انجم قاضي
وقت
ساجد هڪ ذهين ٻالڪ هو، سڄي اسڪول ۽ پاڙي ۾ هن جي
ذهانت جا مثال ڏنا ويندا هئا. واقعي هو هيو به
مثالن ڏيڻ جهڙو، هن جو پيءَ هڪ شگرمل ۾ ملازم هو.
ساجد جا ماءُ پيءُ تمام گهڻا مسڪين هئا، ايڏي غربت
هوندي به هو پنهنجي پٽ ساجد جي خواهشن جو پنهنجي
وس آهر پورو پورو خيال ڪندا هئا، ساجد اٺين جماعت
جو شاگرد هو. هو هر وقت پنهنجي پڙهائي ڏانهن ڌيان
ڏيندو هو. هو سدائين پنهنجي اسڪول ۾ پهرين يا ٻي
پوزيشن کڻندو هو، هو ڪنهن به ٻار يا پاڻ وڏي سان
اجايو ڪونه ڳالهائيندو هو. بس پنهنجي ڪم سان ڪم
رکندو هو.
هو اجايو شهر ۾ به ڪونه گهمندو هو. ساجد جا جيئن
جيئن امتحان ويجهو ٿي ٿيندا آيا، هو تيئن اڳ کان
به وڌيڪ محنت ڪرڻ ٿي لڳو. اڌ اڌ رات پڙهڻ ۾
گهاريندو ٿي رهيو.
اڄ امتان جو ڏينهن به اچي ويو. هو صبح سويري نوان
نڪور ڪپڙا پائي امتحان جو نتيجو به اچي ويو. نتيجي
جي خبر پوندي ئي ساجد تڪڙو تڪڙو بڪ اسٽال ڏانهن
وڌڻ لڳو، اخبار هٿن ۾ کنيائين تڪڙ تڪڙ ۾ پنهنجو
سيٽ نمبر ڏسي خوشيءَ ۾ جهومڻ لڳو، ڇو ته هن هر سال
وانگي هن سال به پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي. هو
اها اخبار کڻي، اها خوشخبري پنهنجي استاد کي به
ٻڌائڻ ٿي گهري، هو جيئن ئي اسڪول ۾ داخل ٿيو ته
سامهون سندس استاد صاحب ويٺل نظر آيس. ساجد استاد
صاحب کي اها اخبار ڏيندي چوڻ لڳو ” سائين هي نتيجو
ڏسو، مان هن سال به پهريون نمبر آيو آهيان.“ استاد
صاحب ساجد کي يپار ڪندي چوڻ لڳو ”ساجد توکي
مبارڪون هجن هي صرف تو، پنهنجو مانُ نه وڌايو آهي،
بلڪ اسان جي اسڪول جو به مانُ مٿاهون ڪيو آهي.
ساجد پنهنجي استاد جا هٿ چمندي چوڻ لڳو ”مانوارا
سائين هي سڀ ته اوهانجون محبتون ۽ محنتون آهن، جو
اڄ مان هن منزل تي رسيو آهيان نه ته مان ان لائق
....“ استاد وراڻيو ”نه ساجد ائين آهي به ۽ ناهي
به، ڇو ته ڪوبه استاد ائين ڪونه چاهيندو آهي ته ڪو
منهنجو شاگرد پوزيشن حاصل نه ڪري، افسوس ان ڳالهه
جو ٿيندو آهي، جو اسان جي انهن محبتن ۽ محنتن جي
باوجود به ڪجهه شاگرد تعليم کان بلڪل باغي ٿين ٿا
۽ بعد ۾ سڄي عمر پڇتاءُ ي کوهه ۾ اڇليو ڇڏن پاڻ
کي.“
ساجد استاد صاحب جون اهي نصيحت ڀريون ڳالهيون ٻڌي
پوءِ استاد کان موڪلائي، پنهنجي گهر ڏانهن روانو
ٿي ويو جيئن پنهنجي گهر پهتو، در کوليائين ته گهر
جي بورچيخاني ۾ پنهنجي ماءُ کي رڌ پچاءُ جي
بورچيخاني ۾ پنهنجي ماءُ کي رڌ پچاءُ ۾ مصروف
ڏٺائين. ساجد سڪ وچان پنهنجي ماءُ کي ڀاڪي
پائيندي، امتحان جي نتيجي جو ٻڌايو، ماڻس اها
خوشخبري ٻڌندي، گهڻي کان گهڻو پيار ڪرڻ لڳيس ۽
دعائون ڪرڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي.
”شال ٻچڙا جڙيلو رهين، شال نه ڪو، ڪوسو واءُ لڳئي،
شال زندگيءَ جي هر قدم تي ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون
ماڻيندو رهين.“
ڪجهه دير کان پوءِ ساجد جو پيءُ به پنهنجي گهر
آيو. ساجد جي ڪاميابيءَ جي خوشخبري شهر ۾ ئي اخبار
۾ ڏٺي هئائين، ان ڪري پاڙي ۾ مٺائي ورهائڻ لاءِ
شهر مان مٺائي وٺي آيو هيو، پوءِ اها مٺائي پاڙي
جي ننڍڙن۽ پيار ٻارڙن ۾ ورهايائين.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، ساجد نائين ڪلاس ۾ داخلا
ورتي، ان ڪلاس ۾ ساجد جو هڪ منير نالي ڇوڪرو دوست
ٿي ويو، ساد ۽ منير ٻئي هڪ ئي ڊيسڪ تي ويهندا هئا،
منير هڪ وڏي گهراڻي جو ٻالڪ هيو، ان ڪري هر وقت
اهوئي سوچيندو هيو ته مان پڙهي ڇا ڪندس؟ منهنجي
گهر ۾ ڇا نه آهي، ڪار موٽر سائيڪل، وي سي آر، ڊش
اينٽينا وغيره وغيره، پڙهڻ ته ان کي گهرجي، جنهن
وٽ زندگيءَ جون آسائشون موجود نه هجن، پاڻ وٽ ته
ايتري دولت آهي، جو مان ته مان، پر منهنجو ايندڙ
نسل به اها دولت کپائي نه سگهندو، منير جي اهائي
سوچ سندس تعليم ڏانهن ڌيان هٽائي ڇڏيندي هئي، ساجد
کيس هڪ سٺي دوست هجڻ جي ناتي سان تمام گهڻو
سمجهائيندو هيو. ليڪن منير ساجد جي انهن سمجهاڻين
کي هڪ ڪَنَ مان ٻڌي ٻئي ڪَنَ مان ڪڍي ڇڏيندو هيو.
