سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون  1995ع

باب: --

صفحو :3

چاهه کان پوءِ چيائين: ”انڪل، ريسٽ ڪندا يا مان V.E.R تي توهان کي ڪا، ڪارٽون فلم ڏيکاريان، ڪارٽون مون کي ڏاڍا پسند آهن، مون کيس چيو: ”نه گڊو، مون کي واپس وڃڻو آهي، ڊيڊي کي سلام چئجانءِ“ چيائين: ”نه انڪل، ڊيڊي ڳالهائيندو، هو ڄاڻ آيو، اڄ جمع جو ڏينهن آهي، منجهند جي ماني کائي پوءِ وڃجو ۽ امي ماني تيار ڪري پئي.“ ائين چئي اٿي ويو، پوءِ پنهنجي اسڪول جي طرفان انعام ۾ مليل ٽرافي کڻي آيو،۽ فوٽن جو البم، به، پوءِ مون کي سمجهائڻ لڳو، انڪل هي منهنجي مس آهي. هي، مان تقرير ڪري رهيو آهيان ۽ هي اسان جو پرنسپال صاحب آهي، جيڪو مون کي ٽرافي انعام۾ ڏيئي رهيو آهي: انڪل اسان جي اسڪول ۾ ڪمپيوٽر به سيکاريندا آهن. مان سندس ڏاهپ ڀريون ڳالهيون ٻڌي رهيو هوس. ايتري ۾ چيائين، ”انڪل، بابا ڳوٺ وٺي ويو هو، پر اتي ته ٻار، هيٺ پٽ تي پڙهڻ ٿا، گهڻا ٻار ته، پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا. استاد مون کان انگريزي سوال پڇيا، پر انڪل، استادکي به انگريزيڪانه ٿي آئي، رڳو شاگردن کي ماري رهيو هو، انڪل اسان به جي ڳوٺ ۾ رهون ته، پڙهي ڪونه سگهنداسون، سچ ته انڪل: بابا، شام جو ٽيوشن ڏيندو آهي، پر ڪي لفظ ڊڪشنري ۾ ڏسندو آهي.“ ايتري ۾، منهنجو دوست اچي ويو. اسان هڪ ٻئي سان ملي حال احوال ڪرڻ لڳاسين، گڊو اٿي هليو ويو، مون دوست کي چيو: ”يار، واهه جو گڊو جي تربيت ڪيئي اٿيئي، هي ته توکان اسان کان وڌيڪ ذهين آهي.“ ايتري ۾ گڊو آيو، ”ڊيڊي، اٿو هٿ ڌوئي ماني کائو،“ پوءِ اسان هٿ ڌوئي، کاڌي واري ڪمري ۾ جتي وڏي ٽيبل ۽ ڪرسيون رکيل هيون، ويٺاسين.

گڊو، اسان سڀني کان آخر ۾ ڀاڄي پنهنجي پليٽ ۾ لاٿي، ۽ ڏاڍي احتياط سان کائي رهيو هو. مون دوست کي چيو، ”حيدر، ڏي خبر پاڻ وٽ جي مهمان گهر ۾ ايندو هو ته، ڪيئن نه اڳ ۾ ماني کائڻ لاءِ رُئندا هئاسين، ۽ مهمان آڏو وڏن کان خرچي گهرندا هئاسين.“ اسان کلڻ لڳاسين، گڊو چيو: ”انڪل ايڪسڪيوزمي، ماني کائڻ وقت ڳالهائبو نه آهي.“

مون ساري چئي، مرڪي کيس ڏٺو ۽ سوچيم، ”واقعي اسان جو ٻار اسان جون سونهون آهن، پر کيس سٺي، تعليم ماحول ۽ سٺي تربيت ڪئي وڃي ته سنڌ ڌرتي جا سڀ ٻار گڊو جهڙائي ذهين.“

