اهو
ٻڌي
سائين جمن
جلالي ۽
ڪلاس ۾ ويٺل
تقريباً هر
شاگرد کان رڙ
نڪري
ويئي.
”اڙي...
جاويد...
پ...
پ...
پوءِ
به
تون نانگ
کان
بچي
وئين!“
سائين
جمن
جلالي اکيون
چڀندي حيرت
مان
جاويد عرف
جذباتي کان سوال
ڪيو.
جنهن
تي جاويد
عرف
جذبات جواب
ڏنو.
”ها
سائين!
نانگ
ويچاري کي
ڪهڙي خبر
ته
هيڏنهن به
ڪو
جاويد جذباتي
آهي!
سو
نانگ
جڏهن مون
کي
چڱي
طرح وڪوڙڻ
کان
پوءِ
ڦڻ
ڪڍي
ڏنگ
هڻڻ وارو
هو
ته آئون
ڦڙتي
سان
جهٽڪو ڏئي
کيسي مان
بال
پين ڪڍي ورتي،
۽
پوءِ
جيئن ئي
نانگ
ڏنگ
هڻڻ لاءِ
پنهنجي خطرناڪ
منڍي
مون
ڏانهن وڌائي
ته
مان به
پوري
قوت سان
بال
پين نانگ
جي
منڍي ۾ هڻي
ڪڍي،
جنهن
جي ڪري نانگ
۽
پين
جو زبردست
ٽڪراءُ
ٿيو
۽
بال
پين ناگ
جي
منهن ۾
ڪنهن
ڪوڪي جيان
کُپي
ويئي، جنهن
جي
ڪري
نانگ ويچاري
اتي
جو اتي
تڙپي
دم ڏنو!“
اهو
ٻڌي
سائين جمن
جلالي ۽ شاگرد
واهه
واهه ڪري جاويد
کي
خوب
داد ڏيڻ لڳا.
ڪجهه
گهڙيون خاموش
رهڻ
کان
پوءِ جاويد
وري
ڳالهايو.
”پر
سائين!
ڳالهه
اتي به
ختم
ڪونه
ٿي...
آئون
جيئن
ئي نانگ
مان
آزاد ٿي پنهنجا
ڪپڙا
ڇنڊڻ
لڳس،
ته حيران
رهجي
ويس، ڇو ته
منهنجي بلڪل
دل
مٿان رت
جا
ٽيپا
ڳڙي
رهيا هئا.
جنهن
جي ڪري مون
کي
يقين
ٿي
ويو ته
پڪ
سان نانگ
به
مون کي ڏنگ هڻي
ورتو
آهي، اهو
سوچيندي ئي
منهنجا حوصلا
خطا
ٿيڻ
لڳا...
۽
آئون پنهنجي
مدد
لاءِ
ڪنهن کي
ڳولهڻ لڳس،
پر
اتي آسپاس
۾
ڪوئي
به
نه هو،
جنهن
جي ڪري آئو
اڃا
به وڌيڪ
پريشان
ٿيس، بس
آئون
بيهوش ٿيڻ وارو
هوس
جو مون
کي
پري
کان
منظور ايندي
نظر
آيو، جنهن
کي
پنهنجي مدد
لاءِ
سڏڻ ٿي چاهيم
پر
لفظ نڙي
۾
اٽڪي
پيا، اکين
اڳيان اوندهه
ڇانئجي
ويئي
۽
آئون بيهوش
ٿي
ويس!،
ائين
چئي جاويد
هڪ
ٿڌو
ساهه ڀري خاموش
ٿي
ويو.
”ها
جاويد
پٽ!
پر
پوءِ
توکي هوش
ڪٿي
۽
ڪيئن
آيو...؟“
سائين جمن
جلالي
ڏاڍي پيار
۽
پاٻوهه سان
جاويد کان پڇيو،
”سائين!
اهو
توهان مون
کان
نه
پر منظور
کان
پڇو
ڇو
ته ان
ئي
مون کي هوش
۾
آندو
هو.
”جاويد
عرف
جذباتي مون
ڏي
اشارو
ڪندي سائين
جمن
جلالي کي جواب
ڏنو.
اهو
ٻڌايو
منهنجون ته
واڇون ئي
ٽڙي
ويون!
تارا
نڪري
آيا!
ڇو
ته مون
کي
ڪجهه
به
سمجهه ۾ نه
اچي
رهيو هو
ته
هاڻ آئون
ڇا
چوان!
خير
ڪجهه
گهڙين کان پوءِ
پاڻ
سنڀاليندي چيم.
”سائين آئون
به
ڪالهه
ڪتاب
کڻي
اسڪول اچي
رهيو
هوس ته
رستي
۾
مون کي جاويد
ستل
نظر آيو،
ان
ڪري
پهريان مون
سوچيو ته
جاويد منهنجو
انتظار
ڪندي
ڪندي رستي
۾
ئي
ننڊ پئجي
ويو
آهي، ان
ڪري
کيس
اٿارڻ لاءِ
ٻه
ٽي
سڏ
ڪيم،
پر هي
همراهه چريو
پريو
ئي نه!
ان
ڪري
چڱي ريت
کيس
جاچي
ڏٺم
ته هي
بيهوش هو!
سائين پرڀرو
نانگ
به مئل
ڏٺم،
سو
سڄي
ڳالهه سمجهه
۾
اچي
ويئي جنهن
ڪري
مون
تڪڙ ۾ جاويد
کي
کڻي
هڪ
گهاٽي وڻ
هيٺان آندو،
جنهن
جي
ڀرسان شاخ
به
وهي رهي
هئي.
مون
ان
مان پاڻي
ڀري
کيس
ڪجهه
ڇنڊا
هنيم، پر
هي
همراهه هوش
۾
نه
آيو، اها
حالت
ڏسي
مون جاويد
کي
کي
شاخ
۾
ڪافي
ٽوٻار
ڏنا،
پر پوءِ
هن
جي حالت
سڌرڻ
بجاءِ ويتر
خراب
ٿي
وئي!
ان
ڪري مون
جاويد کي کڻي واپس
ساڳي
وڻ هيٺان
آندو!
تقريباً
اڌ
ڪلاڪ
گذرڻ کان پوءِ
هن
کي
هوش
ڪونه آيو،
جنهن
جي ڪري مون
کي
ڏاڍي
ڪاوڙ
آئي
۽
ڪاوڙ
۾
هڪ
ٺاهوڪي ٿڦڙ هڻي
ڪڍي
مانس، ته
به
ڪجهه
نه وريو،
منهنجي
ڪاوڙ اڃا
به
وڌي ويئي
۽
هڪ
ٻي
زوردار ٿڦڙ به
سندس
چهري تي
وهائي
ڪڍيم، ته
هن
(جاويد)
پنهنجون
اکيون
کوليون، پر
وات
سان هڪ
لفظ
به
ڪونه
ڪڇيائين!“
منهنجي
ان
چوڻ تي
جاويد
ڪرڙيون اکيون
کڻي
مون
کي
ائين ڏسڻ لڳو،
جو
ڄڻ
مون کي ڪچو
کائي
ڇڏيندو، خير
مون
پنهنجي
ڳالهه کي اڳتي
وڌائيندي چيو.
”سائين!
اهو
ڏسي
منهنجو حوصلو
ڪجهه
اڃان
به وڌيو
۽
مان
لاڳيتو ٻه ٽي
ٿڦڙون جاويد
کي
وهائي
ڪڍيون.
ٿڦڙن
لڳڻ شرط
جاويد ٽپ
ڏيئي اٿي
ويهي
رهيو ۽
ڪجهه دير
کان
پوءِ
وڦلجندي چيائين،
نانگ...
نانگ...
مون
کي
ڏنگ
هنيو آهي!“
هتي...
هتي...
هي
ڏس
رت...!
جاويد
پنهنجي دل
مٿان
هٿ لاهيندي
مون
کي
چيو.
مون
غور
سان سندس
دل
مٿان نظر
وڌي
ته اها
رت
نه پر
ڳاڙهي
پين
جي مس
هئي،
اهو ڏسي مون
هڪ
وڏو ٽهڪ
ڏيئي جاويد
کي
چيو.
”اڙي يار!
اها
رت نه
پر
ڳاڙهي
پين جي
مس
اٿئي!“
ڇ...
ڇ...
ڇاڇا؟“
کيسي
مان هٿ
هڻي
پين ڪڍي ورتائين،
جنهن
جي
ٽونٽي ڪري پئي
هئي
۽
سندس نب
مان
مس ڳڙي رهي
هئي!
اهو
ڏسي
جاويد
ڏاڍو خوش
ٿيو
۽
خوشي
مان رڙ
ڪندي
چيائين ته
”بچي
ويم نانگ
نرڄي
کان!“
جنهن
کان
پوءِ
اسين ٻئي گڏجي
اسڪول اچڻ
لڳاسين، پر
اسان
کي
ڪافي
ليٽ ٿي ويئي
هئي
سائين!