اڄ به ٻنهي دوستن ۾ اهوئي بحث ڇڙيل هئو.
”مان پڙهي ڇا ڪندس، مون کي تعليم جي ڪهڙي ضرورت
آهي، مان ته هتڙي صرف صرف ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ
ايندو آهيان،“ منير، ساجدکي چئي رهيو هو. ساجد
منير کي وري سمجهائيندي چيو، ”س منير! تعليم صرف
آسائشن ماڻڻ لاءِ ڪونه هوندي آهي، تعليم صرف نوڪري
ڪرڻ لاءِ ڪونه هوندي آهي، تعليم صرف پنهنجي پيٽ جي
بک پوري ڪرڻ لاءِ ڪونه هوندي آهي، تعليم صرف دولت
کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪونه هوندي آهي. ڏس منير تعليم
ته انسان کي انسانيت سيکاري ٿي. تعليم ته انسان
کي حَسين بڻائي ٿي. تعليم ماڻهوءَ کي ماڻهپو
سيکاري ٿي، تعليم انسان جي قدم قدم تي رهنمائي ڪري
ٿي. تعليم انسان لاءِ ايتري ضروري آهي، جيترو هر
ساهه واري شيءِ لاءِ پاڻي ضروري آهي.“ منير، ساجد
جي انهن ڳالهين مان بوريت محسوس ڪندي چيو ”ها يار
ها، مون کي سڀ خبر آهي، مهرباني ڪري اهي پنهنجا
ليڪچر پاڻ وٽ هٿيڪا رک“ ساجد منير کي وري نرم لهجي
۾ سمجهائيندي چيو ”ڏس منير سياڻپ مان ڪم وٺ، سوچ
ٿورو هيءَ اسان جي اهڙي عمر آهي، و اسان اگر ٿورڙو
ويهي وقت وڃايوسين يا تعليم کان لنوايوسين ته بعد
۾ اسان پاڻ کي پاڻ ته ٺهيو پر اسان جو ايندڙ نسل
به اسان کي پاراتا ڏيندو.“
منير وري به ساڳيو جواب ڏيندي، ساجد کي چوڻ لڳو
”يار خدا کي مڃ، تنهنجون نصيحتون ٻڌي ٻڌي، هاڻ ته
مون کي مٿي ۾ سور پئجي ويو آهي، چڱو هاڻي مان گهر
وڃان ٿو، سڀاڻي وري ملنداسين.“
”باءِ باءِ.“
پوءِ منير موڪلائي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو،
وقت پنهنجي تيز رفتاريءَ سان هلندو ٿي رهيو. هاڻي
ته منير اسڪول کان صفا منهن ئي موڙي چڪو هو، منير
جو والد ۽ والده به منير کي اسڪول نه وڃڻ لاءِ
ڪجهه به نه چوندا هئا. منير جي اسڪول نه اچڻ سبب
سندس جو اسڪول مان نالو به خارج ٿي چڪو هو.
ساجد پنهنجي محنت ۽ ولولي سان تعليم حاصل ڪندو
رهيو، ۽ سٺيون سٺيون پوزيشنون حاصل ڪندو رهيو.
ساجد جي هاڻ عمر ٻاويهه سال ٿي چڪي هئي. هن کي
سرڪار پاران تعليم کاتي ۾ سٺي نوڪري ملي هئي ۽
هاڻي گهر جا سڀ ڀاتي سڪون جي زندگي گهاريندا هئا.
ساجد جيئن ئي اڄ پنهنجي آفيس ڏانهن اچي رهيو هو،
ته ڪافي عرصي کان پوءِ شهر جي هڪ فوٽ پاٿ تي منير
نظر آيس، جيڪو ريڙهيءَ تي فروٽ وڪڻي رهيو هو، ساجد
پنهنجي ڊرائيور کي ان ريڙهيءَ ڏانهن اشارو ڪندي
چيو ”گاڏيءَ کي ان ريڙهيءَ وٽ روڪ“ جيئن ئي ساجد
منير وٽ پهتو ۽ ڀرسان بيهي چوڻ لڳو، مان هي خواب
ته نه ڏسي رهيو آهيان؟ ڇا يار تون واقعي اهو اسڪول
وارو منير آهين؟ منير ساجد کي پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي ۽
روئڻ واري انداز ۾ چيو ”نه دوست اهو خواب نه پر
حقيقت آهي، مان اهوئي اسڪول وارو منير آهيان“ ساجد
منير کي همدرديءَ مان وري ڀاڪر پائيندي پڇڻ لڳو
”يار هي سڀ ڪجهه ڇا آهي، هي ڇا لاءِ ۽ ڇو ٿيو؟“
منير ساجد جا اهي سوال ٻڌي روئندي پنهنجي دردناڪ
ڪهاڻي ساجد کي ٻڌائيندي چيو ”مان يار گهڻي دولت
ڏسي سڀ ڪجهه وساري ويٺو هيس ۽ ان دولت جي ڪوڙي نشي
۾ گم ٿي ويو هيس، ساري پنهنجي دولت عياشيءَ ۽ جوئا
۾ هارائي ڇڏيم هاڻ ته مسواڙي جڳهه ۾ پنهنجي ماءُ ۽
