستقبل ۾ گل ڦل
وڌيڪ ڪاميابون ماڻيندو اسان جي دعا توهان سان گڏ
آهي، توهان جا ساٿي.
حفيظ الله حفيظ پنهور، ۽ آصف مسعود پنهور دادو.
ادا، آئون گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، مگر خط
پهريون ڀيرو موڪلي رهيو آهيان، اميد ته شايع ڪري
همٿ افزائي وڌائيندا، ادا اپريل جو رسالو ورتم
جنهن ۾ خاص ڪهاڻيون، آءُ مرڻ ٿو چاهيان، خوفناڪ
ڏند، ڌوڌم، ٽي دوست، شينهن ۽ ٻلي ۽ شاعري، کل ته
سهي، رنگ ڀريو، نتيجو ڀريو، تمام گهڻو پسند آيا،
ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان، قبول ڪندا.
عبدالغني گوپانگ چوهڙ جمالي.
ادل، اپريل وارو پرچو هٿن ۾ آهي. ادا هي پرچو به
ٻين پرچن وانگر وقت اندر مليو، ۽ اها اميد رکن ٿو
ته مئي وارو پرچو به وقت اندر ملندو، هن پرچي ۾
پير حسام الدين راشدي جهڙن عظيم شخصيتن جي باري ۾
معلومات ڏني ويئي هئي.
ان کان علاوه ”ٽي دوست“ ”لولي“ ”ڌوڌم“ ”ماسي
مصيبت“ وغيره لکڻيون وڻيون.
ادا چند ڏينهن اڳ مون هڪ مضمون موڪليو هو، جنهن جو
نالو ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٽاور“ هو، جيڪو اڃا تائين
ڪونه شايع ٿيو آهي، ادا آءُ ”گل ڦل قلمي دوستي“
لاءِ تعارف موڪلي رهيو آهيان، اميد ته شايع ڪندا.
اوهانجو ڀاءَ علي اصغر کوسو ميهڙ.
ادل، هن دفعي ته ”گل ڦل“ پنهنجي مقرر تاريخ کان به
اڳ مليو، حالانڪ سندس معمول ڪجهه ٻيو هوندو
آهي...!!!.... ڇا اهو اپريل ڦول توهان اسان سان هر
مهيني نه ٿا ملهائي سگهو؟....؟؟؟.... ڪٿي توهان
کان غير شعوري طور تي هي رسالو وقت کان اڳ ۾ شايع
ته نه ٿي ويو آهي؟؟ بهرحال ادا سائين: رسالو وقت
تي پهچڻ جي خوشيءَ ۾ توهان کي ۽ مڙنئي دوستن کي دل
جي اٿاهه گهراين سان واڌايون...
قمر الدين قريشي، درگاهه جوڻاڻي شريف.
ادا سائين مان ”گل ڦل“ جو پراڻو پڙهندڙ هيس، پر
ڪنهن .... سبب، ائين کڻي ته غفلت سبب رسالو پڙهڻ
ڇڏي ويس، منهنجي ڀاءُ مون کي اپريل جو ”گل ڦل“ وٺي
ڏنو. پڙهيم سچ پڇو ته ڏاڍو وڻيو، رسالو بهتر بلڪه
بهترين آهي، هن جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي.
اگر ناراض نه ٿيو ته؟ تعريف سان گڏوگڏ ڪجهه تنقيد
به ڪندو هلان. سلسلو ”خط“ پڙهيم اسان جو هيڏي قرب
۽ سڪ سان اوهان ڏانهن خط لکون ٿا. ته توهان اسان
کي موٽ ۾ ڇا ٿا ڏيو؟ صرف هڪ يا اڌ سٽ جو جواب به
نه !!! ادا اڪبر جسڪاڻي پنهنجي قيمتي وقت مان ٿورو
وقت ڪڍي، اسان جي خطن ”جيڪي جواب جوڳا“ هجن انهن
جا جواب ڏيندا ڪريو ائين ڪرڻ سان توهان ۽ اسان جي
وچ ۾ جيڪو مفاصلو آهي، اهو ختم ٿي ويندو، ۽ ائين
لڳندو ڄڻ اسان ۽ توهان گڏجي هن رسالي کي بهترين
بنائڻ جون تدبيرون ڪري رهيا آهيون.
۽ ها! هڪ ڳالهه ته مون کان وسري ويئي! ”نتيجو رنگ
ڀريو“ ۽ نتيجو خال ڀريو ۾ جيڪي انعام کٽندڙ آهن،
انهن سان گڏوگڏ جيڪڏهن باقي ٻين دوستن جا نالا به
شامل ڪيا وڃن ته بهتر رهندو.
(نوٽ، ادا نالا ايترا اچن ٿا جو پوءِ مواد بدران
رڳو نالا هوندا، ايڊيٽر)
رياض حسين وڌو، شهدادڪوٽ
ادا اپريل 1995ع وارو گل ڦل هٿ ۾ آهي خاص ڪري ”ٽي
دوست“ محمد اقبال کوسو جي تحرير ڪيل اسٽوري مون کي
تمام گهڻي پسند آئي ۽ ٻيو کل ته سهي!
