”ڄَاهو“
ڪَنڊَن
جو
بال
ڄاهو يا
ٿر
ڄاهو (Hedgehog)
هڪ
مشهور ۽
ڄاتل سڃاتل
جانور آهي،
جيڪو
گهڻو ڪري رات
جو
کاڌي
جي
ڳولا ۾ ڏسبو
آهي،
ڄاهي کي سڃاڻن
بنهه
سولو آهي،
ڇو
ته
هن جي
سڄي
بت تي
اٽڪل
ٽي
هزار
ڪنڊن مان
ٺهيل
چمڙي/
کل
جڙيل آهي،
مطلب
ته
ڪنڊن کان سواءِ
مٿس
ٻيو
ڪجهه
ٿئي
ڪونه،
انهن
ڪنڊن جي
ڪري
ڄاهو
پري
کان
پڌرو هوندو
آهي.
ڄاهو هڪ
ننڍو
۽
هيڻو/
ڪمزور
جانور آهي،
پر
پوءِ اهو
پاڻ
کان
وڏن شڪاري
جانورن کان به
ڪونه
ڊڄي
يا
ائين چئجي
ته
پنهنجن تکن
ڪنڊن
جي
ڀروسي
تي هو
انهن
کي
کنگهي
ئي
ڪونه.
ڄاهي
جي بت
تي
موجود تکن،
سنهن
۽
چنهبيارن
ڪنڊن جي
ڪري
ڪيترائي
سگهارا جانور
هن
کي
اڪيلو ڏسي به
ساڻس
کونسڻ
۽
اٽڪڻ کان نٽائيندا
۽
پاسو
ڪندا
آهن، ڇو ته
هنن
کي
ايتري ساڃاهه
آهي
ته
ڪنڊن جو
وڳو
پهريل هي
همراهه)
ڄاهو)
اسان
کان
ڏاڍو
آهي،
اڃا به
جنهن
کڻي
اٽڪڻ جي
ڪوشش
ڪئي
ته
سواءِ پاڻ
کي
ڪنڊا
ٽوپائڻ
جي
ٻيو
ڪجهه
به نه
ورندس،
ڇاڪاڻ ته
رب
سائين
ڄاهي جي
جوڙ
ائين جوڙي
آهي،
جو اهو
خطري
جي کڙڪ پوندي
ئي
پاڻ کي ويڙهي
سيڙهي سوڙهو
ڪري
ڪنڊن
جو
هڪ بال
بڻايو
ڇڏي، ڄڻ
ڪنڊن جو
جيئرو بال/
کينهون
هجي.
جاهو
پاڻ
کي
ويڙهي گول
ڪيئن
ٿو
ڪري؟
رب
سائين!
ڄاهي
جي بت
تي
سندس گهرج
کان
وڌيڪ
چمڙي/
کل
ڏني
آهي، جنهن
سان
خطري مهل
ڄاهو
پاڻ
کي
ويڙهي سيڙهي
ڪنڊن
جي
گول بال
جيان
ڪريو
ڇڏي،
مطلب:
چمڙي
کيس
ڄاهي
جي
اها واڌو
يا
اضافي پوري/
چڱيءَ طرح
گول
ٿي
ڍڪڻ
۾
مدد
ڏيندي آهي.
ڄاهي جا
ڪنڊا
ٻين
ساهوارن لاءِ
گهڻا
تکا ۽
ڏکيا آهن،
پر
روڊ تي
بيخبريءَ ۾ هلندي
جڏهن
اهو
ڪنهن موٽر
گاڏيءَ جي
ڦيٿن
هيٺيان اچيو
وڃي
ته اهي
ڪنڊا
سندس
ذرو به
بچاءُ ڪري نه
سگهندا آهن.
ڄاهو گهڻي
ڀاڱي
يورپ، ايشيا،
۽
آفريڪا ۾ لڀي
ٿو،
سندس
ڊيگهه
ٽيهه
سينٽي ميٽر
۽
تور
چار سئو
گرام
يا ان
کان
به
مٿي (اٽڪل
اڌ ڪلو)
هوندي
اٿس.
