سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون 1995ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل جون 1995ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

حال احوال

پيارا ٻارو! ”گل ڦل“ ماهه مئي جو پرچو، اوهان کي پوري وقت تي ملي وڃي ها، پر حيدرآباد جون حالتون خراب هجڻ سبب رسالو توهان جي هٿن ۾ پهرين تاريخ تي نه پهتو، ان لاءِ اسان توهان کي معذرت گهرون ٿا.

ٻارو! ماهه جون جو پرچو، جڏهن اوهان جي هٿن ۾ پهچندو ته ان وقت محرم الحرام جو مهينو شروع ٿي چڪو هوندو. هن مهيني ۾ حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجن ساٿين سميت يزيدي لشڪر سان جنگ ڪندي شهيد ٿيا هئا. ان شهادت مان اسان کي اهو سبق ٿو ملي ته حق ۽ سچ جي لاءِ جي انسان کي جان، مال ۽ ٻارن جي قرباني به ڏيڻي پوي ته ان جي پرواهه نه ڪجي. حقيقت ۾ امام حسين ۽ سندس ساٿين جي شهادت جي ڪري اڄ به اسلام جو هر هنڌ نالو پيو وٺجي.

ٻارو، هن پرچي ملڻ وقت توهان کي گرمين جون موڪلون به ملڻ واريون هونديون، گهڻا ٻار، سخت گرمين ۾ به وتندا آهن، پکين ۽ جانورن کي ستائيندا، اهو سٺو عمل نه آهي،توهين گهر ۾ ويهي ٿڌي ڇانو ۾ مطالعو ڪريو، گهر وارن سان ڪم ڪار ۾ کين مدد ڪرايو، جي توهين، پئسي ي سگهه رکون ٿا ته، ڀلي ٻين شهرن ۾ گهمڻ ڦرڻ وڃو، پر پنهنجي والدين جي مالي حيثيت ڏسي ان آهر پروگرام ٺاهيو.

اسان کي اميد آهي ته سنڌ ڌرتي جا ٻار سدائين گلن وانگر هن ڌرتي تي مهڪندا رهندا. چڱو ٻارو ساٿ سلامت

اوهانجو ادو:

اڪبر جسڪاڻي

لطيفي لات

ڪوفين ڪاغذ لکيو، وچ وجهي الله

اسين تابع تنهنجا، تون اسان جو شاهه،

هيڪر هيڏي آءُ، ته تخت تابيني تنهنجي.

مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي، هي بيت سر ڪيڏاري جي داستان چوٿين جو، چوٿون نمبر بيت آهي.

سمجهاڻي: ڪوفين الله جو واسطو وجهي، (يا الله جو قسم کڻي، امام حسين ڏانهن خط لکيو ته ”اسين تنهنجا ٻانها آهيون، تون اسان جو شاهه آهين، هيڪر هيڏانهن اچ ته تخت تنهنجي حوالي ڪيو وڃي.


 

واحد بخش مڱريو                                           (ماخوذ)

مُحَرمُ الحَرَام

هي اسلامي سال جو پهريون مهينو آهي، محرم جي معنى آهي. اها شيءِ جيڪا حرام ڪئي وئي هجي. اسلام کان اڳ به هي مهينو، انهن چند مهينن ۾ لکيو ويندو هو، جنهن ۾ جنگ ۽ جهيڙو فساد بند ڪيو ويندو هو ۽ وڙهڻ حرام سمجهيو ويندو هو، ان ڪري هن مهيني جو نالو ئي محرم پئجي ويو. اسلام کان اڳ به هن مهيني ۾ اهڙا واقعا پيش ايندا رهيا.

هِن مهيني ۾ ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عليه اسلام ۽ سندن ساٿين جي شهادت جو واقعو ٿيو، جنهن ڪري به هن مهيني جي اهميت اڄ تائين قائم ۽ دائم آهي.

پاڻ سڳورن ﷺ جي هڪ حديث مطابق، هن مهيني جي 10، تاريخ کي اڳين مذهبن ۾ به مقدس سمجهيو ويندو هو، هن ئي مهيني ۾ اسلام کان اڳ ابرهه، هاٿين جي لسڪر سان ڪعبي شريف کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيو هو. اڳين پيغمبرن مان ڪيترن سان ڪي واقعا هن مهيني جي 10 تاريخ تي پيش آيا.