ڀينرن سان گڏ رهندو آهيان، ۽ هينئر سارو گذر سفر
هن فروٽ جي ريڙهيءَ تي آهي.“ منير جي دردناڪ ڪهاڻي
ٻڌي ساجد جي اکين ۾ به پاڻي تري آيو، پوءِ منير به
ساجد کان پنهنجي زندگيءَ جو حال احوال پڇيو. ساجد
پنهنجي زندگيءَ جو احوال ڏيندي چيو ”مان تعليم
کاتي ۾ آفيسر آهيان، بنگلو ۽ هي ڪار به سرڪار
پاران ملي اٿم، مطلب ته الله جا لک لک شڪر آهن، جو
اڄ مان هن منزل تي پهتو آهيان.“
ساجد جون اهي ڳالهيون ٻڌي منير چوڻ لڳو ”واقعي يار
هر ماڻهوءَ کي پنهنجي محنت جو ڦل ضرور ملي ٿو،
ڪاش! مان تنهنجا ليڪچر مٿي جا سور سمجهڻ بجاءِ روح
جي راحت سمجهان ها ته اڄ هي مون کي ڏينهن ڏسڻا نه
پون ها“ ساجد پنهنجي دوست جي بي وسي ڏسي تڪڙ ۾
پنهنجي پرس مان پنهنجي بنگلي جي ايڊريس جو ڪارڊ
ڪڍي ڏنو ۽ چيائين ”اڄ شام جو هن ايڊريس تي مونسان
ملڻ لاءِ ضرور اچجانءِ.“
پوءِ ساجد پنهنجي آفيس ڏانهن روانو ٿي ويو، شام جو
منير ساجد سان ملڻ لاءِ ساجد جي بنگلي تي آيو،
ساجد کيس پنهنجي آفيس ۾ پٽيوالي جي نوڪري وٺي ڏيڻ
لاءِ چيو، اها ڳالهه ٻڌي منير خوشيءَ مان جهومڻ
لڳو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منير کي نوڪري ملي وئي ۽
پوءِ زندگي ڪجهه نه ڪجهه سڪون سان گهارڻ لڳو.
اسماءَ هارون
ڳِجهه؟
نالو ته هن رڪشاءَ ڊرائيور جو رحيم بخش هو، پر
سڀئي پاڙي وارا کيس رحمو ڪري سڏيندا هئا. رحمو سچ
پچ رحمو هو. سندس دل ۾ رحم جو جذبو سمنڊ جي ڇولين
وانگر مؤجزن هو. هوُ ڪنهن پاڙيسري کي فڪرمند ڏسندو
هو ته هن کان پڇندو هو: ”ادا! ڇا ڳالهه آهي؟
تنهنجو رحمو ڪهڙي ڏينهن تنهنجي ڪم ايندو؟“ ايئن هو
دل وندرائيندڙ انداز ۾ فڪر مند پاڙيسريءَ جو غم
ونڊائڻ جي ڪوشش ڪندو هو؛ ۽ جي ٿي سگهندو هو ته
پوءِ پنهنجيءَ وت آهر عملي طور ڪجهه ڪري به ڏيندو
هو! هن کي خاص ڪري سموري دنيا جي ٻارن سان ڏاڍي
محبت ۽ چاهه هوندو هو. رستي ويندڙ ماڻهن جي يا
سندس رڪشاءَ ۾ ويٺل پاسنجرن جي ٻچڙن کي هوُ پنهنجي
قميص جي سدا ڀريل کيسي مان قيمتي سٺيون ٽافيون،
بسڪوٽ يا تِر جا لڏون ڏئي حد کان وڌيڪ خوشي محسوس
ڪندو هو. هوُ ٻارن کي رئندو ڏسي پاڻ کي جهلي ئي
ڪونه سگهندو هو! اڪثر ايئن به ٿيو ته رُئندڙ ٻارن
جي مائرن سان اُلجهي پوندو هو!
”اوهان ٻار ڇو رُئاري رهيون آهيو؟“
”حيرت آهي ته پنهنجي ٻار کي رُئندو ڏسي به کيس ماٺ
نٿيون ڪرايو!“
”ڇا، هيءَ رُئندڙ ٻار اوهان جو ٻار آهي؟“
سندس وس پُڄي ها ته شايد سڄيءَ دنيا ۾ ننڍڙن ٻارن
۽ ڪڪن جون نرسريون ۽ ادارا قائم ڪري ئي ساهه پٽي
ها!
”رحمو!“ سندس زال صبح جو پنهنجي مڙس کي چيو :
”سمونءَ جي طبيعت رات کان خراب آهي. اڄ جلدي
اچجانءِ هوءِ ٻه الٽيون به ڪري چڪي آهي، ۽ هلڪو
هلڪو بخار به اٿس.“ رحمو فجر جي نماز کان پوءِ
دستور موجب دعائون پڙهندو پنهنجو رڪشو ترت ڪڍي
روانو ٿي ويو. قسمت سانگي چڱي خاصي ڪمائي ٿي چڪي
هئس. هو صبح کان وٺي ئي سمون جي خيالن ۾ گم هو.
سمون سندس لاڏلي سڪيلڌي ڌيءُ هئي! روز رات جو کيس
پنهنجي بستري ويجهو پينگهي ۾ سمهاريندو هو ۽ سندس
سار سنڀار ۽ خبرگيري ڪندو هو. شاديءَجي اٺن سالن
بعد سميہ، رحمو جي گهر الله جي رحمت بنجي پيدا ٿي
هئي! گهر ۾ ڄڻ نوُر ئي نُور ڦهلجي ويو هو! ٻئي زال
مڙس سمون تي پنهنجي جان ڇڏيندا هئا.