اوهانجو: محمد موسيٰ سولنگي، هنڱورجا.
ادا، مان توهان جو گُل ڦل هر مهيني پڙهندو پيو
اچان، ڪيترائي خط اڳ به لکيا اٿم، پر ڪنهن به گُل
ڦل ۾ منهنجو خط شايع نه ڪيو ويو آهي، آخر مون
مسڪين جي خطن کي شايع ڪيو ڇو نٿا؟ ادا، جيڪڏهن
هيءَ آخري خط شايع نه ڪيو ته پوءِ مان به گُل ڦل
خريد نه ڪندس.
ادا، اپريل وارو گل ڦل هٿن ۾ آهي، پڙهي ڏاڍي دل
خوش ٿي، رسالو ٽائيم تي مليو، آئينده ڪوشش ڪجو ته
رسالو ٽائيم تي ئي نڪري.
هاڻي رسالي تي هڪ نظر، غلام مصطفى سولنگي جي ڪهاڻي
ڏاڍو کلايو، ان کانسواءِ ”ڌوڌم“ آئون مرڻ چاهيان
ٿو ۽ ٽي دوست به سٺيون ڪهاڻيون هيون.
راجا اعجاز احمد آريسر ڍورو نارو.
ادا، ڀاءُآئون گل ڦل رسالي جو نئون پڙهندڙ آهيان ۽
خط به پهريون دفعو لکي رهيو آهيان. هن وقت منهنجي
هٿ ۾ اپريل جور سالو آهي. ڪهاڻين ۾ آءُ مرڻ چاهيان
ٿو، خوفناڪ ڏند، ڌوڌم، ٽي دوست، جهڙي ڪرڻي تهڙي
ڀرڻي، ماسي مصيبت تمام گهڻو پسند آيون، مستقل
سلسلن ۾ قلمي دوستي، کل ته سهي پنهنجو مٽ پاڻ آهن،
مون کي يقين آهي ته منهنجو خط شايع ڪندا.
عبدالله شيخ سکر.
ادا، گل ڦل جي اعزازي ڪاپي (اپريل 95) ملي،
يادگيري ڪرڻ لاءِ اداري جو ٿورائتو آهيان، هن
وڻندڙ شماري ۾ شروع کان آخر تائين سمورو مواد
موهيندڙ آهي، خاص ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي
جيون ڪٿا، معصوم ٻالڪن جي جذبن جي عڪاسي ڪندڙ
ليکڪن جون ڪهاڻيون ۽ شاعري پسند آئي.
”واڍي بابت ليک ۽ فوٽو شايع ڪرڻ تي لکت لائق باقي
”گل ڦل“ جي گلزاري وڌائڻ لاءِ اڃا به ڪجهه نوان
سلسلا رکو ته واهه واهه.
فقط: تيجوُ رام هنسراجاڻي سوٽهڙ، ميرواهه گورچاڻي.
ادا، اپريل وارور سالو پوري وقت تي روانو ڪرڻ لاءِ
مهرباني ۽ ادا سائين ڪجهه صلاحون هن ريت (1) رسالي
جي شروع ۾ حمد ۽ نعت هئڻ ضروري آهي. (2) رسالي ”گل
ڦل“ ۾ ڪا جاسوسي قسط وار ڪهاڻي هجي ته چار چنڊ لڳي
وڃن. (3) رنگ ڀريو ۽ خال ڀريو جدا جدا پنن تي هئڻ
کپن. (4) شاعري لاءِ الڳ ٻه پنا هئڻ کپن، جيئن
لطيفن لاءِ آهن. باقي ٻيو رسالو پنهنجو مٽ پاڻ
آهي.
مير عبيدالله خان ٽالپر، ڳوٺ مير شير محمد خان
ٽالپر.
ڀائو جيئن ته اوهان جو اڏايل ڪبوتر، اسان جي
آستانن تائين پهتو، سچ ته ”گل ڦل“ رسالو پڙهي تمام
گهڻي خوشي ٿي، ”گل ڦل“ ۾ ”مير معصوم بکري“ پير
حُسام الدين راشدي ۽ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي
ڀٽو، پڙهڻ جوڳا هئا. ان کانسواءِ الطاف شيخ جي
ڪهاڻي ”آءُ مرڻ چاهيان ٿو“ ۽ عبدالقيوم، اوڳاهي جي
ڪهاڻي شينهن ۽ ٻلي تمام سٺي لڳي“ شاعري ۾، فرمان
چانڊيو، حليم ساهڙ ۽ انجم قاضي، تمام سٺا لڳا.
امر نثار هاليپوٽو سخي ڄام ڏاتار درگاهه.
