چڱو
هاڻي
وڃي سمهو.
وري
ٻئي
جمعي
تي توهان
کي
ٻي
آکاڻي
ٻڌائينديس، سڀ
ٻار
وڃي
سُتا ۽ ناني
نوران به
ناس
جي دٻي
مان
وري ناس
جي
چپٽي ڀري ڏيڻ لڳي.
مهراڻ
ڀنڊ
علم
پرايون
اچو ته
ٻارو!
علم
پرايون،
جڳ مڳ
سارو
جڳ جرڪايون.
سستي
ڪڏهين ڪين
ڪنداسين،
هردم لکندا
۽
پڙهنداسين،
وقت هٿن
مان
ڪين
وڃايون،
ٻالڪ
ساجهر اٿندو
ڪر
تون.
سنڀري مڪتب
ويندو ڪر تون،
سڀ کان اهڙي
ڳالهه
سڻايون.
مالڪ کان هيءَ
دعا
گهرون سڀ،
سچ جو
گڏجي
ساٿ
ڏيون سڀ،
ڪوڙ جو
گڏجي
ڪنڌ
جهڪايون،
علم پڙهي
انسان ٿبو آ،
محنت ۾
”مهراڻ
“مزو
آ،
علم سندا
سڀ
زيور پايون.
عاصم
عباسي
جاڳو
ٻارڙو!
جاڳو جاڳو
ڪي
اڄ
گيت خوشيءَ
جاڳا
يو
ٻارو!
پرت سندا
ڪي
نغما
ڳائي،
دل وندرايو
ٻارو!
علم پڙهي
اخلاق پرايو
علم
وڏي آ
دولت،
علم ٽئين
اک آهي
پيارا، علم
خدا
جي رحمت،
دل سان
محنت
خوب ڪري سڀ
علم
پرايو
ٻارو!
الفت ساڻ
گذاريو گڏجي
الفت
آهه عبادت،
پنهنجي
دل
۾
ڪين
رکو
ڪنهن،
لئه
ڀي
بغض
عداوت،
نفرت کي پڻ
پنهنجي دل
مان
دور
ڀڄايون
ٻارو!
سچائي آ
ڳالهه
وڏي
پڻ، سچائي
ڀي
ڌاريو،
سچائيءَ جا
هر
وک تي
پوءِ، يارو
ڏيئا
ٻاريو،
سچن ساڻ
گذاريو، تن
سان
نينهن نڀايو
ٻارو!
پيار وطن
سان
آه ضروري،
پيار
بنا ٻيو ڇا هي؟
ديس اسان
جو
سهڻو سهڻو
ساهه
کان
مٺڙو آهي.
محب وطن
ٿيو
ديس
مٺي جو،
مان
وڌايون
ٻارو!
کوڙ
نصيحت عاصم
آهي،
سڀ کي يار
ٻڌائي،
ڪين
برائي
ڪنهن سان،
سڀ
سان
ڪريو چڱائي،
هيءَ نصيت
سمجهو، ساٿين
کي
سمجهايو
ٻارو!
نصرالله
سومرو
چار
دوست
اڄ
ڳوٺ ۾ شادي
هئي،
چار دوست
نديم، گلزار،
آصف
۽
امجد ان
موقعي تي
موجود هئا
۽
ڪچهري
ڪري
رهيا
هئا، اڄ
چئني
دوستن جي
ڪچهري
۾
امجد،
ٽنهي دوستن
جي
مذاق جو
نشانو بڻيل
هو.
ڇاڪاڻ
جو هن
ڪجهه
وقت
اڳ واڄي
مهل
شرنائي وڄائڻ
واري
همراهه جي
اڳيان ليمو
چٽي
رهيو هو،
جنهن
تي شرنائي
وڄائيندڙ کيس ٻه ٽي
ڀيرا منع
ڪئي
ته
منهنجي اڳيان
ليمو
نه چٽ،
منهنجي وات
۾
پاڻي
ٿو
اچي ۽ شرناءِ
نه
ٿو
وڄائجي.
هن
جي
منع ڪرڻ جي
باوجود امجد
ائين
ڪندو
رهيو، شرناءِ
وڄائڻ واري
هن
مان تنگ
اچي
هر گهڙي
پنهنجو منهن
ڦيرائي
پيو
ڇڏي،
پر وري
به
هو سامهون
اچي
بيهي پيو.