ان
ڪري اسڪول
اچڻ
مناسب
ڪونه سمجهيوسين!“
”ها
سائين هاڻ
ڀل
توهان اسان
کي
ڍءُ
تي
موچڙا هڻو!“
جاويد ۽ مان
هڪ
زبان ٿي سائين
جمن
جلالي کي چيوسين!
جنهن تي
سائين جمن
جلالي وراڻيو.
”توهان مار
جا
نه پر
انعام جا
حقدار آهي،
ڇو
ته
جاويد مون
کي
هڪ
اهڙي خطرناڪ
نانگ
کان
بچايو آهي،
جيڪو
منهنجو ذاتي
دشمن
هو...!“
”ذاتي
دشمن!“”
جاويد
عرف
جذباتي حيران
ٿيندي
چيو.
”ها
پٽ
جاويد!
ذاتي
دشمن!
اگر
تون
ڪالهه
ان نانگ
کي
نه
مارين ها
ته
اڄ آئون
اوهان جي
سامهون صحيح
سلامت نه
بيٺو
هجان ها...!!“
ائين
نه چؤ
سائين الله
اوهان کي وڏي
حياتي ڏي!“
مون
سائين جو
مٿيون جملو
ٻڌي
همدردانه انداز
۾
سائينءَ کي چيو!
”سائين!
ڀلا
اهو ته
ٻڌايو
ته
ان نانگ
جي
اوهان سان
ڪهڙي
ذاتي
دشمني هئي!؟“
جاويد جذباتي
سائين جمن
جلالي کان پڇيو!
جنهن
تي سائين
چيو.
”پٽ!
دراصل
ڪجهه
ڏينهن
پهريان مون
نه
چاهيندي به
پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ
ڪاريهر
نانگ
کي
ماري
ڇڏيو هو!
۽
جنهن
نانگ کي
ڪالهه تو
ماريو اهو
دراصل ان
نانگ
جو پڪ
سان
ساٿي هو،
جنهن
کي
مون ماريو
هو!
ڇو
ته جيڪو
به
ڪاريهر
نانگ کي ماريندو
آهي،
ته ان
جوبدلو سندس
ساٿي
ضرور وٺندو
آهي!“
”پر
سائين!
ماريل
نانگ
جو ساٿي
کي
ڪيئن
خبر
پوندي آهي،
ته
منهنجي ساٿي
کي
ڪنهن
ماريو آهي!؟“
مون
حيرت
مان سائين
کان
پڇيو، پٽ!
جيڪو
به ماڻهو
ڪاريهر
نانگ
کي
ماريندو آهي
ته
ان مرندڙ
نانگ
جي اکين
۾
ماريندڙ ماڻهو
جي
تصوير
ڇپجي ويندي
آهي،
۽
پوءِ ان
جو
ساٿي تصوير
جي
مدد سان
پنهنجي ساٿي
جو
پلاند
ڪندو آهي!“
سائين جمن
جلالي سمجهائيندي
چيو.
”سائين!
توهان به
عجيب
ماڻهو آهيو،
جو
انهن
ڳالهين تي
يقين
رکو ٿا...
توهان
ٿورو
پاڻ
ئي سوچيو
ته
ڪٿي
هيڏي ساري
ماڻهو جي
تصوير ۽ ڪٿي وري
پتڪڙيون نانگ
جون
اکيون...
۽
ٻيو
ته سائين...!“
”اڙي
چنڊا!
توکي
وري
ڪهڙي
خبر تون
اڃان
ٻار
آهين...!“
سائين
جمن
جلالي انتهائي
ڪاوڙ
۾
جاويد جذباتي
جو
جملو اڌ
۾
ڪٽيندي
چيو.
مون
جڏهن
ڏٺو
ته سائين
جمن
جلالي تمام
گهڻي
ڪاوڙ
۾
آهي ۽ ان
ئي
ڪاوڙ
۾
جيڪڏهن هن
کي
جلالت اچي
ويئي
ته پوءِ
اسان
کي
انعام ڏيڻ بدران
سائين اهڙي
ته
ڌمال
ڪڍندو
جو گهر
وارا
به پهرين
نظر
سان
ڪونه سڃاڻيندا،
ان
ڪري
مون تڪڙ
۾
سائين کي چيو.
”سائين هن
ڀوڪ
(جاويد)
کي
ڪهڙي
خبر جهان
جي...!
توهان
بلڪل
صحيح چيو
ته
مرندڙ نانگ
جي
اکين ۾ ماريندڙ
ماڻهو جي
تصوير سهڻي
نموني سان
ڇپجي
ويندي آهي!
۽
اها
سائين جنهن
نانگ
کي
جاويد ماريو،
اهو
ئي اوهان
جو
دشمن هو...!
هاڻ
توهان
ڪوبه فڪر
نه
ڪريو...“
جنهن
تي
سائين وراڻيو،
”ها
پٽ منظور!
تون بلڪل
صحيح
پيو چوين!
جاويد منهنجي
دشمن
نانگ کي ختم
ڪري
مون
تي وڏو
احسان ڪيو آهي،
هاڻ
آئون بنا
ڪنهن
خوف
۽
خطري جي
گهمي
ڦري
سگهندس!“
ائين
چئي
سائين جمن
جلالي، جاويد
جذباتي کي پنجين
روپين جو
نوٽ
ڏيندي
چيو،
”ٻن
روپين جون
ريوڙيون وٺي
اچ
ته شاگردن
جو
وات مٺو
ڪرايون
۽
باقي
ٽي
روپيا تنهنجو
انعام!“
اهو
ٻڌي
جاويد
ڏاڍو خوش
ٿيو
۽
پوءِ
دڪان تان
ريوڙيون وٺي
سائين کي
ڏنائين!
سائين
جمن
جلالي سڀني
شاگردن ۾ ريوڙيون
ورهايون ۽ پوءِ
پنهنجي زندگي
بچي
وڃڻ جي
خوشي
۾
ان مهل
ئي
موڪل
ڏيئي
ڇڏيائين...!
ڪيئن
آهيون نه
چندا...
پر
يار
چنڊن کان الله
بچائي...
ان
ڏينهن کان پوءِ
هاڻ
پنهنجو شمار
ڪلاس
جي
محنتي شاگردن
۾
ٿيندو
آهي....!!!
سنڌيڪار:
زاهده چنا
اڌ
خوشي
ڪنهن بادشاهه
جي
درٻار ۾ هڪ
ڳائڻو
هو،
جنهن جو
آواز
ڏاڍو
سريلو ۽ موهيندڙ
هو.
بادشاهه
کيس
تمام
گهڻو
ڀائيندو هو،
۽
هر
روز
کانئس
ڪجهه گيت
ٻڌندو
هو،
هن ڳائڻي
هڪ ذهين
غلام
جي پرورش
ڪئي
هئي،
۽
کيس
ڳائڻ
وڄائڻ جي
تعليم ڏني هئي،
ڪجهه
ڏينهن
کان
پوءِ
هو پنهنجي
استاد کان به
گوءِ
کڻي
ويو، جڏهن
بادشاهه کي هن
غلام
جي
ڪمال فن
جي
خبر پئي،
ته
بادشاهه کيس گهرائي
کانئس
راڳ
ٻڌو.
بادشاهه
کي
سندس
راڳ
ڏاڍو وڻي
ويو
۽
بادشاهه مٿس
مهربان ٿي ويو،
ايتري قدر
جو
هو بادشاهه
جو
خاص دوست
ٿي
ويو.
بادشاهه
سدائين
کانئس راڳ
ٻڌندو
هو
۽
هر روز
هن
جي عهدي
۾
اضافو
ڪرڻ
لڳو، اهي
ڏسي
سندس
استاد جي
دل
۾
حسد پيدا
ٿيو.
نيٺ
هڪ
ڏينهن
هن ان
غلام
کي
قتل ڪري
ڇڏيو.
اها
خبر
بادشاهه کي پهتي
ته
حڪم
ڏنائين ته
ڳائڻي
کي
حاضر
ڪيو
وڃي، جڏهن
ڳائڻو
حاضر
ٿيو
ته بادشاهه
کيس
چيو
ته
”ڇا
تون نٿو
ڄاڻي
ته
مان عيش
عشرت
جو
ڪوڏيو آهيان،
۽
منهنجو عيش
۽
خوشي
ٻن
شين ۾ هئي،
هڪ
محل ۾ تنهنجo راڳ،
ٻيو
اڪيلائي ۾ غلام
جو
ساز وڄائڻ،
اهي
ئي ٻه شيون
منهنجي زندگيءَ
۾
هيون، تو
ڇا
سوچي
منهنجي اڌ
خوشي
ڏک
۾
تبديل ڪري
ڇڏي؟ سچ
ٻڌاءِ
ته
تو غلام
کي
ڪيئن
ماريو؟ جيئن
مان
به توکي
اهڙي
طرح قتل
ڪيان،
جيئن
ماڻهو عبرت
وٺن
۽
آئينده
ڪوبه اهڙي
طرح
اهڙي حرڪت
نه
ڪري.“
ڳائڻي بادشاهه
جي
ڳالهه
ٻڌي
هڪدم چيو،
”عالم
پناهه!