ادا، آئون گل ڦل رسالو تمام گهڻي وقت کان پڙهندو
يو اچان، مگر خط پهريون ڀيرو لکي رهيو آهيان،
هينئر اپريل وارو پرچو منهنجن هٿن ۾ آهي، پيارا
ڀاءُ اسان چاهيون ٿا ته ٻارڙن جور سالو گل ڦل ڀلي
ترقي ڪري اڳتي وڌي. ڇو جو هي سنڌي رسالو ٻارڙن جي
لاءِ واحد رسالو آهي، جيڪو ٻارڙن جي رهنمائي پيو
ڪري، هن رسالي ۾ ڪجهه نواڻ آڻيو ته بهتر ٿيندو.
قلم جي آتم ڪهاڻي، جهڙي ڪرڻي تهڙي، ڀرڻي، واڍو،
ڪاش اهڙو قدم نه کڻان ها، کل ته سهي، رنگ ڀريو،
خال ڀريو، شيهن ۽ ٻلي تمام گهڻو پسند آيا.
عاگو صفي الله رستماڻي واهي پانڌي.
نتيجو رنگ ڀريو 19
هن سلسلي ۾ ڪيترن ئي ٻارن رنگ ڀري موڪليا، پهريون
نمبر آيو، جمنو لال ڪڪريجا، مهراڻ لائبرري ٻڍاڻي
تعلقو ڪشمور.
هن ڀاءَ کي رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي.
نتيجو خال ڀريو – 19
هن ڀيري به ڪيترن ئي ٻارن خال ڀريو موڪليا، جن مان
هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا.
1.
جواب: (1) بيت اللحم، (2) غار ثور (3) نيل آرم
اسٽرانگ (4) سانتياگو (5) برطانيه.
2.
علي اڪبر سيٺا، ڪلاس ڏهون هاءِ اسڪول ٻورڙي پوسٽ
رستم، ضلع شڪارپور.
3.
جاويد احمد درياڻي، معرفت دڪاندار خادم حسن درياڻي
ميهڙ
4.
طالب حسين ريٽي معرفت، عبدالواحد ريٽي موٽر سائيڪل
ورڪس جناح روڊ اوستا محمد بلوچستان.
5.
بنگل چاچڙ معرفت، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار قادرپور ،
گهوٽڪي.
6.
وارث بن صلاح، گهر نمبر 501 درياءَ روڊ ڪوٽري.
7.
شبير احمد سيٺار، معرفت عبدالستار ٻرڙو دڪاندار،
شڪارپور.
8.
ظفر علي ميراڻي، هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو،
گهوٽڪي.
9.
آفتاب حسين ساريو ڪلاس نائون، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو.
10.
فهيم ستار خانزادو ڪلاس نائون (بي) ڪيڊٽ ڪاليج
لاڙڪاڻو.
11.
سعود جروار، ڪلاس اٺون هاءِ اسڪول بڪيرا شريف،
ٽنڊو الهيار
12.
ذوالفقار علي انڍڙ عباسي ڪريانه اسٽور بشير آباد،
پنو عاقل،
13.
آڪاش سولنگي پوسٽ بهارو ملان وايا محرابپور جنگسن
نوشهروفيروز.
14.
جڳ ديش ڪمار، معرفت امر ٽيلر صمد مارڪيٽ عمرڪوٽ
15.
محم يعقوب سنگهڙ، سنڌ جنرل اسٽور پيرل ڳوٺ گهوٽڪي.
16.
بشير احمد چنا، ڪلاس چوٿون پرائمري اسڪول ڪارياڻي
ڀان سيد آباد.
17.
پرنس تيرٿ داس معرفت ٽلو مل پوسٽ ڪنري.
18.
محمد راشد دايو، معرفت يعقوب ڪٻاڙ وارو شهدادڪوٽ.
19.
عبدالوحيد درياڻي معرفت: خادم حسن درياڻي مين روڊ
ميهڙ.
رنگ ڀريو – 21
هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار جو رنگ
صحيح ڀريل هوندو، ان کي گل ڦل رسالي جي هڪ ڪاپي
اعزازي موڪلبي.
موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس: ...............
خال ڀريو – 21
هيٺ ڏنل جملن ۾ صحيح موڪليو، جن ٻارن جا پنج ئي
خال صحيح ڀريل هوندا، انهن کي ”گل ڦل“ رسالي جي
ڪاپي اعزازي موڪلبي!
1.
حضور صلعم جنهن ڏاچي تي اڪثر سواري ڪندا هئا، ان
جو نالو ..... هو.
2.
حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن ..... سن ۾ قائم ٿي.
3.
مينار پاڪستان جو نقشو..... نالي انجنيئر ٺاهيو
هو.
4.
پاڪستان جي هوائي ايئر لائين
P.I.A
جو بنياد ..... سن ۾ پيو.
5.
پهرين گول ميز ڪانفرنس لنڊن ۾ ................
جاءِ ۾ ٿي هئي. |