رحمو گهر موٽڻ لاءِ پنهنجي رڪشا کي موڙيو ۽ سمون
جي صحت جون دعائون گهرندو گهر ڏانهن راهي ٿيو. ڪچي
آباديءَ جو علائقو شروع ٿي چڪو هو. اوچتو سيٽي جي
تکي ۽ زوردار آواز، پنهنجن خيالن ۾ گم رحموءَ جو
ڌيان پاڻ ڏي ڇڪايو! تريفڪ جا ٽي سپاهي کيس اشاري
سان سڏي رهيا هئا! هوُ گهڻو اڳتي نڪري آيو هو پر
پوءِ به رڪشا کي اتيئي روڪي ڇڏيائين. ايتري ۾ هڪ
سپاهي رستي جي ڪنهن سواريءَ کان ”لفٽ“ وٺي هن وٽ
پهتو ۽ لهڻ ساڻ ئي هن کي زور سان ٻه ٿڦڙ وهائي
ڪڍيائين ۽ ڪنيون ڪنيون گاريون بڪيندي پوليس واري
چيو: ”پڻهين جي سڙڪ آهي رڪشا هيترو تکو ڪاهيندو
پئي آئين.“ مضبوط جسم هوندي به رحمو ڪافي تحمل ۽
صبر سان ڪم ورتو ۽ جواب ۾ چيائين ”مائي باپ! مان
ته پنهنجي هٿ تي هوس ۽ وري منهنجي اسپيڊ به ”واجبي
هئي!“ رحمو تي ٺونشنو تاڻيندي سپاهي زور سان رڙ
ڪئي: ”واجبي اسپيڊ جا ٻچا! هل – ڪڍ پنهنجو
لائسنس..... سگهو ٿي!“ رحمو گاڏيءَ جو لائسنس بنان
ڪنهن دير جي ڪڍي کيس حوالي ڪندي چيو: ”سرڪار! سڀئي
ڪاغذ مڪمل ۽ پورا آهن، سڀ واجبي ٽئڪسون ڀري چڪو
آهيان ”هُن سپاهيءَ جي گُهر جا سڀئي در اڳواٽ ۾ ئي
بند ڪري ڇڏيا! ايستائين اُهي ٻه سپاهي به اچي
پهتا، اکين اکين ۾ ”ڪوڊورڊ“ جي مٽاسٽا ٿي!
”هل ڙي ٿاڻي!“ ٻه سپاهي پٺئين سيٽ تي ۽ ٽيون
ڊرائيورجي ڀر واري جاءِ تي ويهي رهيو! رحمو جو
رڪشو جتي هو تيئي بيٺل جو بيٺل ئي رهيو!
”اڙي! ٻڌءِ ڪونه؟“ ايئن چوندي ٽنهي سپاهين رڪشا
مان لهي رحموءَ کي تقريباً پنهنجي گهيري ۾ کڻي
ورتو!
”گهڻو ڪمايو اٿئي ڙي اڄ؟ لائسنس وٺڻو اٿئي ته پوءِ
جلدي ڪر، ڪڍ ٻه سئو رپيا!“ دل کوٽي ته عذر هزار!
جيئن ته هن ڪٿا ۾ خاصو وقت لنگهي ويو هو ۽ پاڇا به
ڊگها ٿي رهيا هئا..... اوچتو رحموءَ جي ذهني
اسڪرين تي سمونءَ جي ماءُ هن کي هنج ۾ کنيو سندس
انتظار ۾ بي چين بيٺل نظر آئي! رحمو سخت بي قرار
ٿي ويو، اوچتو ڦڙتائيءَ سان کيسي مان سڄي ڏهاڙيءَ
جا ڪمايل پئسا ڪڍي هن گداگر سپاهيءَ جي ڦهليل هٿ
تي ڌرتي ڇڏيا، جنهن جي ساڄي هٿ ۾ لائسنس جهليل هو!
سڙڪ کان ذرو پاسيرو هٽي، کاٻي هٿ شهر جي غلاظت ۽
گندگيءَ سان ڀيل ميدان ۾ ٽي چار بکيون ڳِجهوُن
ڪنهن مُردار جانور جو گوشت چيري ڦاڙي کائي رهيون
هيون.
رحمون لائسنس وٺي رڪشا کي چالو ڪري گهر راهي ٿيو،
۽ هن جي ذهن ۾ آيو ته ، ڳجهن ۽ انهن ۾ ڪو فرق
ڪونهي، هو مردار، جانور جو ماس کائن ٿيون ۽ هي
غريب انسان جي ڪمائي کائن ٿا.
قلب سومرو
ڏکن پٺيان سک
رات جا سوا يارنهن ٿيڻ وارا هئا، اسان سڀني پنهنجي
گهر جي اڱڻ ۾ ويٺي، ٽي وي تي پاڪستاني فلم ڏٺي،
گرميون اچي چڪيون هيون اُن ڪري اڳيان هڪ ٽيبل پکو
هلڪي رفتار ۾ هلي رهيو هو، هوُنءَ ڏينهن جي گرمائش
ختم ٿي چڪي هئي، اوچتو اسان سڀني هڪ ٻئي طرف
حيراني ۽ خوف وچان پنهنجون نظرون ڦيرايون، ڇو جو
اُن طرف اسان جي گهر پٺيان، پاڙي ۾ هڪ گهر جي
لوڙهي کي باهه لڳي هئي ۽ باهه جي اوچائي بجليءَ جي
پولن تي ٿي پهتي، اهو هڪ غريب هاريءَ جي گهر هو
سندس گهر ۾ ٽي وي ڪونه هئي جو دير تائين جاڳي،
اسان جي گهر ۽ ٻين اهڙن گهرن ۽ هوٽلن وانگي جتي
ماڻهو فلم جي ڪري جاڳيا ٿي، اُن ڪري اُهو هاري ۽
اُن جهڙا ٻيا ماڻهو ساجهر ئي کائي پي سمهي پوندا
آهن. اُها رات جمعي جي رات هئي ۽ ٻئي ڏينهن جمعي
تي عيد هئي ۽ اسين سڀ هميشه کان وڌيڪ خوش موُڊ ۾
فلم جو مزو وٺي رهيا هئاسين، ها ته هاريءَ جي گهر
واري لوڙهي کي باهه لڳي ڪيئن؟ ڪنهن ڏني، يا