اها
حقيقت آهي
ته
مون تمام
وڏو
ڏوهه
ڪيو
آهي، جو
توهان جي
اڌ
خوشي ڇني ڇڏي اٿم،
پر
هاڻي، حضور
مون
کي
قتل ڪري پنهنجي
پوري
خوشي ڇو ختم
ڪرڻ
چاهيو ٿا؟“
بادشاهه
کي
هن
جي
ڳالهه وڻي
وئي
۽
هن کيس معاف
ڪري
ڇڏيو.
(ڪتاب
انوار سهيلي
تان
ورتل)
اختر
حفيظ
ڪنڀر
آخر
ڪيستائين
شبير
”امان
آئون پنهنجي
دوست
ڏانهن
وڃي رهيو
آهيان...
موٽر
سائيڪل جي
چاٻي
ڪٿي
آهي.“
پٽ
ڏس تون
اڃان
ايڏو وڏو
ناهين ۽ موٽر
سائيڪل ايڏي
تيز
هلائيندو آهين...
شبير
جي ماءُ
هن
کي
سمجهائيندي پيار
سان
چيو...
خدا
نه
ڪري
ڪٿي
ڪنهن
گاڏي سان
ٽڪر
نه
ٿي
وڃي...
امان
مون
کي
ڪجهه
نه
ٿيندو.
شبير
پنهنجي ماءُ
کي
اطمينان
ڏيندي چيو...
چڱو
امان آئون
هاڻي
هلان ٿو...
شام
جو
شبير گهر
موٽي
آيو.
شبير
جو
پيءُ گهر
۾
موجود هو...
شبير
جي ماءُ
ڪاوڙ
۾
ڳالهائيندي
چيو،
”توهان
شبير
کي
ائين ئي
موٽر
سائيڪل ڏئي ڇڏي آهي...
هاڻ
ته شبير
پڙهي
به نٿو.“
شبير
جي پيءُ
کلندي
چيو،
شبير لاءِ
پڙهڻ
ايترو ضروري
ناهي...
هو
هڪ
امير پيءُ
جو
پٽ آهي.
هن
لاءِ نوڪري
جي
کوٽ
ته
ڪونهي!
شبير
جي
ماءُ ڪنڌ کي هلڪو
وٽ
ڏيندي
ڪمري
اندر هلي
وئي.
ايتري
دير
۾
شبير گهر
موٽي
آيو.
Hello My Dear Son
ڪهڙا حال
آهن،
آئون بلڪل
ٺيڪ
آهيان، بابا!
شبير
چيو.
پُٽ
شبير
سڀاڻي کان تنهنجو
موٽر
سائيڪل هلائڻ
بند
آهي، شبير
حيران
ٿيندي پڇيو،
پر
ڇو
بابا!؟؟
انهيءَ
ڪري
جو
سڀاڻي کان تون
ڪار
هلائندين...
هاڻ
شبير
جي خوشي
ٻيڻي
ٿي
وئي،
ٻيو
ڏينهن
به آيو...
شبير
صبح
جو ڪار
ڪاهي
ٻاهر نڪري
ويو...
۽
روڊ تي
تيز
رفتاريءَ سان
ڪار
هلائڻ لڳو...
هن
جي اڳيان
اوچتو هڪ
نوجوان اچي
ويو...
شبير
هن
کي
ٽڪر
هڻي ڀڄي ويو.
شبير
جڏهن
گهر آيو،
ڏاڍو
گهٻرايل هو...
ڇا
ٿيو؟ “My Dear”
شبير
جي پيءُ
پڇيو، بابا
هو...
هو
هڪ
نوجوان ڪار هيٺ
اچي
ويو، کيس
ڏاڍا ڌڪ لڳا
آهن...
شبير
جي
پيءُ هڪ
وڏو
ٽهڪ
ڏيندي،
بس ايتري
ڳالهه
پٽ
اهڙا نوجوان
ته
روز گاڏين
هيٺ
ايندا رهندا
آهن...
تون
پريشان ڇو آهين؟
۽
هن
جو پيءُ
ٻاهر
نڪري
ويو.
پر
ڪيستائين اهي
نوجوان پيا
چيڀاٽبا؟ آخر
ڪيستائين
ائين
ٿيندو
رهندو؟ انهن
جي
مائرن جا
لڙڪ
ڪير
اگهندو، آخر
ڪيستائين!؟
عطا
الله
ڀٽو
مخلوق سان
محبت
پيارا
ٻارؤ!
هڪ
ڏينهن
رسول اڪرم
اصحابين سڳورن
سان
گڏ گفتگو
ڪري
رهيا
هئا ته
هڪ
شخص حاضر
ٿيو
۽
چيائين،
”يا
رسول
الله!
مون
هڪ
عجيب
ڳالهه ڏٺي.“
رسول
جن
پنهنجون نظرون
مٿي
کنيائون،
ان شخص
ڏانهن
متوجه
ٿيا، ان
شخص
پنهنجي
ڳالهه جاري
رکندي چيو،
”مان
هڪ
ٻوٽي جي
ڀرسان
لنگهي رهيو
هوس
ته مون
چرپر
جو آواز
ٻڌو.
مون
ٻوٽي
اندر ڏٺو ته
مون
کي
هڪ
ڪبوتري جا
ٻه
ٻچا
نظر
آيا.
مون
ڪبوتري
جي
ٻچن
کي
پنهنجي رومال
۾
کنيون
۽
رستو
ورتو.
ايتري
۾
اها
ڪبوتري
به اتي
پهچي
ويئي، ان
آکيرو خالي
ڏٺو
ته
چيڪڻ شروع
ڪيائين
۽
منهنجي مٿي
چوڌاري ڦرڻ لڳي،
مون
رومال
کوليو ته
ڪبوتري
بنا
ڪنهن
خوف ۽ خطري
جي
رومال ۾ اچي
پنهنجي ٻچن سان
ويٺي.
هي
ڏسو!
ٽيئي
اڃان
تائين منهنجي
رومال ۾ آهن...“
اِن
شخص حضور
اڪرم
جن جي
سامهون رومال
کوليو.
رسول
الله
جن
ڪبوتري ۽ سندس
ٻچن
کي
ڏٺو
۽
ان
شخص کي چيائون،
”جلدي
وڃ ۽ انهن
کي
سندس
آکيري ۾
رکي
اچ.“
ائين
چئي
حضور اڪرم
جن
سوچ ۾ پئجي
ويا
۽
ڪجهه
دير کان پوءِ
پنهنجو منهن
مبارڪ مٿي
کنيائن
۽
روئندڙ اکين
سان
اصحابين کي ڏسي فرمايائون.
”ماءُ
جي
محبت جو
ڪوبه
اندازو نٿو
ڪري
سگهي...
هن
ڪبوتري جي
دل
۾
پنهنجي ٻچن لاءِ
ڪيتري
محبت
آهي، جو
هو
بنان
ڪنهن خطري
جي
پنهنجي ٻچن سان
ملڻ
لاءِ بي
چين
آهي، مگر
اي
منهنجا اصحابيو!
الله تعالى
کي
پنهنجي مخلوق
لاءِ
ان کان به
وڌيڪ
محبت ۽ فڪر
آهي
۽
ان کان به
وڌيڪ
خيال آهي.
نور
الدين چنا
سيتائي
محنت
۾
عظمت
اسان
جي
پياري
سچي
مذهب اسلام
۾
محنت
ڪندڙ
پورهيت جو
وڏو
مان ۽ مرتبو
آهي
۽
پورهيت کي خدا
جو
دوست پڻ
چيو
ويندو آهي،
ان
مان معلوم
ٿئي
ٿو
ته
محنت مزدوري
۽
پورهيو ڪرڻ سان
پاڪ
پڻ راضي
ٿئي
ٿو.
تاريخ
تي
نظر وجهڻ
سان
پڻ اهو
معلوم ٿئي ٿو ته
وڏا
وڏا بزرگ،
درويش، عالم
۽
خدا
جا پيارا
ٻانها
پڻ
محنت مزدوري
۽
پورهيو
ڪندا هئا،
ڪي
هارپو
ڪندا هئا
ته
ڪي
واڍا هئا،
ڪي
موچڪو ڪم
ڪندا هئا،
۽
ڪي
درزڪو ته
ڪي
واپار
ڪندا هئا!
حضرت
ابوبڪر صديق
رضه
دورِ خلافت
کان
اڳ
ڪپڙي
جي
ڳٺڙي پٺيءَ
تي
رکي گهٽين
۾
وڪڻندو هو.
مشهور اصحابي
صهيب
رومي رضه
لوهارڪو ڪم
ڪندو هو،
مطلب
ته خدا
پاڪ
جا پيارا
ٻانها
به
محنت مزدوري
۽
پورهيو ڪري حلال
جي
روزي
ڪمائي
کائيندا هئا.