جيئن ته مون کي واپس حيدرآباد واپس موٽڻو هو، ان لاءِ دوست کان اجازت ورتم، هو مون کي بس تائين ڇڏڻ لاءِ هيٺ لٿو، گڊو به ساڻس گڏ هو، مون 50 رپيا ڪڍي، گڊو کي ڏٺا ته نه ورائين، ۽ چيائين: ”انڪل، نه اها خراب ڳالهه آهي ۽ مون کيس چيو ”گڊو، هي تنهنجو انعام آهي.“

امتحان ۾ پهريون نمبر آيو آهين.“

چيائين: ”انڪل پوءِ ڪو تحفو وٺي ڏجو“ مان ۽ سندس پيءَ کلڻ لڳاسين، پوءِ پئسا پڻس کي ڏيندي چيم ”گڊو کي سٺو تحفو وٺي ڏجانءِ“ پيءَ کي چيائين: ”نه ڊيڊي، انڪل جڏهن، اچي ته پاڻ تحفو ويٺو اچي، ڇو جو انڪل ايندوئي ڪونهي،“ ايتري ۾ پريان ڪراچي کان حيدرآباد لاءِ ايندڙ بس نظر آئي، مون گڊو کي پيار ڪيو، دوست کان موڪلايم، ايتري ۾ بس اچي ويجهو پهتي هٿ ڏنم، بس بيٺي، بس ۾ چڙهيس ته گڊو جو آواز آيو ”انڪل خدا حافظ، مون به هٿ لوڏ کيس خدا حافظ چيو.

بس تي ويهڻ سان منهنجي ذهن ۾، ٻهراڙي جا ٻار  ۽ اسڪول ڦرڻ لڳا، ڪٿي اسڪول آهي ته عمارت ڪانهي، عمارت آهي ته استاد ڪانهي، جي استاد ۽ اسڪول آهن ته والدين، ايترا ته غريب آهن جو ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻ بدران مال چارائن ٿا. ڪا ٻارڙا ڇولا کپائن ٿا. ڪٿي ته والدين جي توجهه نه هجڻ سبب ٻار اسڪول ئي ڪونه ٿا وڃن ۽ اسان جا والدين ٻارن سان پي جي شفقت ۽ پيار بدران انهن کي هيسائي ڇڏن ٿا. سوچيندي، سپر هاءِ ويتي ڪيترائي ڳوٺ نظر آيا جتي ٻارڙا مال چاري رهيا هئا. ۽ وري ذهن ۾ ڪراچي جا هوٽل ۽ گيريج ذهن تي آيا، جتي ٻارڙا مزدوري ڪن ٿا، سوچيندي سوچيندي ذهن ۾ اهوئي سوال آيو، اسان جو ٻار ذهين آهي. هوشيار اهي، پر سڀ ڪم هوند جو آهي، ڪاش گورنمينٽ طرفان ٻارن لاءِ اهڙا اسڪول کوليا وڃن، جتي انهن جي سهڻي نموني سان تربيت ٿئي ته هوند، اسان جي ملڪ جو هر ٻار، گڊو وانگر ئي ذهين ٿيندو، پر ڪاش اهڙو وقت اچي. اوچتو هڪ ٻار جي آواز منهنجا خيال وکيري ڇڏيا، صفا گڊو جيترو،  بس ۾ دال سبوَ جو هوڪو ڏيئي رهيو هو. منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا سوچيم، هن ٻار کي به ته ڪنهن سٺي اسڪول ۾ پڙهڻ گهرجي، پر اهو وقت ڪڏهن ايندو، ڪاش اهو وقت جلدي اچي ۽ هي سنڌ واسي ٻار مزدوري بدران اسڪول ۾ پڙهن!