پاڻهرتو ڪنهن دونهينءَ وغيره مان، جيڪا هاري ۽
مالوند ماڻهو پنهنجي ڍورن کي مڇرن کان بچائڻ خاطر
دُکائيندا آهن. ڪا چڻگ لڳڻ ڪري لڳي وئي، اُن جو
پتو نه کيس پيو نه ڪنهن ٻئي کي، جڏهن سندس لوڙهي
کي باهه بلڪل وڪوڙي چُڪي هئي، اُن ويل اُتان ٻه
ڳوٺاڻا لنگهيا ٿي، سو جڏهن انهن ٻن ڳوٺاڻن باهه
ڏٺي ته وڏي واڪي اُن هاريءَ کي وٺي سَڏ ڪيائون ۽
سندس در کي ڏاڍيان کڙڪايائون. اسين به باهه ڏسڻ
شرط ٻاهر نڪتاسين ۽ ٻيا ڪجهه پاڙيوارا به، اهو
هاري به پنهنجي ڪُٽنب سميت جاڳي چڪو هو ۽ سڀيئي
باهه وسائڻ ۾ لڳي وياسين. باهه وڌي وئي هئي ۽
ماڻهو تمام ٿورا هئاسين، ان ڪري وٺي دانهون
ڪيونسين، دانهون ٻڌي ڳوٺ وارا به هن طرف اچڻ لڳا،
باقي هوُنءَ نه ته باهه جي خبر صرف چندپاڙيوارن کي
ئي هئي. جيڪا پلاسٽڪ واري تار بجليءَ جي پول کان
هاريءَ جي گهر ڇڪيل هئي. باهه بلڪل اُن جي هيٺان
هئي ۽ هينئر کيس ساڙڻ واري هئي، نيٺ باهه وڃي اُن
تار کي وچڙي ۽ پول مان کنوڻ وانگر چڻگون ٿي
نڪتيون، اسان مان چند ماڻهن وڃي همت ڪري بجليءَ جو
ڪنيڪشن (ڳوٺ جي ٻاهران ٽرانسفامر مان، جيڪو بجليءَ
جي تيزيءَ کي گهٽائي ضرورت مطابق ڳوٺ کي بجلي
ڏيندو آهي) ڪٽي ڇڏيو. پوءِ باهه کي نيٺ اڍ ڪلاڪ
اندر وسائي ڇڏيوسين، جڏهن سڄو ڳوٺ پلٽجي پيو ۽ هر
ڪنهن جي هٿ ۾ پاڻيءَ سان ڀريل بالٽيون، دلا ۽ ٻيا
ٿانوَ هئا ته دير ئي ڪونه ٿي.
لوڙهي جي ڀر ۾ بيٺل نم جي وڻ جو هڪ پاسو باهه جي
گرمائس ڪري سُڪي سڙي ايئن ٿي ويو هو، جيئن سرءُ ۾
وڻ ٿي ويندا آهن.
باهه لوڙهي جو چڱو ٽڪر ساڙي ڇڏيو هو، پر هينئر
باهه بلڪل ختم ٿي چڪي هئي، ۽ هر ڪوئي واپس پنهنجي
گهر پئي ويو، انهن ۾ هڪڙا ماڻهو اهڙا هئا، جيڪي
واقعي سچي نيت سان باهه وسائڻ آيا هئا ۽
ايمانداريءَ سان ڪم ٿي ڪيائون، ٻيا ماڻهو اهڙا
هئا، جيڪي رڳو لُڙ بگاڙو پيا ڪن ۽ ٽيان وري اهڙا
هئا، جيڪي بلڪل آخر ۾ آيا ۽ هر ملندڙ کان اهوٿي
پڇيائون ته: ”يار اها باهه ڪيئن لڳي، ڪنهن ڏني،
هاڻي ته وسامي وئي نه.“
ٻئي ڏينهن عيد نماز پڙهي دوستن عزيزن سان ملي عيد
مبارڪون ڏيڻ بعد جڏهن جمعي جي نماز جو وقت آيو ۽
آءُ جامع مسجد ڏانهن ويندي اُن لوڙهي کان لنگهيس
ته ايئن لڳو ڄڻ ته باهه لڳي ئي ڪونه هئي، ڇو جو ان
هاريءَ ۽ چند ٻين ڳوٺاڻن گڏجي، صبح جو سوير ئي
ٻٻرن ۽ ٻيرن مان ڍينگهر مُڇي اچي ان لوڙهي جي سڙيل
ٽڪري ۾ ڀريا ۽ اهڙي طرح جو باهه جا آثارئي نظر
ڪونه ٿي آيا. پوءِ مون سوچيو اگر اسين سڀ ڳوٺاڻا
ٻڌي ۽ همٿ ڪري ان ڏک ۽ مصيبت جهڙي صورتحال کي منهن
نه ڏيون ها، گڏجي اها باهه نه وسايون ها ته شايد
اسين ٻئي ڏينهن عيد نه ڪيون ها، ڇو جو جيڪڏهن اسين
اها باهه نه وسايون ا ته، اُها بجليءَ جي تارن جي
مدد سان پوري ڳوٺ يا پاڙي کي نه ته اُن هاريءَ جي
گهر کي ضرر ساڙي خاڪ ڪري ڇڏي ها، پوءِ اسين ڳوٺاڻا
ڪهڙي عيد ڪيون ها، پر اسان سڀي گڏجي اُن پريشانيءَ
کي دور ڪيوسين، اُن مصيبت کي ٽاريوسين ته ٻئي
ڏينهن خوشيءَ سان عيد ملهائي سين، اگر ڏک به اچن
ٿا ته انهن جا پيراکڻون، پوءِ سک اچن ٿا، انسان کي
صبر ۽ حوصلي کان ڪم وٺڻ گهرجي، پاڻ ۾ ٻڌي ۽
پنهنجائپ جو ناتو پختو رکڻ گهرجي ۽ ڪنهن به
صورتحال ۾، پوءِ اُها ڪيڏي به ڏُکي ڇو نه هجي،
گهٻرائڻ هرگز نه گهرجي، ڇو جو سياڻن جو اهو ئي چوڻ
آهي ته ڏکن پٺيان سُک، ۽ سچو انسان اهو، جيڪو ٻين
جي خوشي ۽ سک خاطر پنهنجين خوشين کي به ڇڏي ڏئي ٿو
۽ ٻين کي خوشي ۽ سک ڏيندي ئي پاڻ به خوشي حاصل ڪري
ٿو ۽ سُک ماڻي ٿو.