اسان
جي
نبي سڳوري
حضرت
محمد ﷺ جن
پورهئي ڪرڻ واري
کي
نه
فقط بهشت
جو
حقدار سڏيو
آهي،
پر گڏوگڏ
پورهئي ڪرڻ واري
کي
نبين
جهڙو مانائتو
پڻ
ڪوٺيو
آهي، پاڻ
ڪريمن
فرمايو آهي
ته:
”جنهن
ماڻهوءَ حلال
طريقي سان
روزي
ڪمائي
۽
پورهيو ڪيو ۽
ڪنهن جي
اڳيان هٿ
نه
ٽنگيو،
اهو الله
تعالى سان
انهيءَ حال
۾
ملندو جو
سندس
چهرو چوڏهين
جي
چنڊ جيان
روشن
هوندو.“
اسان
جي
مذهب اسلام
۾
چوري، جوا،
ٺڳي،
زخيره اندوزي
۽
رشوت
کي
حرام قرار
ڏنو
ويو
آهي، ۽ پورهئي
ڪرڻ
۽
حلال
روزي
ڪمائڻ لاءِ
تاڪيد ڪيو ويو
آهي،
قرآن مجيد
۾
حڪم
آيو آهي
ته:”
زمين
۾
ٽڙي
پکڙي
وڃو ۽ محنت
مزدوري ڪري الله
جي
فضل جي
ڳولا
ڪريو.“
حضور
اڪرم
جن ٻئي هنڌ
فرمائين ٿا ته:
”الله
تبارڪ و
تعالى انهي
ٻانهي
سان
ڏاڍي
محبت ڪري ٿو، جيڪو
محنت
مزدوري ڪري پنهنجي
ٻچن
جي
پالنا ڪري ٿو.“
انهن
سڀني
ڳالهين
مان اسان
کي
معلوم ٿئي ٿو ته
پورهئي
ڪندڙ جو
مان
۽
محنت ڪش جي
عظمت
الله تعالى
وٽ
سڀ کان وڌيڪ
۽
مٿاهين آهي.
ان
ڪري
اسان سڀني
کي
گهرجي ته
اسان
به سچائي
سان
محنت ۽ پورهيو
ڪري،
حلال
روزي
ڪمائي
کائون ۽ پنهنجي
پالڻهار کي راضي
ڪريون.
محبوب
علي
(اي)
بلوچ
عجيب
۽
حيرت انگيز
معلومات
طويل
سفر
ڪندڙ جنازو
جنرل
جنهن
جو جنازو
جلوس
جي شڪل
۾
هڪ
سال تائين
سفر
۾
رهيو، سيڪنگ
جي
جنرل جڏهن
سن
1912ع
۾ وفات
ڪئي
ته
ان جي
جنازي کي سيڪنگ
کان
ڪاشفر
تائين پهچائڻو
هو،
جيڪو پهرئين
جون
1912ع
تي
کنيو
ويو ۽ پهرين
جون
1913ع
تي
ڪاشفر
پهچايو
ويو.
ڏاڙهي
واري
عورت
هڪ
عورت
جين
ڊيوري جيڪا
1842ع
۾
ڄائي،
ان جي
ڏاڙهي
1884ع
۾
چئن انچن
کان
به
وڌيڪ هئي.
مون
کان
پڇو
آمريڪا
هڪ
ننڍي شهر
جو
نالو دلچسپ
۽
عجيب
آهي، اهو
نالو
آهي
Ask Me
(آسڪ
مي)
مون
کان
پڇو.
صرف
ڪتن
لاءِ هوٽل
شيبوياڪو
(جاپان
(۾
هڪ
اهڙو هوٽل
آهي،
جيڪو صرف
ڪتن
لاءِ
آهي، اتي
ميز
۽
ڪرسيون
آهن، جتي
ڪتن
کي
کير
۽
گوشت
کائڻ
لاءِ ڏنو وڃي
ٿو،
ڪتن
جا
مالڪ ڪتن کي
کارائي ان
جو
بِل ادا
ڪندا
آهن.
ٻلين
جو
قبرستان
ڪجهه سال
اڳ
مصر جي
هڪ
علائقي ۾
کوٽائي جي
دوران هڪ
اهو
قبرستان دريافت
ٿيو،
جنهن
۾
هزارن جي
تعداد ۾
ٻلين جا
ڍانچا
مليا، خيال
ڪيو
وڃي
ٿو
ته قديم
مصري
ٻلين
جي پوڄا
ڪندا
هئا،
۽
انهن جي
مرڻ
تي انهن
کي
باقاعده دفن
ڪندا
هئا.
حيرت
انگيز مصور
ڀولڙا
سنه
1958ع
۾
لنڊن جي
هڪ
آرٽ گئلريءَ
۾ 380
تصويرون
رکيل هيون،
پر
حيرت جي
ڳالهه
اها
آهي ته
انهن
تصويرن کي
ڀولڙن
ٺاهيو هو.
کل
ته
سهي
·
هڪ
ٻار،
معصوميت سان
ڏاڏيءَ
کي
چيو،
”وڏي
امان
توهان فلمن
۾
ڪم
ڪنديون
آهيو؟“
ڏاڏيءَ
جواب
ڏنو،”نه
ابا“
وري
ٻار
چيو،
”ڀلا
ٽيليويزن
۾“
ڏاڏيءَ
ڪاوڙ
۾
چيو،
”ابا!
مان
ته
ٽيليويزن به
ڪونه
ڏسان
توکي
ڪنهن
چيو آهي.“
ٻار
چيو،
”ڏاڏي
امان، بابا
کي،
امان
چئي رهي
هئي،
تنهنجي ماءُ
وري
گهر ۾ آئي
آهي،
وري
ڪونه ڪو
ڊرامون رچائيندي.
دانش
زرداري، حيدرآباد.
·
هڪ
گنجو، هڪ
سيٺ
وٽ نوڪري
لاءِ
ويو، سيٺ
پڇيس،
”ڪهڙو
ڪهڙو
ڪم
ڪري
سگهين ٿو.“
همراهه
جواب
ڏنو،
”سائين
دنيا
جا سڀ
ڪم
ڪري
سگهان ٿو، صرف
هڪ
ڪم
نه ٿو ڪري سگهان،“
”سيٺ
چيو،
”ڪهڙو؟“
گنجي
جواب
ڏنو،
”سائين
ڪنگو
وارن
کي
نٿو ڏئي سگهان.“
محمد
متارو، ڳوٺ هنڱورجو.
• هڪ آفيسر،
هڪ
اڻپڙهيل نوڪر
کي
چيو،
هڪ خط
ليٽر
باڪس ۾ وجهي
اچ،
نوڪر شهر
مان
رُلي رُلي
موٽي
آيو، ۽ چيائين،
”سائين سڄو
شهر
رليو آهيان،
قادر
بخش مليو،
ڪريم
بخش
مليو، پر
ليٽر
بخش جو
جو
ڪنهن
ڪونه
ٻڌايو.
وفا
رياض احمد
اوڳاهي، ڳوٺ عمر
ڊهو
·
هڪ
ماڻهو، پٽ
کي
نصيحت
ڪندي چيو،
”پٽ
نه ڪوڙ
ڳالهائجي نه
ڪنهن
شيءِ
۾
ملاوٽ ڪجي.“
ٿوري
دير کان پوءِ
اهو
ماڻهو هوٽل
تي
کير
کڻي
وڃڻ وقت
ٻه
چار،
گلاس پاڻي
جا
وجهي
ڇڏيا.
پٽ
پيءُ
کي
چيو،
”بابا
توهان ته
چئي
رهيا هئا
ته
ڪنهن
شيءِ ۾ ملاوٽ
نه
ڪجي.“
پيءُ
چيو،
پٽ مون
کير
۾
پاڻي
انهيءَ ڪري وڏو
آهي،
جو کير کي اڃ
لڳي
هئي ۽ سڪي
رهيو
هو، ڇو ته
مينهن پاڻي
ڪونه
پيتو
هو.
محمد
رحيم سولنگي،
قمبر
·
هڪ
همراهه وٽ
ٽي
روپيا نقلي
هئا،
اسيشن تي
بيٺو
هو، ريل
گاڏي
آئي، همراهه
ريل
گاڏي ۾ چڙهيو،
سامهون اخبار
وارو
بيٺو هو،
گاڏي
جڏهن سيٽي
وڄائي ته
همراهه اخبار
واري
کي
سڏ
ڪري، اخبار
ورتي، ايتري
۾
گاڏي
هلڻ لڳي.
همراهه
رڙ
ڪري،
اخبار واري
کي
چيو،
”اهي
ٽي
روپيا نقلي
اٿئي.“
اخبار
واري
چيو،
”پرواهه
نه
آهي، اها
اخبار به
ڪالهوڪي
اٿئي.“
عبدالوحيد درياڻي،
ميهڙ.
·
هڪ
همراهه، روزانو
هڪ
فقير کي
ڏسندو هو،
جيڪو
ڪڏهن
نابين ٿي پنندو
هو،
ڪڏهن
منڊو ٿي پنندو
هو،
ڪڏهن
ايڪسري هٿ
۾
کڻي
بيماري جو
بهانو ڪري
پنندو هو،
هڪ
ڏينهن همراهه
چيس:
”توسان
خير
ته آهي،
پنڻ
وقت مختلف
روپ
ڪري
پنين ٿو.“
فقير
جواب
ڏنو:
”سائين
سائنسي دور
آهي،
مان به
تجربا ڪري رهيو
آهيان، ته
ڪهڙي
فن
۾
خيرات گهڻي
ٿي
ملي.“
گيانچند
”منڇاڻي“
شيخ
ڀرڪيو.
