سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون  1995ع

باب: --

صفحو :2

سو ڪتي ۽ ٻلي گوشت جي ٽڪري مان وات ڪڍيو ۽ ڀولڙي وڻ جي ٽارين، پنن ۽ ولين مان هڪ تارازي ۽ ڏوريون ٺاهي ورتيون. ”چڱو، هاڻي اچو ته ڪوشش ڪيون.“

هن گوشت جي ٽڪر کي ٻن حصن ۾ ورهايو ۽ تارازي جي ٻنهي پاسن کان هر هڪ ٽڪر ٻڌائين. ”اوه،“ توهان ڏسي سگهو ٿا ته ٻئي وزن ۾ هڪ جيترا نه آهن، جو هڪ پاسو هيٺ ۽ ٻيو مٿي آهي، تنهن مان اهو ظاهر ٿيو ته وڏو پاسو ٿورو ننڍو ڪيو وڃي، تنهن ڪري آءُ پاسي مان ٿورو کائي ٿو وٺان، او، ڪي؟“

ڀولڙي وڌيل حصي مان، ڪجهه ٽڪرو کائي ورتو ۽ ٻيهر تارازي تي رکيائين، ٻلو ۽ ڪتو، ٻئي سندس هوشياري کان ڏاڍا متاثر ٿيا.

”او، هپ،“ ڀولڙي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ”شايد مان ڪجهه وڌيڪ ٽڪرو کائي ورتو جو وري ٻيو پاسو وزني ٿي ويو، پر پرواهه ناهي مان وڌيل ٿورو ٽڪر کائي ٿو وٺان ۽ پوءِ ٻئي هڪ جيترا حصا ٿي ويندا.“

ڀولڙي ٻئي حصي جي وڌيل حصي کائڻ کانپوءِ وري تارازي ۾ ٻئي ٽڪرا رکيا ته. هن دفعي وري پهريون حصو وزني ٿي ويو.

”اوه، نه مون اڃا صحيح طريقي سان نه ڪٽيو آهي، پر هاڻي ٿورو فرق آهي، فڪر نه ڪيو جلدئي توهان کي توهان جا حصا ملندا ۽ ٻنهي جو انتظار ۽ بک ختم ٿيندي.“

ڀولڙي ٿورو ٽڪرو کائي واپس ٻنهي حصن کي ٽنگيو ۽ چيو ته هي ٿيا پورا حصا.

ڪتو ۽ ٻلو گوشت کائڻ لاءِ اتاولا هئا، پر وري هڪ حصو ٻئي کان ٿورو وزني ٿي ويو.

”او، پيارا، اوه، منهنجا دوست“ ڀولڙي چيو، ”جيئن مون سوچيو هو، ائين حصا برابر اڃا نه ٿيا، پر اسان کي ضرور هڪ جيترا ڀاڱا ڪرڻ کپن، نه ته توهان کي وڙهندي سال گذري ويندا.“ ڀولڙي ائين چئي وڌيل حصو کائڻ شروع ڪيو.

پيارا ٻارو سچ پڇو ته هاڻي ڪو خاص گوشت بچيوئي ڪونه هو، ۽ جڏهن ٻئي حصا وري ٻيهر ماپ لاءِ رکيائين ته هڪ پاسي ته صرف هڏو هو ۽ ٻئي پاسي ڏانهن ذريون ذريون ڇيڇڙن جون، ڀولو ڏاڍو اداس ٿي ويو. ”هي بلڪل به صحيح ڪونه ٿيو، ائين نه؟“ ۽ ائين چئي هن آخري ڇيڇڙي وارو ٽڪر به وات ۾ کنيو ۽ ٽپا ڏئي وڻ تي چڙهي ويو.

وڻ تي ويهي هن پنهنجو منهن صاف ڪيو ۽ ڪتي ۽ ٻلي کي سڏ ڪيو ۽ چيو ”پيارا دوستو، ٻيهر جڏهن به اوهان کي اهڙو مسئلو درپيش اچي ته مون وٽ اچجو، مون کي توهانجي مدد ۽ مسئلو حل ڪري نهايت خوشي ٿيندي.“

رشيد ”ارشد“

وڊيو گيم!

وڊيو گيم ڙي وِڊيو گيم! شيم شيم شيم شيم شيم شيم! (1)

وقت سان گڏ پئسي جو زيان! کوهه پوي شل اهڙي گيم!