هن
جي
عمر اٽڪل
ڏهه
سال
ٿيندي
آهي،
ڄاهي جا
ڪل
ڏهه
قسم
يا ذاتيون
ٿين
ٿيون.
ريگستاني
ڄاهن
جا
ڪن
ڊگها
يا وڏا
هوندا آهن،
جن
جي مدد
سان
اهي شڪار
جو
آواز سولائي
سان
ٻڌي
سگهن ٿا، ان
کانسواءِ
اهي
ڪن،
هن جي
بت
کي
ٿڌو
به رکندا
آهن،
جنهن سان
اهي
رڻ پٽ
جي
گرميءَ ۾ به
جيئرا رهن
ٿا.
ڄاهو اونهاري
جي
شروعات ۾ ٻچا
ڄڻيندو آهي،
۽
جيڪي
ان
۾
پنج هوندا
آهن،
ڄمڻ
وقت ٻچن جي
بت
جا
ڪنڊا يا
سؤئا
بنهه لسا،
سنها
۽
ڪونئرا)
نرم)
هوندا
آهن.
جيڪي
آهستي آهستي
وڏي
ٿيڻ
کان
پوءِ تکا،
کهرا
۽
چنهبيارا ٿيڻ لڳن
ٿا،
ڄاهي
جا
ٻچا
ايستائين پاڻ
کي
ويڙهي يا
ڍڪي)
گول
ڪري)
نٿا
سگهن، جيستائين
هو
وڏا نٿا
ٿين،
ان
ڪري
هو
کاڌي جي
ڳولا
لاءِ
پنهنجي ماءُ
سان
گڏ قطار
ٺاهي
هلندا آهن.
ڄاهو
ڏينهن
جو
آرام
ڪندو آهي،
۽
شام
ٽاڻي
کاڌي
جي
ڳولا ۾
ٻاهر نڪري
ٿو.
کاڌي
جي
ڳولا
۾
اهو هڪ
کان
ٻن
ڪلو
ميٽرن جو
پنڌ
به
ڪريو وڃي.
جيتن
۾
گينگا سانپا،
ڪوڏ
۽
مٽيءَ جا
ڪيئان
ڄاهي
جو
وڻندڙ کاڄ آهن،
پر
ڪڏهن
ڪڏهن
هو پنهنجي
سنگهڻ جي
حواس
سان
ڏيڏر،
ڪرڙي
يا ننڍا
نانگ
ڳولي
کائڻ
م دير
ئي
نه
ڪندو آهي.
ڄاهو
پنهنجي قد
بت
جي لحاظ
کان
گهڻي
ڀاڱي
وڌيڪ
کائي ٿو.
سيار
جي
مند ۾ جڏهن
ٿڌ
جي
ڪري
چوڌاري
کاڌي جي
کوٽ
ٿي
ويندي آهي،
ته
ڄاهو
سياري جي
مند
تائين پنهنجي
ٻر
اندر
ڊگهي
ننڊ ۾ سمهي
پوندو آهي،
انهي
وچ ۾ هو
سياري کان اڳ
گڏ
ڪيل
کاڌي
جي چرٻيءَ
تي
گذارو
ڪندو آهي.
ذاڪر
سولنگي
منهنجو بابا
پيار ڪري ٿو، مون
سان
بابا،
ڪين
وڙهي
ٿو،
مون سان
بابا،
اسڪول وٺي
روز
هلي ٿو،
خرچي ساري
روز
ڏئي
ٿو،
سار لهي
ٿو
منهنجي بابا،
پيار ڪري ٿو مون
سان
بابا،
جيئن چوان
ٿو
ائين
ڪري
ٿو،
ڀاڪر
مون
کي
روز ڀري ٿو،
پيار ڪري ٿو، مون
سان
بابا.
ڪين
وڙهي
ٿو،
مون سان
بابا.