مثال طور: حضرت آدم عليه السلام ۽ بيبي حوا کي بخشيو ويو.

حضرت نوح عليه جي دؤر ۾ طوفان آيو. حضرت يونس عليه مڇيءَ جي پيٽ مان صحيح سلامت نڪري آيو، ان کان علاوه هِن ئي تاريخ تي بني اسرائيل کي فرعون جي ظلمن کان ڇوٽڪارو مليو، جنهن ڪري يهودي هن تاريخ تي باقاعده روزو رکندا هئا. پاڻ سڳورا ﷺ به روزا فرض ٿيڻ کان اڳ 10 محرم تي زورو رکندا هئا.

هن ئي تاريخ تي ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عليه اسلام، سندس ٻچڙن ۽ ساٿين کي شهادت نصيب ٿي، اهو سنه 61هجري هو. جيئن ته امير معاويه جو پٽ يزيد ڪوفي جي تخت تي ويٺو ته، هن ماڻهن سان وڏا ظلم ڪيا ۽ عوام هن مان تنگ ٿي چڪا هئا، انهن امام حسين عليه اسلام ڏانهن نياپا موڪليا ته توهين اچو، اسين اوهان جي هٿ تي بيعت ڪنداسين، اهو پيغام ٻڌي امام حسين عليه اسلام ڪوفي ڏانهن روانا ٿيڻ لڳا،  ڪيترن ساٿين سمجهايس ته، ”توهين نه وڃو، ڪوفي وارا، غداري ڪندا.“ انهيءَ وچ ۾ پاڻ مسلم بن عقيل کي ڪوفي ڏانهن موڪليائون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن سندن هٿ تي بيعت ڪئي. اها خبر جڏهن يزيد کي پئي ته اُن مسلم بن عقيل کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. اها خبر امام حسين عليه السلام کي پئجي چڪي هئي، پر پاڻ دين اسلام جي خاطر ڪوفي ڏانهن روانا ٿا، سندس لشڪر جڏهن عراق جي ميدان تي پهتو ته، پاڻ پڇيائون ته: ”هي ڪهڙو ميدان آهي،“ ماڻهن ٻڌايو ته ”ڪربلا،“

پاڻ، اتي خيما کوڙيائون. هوڏانهن يزيد جي لشڪر به اچي کين گهيرو ڪيو، ۽ کين چيائون ته ”يزيد جي هٿ تي بيعت ڪريو.“ پر پاڻ صاف جواب ڏنائون، جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ۾، رات جي وقت امام حسين عليہ اسلام پنهنجين ساٿين کي چيو ته، جن کي وڃڻو آهي، سي ڀل وڃن، پر سندن ساٿين مان ڪوبه نه ويو.

جنگ دوران امام حسين عليہ اسلام ۽ سندن ساٿين جو پاڻي به بند ڪيو ويو هو، اها حالت ڏسي، يزيد جي فوج جو سپہ سالار حر اچي امام حسين جي لشڪر ۾ شامل ٿيو ۽ شهادت ماڻيائين.

امام حسين عليہ السلام جا ڪيترائي ساٿي شهيد ٿيندا ويا. سندن نوجوان فرزند حضرت علي اڪبر به شهادت ماڻي، پر معصوم حضرت علي اصغر جيڪو کير پياڪ هو، ان کي به تير هڻي شهيد ڪيو ويو.

آخر ۾ امام حسين عليہ اسلام پاڻ جنگ جي ميدان تي آيا، ۽ دشمن جون صفن جون صفون خالي ڪري ڇڏيائون، ان وقت نماز جو وقت ٿيو هو، امام حسين عليہ اسلام نماز پڙهڻ لڳا ته شمر نالي هڪ يزيد جي سپہ سالار، کين شهيد ڪري ڇڏيو! امام حسين جي شهادت کان پوءِ اهل بيت جي خيمن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ سندن ڀيڻ بيبي زينب کي قيد ڪيو ويو!

حقيقت ۾ امام حسين عليہ اسلام، جي اها قرباني آهي جو اڄ به هر هنڌ دين اسلام جو نالو روشن آهي.

اسان کي هن مان اهو سبق ملي ٿو ته حق جي راهه تي جي سر ڪپجي وڃي ته ڀل ڪپجي وڃي، پر ظالم دشمن آڏو جهڪجي نه!