اياز پاٽولي

ماءُ جي آس

منهنجا پٽڙا پيارا، پيارا،

دل جي راحت اک جا تارا،

ڏينهن اُهو آ اَچڻ وارو،

ٿيندو ڀاڳ بنديءَ جونيارو،

علم جي دولت حاصل ڪندي،

باغ اَرم جا گل چونڊين،

ڳاڙهي، ڳاڙهي ڪنوار پرڻبين،

مٺڙي جيجل جي آس پُڄائيندين،

پنهنجي وطن جو ٿيدين سَهارو،

ورندو پوءِ منهنجو وارو،

ٿيندو شان تنهنجو نرالو،

دشمن لئه ڀاري ڀالو،

ڪرنل، جرنل، ميجر ٿيندين،

ملڪ پنهنجي جو رهبر ٿيندين.

پيارا پٽڙا! نيڪ آَمڙ جون،

نيٺ ته پڄنديون آسون!


 

جاني اسحاق ملاح

ٻارن تي

مان شاعر هان ٻارو لکان گيت ٿو ٻارن تي،

لکان چهرن پيارن تي، لکان ننڍڙن سارن تي.

 

لکان سمنڊن تي ٻارو لکان ڍنڍن تي ٻارو،

لکان ڍورن نارن تي، لکان گيت نظارن تي.

 

رُت مينگهه ملهاريءَ تي، لکان ڪڪرن ڪارن تي،

مند برکا تي لکجي، لکان گيت بهارن تي.

 

لکان ڪاڇي ۽ ٿر تي، لکان ڪينجهر منڇر تي،

لکان هارين نارين تي، لکان گيت ڌنارن تي.

 

ڪوئل جي ڪوڪڻ تي، لکان باغن گلڙن تي

لکان رنگن سارن تي چنڊ ستارن تي.

شوڪت علي ”شوق“ نظم

چنڊ

مون کي پيارو آهي چنڊ، مون کي وڻندو آهي چنڊ،

ڇنڊ جي ڇا مان ڳالهه ڪيان، پيارو آهي مامو چنڊ.

 

رات جو سڀ کان پهريان مان، ڏسندو آهيان، نيارو چنڊ،

چنڊ جي سونهن جي ڪنهن کي خبر، ڪيڏو پيارو چنڊ.

 

قدرت هن کي ٺاهيو آ، روشن هن کي بڻايو آ،

ڪري ٿو روشن ساري جڳ کي، چوڏهين جو آهي چنڊ.

 

بي چين ٿيندو آهيان مان، رات اچڻ جي شوق ۾،

ثناءَ ڪري ڇا شوڪت ان جي، ان کي وڻندو آهي چنڊ.

غلام محمد غازي

نظم

وقت غنيمت آهي ٻارو،

وقت کي ڪين وڃايو يارو.

سورج چنڊ ستارا سارا،

وقت تي ڏيندا آهن وارا،

چستي ۽ چالاڪي ڪريو،

موتين سان سڀ جهولي ڀريو.

جن به سڃاتي وقت جي ڌارا،

سي ٿيندا آهن سوڀارا،

وقت نه موٽي ايندو آهي،

وقت ته بيهڻ جوئي ناهي.

وقت وقت جو رنگ نيارو،

وقت جو آهي، ڍنگ نيارو.

وقت نه ڪڍندو ڪاڻ آ ڪنهن جي،

مرضي آهي وقت جي پنهنجي.

وقت وڃائڻ سور پرائڻ،

وقت جو گهرجي نغمو ڳائڻ.

وقت جو قدر ڪيو اي ٻارو،

وقت کي غازي سمجهو سهارو.

عطا محمد ڀنڀرو

موچي ۽ ڄامڙا

ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن شهر ۾ هڪڙو موچي رهندو هو، جيڪو وڏو ڪاريگر هو. وڏي ڳالهه ته هو وڏو ايماندار پڻ هو، کيس پنهنجي هنر ۽ ڪانگريءَ تي ناز هو. سٺن ۽ سهڻن بوٽن ٺاهڻ ۾ هن جهڙو ڪو ڪاريگر ڪونه هو. پورهيو ڪندي هو ٿڪبو ئي ڪونه هو، پر هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو وٽس چمڙي خريد ڪرڻ جيترا به پئساڪونه بچيا هئا.