روشن
ڪنڀر
دعا
ٻارن
کي
رک
شاد خدايا،
ڪوبه
نه
ٿي
ناشاد خدايا،
پنهنجا
ڌاريا گورا
ڪارا،
سڀئي هجن
آباد
خدايا،
ننڍڙا وڏڙا
سيپڪڙا،
رهن سڀ
آزاد
خدايا،
راهب راشد
ساجد
ماجد،
خوش هجي
دلشاد خدايا،
هردم شل
ڊوڙون
پائن،
بابو ۽
ارشاد
خدايا،
روشن جي
ڪر
مقبول دعا،
توکي آ
فرياد خدايا.
علي
محمد
”درد“
سولنگي
وائي
هن کان وٺ
تون
ڪم،
قلم
ڪهاڙيءَ کان تکو،
هيءُ وڏو
هٿيار آ،
گولي آ
۽
بم،
قلم
ڪهاڙيءَ کان تکو،
غاب ۽ ته
غدار
جو،
چيري رکي
ٿو
چم،
قلم
ڪهاڙيءَ کان تکو،
هن جو
مان
۽
مرتبو،
عظمت آهه
اتم،
قلم
ڪهاڙيءَ کان تکو،
هن مان
نڪرن
لفظ جي،
آهن سي
ته
اهم،
قلم
ڪهاڙيءَ کان تکو،
ٻالڪ، حق
۽
سچ
سندو،
اوچو رکج
عَلمُ،
قلم
ڪهاڙيءَ کان تکو.
ليکڪا:
يونائيس ڊي سوزا:
ترجمو:
قربان
جعفري
قسط:
5
بيربل ۽ دربان
سليم
محل
جي دروزان
وٽ
دربان هو،
هو
بي پرواهه
۽
بي
ايمان شخص
هو.
هو
بيحد
بي ادب
پڻ
هو، جڏهن
ڪو
ملاقاتي ايندو
هو.
هو
وڌي
وڃي ان
سان
ڪين
ملندو هو.
هو
انهيءَ
ڏانهن رڙ
ڪري
۽
چوندو هو.
”شهنساهه اڄ
ڪنهن
کي
ڪين
ڏسندو.“
جيڪڏهن ملاقاتي
سليم
کي
ڪو
سڪو
ڏيندو هو
ته
سليم هن
کي
اندر
اچڻ
ڏيندو هو.
هڪڙي
ڏينهن
بيربل کي دربان
جي
هلت جي
خبر
پئي، هو
ڏاڍو
ڪاوڙيو.
هن
سوچيو،
”جيڪڏهن
اڪبر
کي
خبر پئي
ته
هن
جي
مهمان سان
خراب
سلوڪ پيو
ٿي
ته
هو غصو
ڪندو.
مون
کي
دربان کي سبق
سيکارڻو پوندو.“
هن پنهنجو
ويس
مٽائي ۽ سليم
کان
بادشاهه کي ڏسڻ جي
اجازت طلب
ڪرڻ
جو
فيصلو ڪيو.
”توکي ڇا کپي؟“
سليم
رڙ ڪئي جيئن
ئي
هن اجنبيءَ
کي
پاڻ
ڏانهن
ايندي ڏٺو.
”مان پنهنجا
قصيدا حضور
عالي
کي
پڙهي
ٻڌائڻ ٿو چاهيان،“
اجنبيءَ جواب
ڏنو.
”حضور عالي
جن
ڪي
به وڌيڪ
قصيدا ٻڌڻ نٿا
چاهين.“
سليم
چيو.
”هنن
اهي
گهڻائي ٻڌا آهن.“
اجنبيءَ
سليم
کي
ٻاڏايو،
هو سليم
جي
پيرن تي
ڪري
پيو.
سليم
هن
ڏانهن
ڏٺو
۽
چيائين،
”تون
ڪجهه
رقم
مون کي ڏي پوءِ
مان
توکي اندر
وڃڻ
ڏيندس.“
”مون وٽ
رقم
ڪونهي.“
اجنبي
چيو.