صفدر علي مهرالله
سهڻا سخن
1-
دنيادار دنيا جي ڪڍ ڀڄي رهيا آهن ۽ دنيا الله وارن
جي ڪڍ. (شيخ عبدالقادر جيلاني رح)
2-
دنيا ۾ دولت حاصل ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، جي ٿي
سگهئي ته ڪنهن جي دل حاصل ڪري وٺ. (شيخ سعدي رح)
3-
عقلمند انسان اهو آهي، جنهن سان ڀل دنيا نفرت ۽
دشمني رکي، پر ان جي دل ۾ ڪنهن جي لاءِ نفرت ۽
دشمني نه هجي. (نظام الملڪ طوسي)
4-
کلڻ وارن سان گڏ کلندي نه ڪر، بلڪ روئڻ وارن سان
گڏ روئيندو ڪر. (شيخ عبدالقادر جيلاني رح)
5-
دوستن سان به آهستي ڳالهاءِ متان دشمن نه ٻڌي وٺي
(شيخ سعدي رح)
6-
دوست کي محبت ۽ عزت ضرور ڏيو، پر کين راز نه ڏيو.
(نامعلوم)
7-
اها بيوقوفي آهي، جو پنهنجي دل جو راز پاڻ ڪنهن کي
ٻڌائي، پوءِ وري ان کي چوي ته ڪنهن کي نه
ٻڌائجانءِ. (شيخ سعدي رح)
ڊاڪٽر منير احمد چنو
ڌٻڻ
اڄ مان ڪيترو نه خوش آهيان، هرڪو پيو، مون کي
مبارڪون ڏئي، ڀلا، مون کي مبارڪون به ڇو نه ڏين،
مان هن سال، پنهنجي ڳوٺ جي مڊل اسڪول ۾ پهريون
نمبر آيس. امتحان ۾ محنت ڪري پهريون نمبر اچڻ جي
خوشي به عجيب آهي. خوشيءَ مان، دنيا جي هر شيءِ
خوبصورت لڳندي آهي، هر هنڌ پيار ملندو آهي، گهر ۾،
پاڙي ۾ بلڪ پوري ڳوٺ ۾ عزت ملندي آهي، سڀ ڪجهه ته
سٺو لڳندو آهي.
بهرحال ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، شهر جي هاءِ اسڪول ۾
داخلا وٺڻ لاءِ وياسون ٿڪجي پياسون ته هڪ هوٽل ۾
چانهن لاءِ ويٺاسون. هوٽل ۾ ڊش اينٽينا لڳل هئي،
سو بس انڊيا جا گانا خوب پيا هلن ۽ مزو به ڏين
پيا. اسان جو ٿڪ ته گانن ۾ ئي لهي ويو. ڳوٺ ۾ ڊش
جون ڳالهيون ته خوب ٻڌندا هئاسين، پر هينئر ته
ڏسون پيا، جهڙي تعريف ٻڌندا هئاسين، ان کان به
وڌيڪ وڻي پئي، خير چانهه پي، اٿياسون، پر اٿڻ جي
لاءِ دل ڪنهن جي به نه پئي چوي، پر مجبوري هئي ۽
سواري جو به مسئلو هيو.
پهرين ڏينهن ۾ ته اسڪول ۾ پڙهائي نه پئي ٿئي ۽ مان
روزانو وڃي ڊش جا مزا ماڻيدو هوس، پر جڏهن پڙهائي
زور وٺندي وئي، تڏهن به مان رسيس ۾ گسائي وڃي ڊش
تي ويهندو هوس. بس پوءِ پڙهائي ڏانهن دلچسپي وئي
گهٽجندي ۽ ڊش ڏانهن دلچسپي وئي وڌندي، نائين درجي
جا امتحان به اچي ويجها ٿيا، مون کي ڪاپيءَ جو
آسرو هيو ان ڪري امتحان جي پرواهه ئي ڪونه هئي.
هن سال ته امتحان ۾ خوب سختي ٿي، ڪاپي بلڪل بند،
نتيجي ۾ مان ٻن سبجيڪٽن ۾ فيل ٿي پيس، سڄي ڳوٺ ۾
حيرت ڦهلجي وئي، مون کي شرمندگي محسوس ٿئي پئي؛
گهر ۾ ۽ ڳوٺ ۾ ڪٿي به عزت نه پئي ملي، سڀ پيا، مون
کان ڀڄن ته متان، اسان کي به خاري وجهي.