”مون وٽ هينئر چمڙي خريد ڪرڻ لاءِ ڪو پئسو ڪونه آهي.“ هن ڏک مان پنهنجي گهر واريءَ کي چيو. ”تو وٽ جيڪو چمڙي ٽڪر بچيو آهي،ان مان بوٽ ڪٽي ڪري صندليءَ تي رکي ڇڏ.“ موچي بسم الله ڪري ان عمدي چمڙي مان بوٽ ڪٽي ڪوري صندلي تي رکي وڃي مٿي سمهي پيو.

صبح جو سندس خوشيءَ جي حد نه رهي جو ڪم واري صندليءَ تي تمام سهڻن بوٽن جو جوڙو اڳ ۾ ئي ٺهيو پيو هو. اهڙا سهڻا ۽ سٺا بوٽ هن زندگي ۾ ڏٺائي ڪونه هئا. جڏهن هن انهن سهڻن بوٽن تي لڳل سهڻا بکيا ڏٺا ته پنهنجون اکيون مهٽڻ لڳو.

”هيڏانهن ته اچ“ هن پنهنجي زال کي ڏاڍي اتساهه مان سڏ ڪيو.

”منهنجا هي سهڻا بوٽ ته ڏس.“

سندس زال بوٽ ڏسي حيران ٿي وئي. پوءِ اهي بوٽ وڏي بها سان هڪدم کپي ويا، موچي عمدي چمڙي خريدڻ لا مارڪيٽ ويو. ان رات هن ٻه جوڙا بوٽن جا چمڙي مان ڪٽي ڪوريڪم ڪرڻ واريءَ صندليءَ تي رکي ڇڏيا. صبح جو اتي نهايت ٺاهوڪا جوڙا ٺهيا جڙيا پيا هئا. اهو ڏسي موچي خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيو.

پوءِ هو ائين ڪندو رهيو ۽ پئسا ڪمائيندو رهيو. ٿورن ڏينهن ۾ وٽس چڱي دولت گڏ ٿي وئي. شهر جا ٻيا وڏا وڏا ڪاريگر سڄو ڏينهن محنت ڪري بوٽ ٺاهيندا هئا ۽ هي همراهه مَزي سان لَتَ تي لت چاڙهيو ستو پيو هوندو هو.

عيد کان ٿورو اڳ ۾ سندس گهر واريءَ کيس چيو ته ”منهنجي دل گهري ٿي ته جيڪي سهڻا بوٽ ٺاهن ٿا، جيڪر انهن کي ڏسون اڄ رات اوٽائتا بيهي ڏسئون ته سهي ته اهي سهڻا بوٽ ڪير ٿو ٺاهي؟“

ٺيڪ ان وقت جڏهن گهڙيال جي سُئين ٻن وڇڙيل دوستن وانگر هڪ ٻئي کي ڳري لڳايو ته کليل دريءَ مان پتڪڙا ماڻهو پٽاڪيون ڏيندا آيا، هنن هڪدم مترڪن ۽ بَکين سان چمڙي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو تان جو بوٽ تيار ٿي ويا. پوءِ هو اوزار رکي ماٺ ميٺ ڪيو، جا ڏهون آيا هئا، تاڏي هليا ويا.

”هينئر پتو پيو ته اهي بوٽ ڪير ٿا ٺاهين؟“

”موچيءَ جي زال چيو، ”ويچارا پتڪڙا پٿون، اُهي ته سيءَ ۾ ڪُرڙي وانگر ڦٿڪي رهيا هئا.“

”اسان هنن لاءِ ڪپڙا جوڙينداسون.“

سندس مڙس چيو ”ڪڙتا، سلوارون ۽ بوٽ.“ ۽ ”جورابا پڻ وٺي اينداسون.“

سندس زال چيو.