”چڱو پوءِ“،
سليم
چيو.
”تون
وعدو
ڪر
ته ان
جو
اڌ مون
کي
ڏيندي،
جيڪو
ڪجهه
بادشاهه توکي
ڏيندو.“
اجنبي
مڃيو.
انهيءَ
شام
جو بادشاهه
اجنبيءَ کي دعوت
ڏني
ته
پنهنجا قصيدا
پڙهي
ٻڌائي.
بادشاهه
کي
اهي
بيحد وڻيا.
هن
پڇيو.
”تون
تحفي
طور ڇا پسند
ڪندين؟“
”مون کي
ڪجهه ڪين گهرجي“،
ماڻهو چيو“
”مون
کي
رڳو اوهان
اڳيان پڙهڻ
جي
خوشي پئي
کپي.“
”پر اها
منهنجي خواهش
آهي.“
اڪبر
چيو.
”سائين، جيڪڏهن
اها
اوهان جي
خواهش آهي،
ته
پوءِ مان
رڳو
هڪڙي شيءِ
گهري
سگهان ٿو ته
مون
کي
هڪ سئو
هنٽرن جا
سٽڪا
ڪڍايا
وڃن.“
اڪبر
کي
ڏاڍو
اچرج
ٿيو.
هن
سوچيو
ته هي
ماڻهو ته
عجيب
آهي، پر
هن
ڪجهه
ڪين
چيو.
هو
تمام
مروت وارو
هو.
”توکي پڪ
آهي
ته سچ
پچ
توکي اهو
ئي
گهرجي؟“
اڪبر
چيو.
”سائين“،
اجنبيءَ چيو،
”مان
اڪيلو ڪين آهيان،
اسان
ٻه
ڄڻا
آهيون.“
”سچ پچ“
اڪبر
سوچيو، جيڪو
اجنبي سان
ڪنهن
کي
ڪين
ڏسي
رهيو
هو،
”مان
تنهنجو مطلب
ڪين
سمجهيو، تنهنجو
دوست
ڪٿي
آهي؟“
هن
پڇيو.
پوءِ
اجنبي اڪبر
کي
بي
ايمان دربان
جي
باري ۾
ٻڌايو.
اڪبر
ڪاوڙيو.
هن
دربان کي گهرائي
ورتو، جنهن
کي
پنهنجي هنٽرن
جي
حصي لاءِ
گهليندا وٺي
آيا.
اڪبر
پوءِ
اجنبي
ڏانهن وريو
۽
چيائين،
”اها
چڱي
رٿا هئي،
شاعر، تون
بيربل سان
ضرور
ملجانءِ، اهو
بلڪل
ائين آهي،
جيئن
هو ڪري ها.“
”منهنجو هن
سان
ملڻ ممڪن
ناهي، سائين.“
اجنبيءَ چيو.
”ڇو
ڪين؟“
اڪبر
پڇيو، جنهن
سوچيو ته
هي
شخص وري
ڏکيو
پيو
ٿي،
”ڇاڪاڻ
ته مان
بيربل آهيان،
سائين،“
اجنبي
پنهنجي وڏي
اُني
ڏاڙهي
لاهيندي چيو.
غلام
مصطفى سولنگي،
ڀان
سلسليوار
ڪهاڻي
ناني
نوراني جي
آکاڻي
(3)
ناني،
ناني، آکاڻي
ٻڌايو.
ننڍڙي
صنم
ناني
نوران جي
کٽ
تي
ويهندي چيو،
اڙي
منهنجي
ڌيءَ
ڏاڍي شوقين
آ،
آکاڻي ٻڌڻ جي...
ناني
چيو، ناني
ناني-
مان
روز
ڏينهن
ڳڻندي
آهيان ته
ڪڏهن
ٿو
جمعو
اچي ته
ناني
کان
آکاڻي
ٻڌان.