جيڪي ٻار هجن ڇڙواڳ! ڪريون پيار سان تن کي ٽيم! (2)

وقت سجايو ڪن جيڪي، مون کي تن سان پريم،،

ديس جو ڳاٽ اوچو ڪريون، ٿئي دنيا ۾ سڀ کان فيم! (3)

علم و ادب ۾ ٻارن جي، ”گل ڦل“ سڀ کان سهڻو نيم ! (4)

علم ۽ سکيا جو ٺاهيون، تعليمي، وندرائيندڙ فريم! (5)

ارشد ٺيڪ چوي ٿو يارو،

ڪُوڙ هميشه آهي ليم! (6)

 

(1)                        شرم = Shame  

(2)                       هيرائڻ، ويجهو ڪرڻ، سڌارڻ = Tame

(3)                       مشهوري، شهرت = Fame

(4)                       نالو = Name

(5)                       سرشتو، جوڙجڪ = Frame

(6)                       منڍو = Lame

الطاف شيخ

جادوئي ڌاڳا

ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ ٻيلي جي ڀر ۾ ڪنهن ننڍڙي جهوپڙيءَ ۾ هڪ غريب چيني رن زال رهندي هئي. جيتوڻيڪ هن جي زندگي تمام ڏکي گذرندي هئي، پر ان هوندي به هوءَ ايترو خوش قسمت ضرور هئي، جو هن کي بيحد سلڇڻي ۽ پورهيت ڌيءَ هئي، جنهن جو نالو سِمي هو.

سِميءَ جو سڄو ڏينهن گهر جي پورهئي ۾ گذرندو هو. رڌ پچاءَ ۽ صفائيءَ کان علاوه هن تي پٽ – ڪينئان پالڻ جو ڪم پڻ رکيل هو، جن جي ڌاڳن مان سندس ماءُ ريشم جا رومال ٺاهيندي هئي.

سڄو ڏينهن آڏواڻي اڳيان ويهي هن جي ماءُ ريشم جا سهڻا سهڻا رومال اڻندي هئي، جڏهن ٽي چار رومال ٺهي راس ٿيندا هئا ته سِمي انهن کي بازار ۾ وڪڻي ايندي هئي.

هڪ ڏينهن سمي جهڙو مارڪيٽ کان موٽي ته آسمان تي اوچتو ڪارو ڌنڌ ڇانئجي ويو. کنوڻ ۽ گوڙ کان ڄڻ ڌرتي ڏرڻ لڳي.

سِمي لڪڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڪو اجهو ڳولڻ لڳي، جيئن ئي وڏ ڦڙو مينهن شروع ٿيو ته هوءَ سامهون واري هڪ جهوپڙي اڳيان وڃي بيٺي، جهوپڙيءَ جو دروازو کليل هو. سو هن زور زور سان سڏ ڪيا:

”آئون اندر اچي سگهان ٿي، مينهن کا منهنجا ڪپڙا پسي رهيا آهن.“

اندران ڪنهن به جوا نه ڏنو. ”گهر جو مالڪ شايد ڪيڏانهن ٻاهر هليو ويو آهي.“ هن سوچيو ”آءُ نٿي سمجهان ته مينهن بند ٿيڻ تائين منهنجي هتي ترسڻ تي هو ڪاوڙبو.“

گهر ۾ قدم رکي سِميءَ ڏٺو ته سڄو گهر مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيو پيو هو. هر هڪ شيءِ ٽڙي پکڙي پيئي هئي. ميز تي اڻ ڌوتل ٿانون جو ڍير رکيل هو ۽ ڪنڊ ۾ ميرا ڪپڙا سٿيا پيا هئا، هن کي ڏاڍو تعجب لڳو. هن جي ماءُ جي ننڍڙي جهوپڙي ان جي مقابلي ۾ تمام صاف سٿري رهي ٿي. ”مون کي پڪ آهي ته مالڪ جڏهن پنهنجي گهر کي صاف سٿرو ڏسندو ته بيحد خوش ٿيندو.“ هن سوچيو.

هن هڪ هڪ ڪري پهرين ٿانوَ ڌوتا پوءِ انهن کي ڪاٺ جي مدن تي سجائي رکيو. ان بعد ميرا ڪپڙا ڌوتا، ميز ۽ اسٽول صاف ڪيو ۽ پوءِ سڄو فرش کرڙي اهڙو ته چمڪائي ڇڏيو، جو ڪوبه داغ ڌٻو نظر نٿي آيو.

اتي مينهن به اچي بند ٿيو ۽ سميءَ هاڻ گهر کان نڪرڻ واري هئي ته هڪ تمام ننڍڙو ماڻهو اَچي نڪتو. هن جو قد جيتوڻيڪ فقط  فوٽ هو، پر عمر ۾ بيحد پوڙهو لڳي رهيو هو. هن جي ڏاڙهي ايڏي ڊگهي هئي جو پيرن ۾ پئي وچڙيس.