بس ائين ئي پيا ڏينهن گذرن ته، هڪ ڏينهن استاد
سارنگ، صبح جو سوير منهنجي گهر آيو. مان سائين سان
نظرون ملائي ڳالهائي به نه پيو سگهان، پوءِ سائين
سارنگ، مون کي صبح جو سير لاءِ تمام پري وٺي ويو ۽
فيل ٿيڻ جو سبب پڇيو. مون کيس ڊش جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ جو
سڄو قصو ڪري ٻڌايو، پوءِ سائين ڊش جي ڌٻڻ مان نڪرڻ
لاءِ سمجهايو، ۽ چيو ته : ”تون پهريائين، پنهنجي
مرده ضمير کي زنده ڪر ۽ پڪو پهه ڪر ته، ميٽرڪ ۾
سڄي بورڊ ۾ پهريون نمبر کڻندس ۽ ڊش ڪڏهن به نه
ڏسندس، ان لاءِ تون اڄ کان ئي نماز پڙهڻ شروع ڪر،
اسڪول ۾ علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺ،
راندين ۾ حصو وٺ، رات جو ڪورس جا ڪتاب پڙهه.“ پوءِ
ڄڻ ته مون کي نئون رستو ملي ويو. ٿورن ئي ڏينهن ۾،
مان ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر ٿي اڀريس هر طرف،
منهنجي بيٽنگ ۽ بالنگ جا پرچا هئا. اسڪول جو عمران
خان سڏجڻ لڳس، پڙهائي ڏانهن ڀرپور توجهه ڏنم، ۽
استادن جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويس، امتحان ويجها
ٿيا ۽ مان به ڪتابن جي ويجهو ٿيس، امحتان ٿيا،
گذريل سال جيان،هن سال به ڪاپي بلڪل نه هلي، ليڪن،
مون کي ان جي ڪابه پرواهه نه هئي. سڀ پرچا پنهنجي
محنت سان ڀرپور نموني ڪيم، نتيجو آيو، مان، سڄي
بورڊ ۾ پهريون نمبر ته نه اچي سگهيس، پر سڄي اسڪول
۾ پهريون نمبر آيس، وريبه سڄي ڳوٺ ۾ حيرت ڦهلجي
وئي ته، ڪيئن مان، ڊش جي ڌٻڻ مان نڪتس، اڄ جڏهن ڊش
واري هوٽل وٽان لنگهيس ته بيهي رهيس، ڪجهه سوچي،
کلي، قدم وڌائي اڳتي هلي ٿڌو ساهه کنيم، ۽ دل ۾
استاد سارنگ کي دعائون ڏيڻ لڳس، جنهن مون ڀٽڪيل کي
راهه تي آندو ۽ هاڻ مان فرسٽ ايئر ميڊيڪل گروپ ۾
داخلا وٺندس، الله ۾ اميد آهي ته محنت ڪري پڙهندس
۽ ڊاڪٽر ٿيندس.
امر اوڏ
خوشيءَ جا ڳوڙها
ڊسمبر جي رات جو جتي دنيا وارا گرم ڪمرن ۾ سُتل
هئا، اتي يارنهن سالن جو راجو سيءُ ۾ ڏڪندي ڏڪندي
روڊ تان اچي رهيو هو. هاڻ ته ڪپڙا به ڪٿان ڪٿان
ڦاٽي چڪا هيس، هن کي بک اچي تپايو هو. صبح کان
خالي پيٽ گذريندي وڃي رات جا ٻارنهن ٿيا هئا،
سامهون هوٽل کي ڏسي ڪجهه جان ۾ ساهه پيس، هن وڃي
هوٽل واري کي مانيءَ جو چيو. هوٽل واري چيس پئسا
اٿئي؟ هن وراڻيو نه پئسا ڪونه آهن، تنهن تي هوٽل
واري موٽائي ڇڏيس هو ٿڪل ٿڪل قدم کڻي واپس موٽيو ۽
فٽ پاٿ تي ويهي سوچن جي ساگر ۾ گم ٿي ويو، ”ياد
اچي رهيا هيس، اهي ڏينهن جڏهن هو پنجن، ڇهن سالن
جو هيو ته امڙ پنهنجي هٿن سان سٺا سٺا کاڌا کارائي
کيس پنهنجي ڀر ۾ سمهاري لوليون ڏيندي هيس ۽ صبح جو
تيار ڪري اسڪول موڪليندي هيس. ماءُ – پيءُ سان
گڏجي شهر گهمڻ ويندو هو، پڻس نوان نوان رانديڪا
وٺي ڏيندو هوس، پيءَ، ماءَ جو خيال هو ته هي پڙهي
ڊاڪٽر ٿيندو.“ پر هڪ بدنصيب ڏينهن هن کان، هن جو
ماءُ ۽ پيءُ جدا ڪري ڇڏيو. هو شاديءَ کان موٽندي
ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿي ويا هئا. سوچيندي سوچيندي سڏڪي
پيو.
هن جي معصوم اکڙين مان لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا
هئا. هو روئي رهيو هو.
راجو پنهنجي وجود جي سموري طاقت گڏ ڪري مانيءَ جي
لاءِ اٿيو. سرديءَ ۽ بک جي ڪري بيهوش ٿي ڪري پيو.
راجوءَ کي روڊ تي پيل ڏسي سامهون اچي هڪ ڪار بيٺي،
جنهن ۾ سيٺ ڀڳوان داس ۽ سندس گهر واري وِدِيا هئا،
جيڪي ڪنهن فنڪشن تان موٽي رهيا هئا.
جيڪي اولاد جهڙي نعمت کان پڻ محروم هئا. راجوءَ کي
کڻي پنهنجي گهر ويا، صبح جو راجوءَ کي جيئن هوش
آيو، هن پنهنجو پاڻ کي هڪ پلنگ تي ستل ڏٺو. هو اڃا
سوچي ئي رهيو هو ته سيٺ ڀڳوان داس ۽ ودِيا اچي
ويا. ڀڳوان داس جي پڇڻ تي راجوءَ پنهنجي ڪهاڻي
ٻڌائيندي روئي ڏنو ۽ سڏڪن ۾ پئجي ويو. سيٺ ڀڳوان
داس چيو: ”راجو تون اڄ کان اسان جو پٽ آهين.“
”ها پٽ تون منهنجو به پٽ آهين.“
وِديا چيو اڄ کان تون اسڪول ويندين. اسان تنهنجي
پيءُ – ماءُ جي خواب کي پورو ڪنداسين ۽ تون پڙهي
ڊاڪٽر ٿيندين.“
سيٺ ڀڳوان داس ۽ سندس گهر واري وِدِيا جي واتان
اهڙا لفظ ٻُڌي راجوءَ جي اکين مان خوشيءَ مان
ڳوڙها ڳلن تي ڪري پيا!
وديا جي مامتا تڙپي پئي، جنهن راجوءَ کي ڀار پاتو
۽ روئي سان سندس لڙڪ اُگهيا.
تبسم حق نواز
پسو پکيئڙن .....