صنم
چيو،
(جيڪا
هر جمعي
تي
سڀني
ٻارن کان اڳ
۾
اچي
ناني نوران
جو
پاسو وٺندي
هئي.)
ڀلا
منهنجي پياري
ڌيءَ
پڙهڻ
۾
به هوشيار
آهين، يا
رڳو
آکاڻيون ٻڌڻ جي
شوقين آهين.
نانيءَ ننڍڙي
صنم
کي
ٽوڪيندي
چيو، نه
ناني
رڳو آکاڻيون
ٻڌڻ
جي
به شوقين
ناهيان، پر
درسي
ڪتاب
پڙهڻ جي
به
شوقين آهيان
۽
آپا
کي
سبق به
روز
پڪو
ٻڌائيندي آهيان
۽
صورتخطي ۾ به
چُڪ
ڪانه
پوندي آهي.
ننڍڙي
صنم
فخر سان
چوڻ
لڳي ڀلا آپا
توهان کي پيار
ڪندي
آهي
يا نه؟
نانيءَ پڇيو،
ناني
اسان جي
ڪلاس
۾
جيڪي
به هوشيار
ڇوڪريون
آهن
نه انهن
کي
آپا
ڏاڍو
پيار
ڪندي آهي
۽
ٽافيون
به
کارائيندي
آ.
ننڍڙي
صنم
نانيءَ کي
ٻڌايو.
ناني
ناني
اسان جي
اسڪول ۾ اڄ
مداري آيو
هو.
گلڻ
نانيءَ کي
ڊوڙندي اچي
ٻڌايو.
اڇا
ته پوءِ
اڄ
مون کي آکاڻي
ٻڌائڻ
جي
ضرورت ئي
ڪانهي،
ناني
نوران چيو،
ايتري ۾ صابو،
جانڻ، ۽ بقليس
به
اچي ناني
نوران جي
کٽ
تي
ويٺا، ڇو نه
ٻڌائيندينءَ
آکاڻي، توهان
واعدو ڪيو هو
ته
هر جمعي
تي
ڪانه
ڪا
آکاڻي ضرور
ٻڌائينديس،
صابوءَ چيو،
پر
اڄ توهان
کي
گلڻ
مداريءَ جي
اسڪول ۾ ڪيل کيل جون
دلچسپ
ڳالهيون
ٻڌائيندو.
نانيءَ
چيو،
نه نه....
ناني
اسان کي توهان
جي
آکاڻي گهرجي.
بلقيس چيو،
ها
ناني مداري
جي
آکاڻي
ٻڌايو.
جانڻ
چيو:
ناني
اهو
ته اسان
به
ڏسندا
آهيون ته
مداري هڪ
دٻيءَ مان
ڪبوتر
ڪڍندو
آهي
۽
مٽيءَ مان
پئسا
ٺاهيندو
آهي.
ننڍڙي
صنم
چيو،
هيءَ
به مداريءَ
جا
ڪرتب
ڏسي
پاڻ به
مدارڻ ٿي وئي
آهي.
گلڻ
صنم
کي
ٽوڪيندي
چيو، سڀ
ٻار
کلڻ
لڳا،
ننڍڙي صنم
ڪاوڙجي
ناني
نوران جي
کٽ
تان
اٿي پئي.
ڌيءَ
سٺا
ٻار
ناراض ناهن
ٿيندا.
ويهه
ته مان
ٿي
توهان کي هڪ
مداريءَ جي
ڳالهه
ٻڌايان.
ناني
نوران صنم
کي
نصيحت
ڪندي چيو،
صنم
نانيءَ جي
نصيحت ٻڌي ويهي
رهي.
هاڻي
ناني
آکاڻي شروع
ڪيو
ته
جيئن صنم
جي
ڪاوڙ
جهڪي ٿئي.
گلڻ
کلندي
چيو.
ها...
ها...
ٻڌايان
ٿي.
پهريان
ناس
ته ڏيڻ
ڏيو، ناني
نوران ناس
جي
دٻليءَ مان
چپٽي
ڀريندي
چيو.