عيد واري رات، انهن پتڪڙن ماڻهن جون سوکڙيون سببجي تيار ٿي ويون ۽ ٻنهي، زال مڙس اهي سوکڙيون ڪم ڪرڻ واريءَ صندليءَ تي رکي ڇڏيون ۽ پاڻ اوٽائتا ٿي بيهي رهيا.

جڏهن ڄامڙا پهتا ته هنن پنهنجن نون نڪورن ڪپڙن ڏانهن گهوري ڏٺو، هوُ خوشيءَ ۾ لڙ ۽ گوڙ ڪندا رهيا ۽ سهڻا ڪپڙا پڻ پهريندا رهيا، پوءِ ميز تي بيهي نچڻ ٽپڻ لڳا، نچندي نچندي هنن ڳائڻ به شروع ڪيو.

”موچي آهيون محنت وارا

ڪپڙا پنهنجا پيارا پيارا

سڪ سان روز ڪمايون مٺڙا

ڪنهن کي ڪين رنجايون مٺڙا.“

پوءِ ٽپڪيون ڏيندا، دريءَ مان ٻاهر نڪتا هليا ويا.

ڄامڙن جو اهو آخري ڀيرو هو، هو وري ڪڏهن به دڪان تي ڪونه آيا، پر مسڪين موچي کي ايڏو شاهوڪار ڪري ويا، جو سڄي عمر هن سک ۽ آرام سان گذاري.


 

الطاف حسين سميجو

چالاڪ لوهار

پيارا ٻارو!

گهڻو وقت اڳ جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ملڪ تي هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو. بادشاهه پنهنجي رعيت سان نهايت ايمانداري، عدل ۽ انصاف سان پيش ايندو هو. سندس رعيت به هن مان تمام گهڻو خوش هئي، ڇاڪاڻ ته هو غريبن جو بي حد خيال ڪندو هو، ساڻن جيڪڏهن ڪو مسئلو پيدا ٿيندو هو ته بادشاهه ان کي نهايت انصاف سان ۽ جلدي حل ڪري وٺندو هو.

انهن ئي گڻن جي ڪري سموري ملڪ ۾ هاڪ هوس ۽ پري پري تائين سندس واکاڻ جا گڻ پيا ڳائبا هئا. بادشاهه پنهنجي رعيت مان خوش ۽ رعيت بادشاهه مان خوش، ان کان وڌيڪ بادشاهه لاءِ ٻي خوشيءَ جي ڳالهه ڪهڙي هئي. بس هڪ ڳالهه اها ته هو حد کان وڌيڪ ٿلهو هو، جنهن سبب کيس رعيت سان ملڻ جو موقعو نه ملندو هوس، ڇاڪاڻ ته هو ٿولهه جي ڪري پنهنجي محل کان درٻار تائين وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪيڏانهن به نه ويندو هو، ايتري تائين جو ملڪ جو دورو وغيره به ڪري نه سگهندو هو، بس وزيرن ۽ مشيرن جي مدد سان پيو حڪمراني ڪندو هو.

هڪ ڏينهن درٻار ۾ ويٺي ويٺي وزير بادشاهه کي چيو، ”بادشاهه سلامت! شان ۾ گستاخي نه سمجهو ته هڪ ڳالهه چوان.“

بادشاهه وزير جي اکين ۾ اکيون ملائيندي وراڻيو:

”هائو! تون اسان جو نيڪ عقلمند وزير آهين، تون جيڪا به ڳالهه ڪندين ان ۾ اسان جي ئي ڀلائي يا چڱائي هوندي. تون چئه، جيڪي ڪجهه توکي چوڻو آهي.“

بادشاهه وهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي وزير ڏانهن متوجهه ٿيو.