”جهنگ“ ۾ رهي يار مان تنگ ٿي پيو آهيان.“
”هڪڙو ڪانءُ ٻئي کي چوڻ لڳو: ”روز ساڳي ڳالهه:
ڍونڍ ويٺا کائون، ڪِنو پاڻي ويٺا پيا پيون.“
ٻيو ڪانءِ جيڪو پهرئين جو گهاٽو دوست آهي.
ٻئي ننڍپڻ کان وٺي گڏ آهن، ٻنهي اُڏامڻ به گڏ
سکيو. هن مهل تائين، اُڏن به گڏ، کيڏن به گڏ ۽
کائيندا به گڏ آهن، تنهن پنهنجي پهرين دوست جي
ڳالهه ٻڌي کيس چوڻ لڳو!
”ڀلا ٻڌاءِ ته ڇا ڪيون؟ ڪيڏانهن هلون؟“
”جتي پاڻي ۽ کاڌو سٺو ملي؟“
پهرين ڪانءَ سُري اچي ڪن ۾ چيس: ”انسان آهن نه! جن
وٽ رنگ برنگي ڪپڙا اهن، جيڪي سٺا سٺا کاڌا کائيندا
آهن. وڏيون وڏيون سهڻيون جايون اٿن، انهن وٽ هلي
رهون، بس پهتاسين ته پنج ئي آڱريون گيهه ۾.“ ٻئي
ڪانءَ پنهنجي دوست جي ڳالهه ٻڌي ته مٿو ئي ڦري
ويس.“ اهو سوچڻ لڳو! ”جهنگ ۾ آهي به ڇا؟“
”هلون ٿا! انسانن وٽ اتي سهڻين جاين ۾ رهي سٺا
کاڌا کائينداسين، اهو سوچي پنهنجي دوست کي چوڻ
لڳو! ”اُٿ پوءِ خير جي ڪم ۾ دير ڇاجي؟؟“
ٻئي اُڏندا اُڏندا جهنگ ٽپي اچي پهتا، شهر ۾!
ڊگهيون ڊگهيون رنگبرنگي جايون ڏسي هي به اچي هڪ
جاءِ جي ڇت تي ويٺا، ڏٺائون ته اُتي وڏي دعوت آهي،
ماڻهن کي صاف سٺا ڪپڙا پهريل آهن. سڀني ماني پئي
کاڌي، در ٻاهران ٻار، ڪراڙا، عورتون ڦاٽل چولن،
بنا قميص جي هٿ ۾ چٻا، جستي وٽا جهليو بيٺا آهن،
تڏهن هڪ ڪانءَ ٻئي کي چيو ”نه بابا نه هي شهر نه،
ٻئي ڪنهن شهر هلون، هتي هڪڙا کائين ۽ ٻيا بکيا رهن
هتي اسان کي ڇا ملندو؟“
اُڏندا اُڏندا شهر ٽپي اچي پهتا، ڳوٺ ۾! چوڌاري
سايون ٻنيون، وچ ۾ واهه پئي وهيو، سوچيائون پاڻي
پيون، هيٺ لٿا ته ڏٺائون فصل تيار هيو. اُتي هاري
وڏيري کي چئي رهيو هو ”سائين پٽ بيمار آهي، ڪجهه
ڏوڪڙ ڏيو ته دوا وٺان؟“
وڏيري کي ڄڻ هاري گار ڏني، وڏيري رهڙ پٽيندي چيس
”اڙيڪيترو قرض ورتو اٿئي؟ ڏيندين ڪٿان؟ هي فصل به
قرض ۾ ويندئي نه؟“
ڪانون جي دل ڀرجي آئي، هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا! ”هتي
گهڙي به رهڻ نه ڇڏيندا، جيڪو پوکي اهو کائي نه
سگهي، اُتي رهڻ اجايو آهي.“ اڃا ٻئي ڪنهن هنڌ
هلون. اُڏندا اُڏندا اچي پهتا ٻئي شهر! ڏٺائين هڪ
ماڻهو کي ڪيترا ماڻهو ماري رهيا آهن، رڙيون پئي
ڪيائون ”ماريوس ڙي ماريوس چور اٿوَ چور ماريوس“
اُتي هڪڙي ڪانءَ ٻئي کي چيو! ”هتي نه رهون اسان کي
به نه ڇڏيندا، اُتي هلون جتي جهيڙا جهڳڙا نه هجن.“
اُڏندا اُڏندا اچي پهتا ٽئين شهر! سڄو شهر دونهين
سان وڪوڙيو پيو هو. باهه جون ڄڀيون پيون اٿن. هي
پاسو ڏيئي هيٺ اچي ڏسن ته جنگ لڳل آهي. هڪڙي فوج،
ٻئي تي گوليون پئي وسايون. چوڌاريءَ دونهون، مٽيءَ
جي ڪڪر، رت ئي رت ڦٿڪندڙ لاش تڏهن هڪ ڪانءِ ٻئي کي
چيو! ”ٻيلي هتي ته اسان کي به نه ڇڏيندا. اجايو
گوليون کائڻيون پونديون، اڃا اڳتي هل اڃا اڳتي.“
اُڏندا اُڏندا اچي وري پهتا، جهنگ! اُتي وڻن مٿان
ڪانون ”ڪان، ڪان“ پئي ڪئي، هي به هيٺ لٿا، اچي
ڪانون سان مليا، تڏهن سڀ ڪانءِ گڏجي هڪ ڍونڍ مٿان
لٿا ۽ کائڻ شروع ڪيائون. تڏهن پهرين ڪانءِ ٻئي کي
چيو! ”چڱو آ ته اڳتي هلڻ کان هتي ترسي پئون. هتي
کڻي کاڌو ڪهڙو به آهي، پر سڀ گڏجي ٿا کائون، گڏجي
ٿا رهون، نه آهن گوليون، نه آهي ذات پات ۽ نه رنگ
جو ويڇو، نه ڪو امير نه غريب.“ ٻئي ڪانءَ ”ها“
ڪئي، ۽ وري ساڳئي ڍونڍ کي کائڻ لڳا. |