گلڻ،
جانڻ، صابو،
بلقيس، ننڍڙي
صنم
کِل
۾
ٻڏي
ويا.
چڱو،
چڱو
هاڻي ماٺ
به
ڪيو
ته آکاڻي
شروع
ڪيان.
سڀ
ٻار خاموش
ٿي
ويا.
نانيءَ
چوڻ
شروع ڪيو.
ٻارؤ!
هاڻي
غور
سان
ٻڌو، هڪ
ڪئو
ٻلين
جي
ڊپ
کان
هميشه
لڪيو ويٺو
هوندو هو،
پنهنجي گهر
کان
ڪڏهن
ڪڏهن
ٻاهر
نڪرندو هو.
هڪ
ڏينهن
هن جي
هڪ
جادوگر سان
ملاقات ٿي وئي،
جادوگر کي خبر
پئي
ته هي
ڪُئو
ٻلين
کان
ڏاڍو
ٿو
ڊڄي
ته
هن کي
ڪُئي تي
رحم
اچي ويو،
جادوگر
ڪُئي کي ٻلي ڪري
ڇڏيو، ٻلي ٿي
ڪُئو
ڏاڍو خوش
ٿيو،
۽
پوءِ
ڪجهه
سوچي پريشان
ٿي
ويو.
جادوگر
هن
کان
پريشاني جو
سبب
پڇيو ته
ڪُئي
چيو،
هاڻي مون
کي
ڪُتن
کان
ڊپ
ٿو
ٿئي،
وري
جادوگر کي رحم
آيو
وري هن
کي
ٻليءَ
مان
ڪَتو
ڪري
ڇڏيو،
۽
چيائينس ته
هاڻي
ته خوش
آهين؟
ڪُئي اداسيءَ
واري
لهجي ۾ جواب
ڏنو،
پر
مون کي هاڻي
وري
شينهن کان ڊپ ٿو ٿئي.
جادوگر
هن
کي
وري ڪُي مان
شينهن ڪري
ڇڏيو ۽ چيائينس
ته
هاڻي وڃ
تون
پوري جهنگ
جو
بادشاهه آهين،
وڃي
عيش ڪر.
ڪُئو شينهن
ٿي
ڏاڍو
خوش
ٿيو،
پر وري
هڪدم
چپ ٿي ويو،
وري
ڇا
ٿيو؟
جادوگر
ڪُئي کان پڇيو،
ڪُئي
چوڻ
شروع ڪيو ته
جادوگر
ڀاءُ هاڻي
ته
منهنجي جان
کي
وڌيڪ
خطرو آهي،
ڇو
ته
شڪاري
شينهن جا
دشمن
هوندا آهن،
انهن
کي
موقعو مليو
ته
مون کي ماري
ڇڏيندا.
هن
جو جواب
ٻڌي،
جادوگر هن
کي
ٻيهر
ڪُئو
ڪري
ڇڏيو،
۽
چيو
ته تنهنجي
دل
ڪُئي
جي آهي،
۽
هميشه
ڪُئي جي
رهندي معاف
ڪجانءِ
مان
تنهنجي
ڪابه مدد
نٿو
ڪري
سگهان.
ٻارؤ!
توهان
ڏٺو
ته
جادوگر همدردي
ڪري
ڪُئي
کي
ڪُئي
مان
شينهن ڪري
ڇڏيو، پوءِ
به
هو ڊڄي پيو.
تڏهن
ته چوندا
آهن
ته
ڪُئو
ڪڏهن به
شينهن نٿو
ٿي
سگهي.
سڀ
ٻار واهه-
واهه...
ڪرڻ
لڳا، چڱو
پٽ
منهنجي گهڻي
واهه...
واهه
نه
ڪيو،
نه ته
ٻئي
هفتي
آکاڻي
منٿن سان
به
ڪونه
ٻڌائيندي
سانوَ!.
ناني
کلندي
چيو. |