·
هڪ ٻار کير واري دڪان تي آيو، کير واري کان
پڇيائين،
”هي
کير
ڪنهن
جو
آهي.“
کير
واري جواب
ڏنو،
منهنجو آهي.“
ٻار
چيو:
”مون
کي
منهن
جو کير گهرجي.“
تنوير احمد
ميمڻ، ميرپور
بٺورو.
·
هڪ
وڏيرو اليڪشن
کٽڻ
کان
پوءِ
هڪ جلسي
۾
تقرير ڪرڻ آيو،
لائوڊ هئا
پڙاڏي وارا،
سو
وڏيري چيو
مخالف ڌر ماڻهن
کي
منهنجي خلاف
ڀڙڪائي
رهي
آهي، ته
مان
ڪوڙو
آهيان، اڃان
اهي
لفظ مس
چيائين ته
لائوڊ مان
آواز
جو پڙاڏو
ٿيو
”ڪوڙو
آهين،
ڪوڙو آهين.“
وڏيري
ڪاوڙجي
چيو،
”وٺوس
اهو
ڪهڙو
مخالف آهي،
جو
جلسو
ڦٽائي رهيو
آهي.“
سجاد
حسين خاصخيلي،
چمبڙ.
·
هڪ
همراهه جو
پير
وڏو هو،
سڄو
شهر رليو،
پر
هن
جي
نمبر
جو
بوٽ ملي
ئي
ڪونه
پيو، هڪ
دڪان
تي آيو،
دڪاندار بوٽ
لاٿا، ان
وقت
بجلي هلي
وئي،
همراهه کي بوٽ
پارائڻ لڳو،
ائين
ڪافي
بوٽ
کوکي مان
ڪڍيائين،
سي
سڀ سوڙها
هئا.
اوچتو
همراهه پاڻ
هڪ
هنڌ پير
وجهي
دڪاندار کي چيو،
”هي
بوٽ پورو
آهي.“
ايتري
۾
بجلي
اچي وئي،
ڇا
ڏسي
ته
سندس پير
بوٽن
جي
کوکي ۾ پيو
آهي.
ساجن
علي
ڀنگوار، نوابشاهه.
·
هڪ
همراهه هڪ
دوست
کي
چيو:
”يار،
ڇو
ڀلا
مکيون توتي
ويهن
ئي
ڪونه
ٿيون، رڳو
مون
تي ويهن
ٿيون.“
دوست
چيس،
”يار
مکيون ته
رڳو
گندگي تي
ويهنديون آهن.“
عبدالله سومرو،
ڳوٺ
ساند.
*
استاد
،
هڪ
شاگرد کان پڇيو،
”سال
۾
گهڻيون مندون
آهن.“
شاگرد
جواب
ڏنو،
”اليڪشن،
هڙتال،
ڪرڪيٽ، ميچ
۽
امتحان.“
خميسو خان
بروهي، فريد
آباد.
·
هڪ
همراهه
ڪنهن کان پڇيو
ته
ڳئون
بيمار آهي،
ان
کي
ڇا
ڏيان؟“
همراه
چيس،
”ان
کي گاسليٽ
پيار،“
همراهه کي گاسليٽ
ڪونه
مليو، سو،
ڳئون
کي
ٿورو
پيٽرول شيشي
۾
وجهي
وات ۾ وڌائين.
رات
جو
ڳئون
چور
ڪاهي ويا.
صبح
جو،
همراهه، ان
دوست
وٽ ويو
۽
چيائين
”يار،
رات
گاسليٽ ته
ڪونه
مليو، پر
پيٽرول مليو،
اهو
شيشي سان
وات
۾وڌو
مانس، صبح
جو
اٿان ته
ڳئون
لڀي
ئي
ڪانه.“
ان
همراهه
چيس،
”هاڻ
وڃي
بسن جي
اڏي
تي
ڳولينس، متان
اتي
هجي نه
ته
موٽر گيريج
تي
ضرور هوندي.
عبدالحق
ڀرٽ، نوابشاهه.
·
هڪ
بس اسٽاپ
تي
بس بيٺي،
ماڻهو اڳئين
در
مان چڙهڻ
لڳا
ته
ڪنڊيڪٽر چيو،
ترسو
پهرين ليڊيز
کي
چڙهڻ
ڏيو:
هڪ
ٻهراڙي جي
پوڙهي عورت
چيو:
هڻ
ليڊيز
کي
گولي، پهرين
عورتن کي ته
چڙهڻ
ڏيو.
عبدالجبار مهر،
قادر
پور.
·
هڪ
ٻوڙو،
پنهنجي بيمار
دوست
جي طبيعت
پڇڻ
ويو،
ٻوڙي بيمار
کان
پڇيو،
”ڪهڙا
حال آهن.“
بيمار
چيو:
”مران
پيو.“
ٻوڙي چيس:
”شڪر
آهي.“
وري
ٻوڙي
پڇيس:
”کاڌي
۾
ڇا
پيو
کائين؟“
ان
چيو
”زهر“
ٻوڙي
چيو:
”سٺو
آ.“
جيترو
ٿي
سگهي، اوترو
کاءِ.
عبدالرحمان ميربحر،
دادو.
·
هڪ
همراهه، پنهنجي
آفيسر وٽ
هڪ
درخواست کڻي ويو
۽
چيائين
”سائين
اکر
اهڙا آهن،
جو
مان پڙهي
نٿو
سگهان.“
صاحب
چيو:
”اڙي
بيوقوف ماڻهو
به
پڙهي ويندو.
کڻي
آ
ته مان
پڙهي
ٻڌايائين.“
محمد
عثمان عباسي،
ميهڙ
·
گراهڪ،
بيري کي چيو:
”هي
ٻوڙ
خراب آهي،
مان
ڪونه
کائيندس.“
”هوٽل
جي مئنيجر
کي
هيڏانهن سڏ
ڪر.“
بيرو:
”سائين هوٽل
جي
مئنيجر کي سڏ
به
فضول آهي،
هو
به
ڪونه
کائيندو آهي.“
محمد
بخش وگهيو،
ڄامشورو.
·
هڪ
پهلوان کان ڪو ماڻهو
ڦر
ڪري
ويو، هن
اُها
ڳالهه
دوست کي
ٻڌائي، تنهن
تي
دوست چيس
ته
”تون
ڪيڏو
طاقتور،
ٿلهو، ٿي ڪري
ڦورو کي وٺي
نه
سگهين.“
پهلوان
مڇون
وٽيندي چيو،
”آئون
پنج هزار
اڳواٽ وٺڻ
کان
سواءِ
ڪنهن سان
مقابلو
نه
ڪندو آهيان.
عبدالجبار وگهيو
گل
ڦل
قلمي دوستي
·
نالو:
آنند
ڪمار
ڪلاس:
نائون
(اي)
وندر:
علم
سان چاهه
عمر:
14
سال
ائڊريس:
سريش
جنرل اسٽور،
عمر
ڊهو
ضلعو گهوٽڪي.
·
نالو:
ارباب وفا
راهمون
ڪلاس:
نائون
وندر:
رسالا پڙهڻ
عمر:
15
سال
ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ
اسڪول، غلام
نبي
شاهه.
·
نالو:
عبدالغفار لُنڊ
ڪلاس:
يارهون
وندر:
شاعري
ڪرڻ، عمر:
16
سال
ائڊريس:
المهراڻ
ريسٽورينٽ ٿر بس
اسٽينڊ، مٺي.
·
نالو:
صديق ڇڄڻ
ڪلاس:
ستون
(بي)
وندر:
قلمي
دوستي رکڻ
عمر:
12
سال
ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ
اسڪول، ميرپور
ماٿيلو.
·
نالو:
نظر جان
بروهي
ڪلاس:
ڏهون
(اي)
وندر:
سنڌ
سان پيار
عمر:
17
سال
ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ
اسڪول، جهمپير.
·
نالو:
شاهه فيصل
مهڙ
ڪلاس:
ڇهون
وندر:
ادب
سان چاهه
عمر:
10
سال
ائڊريس:
مهڙ
محلو عظيم
ڪالوني،
سڪرنڊ روڊ،
نوابشاهه.
·
نالو:
آنند
ڪمار
ڪلاس:
يارهون
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
17
سال
ائڊريس:
معرفت، ليکراج
برادرس، نئون
ڪوٽ.
·
نالو:
رياض علي
شيخ
ڪلاس:
نائون
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
12
سال
ائڊريس:
ڳوٺ
راجه
فارم، لڳ
ڏهرڪي.
·
نالو:
خالد حسين
گڏاڻي
ڪلاس:
ستون
وندر:
گل
ڦل
پڙهڻ
عمر:
13
سال
ائڊريس:
گورنمينٽ بوائز
هاءِ
اسڪول، مومل
جي
ماڙي ماٿيلو.