اڄ به پهرين محرم کان 10 محرم تائين امام حسين عليہ اسلام ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ وڏا جلسا ۽ مجلسون ٿينديون آهن.

جوهر بروهي

ميهڙ جو سير

ڀائو! ميهڙ مانَ ڀيو آ

شهر سمورو شانَ ڀريو آ

مرڪز سب ڊويزن جو آ، مالڪ بخت نصيبن جو آ

ماڻهو، ميندي، مائو وهوا، ڌرتيءَ ويس به سائو وهوا

واههَ وهي ٿو واهه ڪڪول، ٽاور جو پڻ بالا بول

اوڀر پاسي سنڌوءَ موجون، اولهه ڀاڱي جبلن اوجون

اتر وارهه آهه تعلقو، ڏکڻ ڪي اين شاهه تعلقو

اولهه ڏي خضدار جون حدون، ميهڙ قرب قرار جون حدون

”ڪولاچي“ يونين جو دفتر، ”قاضي عارف“ شهر به دلبر

فيض ”فريد آباد“ جو اعلى، ان جو محافظ رب تعالى

شاهه پنجون سلطان به آهي، ”بالي شاهه“ مُهان به آهي.

”منگواڻي“ جو شهر نرالو، آهي ”ٻليدائي“ جو حوالو

”بوٿرو“ پڻ يونين جو نالو، ”ٻٽ سرائي نور اجالو

”راڌڻ“  آ ٽائون ڪميٽي، ”ٿرڙي محبت“ محبت ريٽي

ميونسپالٽي ”ميهڙ“ آهي، سهڻو سيارو آرهڙ آهي

چوڌاري ٿيا رستا هن جا، شهرن سان ٿيا رشتا هن جا

روڊ نصيرآباد ڏي نڪري، وارهه لاءِ به وک ٿي آسُري

راڌڻ روڊ به هاڪارو آ، ڳوٺ نئين ڏي موچارو آ.

راڌڻ کان ٿيو باڊهه رستو، حاصل ٿيندو ساڃهه رستو.

شاهه پنجي ڏي روڊ وڃي ٿو، بالي شاهه ڏي رنگ رچي ٿو

دادو انڊس هاءِ وي گذري، منگواڻي لئه روڊ ٿو نڪري

ها ته فريد آباد جو رستو، جبل سڄي سان ان جو رشتو

گاهي ميهسر رستو جڙندو، جيڪو ماڏي تائين ويندو

شاهه پنجون سلطان چيو ويو، ريل کي ايندي ويندي ڏٺو ويو

شهر ۽ شهر کان ٻاهر آهن، صنعت ڪانهي سيلر آهن

ڪچو، پڪو، ڪاڇو هن ۾، رحمت ڀريو پاڇو هن ۾

ماکي مکڻ جام ملي ٿو، کير به صبح و شام ملي ٿو.

ملڪ مَهين جو سڏجي ميهڙ، ميهڙ واسيو! اڏجي ميهڙ.

”سعدي“ نالي پير هتي آ، ”دريا خان“ به وير هتي آ

”عبدالله شاهه گودڙيو“ سڏجي، ”گل شاهه“ گل سان نينهن به اڏجي،

حاجن شاهه بخاري آهي، ”شاهه پنجون“ پڻ ڀاري آهي

دادو جو ڪئنال ٿو گذري، رائس مالا مال ٿو گذري

ڪافي آهن ڍنڍون ڍورا مالڪ جا هن ملڪ تي ٿورا

ڍنڍ ”ڳُنهڙو“، ”ناٿ“، ”سَنهاري“ ”ڊاکاڻي“ پڻ ڍنڍ متاري

هيڏي ساري ڍنڍ ”دُنيچي“، ”آرڙ“، ”ڀيڏر“ پاڻ ۾ ڀيچي.

راڌڻ لڳ گرداب ”گهڙو آ، ميرمياڻي تڙو کڙو آ.