پوڙهي ماڻهو سميءَ ڏي قربائتي نموني سان ڏسي چيو: ”ٻچا! ڇا تنهنجو مون ۾ ڪو ڪم آهي؟“

”چاچا“ سميءَ وراڻيو، ”ائون مينهن ۾ پسڻ کان بچڻ لاءِ هتي هلي آيس، اميد ته توهان کي دل ۾ نه ٿيو هوندو.“

”نه، هرگز نه“ بندري ماڻهوءَ وراڻيو، ”منهنجي غريباڻي گهر ۾ تون ڪڏهن به اچي سگهين ٿي.“ پوءِ هن گهر جي چوڌاري نظر ڊوڙائي جي هاڻ هر شيءِ صاف سٿري ۽ سجايل نظر اچي رهي هئي.

”هيءَ صفائي ڇا تو ڪئي آهي؟“ هن سِميءَ کان پڇيو. ”جي ها.“ سميءَ وراڻيو.

”تون بيحد محنتي ۽ مهربان ڇوڪري آهين.“ بندري ماڻهوءَ چيو، ”تنهنجي وڏي مهرباني.“

گهر کي صاف سٿرو ڏسي بندرو ماڻهو واقعي ڏاڍو خوش ٿيو. هن گهر جي چوڌاري ڦيرو ڪي هڪ هڪ شيءِ چڱيءَ طرح ڏٺي. ٿانوءَ سڀ صاف ٿيل هئا. ڪپڙا سڀ ڌوتل هئا. ميز ۽ اسٽول تي مٽي بنهه نه هئي. تڪڙ ۾ جهڙو هو ميز ڏي وڌيو ته سندس پي ڏاڙهيءَ مٿان اچي ويو ۽ ان ۾ وچڙي ڪري پيو.

”چاچا“ سميءَ پوڙهي ماڻهوءَ کي ڪرڻ کان بچائيندي چيو: ”توهان جي ڏاڙهي تمام وڏي ٿي ويئي آهي، ڇا ان کي ڪتري ڪجهه ننڍو ڪريان.“

”ها، اها ته تنهنجي تمام وڏي مهرباني ٿيندي.“ پوڙهي بندري ماڻهوءَ چيو، ۽ پوءِ ڪئنچي کڻي سميءَ کي ني، سميءَ ڪئنچي سان ٿورا ٿورا ڪري وار ڪتريا ۽ ڏاڙهيءَ کي صحيح صورت ۾ آندو.

”تون منهنجي ڏاڙهيءَ جا ڪتريل وار سوکڙيءَ طور رکي سگهين ٿي،“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو. ”توکي اجورو ڏيڻ لاءِ مون وٽ ٻي ته ڪا خاص شيءِ اهي به ڪانه.“

ڏاڙهيءَ کي سمي ڇاٿي ڪري سگهي، پر هوءَ ايتري ته نرم دل هئي جو انڪار ڪرڻ بدران انهن وارن کي رومال ۾ ٻڌي گهر ڏي رواني ٿي.

هوءَ جڏهن گهر پهتي ته ماءُ کي هميشه وانگر آڏاڻي وٽ ريشم جا رومال ٺاهيندو ڏٺائين، هن بندري ماڻهوءَ بابت پنهنجي ماءَ کي ٻڌايو، ۽ پوءِ جيئن رومال جون ڳنڍيون کولي ماءَ کي ڏاڙهي ٿي ڏيکاريائين ته ڏاڙهيءَ جي وارن بدران منجهائس سهڻا ۽ چمڪندڙ ريشم جا ڌاڳا نڪري آيا. ٻئي ماءُ ڌيءَ ڏاڍو خوش ٿيون.

”ريشم جي هنن ڍاڳن مان ڪهڙا ته سهڻا ۽ عمدا رومال ٺهندا.“ ماءُ چيو.

هن جي ماءُ انهن جادوئي ڌاڳن مان رومالن لاءِ ڪپڙو آُڻڻ شروع ڪيو. پر ڌاڳا کٽڻ بدران اوتري جا اوترائي رهيا. ايتري قدر جو ڪپڙي جو سڄو تاڪيو اُڻي ويئي ته به ڌاڳا اوترائي رهيا. ڏينهن جا ڏينهن گذرڻ تي به اهي نه کٽا ته اهو ڏسي ماءَ ۽ ڌيءَ ڏاڍو خوش ٿيون ۽ پوڙهي طرفان ڏنل هن سوکڙيءَ کي بيحد گهڻو ساراهيو ۽ سچي دل سان ٿورو مڃيو.