·
نالو:
ڀڳوان
داس
ڪلاس:
نائون
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
14
سال
ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ
اسڪول، يارو،
لُنڊ، گهوٽڪي.
·
نالو:
غلام قادر
سومرو
ڪلاس:
انٽر
P.E
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
18
سال
ائڊريس:
سنڌ
ڪتاب
گهر، مورو.
·
نالو:
ايم عالم
تبسم
ڪلاس:
فرسٽ
ايئر
P.M
وندر:
گل
ڦل
پڙهڻ
عمر:
16
سال
ائڊريس:
سيال
ڪيبين،
ويجهو نوراني
مسجد، شهدادڪوٽ.
·
نالو:
عبدالوحيد درياڻي
ڪلاس:
ڏهون
وندر:
سير
ڪرڻ
عمر:
15
سال
ائڊريس:
ويجهو پوسٽ
آفيس
مين روڊ،
ميهڙ.
·
نالو:
سرفراز احمد
کوسو
ڪلاس:
ستون
وندر:
ڪتاب
پڙهڻ
عمر:
12
سال
ائڊريس:
گورنمينٽ سنگل
سيڪشن هاءِ
اسڪول، شهدادڪوٽ.
·
نالو:
دليپ
ڪمار
ڪلاس:
ٽيون (سي)
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
7
سال
ائڊريس:
ڏيچند
مل
بوٽ هائوس،
عمرڪوٽ.
·
نالو:
اعظم نقاش
لاکو
ڪلاس:
يارهون
وندر:
ڪتاب
پڙهڻ
عمر:
16
سال
ائڊريس:
اسٽيشن روڊ،
سڪرنڊ.
·
نالو:
انور حسين
ڪلاس:
نائون
وندر:
هنر
سکڻ
عمر:
14
سال
ائڊريس:
گورنمينٽ هاير
سيڪنڊري اسڪول،
ٿاڻو
بولاخان.
·
نالو:
حامد علي
بوزدار
ڪلاس:
انٽر
وندر:
قلمي
دوستي رکڻ
عمر:
18
سال
ائڊريس:
معرفت بوزردار
هائوس، رتوديرو.
·
نالو:
ڪاشف
علي راٺوڙ
ڪلاس:
ڇهون
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
10
سال
ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ
اسڪول، ملڪ
تعلقو، مورو.
·
نالو:
عابد آزاد
ڪلاس:
يارهون
وندر:
علم
سان پيار
عمر:
17
سال
ائڊريس:
راجا
جنرل اسٽور
پي،
او ميان
جو
ڳوٺ،
شڪارپور.
·
نالو:
حاڪم علي
بروهي
ڪلاس:
اٺون
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
13
سال
ائڊريس:
مدرسه عربيه
محمديه فريد
آباد، ميهڙ.
·
نالو:
مهراڻ گل
ڪيريو
ڪلاس:
نائون
وندر:
رسالا پڙهڻ
عمر:
16
سال
ائڊريس:
جهانداد بڪ
ڊپو،
تلهار
·
نالو:
اوم پرڪاش
ڪلاس:
پنجون
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
11
سال
ائڊريس:
نوڪو
مل
ڪوهستان
ڪريانه مرچينٽ،
ڍورو
نارو.
·
نالو:
وشنداس
”ايم“
ڪلاس:
اٺون
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
14
سال
ائڊريس:
انمول
ڪتاب گهر،
شاهي
بازار عمرڪوٽ.
·
نالو:
اعجاز قادر
مهر
ڪلاس:
نائون
وندر:
قلمي
دوستي رکڻ
عمر:
14
سال
ائڊريس:
ڳوٺ
رڪ
شريف، ضلعو
شڪارپور.
·
نالو:
احسان علي
راهوجو
ڪلاس:
ٻارهون
وندر:
ادب
سان چاهه
عمر:
17
سال
ائڊريس:
معرفت، بلوچ
ڊيڪوريشن
سروس، عيد
گاهه
روڊ، نئون
ديرو.
·
نالو:
راجا ارشاد
ڪيريو
ڪلاس:
ڏهون
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
15
سال
ائڊريس:
هائوس نمبر
35/اي،
ايسٽ
ڪيريا
ڪالوني، تعلقو
سڪرنڊ.
·
نالو:
عبداللطيف قاضي
ڪلاس:
اٺون
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
13
سال
ائڊريس:
محلا
غريب آباد،
پنو
عاقل.
·
نالو:
انتظار حسين
شاهه
ڪلاس:
انٽر
وندر:
قلمي
دوستي رکڻ
عمر:
18
سال
ائڊريس:
ڪوارٽر
نمبر4،
شيخ
زيد
ڪالوني، لاڙڪاڻو.
·
نالو:
ذوالفقار علي
شيخ
ڪلاس:
ڏهون
وندر:
قلمي
دوستي رکڻ
عمر:
15
سال
ائڊريس:
الهڏتو دڪاندار،
درگاهه روڊ،
شيخ
ڀرڪيو.
·
نالو:
امداد حسين
چانڊيو
ڪلاس:
ڏهون
وندر:
ڪتاب
پڙهڻ
عمر:
16
سال
ائڊريس:
پوسٽ
آفيس شاهه
پنجو
سلطان، تعلقو
ميهڙ.
·
نالو:
شمشاد حسين
لغاري
ڪلاس:
ڏهون
وندر:
گل
ڦل
پڙهڻ
عمر:
15
سال
ائڊريس:
پوسٽ
آفيس
ڌڱاڻو بوزدار،
ٽنڊو
الهيار.
*
نالو:
قائم
الدين شر
ڪلاس:
نائون اي
وندر:
ريڊيو ٻڌڻ
عمر:
16
سال
ائڊريس:
ڳوٺ
سونو
خان شر،
تعلقو
ڏهرڪي.
·
نالو:
اسد الله
سومرو
ڪلاس:
پنجون
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
10
سال
ائڊريس:
سچل
سرمست ڪي جي
اسڪول وارهه.
·
نالو:
خاوند بخش
لغاري
ڪلاس:
ڏهون
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
16
سال
ائڊريس:
پوسٽ
آفيس داد
لغاري، گهوٽڪي.
·
نالو:
عبدالعليم مگسي
ڪلاس:
نائون
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
16
سال
ائڊريس:
شاهه
لطيف الٽرا
سائونڊ، اسپتال
روڊ
نوابشاهه.
·
نالو:
شتروگهن
ڪمار
ڪلاس:
پنجون
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
12
سال
ائڊريس:
ڊاڪٽر
لڇمڻداس، عمرڪوٽ.
·
نالو:
فهيم منصور
ميمڻ
ڪلاس:
نائون
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
15
سال
ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ
اسڪول پير
جو
ڳوٺ.
·
نالو:
نريش
ڪمار
ڪلاس:
ڇهون
وندر:
ڪرڪيٽ
کيڏڻ
عمر:
10
سال
ائڊريس:
پوسٽ
آفيس
ٿاڻو احمد
خان،
ضلعو دادو.
خط
پيارا
چاچا!
جيئن
ته
مون هن
خط
کان
اڳ هڪ
خط
پهرين به
لکيو
هو، اهو
اوهان شايد
ردي
جي
ٽوڪري ۾ شامل
ڪري
ڇڏيو،
مان
هينئر پُراميد
آهيان ته
هي
خط توهان
ردي
جي
ٽوڪري کان بچائيندا.
چاچا سائين
مان
پاڻ هن
وقت
”بيدار
پبيليڪشن“
جو
مرتب
آهيان، جيڪو
اسان
ڏهرڪي
مان
ڪڍيو هو،
هاڻ
حال في
الحال
ڪنهن مصروفيت
جي
ڪري
اهو بند
ڪيو
ويو
آهي، بهرحال
ڳالهه
هلي
پئي اوهان
جي
رسالي جي
هينئر منهنجي
هٿ
۾
جون جو
تمام
دلچسپ گل
ڦل
آهي،
جڏهن گل
ڦل
اچڻ
جي خبر
پوندي آهي
ته
آءُ پنهنجي
مصروف زندگي
ڇڏي
گل
ڦل
خريد ڪرڻ ويندو
آهيان، هن
دفعي
رسالي ۾ تمام
سٺي
نواڻ هئي
۽
حضرت
شاهه لطيف
رحه
جي باري
۾
تمام
سٺو لکيو
ويو
هو.
توهان جو
ڀائيٽيو:
علي
اڪبر لکڻ،
ڳوٺ
مٺو
لکڻ.
ادا آءُ
رسالي گل
ڦل
جو
پراڻو پڙهندڙ
آهيان، پر
رسالي ۾
پهريون
ڀيرو
خط
لکي رهيو
آهيان، ادا،
رسالي ۾ لالچي
وزير، شيرو،
ممونءَ جي
قرباني ۽ وفاداري
مينا
جهڙيون نصيحت
آموز
ڪهاڻيون
تمام پسند
آيون، ادا
هي
رسالو سنڌ
جي
هر حصي
تائين پهچايو،
جيئن
سنڌ
جا
ٻار،
هن رسالي
”گل
ڦل“
کان
روشناس
ٿين، ادا
هڪ
گذارش آهي
ته
رسالي ۾ هڪ
سلسلو رکو،
جنهن
۾
ان ٻار جو
انٽرويو
ڏيو، جنهن
پنهنجي اسڪول
۾
پهرين پوزيشن
حاصل
ڪئي
هجي، ادا
اميد
ته هن
خط
کي
رسالي ۾ جڳهه
ڏيندا.