”بادشاهه سلامت، ڇا اهو بهتر نه ٿئي ها ته، اوهان خود شاهي سواريءَ تي چڙهي، سموري ملڪ ۾ گهمو ها، ماڻهن جا مسئلا ٻڌو ها، ۽ ڏسو ها ته اوهان جي رعيت اوهان کي ڪيترو پسند ڪري ٿي.“

وزير جي ڳالهه بادشاهه کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو. بادشاهه حيران ٿيندي پڇڻ لڳس.

”اسان تنهنجو مطلب نه سمجهيو؟“

”بادشاهه سلامت، اوهان ايترا ته پنهنجي رعيت ۾ مقبول آهيو، جو اوهان جي هڪ حڪم تي اوهان جي رعيت ڪنڌ ڪپرائي سگهي ٿي. اوهان انهن ۾ صرف اهو اعلان ڪرائي ڇڏيو ته،  جيڪو به اوهان جي ٿولهه جو علاج ڪندو، انهن کي انعامن اڪرامن سان نوازيو ويندو، ته ڪيترائي ماڻهو – امير غريب – حڪيم فقير اوهان لاءِ نسخا، صلاحون ۽ مشورا کڻي ايندا، انهن مان ممڪن آهي ته اوهان جو علاج ٿي وڃي.“

بادشاهه کي وزير جي ڳالهه دل سان لڳي، جنهن تي هو وزير جي ڳالهه تي مرڪڻ لڳو ۽ ڳاٽي سان هائو ڪرڻ لڳو. ٻئي ڏينهن تي سموري ملڪ ۾ پڙها ۽ اعلان اچي ويا ته ”جيڪو شخص بادشاهه سلامت جي ٿولهه جو علاج ڪندو ۽ کيس ان مان نجات ڏياريندو ان کي شاهي خزاني مان ڪيترائي انعام ڏنا ويندا ۽ ان شخص کي درٻار ۾ نوڪري پڻ ڏني ويندي.“

بادشاهه پاران انهيءَ اعلان ڪرائڻ کان پوءِ ماڻهن ۾ هلچل مچي ويئي. هرڪو پنهنجا تجربا ڪتب آڻڻ لڳو ته ڪو وري دوائون تيار ڪرڻ لڳو، ڪي تعويذن ۽ ڦيڻ جو بندوبست ڪرڻ لڳا ته ڪي وري صلاحون ۽ مشورا گڏ ڪرڻ لڳا، مطلب ته جيترا هئا ماڻهو، اوتريون ڳالهيون. پنج، ڇهه مهينا گذري ويا، پر بادشاهه کي ذري برابر به فائدو يا فرق نه ٿيو. بادشاهه کي ذري برابر به فائدو يا فرق نه ٿيو. بادشاهه به هر قسم جي دوا واپرائي ڏٺي، پر سندس حالت اهائي هئي.

ان ملڪ ۾ غريب پر چالاڪ ۽ هوشيار لوهار پڻ رهندو هو. هو صبح جو ڪم تي ويندو هو ۽ شام جو گهر واپس ايندو هو. سڄي ڏينهن جي ڪمائيءَ مان سندن گهر جو خرچ ڏاڍي مشڪل سان هلندو هو. ان هوندي به هُو خدا جو شڪر ادا ڪندو هو. هڪ ڏينهن ڪم ڪندي، کيس ذهن ۾ هڪ ترڪيب سُجهي آئي ۽ پنهنجي قسمت آزمائڻ خاطر بادشاهه جي درٻار ڏانهن روانو ٿيو. بادشاهه اڳيان احترام ۽ عاجزيءَ منجهان سلام ڪيائين. سلام کان پوءِ هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”بادشاهه سلامت! هڪ ڀيرو مون غريب کي به علاج ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ ته مون ڏاڍي محنت ۽ جفاڪشيءَ کان پوءِ هي ڪجهه دوائون تيار ڪيون آهن، اميد اٿم ته رائيگان نه وينديون ۽ اوهان جي انهيءَ جنجل منجهان جان ڇڏائينديون.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com