ساوڻ ويلي برساتيون ٿيون، ڪاڇي پاسي لک لاتيون ٿيون

”سگهرو“ نئين جو نالو آهي، ”دلان“ منجهه جمالو آهي

”ڪڏڻ“ ڪڏندي ايندي آهي، ڪاڇو پيٽ ڀريندي آهي،

”ٻوي“ پڻ ٻاجهاري آهي، ڪاڇي ڀون ۽ تاساري آهي

جوئر، ٻاجهر، تر، متيرا، ميها؛ ڇانهان، مڱ مٿيرا

ساريون، ڪڻڪون، انب ٿين ٿا، للر، لوڻڪ، لنب ٿين ٿا

سنڌي ٻير سوادي آهن، مٽر چڻا آبادي آهن

پٻڻ؛ بهه يا ڪُم ۽ ٻوري، مرچ، پٽاٽا ڀينڊي توري

ڪاڇي جون جن کنڀيون کاڌيون، مورنه وسرن مينهن مراديون

سنڌي ادب ۾ ”بلبل“ نالو، بڻجي ويو آ نور حوالو

نالو ”ضياءَ الدين ضيا“ جو، خوب رتو آ رنگ وفا جو

”خادم“ ”همدم“ ”راهي سائين“ نالي وارا قيامت تائين

سائين ”اڪبر شاهه“ اسان جو، ”اصغر“ عالي جاهه اسان جو

ليکڪ ڏاهو گهوٽ ”گرامي“، جنهن جي آهي سنڌ سلامي

سائين ”گلال“ جلال ڀريو هو، رضا محمد ڪمال ڀريو هو

حضرت ”عبدڪريم“ ڀلارو، ميهڙ پاتو ڀاڳ جو وارو

”دادن“؛ ”شمسي“ عارف ”حنفي“، ”حاجي رسولُ بخش“ ۽ ”صوفي“

ها ته ”صرير“ جي ڏات نرالي، ”مولائي“ جي ذات نرالي.

عالم ۽ استاد الاهي، علم جا شاهن شاهه سپاهي

سونهن ڀريا ڪاليج هتي هن، هاءِ اسڪول جٿي ڪٿي هن

آهن ڪيئي ديني ادارا، حافظ، قاري شخص سونهارا

”سگا“ ميهڙ شاخ به وهوا، ”ڳوٺ سڌارا“ پتوڙي ڇا ڇا

ميهڙ ملڪ ملوڪن جو آ، سالڪ راهه سلوڪن جو آ.

”جوهر“ زندهه باد رهي شل

شهر مٺو آباد رهي شل.


 

ترجمو: ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو     عالمي ادب مان ٻارن لاءِ آکاڻي

ڪتو، ٻلو ۽ ڀولڙو

هڪ ڪتو ۽ ٻلو، گوشت جي ٽڪر تي وڙهي رهيا هئا، ڪتي جو چڪ هڏي ۾ ۽ ٻلي جو ٻوٽيءَ ۾ لڳل آهي، ٻنهي جي ڇڪ ڇڪان لڳي پئي آهي، ڪنهن وقت ڪتو سمجهي ته هو سڄو ڇڪي وٺندو ته ڪنهن وقت ٻلو.

ٻنهي مان ڪوبه سڄو ٽڪرو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪونه ٿو ٿئي.

ڀولڙو، اهو مزو ڏسڻ لاءِ اچي اتان نڪتو. سندن چؤڌاري نچندي ٽپندي کين همٿائڻ ۽ ٻچڪارڻ لڳو؛ ”شاباس ٻلا شاباس، ٻوٽي ڇڪي وٺ، ڏاٺ استعمال ڪر، ڏندن کي زور سان ڄماءِ، شاباس اچي پهتو آهين، هاڻي تنهنجي پاسي آهي. شاباس ڪتا، ڄاڙيون زور سان ڀڪوڙي پاڻ ڏانهن ڇڪ، گرڻ بند ڪر نه ته قبضو ڍلو ٿي ويندوئي، شاباس ٻلا ٿورو لوڏو ڏينس ته جيئن اڇل اچيس، اتي ئي ڇڪ ڏيندس، شاباس ڪتا ..... وغيره وغيره.“

ڪتو ۽ ٻلو ڇڪ ڇڪان ۾ ٿڪجي پيا هئا. ٻلي کي خيال آيو، ته هو گوشت پنهنجي ڄاڙين ۾ سوگهو جهلي، رڙ ڪري ڀولڙي کي چيائين، ”تون ٻڌاءِ، ڀولڙا تون اسان جي ڪا مدد ڪري سگهين ٿو؟ تون اسان کي هڪ جيترا حصا ڪري ڏيندين.“ ڀولڙي وڏي خوشيءَ سان اها ذميواري قبول ڪئي ۽ چيائين ته: ”ڪو ماپو ڳولڻ کپي ته جيئن ورهاست ۾ انصاف ٿي سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com