اوهان جو
پيارو
ڀاءُ:
عابد
اڪبر
سومرو، خيرپور
ميرس
ادا جون
جو
گل ڦل هٿن
۾
آهي،
پرچو ايترو
ته
بهترين آهي،
جو
مجبوريءَ سان
مون
کي
قلم هٿ
۾
کڻڻو
پيو،
هر
ڀيري اسان
سڪ
۽
محبت سان
خط
لکندا آهيون،
پر افسوس
جو
اوهان اسان
جا
خط به
شامل
نٿا
ڪريو، اميد
ته
هي خط
ضرور
شامل
ڪندا، مهر
خادم
جي شاعري،
مولي
۽
جانو جوڳا
آهن
۽
نئون سلسلو
نالا
سڃاڻو تمام
بهترين آهي.
توهان
ڏانهن فوٽو
موڪليو هيم،
جيڪو
توهان
ٻالڪ البم
۾
ڪونه
شايع
ڪيو
آهي، اهو
ضروري شايع
ڪندا،
ساٿ
سدا رهي.
اوهان جو
ننڍو
ڀاءُ:
نصرالله
”ناز“
مهر،
رُڪ
شريف.
اوهان
جو
گل ڦل جون
1996ع
پڙهيوسين، سڀ
سلسلا بهترين
۽
سٺا
لڳا، باقي
اوهان جو
نئون
سلسلو (نالا
سڃاڻو)
سڀ
کان بهترين
لڳو،
ٽائيٽل
تصوير وغيره
سڀ
ٺيڪ
آهن، آءٌ
گل
ڦل
۾
هي پهريون
خط
لکي رهيو
آهيان، جنهن
ڪري
اوهان منهنجي
خط
کي
نظر
انداز نه
ڪندا.
مهرباني
سيف
الله ميراڻي،
حيات
پتافي
ادا، جيئن
ته
جون وارو
گل
ڦل
پڙهيوسين تمام
سٺو
لڳو، خاص
ڪري
کل
ته
سهي وڻيو،
ادا
هڪ عرض
ته
گل ڦل ۾ معلوماتي
سلسلو رکيو
وڃي
ته هن
رسالي کي هڪ
سونهن ملي
ويندي، هاڻي
ته
گل ڦل پنهنجي
وقت
تي اچي
رهيو
آهي، ادا
هي
پهريون خط
آهي
۽
رسالي ۾ شامل
ڪري
دل
جائي
ڏيندا.
فقط
توهان جو:
شفو
مل
ڌرمداس پنهون،
ڳوٺ
يار
محمد منڱريو
ادا، گل
ڦل
جون
1996ع
جو
پرچو اسان
جي
هٿن ۾ آهي،
جيئن
ته مان
گل
ڦل
جو پراڻو
پڙهندڙ آهيان
۽
خط
پهريون
ڀيرو لکي
رهيو
آهيان، ادا
هن
اسان جي
نوازش نامي
کي
گل
ڦل
جي
ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جاءِ
ڏيندا،
ته
ادا اوهان
جي
اسان جي
مٿان
وڌ ۾ وڌ
مهرباني
ٿيندي، پليز
مايوس نه
ڪندا.
فقط
اوهان جو
ڀاءُ:
اعجاز حسين
۽
”پريم“
دل
مهر،
وليج شريف
مهر.
چاچا، گل
ڦل
جو
جون وارو
پرچو،
10
جون
تي
مليو، پڙهي
ذهن
تازو توانو
ٿيو،
۽
ڪافي
ڄاڻ
ملي،
هن
ڀيري به
سڀئي
سلسلا تمام
سٺا
هئا، جهڙوڪ:
وفادار مينا،
دولت
۽
اولاد، لالچي
وزير، مون
به
عيد
ڪئي، ناني
نوران، ٿڪاوٽ،
حاسد درٻاري،
مولي
۽
جانو، وغيره،
سڀ
پنهنجو مٽ
پاڻ
هئا، ۽ اداري
پاران
ڇپيل مضمون
”شاهه
عبداللطيف
ڀٽائي“
تمام
گهڻو
سٺو لڳو
۽
ڪافي
ڄاڻ
مهيا
ڪئي،
اميد ته
اهڙا
سلسلا مستقل
جاري
رکندا ايندا،
ته
جيئن اسان
جهڙن
پتڪڙن اديبن
جي
رهنمائي ٿي سگهي،
۽
هڪ
ڏينهن
اسين به
هڪ
اديب جي
حيثيت سان
اهڙائي مضمون
لکنداسين، جيڪي
ايندڙ نسل
جي
رهنمائي ثابت
ٿيندا.
اوهان جو
ڀائيٽيو:
گيانچند منڇاڻي،
شيخ
ڀرڪيو.
چاچا!
جيئن
ته
آئون گل
ڦل
جو
پراڻو پڙهندڙ
آهيان، منهنجي
هٿ
۾
هينئر جون
جو
گل ڦل رسالو
آهي
۽
هن شماري
۾
لالچي وزير،
وفادار مينا،
ناني
نوران جي
آکاڻي، اهي
مون
کي
ڏاڍا
پسند آيا
۽
آئون
پهريون
ڀيرو گل
ڦل
کي
خط
لکي رهيو
آهيان ۽ انشاءَ
لله
اهو خط
گل
ڦل
۾
ضرور شايع
ٿيندو.
اوهان جو
ڀائيٽيو:
محمد
ياسين
ڪنڀر،
ڍورو نارو،
دڙو.
چاچا، گل
ڦل
جو
مان پراڻو
پڙهندڙ آهيان،
مگر
پهريون
ڀيرو حصو
وٺي
رهيو آهيان،
گل
ڦل
جو جون
وارو
شمار هٿن
تائين پهتو،
سنڌي
ٻوليءَ
۾
شايع
ٿيندڙ
ٻاراڻن رسالن
۾
گل
ڦل
سڀن کان گوءِ
کڻي
ويو
آهي، جون
واري
شماري ۾
”شيرو“
”نصيحت“
”مون
به
عيد ڪئي“
۽
”ٿڪاوٽ“
ڪهاڻيون
پسند آيم،
۽
مضمونن ۾
”شاهه
عبداللطيف
ڀٽائي“
۽ ”سوري“
سٺا
ليک
آهن.
جڏهن
ته
”شاعري“
۽
”کل
ته
سهي“
پنهنجو
مٽ
پاڻ هئا.
توهان جو
ڀائيٽيو:
محمد
يعقوب
سنگراسي، ڳوٺ
ڍاڪلو
(ٿر).
چاچا،
جيئن
ته مان
گل
ڦل
جو پراڻو
پڙهندڙ آهيان،
پر
خط پهريون
دفعو
لکي رهيو
آهيان، اميد
ته
مايوسي جو
منهن
نه
ڏيکاريندا ۽ منهنجو
خط
شايع
ڪندا،
جون
1996ع
جو
پرچو پڙهيم،
جنهن
۾
وفادار مينا،
شيرو، ماما
ڪمون،
ممون
جي قرباني،
لالچي وزير،
کل
ته
سهي ۽ ٻيا سلسلا
تمام
گهڻو پسند
آيا.
جيڪڏهن
منهنجو هي
خط
شايع نه
ڪندا
ته
اهو
ڏينهن خوشي
وڃائيندڙ
ڏينهن هوندو.
اوهان جو
ڀائيٽيو:
سائينداد بلوچ،
سامارو شاخ
آئون
توهان جي
۽
مستقبل جي
معمارن جي
رسالي گل
ڦل
جو
پراڻو پڙهندڙ
آهيان، سچ
پڇو ته
خط
پهريون دفعو
لکي
رهيو آهيان،
توهان جي
رسالي ۾ شايع
ٿيندڙ
هر
ڪهاڻي،
هر مضمون
۽
سڀئي
معلوماتي سلسلا
پنهنجو مٽ
پاڻ
آهن، اسان
خدا
جي درٻار
۾
پنهنجا نازڪ
هٿ
کڻي،
بس اهائي
دعا
گهرنداسين ته
توهان جو
رسالو اڳيان
هلي
معياري بلڪ
هڪ
بهترين رسالو
ثابت
ٿئي.
فقط
توهان جو
ڀائيٽيو:
غلام
مصطفى
ٿهيم، تعلقو
جاتي
چاچا!