يشونت مهتا                                   ڪارٽون ڪهاڻي

چون چون چاچو

(1)        هيءَ آکاڻي چون چون ۽ سندس دوست ٽوٽو جي آهي، هڪ ڏينهن هنن ڏٺو ته هڪ گرهه ڌرتيءَ طرف تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. (2) ٽوٽو چيو، چون چون، هوُ ڏس سامهون هڪ گرهه ڌرتيءَ طرف اچي رهيو آهي. (3) چون چون چيو – ها، انهيءَ ڪري ٿوري گرمي به محسوس ٿي رهي آهي.

(4) ٽوٽو اخبار ڏيکاريندي چيو ته ڏس، اڄ رات جو ان گرهه جي تپاس لاءِ راڪيٽ به اُڏامڻ وارو آهي؛ چون چون چيو – هل ته اسين به راڪيٽ ۾ هلون.

(5) ٽوٽو کي اها صلاح وڻي، چون چون چيو، اچ منهنجي ننڍڙي موٽر ۾ اچي ويهه (6) ٽوٽو چيو، هيءَ ته ڄڻ رانديڪي جي موٽر آهي. مان ڪٿي ويهي سگهندس؟ (7) آخر جئن تئن ٻئي موٽر ۾ ويٺا. ان رو تان انگريزي اکر U جيا موٽر موڙڻ جي منع هئي پر چون چون ان جي ڪابه پرواهه نه ڪري موٽر کولي گول ڦيرايو. (هلندڙ)

اڪبر جسڪاڻي

ڪاش اهڙو وقت اچي

ڪراچي ۾ مان پنهنجي دوست جي گهر ويس، ڪال بيل وڄائڻ سان هڪ ننڍڙو معصوم ٻار نڪري آيو، اچڻ سان چيائين ”انڪل اوهان جو نالو“ مون کيس پنهنجو نالو ٻڌايو. واپس گهر اندر هليو ويو، ۽ جهٽ ۾ موٽي آيو، ۽ اچڻ سان چيائين:

”انڪل اچو اندر ويهو بابا اچي ٿو“ جيئن ته منهنجو دوست ننڍپڻ جو دوست آهي، ۽ سندس ٻارن کي خبر آهي، ان ڪري سندس گهر واريءَ در تي اچي چيو: ”ادا، اچو، ڀاڻين ڪم سان ويو آهي، جلد ايندو“ ايتري ۾ ننڍڙي مون کي هٿ کان وٺي چيو، ”انڪل ڪم آن“ ”ائين هٿ کان وٺي مون کي اندر فليٽ ۾ وٺي ويو. هڪ ڪمري ۾ ٽيليويزن رکيل هئي. اتي مان ويٺس، ننڍڙي، ريمو ڪنٽرول هٿ ۾ کڻي، ٽيليويزن تي مختلف اسٽيشنون رکڻ لڳو، ۽ چيائين ”انڪل ڳوٺ ۾ ته رڳو ٻه ٽي اسٽيشنون هلنديون آهن، ڪراچي ۾، ٽي چار، اسٽيشنون اينديون آهن.“ مان خاموشي سان کيس گهور ڪري ڏسي رهيو هوس.“

ايترو معصوم، پر هيءَ اسان وڏن کان به وڌيڪ ڄاڻ رکي رهيو هو، ايتري ۾ سندس امڙ چانهه ۽ بسڪيٽ کڻي آئي، جلد ۾، امڙ کي چيائين ”او ممي انڪل ته هٿ منهن به ڪونه ڌوتو آ.“ پوءِ جلدي ۾ وڃي ٽوال کڻي آيو،

”انڪل باٿ ۾ هٿ منهن ڌوئي، فريش ٿي اچو ته پوءِ چانهه پيو؟“ مان مرڪي کيس ڏٺو، کانئس ٽوال وٺي هٿ منهن ڌوئي ٻاهر آيس، بسڪيٽ پليٽ ۾ رکيا هئا، ۽ ڪجهه نمڪين شيون به، ۽ مون کي چوڻ لڳو، ”انڪل هي بسڪيٽ کائو، هي چهر کائو، مان سندس حڪم جي پوئواري ڪندو کائيندو رهيس، کيس به کائڻ لاءِ زور ڀريندو رهيس، پر پاڻ وڏن کان به وڌيڪ فضيلت سان آهسته آهسته کائڻ لڳو، مان جڏهن چانهه پيڻ لڳس ته جلدي ۾ چيائين: ”انڪل اوهين تڪليف ڪري رهيا آهيو:“ مون کيس، پيار ڪندي چيو، ”گڊو نه، اهڙي ڳالهه نه آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com