مان هر
ٻار
وانگر ميار
ڪونه
اوريندس، ته
مان
ان وقت
کان
اوهان جو
رسالو پڙهان
پيو،
جڏهن مون
هوش
سنڀاليو يا
وري
هيستائين ايترا
خط
لکي چڪو
آهيان، جيترا
اوهان رسالا
به
شايع نه
ڪيا
آهن،
يا وري
جيڪڏهن خط
نه
شايع
ڪندؤ ته
رسالو
ڪونه وٺندس،
چاچا
اوهان سوچيو
ته
ائين لکڻ
سان
اوهان جي
دل
۾
اسان جي
لاءِ
ڇا
بچندو ته
اسين
مطلبي آهيون،
پر،
مان ته
ائين
چوندس گل
ڦل
اسان
جو ترجمان
رسالو آهي،
جيڪو
تمام سٺو
۽
بهتر
معلومات فراهم
ڪندڙ
آهي،
۽
اسان جي
امنگن جو
رهبر
آهي، رسالي
۾
هڪ
سلسلو رکو،
جنهن
۾
ڪنهن
شخصيت جي
تصوير
ٺاهڻ لاءِ
چيو
وڃي، اسين
تصوير
ٺاهي موڪليون،
جيڪو
نمبر کڻي ان
جو
تعارف ۽
ٺاهيل تصوير
شايع
ڪئي
وڃي.
(نوٽ:
هر
ٻار ته
ڪنهن
شخصيت جي
تصوير
ٺاهي
ڪونه سگهندو،
گهڻا
ٻار
متاثر
ٿيندا).
اوهان جو
پنهنجو اياز
علي
رند، شاهپور
چاڪر.
ادا،
جون
وارو
پرچو هٿن
۾
آهي،
پڙهي به
رهيو
آهيان، ۽ اوهان
ڏانهن
هڪ
خط به
لکي
رهيو آهيان،
هن
دفعي
پرچو گلن
وانگر چمڪي
رهيو
آهي، شاهه
عبداللطيف
ڀٽائي رحه،
سُوري وغيره
مضمون پسند
آيا،
ڪهاڻين ۾ شيرو،
نصيحت، وفادار
مينا، دولت
۽
اولاد، حاسد
درٻاري ۽ ڀيڻ زاهده
جي
ڪهاڻي،
ممون جي
قرباني، بيحد
پسند
آيون، شاعريءَ
۾
جوهر
بروهي، مهر
خادم
۽
ٻين
جي شاعري
پسند
آئي.
موڪلاڻي:
حبيب
ڀٽو،
ڳوٺ
حسين
باقي
خط لکندڙ
دوستن جا
نالا:
(1)
محمد
يامين لنڊ،
دادو.
(2)
راجا
ارشاد
ڪيريو، ڳوٺ مجيد
ڪيريو،
(3)
منير
احمد پنهور،
دادو
(4)
روشن
علي قاضي
يارو
لنڊ
(5)
وسيم
عنايت، ميرپورخاص،
(6)
محمد
آچر گڏاڻي،
گهوٽڪي،(7)
فياض
علي
هاليپوٽو، هٽڙي)
(8)
علي
گل سانگي،
وارهه،
(9)
محمد
صديق
هنڱورو
(10)
سيف
الله
کوکر،
حيات پتافي،
(11)
سرويچ غفار
مهر،
رڪ شريف
(12)
الهوڌايو
سومرو، ڳوٺ ڏنو ماڪو
(13)
جئه
ديو
ڪمار سوٽهڙ،
نيوڇور،
(14)
علي
نواز
قمبراڻي، وارهه
(15)
حاڪم
علي بروهي،
فريد
آباد
(16)
ارشاد
علي
ڪاتيار،
ڳوٺ
جهنگ
ڪاتيار
(17)
وزير
حسين
لغاري، ڳوٺ قاضي
نور
محمد لغاري،
(18)
راجا
حسن شيخ،
راڻيپور
(19)
اعجاز
قادر
مهر، رُڪ
شريف
(20)
عبدالڪريم نادر
بروهي،
(21)
عنايت
علي
خاصخيلي،
ڪنڊياري
(22)
حاجي
محمود
کوسو،
ڳوٺ
ڄامن
کوسو
(23)
علي
ڏنو
ڌاريجو،
خيرپور ميرس
(24)
احسان علي
راهوجو،
ڀونڀٽ پور
(25)
شبير
احمد سيٺار،
ٺارو
پور،
شڪارپور
(26)
عاجز
علي
اڪبر چاوڙو،
چوهڙ
جمالي
(27)
ساجن
علي
ڀنگوار،
نوابشاهه.
نتيجو نالا
سڃاڻو-1
هن
ڀيري نئين
سلسلي ۾
ڪيترن ئي
ٻارن
دلچسپي سان
حصو
ورتو، هيٺين
ٻارن
صحيح
جواب موڪليا،
ڪن
ٻارن
سادي
پني تي
جواب
لکي موڪليا،
جيڪي
شامل نه
ڪيا
ويا
آهن، هيٺ
ڏنل
ٻارن
کي
رسالي جي
اعزازي
ڪاپي موڪلبي.
جواب:
(1)
سنڌي
ادبي بورڊ،
(2)
سنڌالاجي
(3)
شيخ
مبارڪ اياز
(4)
ڀيرو
مل
آڏواڻي.
نالا:
1.
ڪاشف علي
راٺوڙ
ڪلاس
ڇهون، هاءِ
اسڪول ملڪ،
تعلقو مورو.
2.
بنگل چاچڙ،
معرفت،
ڊاڪٽر اشوڪ
ڪمار
جهاماڻي قادرپور،
گهوٽڪي.
3.
ديوان
ڪشنچند، پوسٽ
ڇتو
ماندراڻي، تعلقو
ماتلي،
4.
عبدالحق پنهور،
دمائي
ڪلينڪ، قاضي
احمد.
5.
محمد اياز
ڪيريو،
سهڻي
ميوزڪ سينٽر،
مين
روڊ سڪرنڊ.
6.
سيف الله
ميراڻي، معرفت،
منوج
بڪ جنرل
اسٽور، حيات
پتافي، ضلع
گهوٽڪي.
7.
محمد يعقوب
سنگراسي، معرفت،
فتح
محمد رند
هوٽل
وارو،
ڇاڇرو، ٿر.
8.
ڪنول عليم
سولنگي، معرفت،
عبدالعليم سولنگي،
اسسٽنٽ مئنيجر
ٺٽه
سيمينٽ
ڪمپني ٺٽو.
9.
رميش
ڪمار راٺوڙ،
معرفت درڻ
مل
نيشنل بئنڪ
مٺي،
ٿر.
10.
ظفر علي
ميراڻي، هيرا
فوٽو
اسٽوڊيو،ميرپور ماٿيلو.
11.
برڪت علي
ميمڻ، ميمڻ
محلو، دادو.
12.
وفا منير
احمد
ٿهيم،
ڳوٺ
ملڪ، تعلقو
مورو.
13.
منير احمد
پنهور گهر
42/سي،
هائوسنگ سوسائٽي
دادو.
14.
خالد حسين
ميمڻ، گجو،
هاءِ
اسڪول گجو،
ضلعو
ٺٽو.
15.
نور محمد
هنڱورجو، راڄڙ
بڪ
ڊپو
کپرو،
سانگهڙ.
16.
بشير احمد
عباسي، پوسٽ
ساند
وايا
ٺارو شاهه.
17.
محمد يامين
لنڊ،
علم و
ادب،
دادو.
18.
مدثر علي
ميمڻ،
184-A
سنڌ
يونيورسٽي
ڪوآپريٽيو سوسائٽي،
ڄامشورو
19.
اعجاز قادر
مهر،
پوسٽ رُڪ
شريف، ضلع
شڪارپور.
20.
عبدالصمد
سومرو،
ڄامشورو
ڪالوني سنڌ
يونيورسٽي.
رنگ
ڀريو-
35
هيٺ
ڏنل
تصوير ۾ رنگ
ڀري
موڪليو، جنهن
ٻار
جو
رنگ صحيح
ڀريل
هوندو، ان
کي
”گل
ڦل“
رسالي
جي
هڪ
ڪاپي اعزازي
موڪلبي.
موڪليندڙ
جو
نالو ۽ ائڊريس......
نالا
سڃاڻو-
3
هيٺ
ڏنل
نالن
جا اکر،
اڳتي
پوئتي، ڏنل آهن،
اوهان اکر
ملائي صحيح
نالا
لکي موڪليو،
جن
ٻارن
جا جواب
صحيح
هوندا، انهن
کي
’گل
ڦل‘
رسالي
جي
اعزازي
ڪاپي موڪلبي.
(سادي
پني تي
جواب
قابل قبول
نه
هوندو).
(1)
م- م- غ- م- گ- ي- د- م- لا- ح- ر- ا (ادبي شخصيت)
(2)
ي- ي- ل- و- ا- ا- پ- ز- ا- ٽ- (ادبي شخصيت)
(3)
ي- غ- ڻ- لا- ا- هه- م- م- د- و- ح- م- ش- ا (ادبي
شخصيت)
(4)
ر- جهه- م- پ- ي (شهر)
موڪليندڙ
جو
پورو نالو
۽
ائڊريس:
نتيجو رنگ
ڀريو-
33
هن
ڀيري به
ڪيترن
ٻارن
رنگ
ڀري
موڪليا، پهريون
نمبر
آيو:
قاضي
اظهر
حسين پٺاڻ،
قاضي
محلو، خيرپور
ناٿن
شاهه. |