امجد
اصل شرناءِ
وڄائڻ واري
شخص
کي
ڦيرائي
ڦيرائي
ان جو
مٿو
ڦيري
ڇڏيو.
شرناءِ
وڄائڻ وارو
شخص
به ڦري ڦري آخر
ٽائيم
پورو
ڪيو.
واڄو
ڪرڻ
وارن
واڄو بند
ڪري،
واڄي
وارو سامان
هڪ
ڪمري
۾
رکي
ٻاهر ميدان
۾
مهمانن سان
ڪچهري
ڪرڻ
لڳا،
ٿوري
دير کان پوءِ
امجد
ان
ڪمري ۾ ويو،
جتي
واڄي جو
سامان پيو
هو،
هن کي هٿ
۾
ٻٻر
جو
لڪڻ هو،
سو
دُهُل وڄائڻ
لاءِ
دُهل کي ٻٻر جي
لڪڻ
سان ٻه ٽي ڌڪ مس
هنيا
ته دُهل
ڦاٽي
پيو.
دهل
وارو
دهل جو
آواز ٻڌي
ڪمري
۾
ويو،
ڇا
ڏسي
ته دهل
ڦاٽيو
پيو
آهي.
ڪمري
۾
امجد کان سواءِ
ٻيو
ڪوبه
ڇوڪرو
نه
هو، سو
دهل
واري امجد
کان
مختلف سوال
پڇيا.
پر
هن
ڪنهن جو
به
جواب نه
ڏنس،
دهل
واري
ڪاوڙ ۾ هن
کي
چنبن
۽
لتن سان
وٺي
ويو، ايتري
۾
شرناءِ وڄائڻ
وارو
به
ڪمري ۾ داخل
ٿيو،
۽
هن
ڏٺو
ته هي
ڇوڪرو
اهوئي آهي،
جنهن
کي
مون ليمي
چٽڻ
کان
منع ڪئي ، تنهن
جي
باوجود به
ليمو
چٽي رهيو
هو.
هن
مناسب موقعو
ڏسي
اڳيون پويون
ڪسرون
ڪڍيس،
هن
ايڏي مار
ڏنس
جو
امجد جو
بري
کان
به برو
حال
ٿي
ويو.
امجد
معافي وٺڻ
لڳن،
پر هنن
کيس
معاف
نه ڪيو ۽
ڪمري کان
ٻاهر وٺي آيا ته جيئن مهمانن کان
پڇي
سگهن ته
امجد
ڪنهن
جو
ڇوڪرو آهي،
ته
جيئن سندس
والدين کان پئسا،
ڀرائي
سگهن.
هو
ڪمري
کان
ٻاهر
نڪتا مس
ته
امجد
ڦڙتيءَ سان
هٿ
ڇڏائي
ڀڄي
ويو.
ڀڄي
ته ويو،
جيڪا
هن کي مار
ملي
تنهن جو
پيو
هر
ڪنهن سان
ذڪر
ڪري
۽
شرناءِ وڄائڻ
واري
۽
دهل وڄائڻ
واري
کي
پيو پٽي.
انهيءَ شرارت
جي
نتيجي ۾ هن
جي
جيڪا حالت
ٿي
هئي.
ان
تي
دوست ايترو
کليا
جو
کلي
کلي
ساڻا ٿي پيا.
نديم
مذاق اڏائيندي
امجد
کي
چيو:
”اچئي
ٿو
شرناءِ وڄائڻ
وارو“
اهو
ٻڌي
امجد
ڇرڪ
ڀري
اٿڻ لڳو
ته
گلزار ۽ آصف
ٻانهن
کان
وٺي
کيس
روڪيو، نديم
چيو:
”ڪونه
ٿو
اچي ويهه“
امجد
چيو
”نه
بس
مان وڃان
ٿو،
مون
کي
دير پئي
ٿي.“
آصف
مذاق
ڪندي چيو،
”اڙي
ڀوڳن
کان
ٿو
ڀڄين
تون، ختم
آهين،
دوست“
امجد
زبردستي وڃڻ
جي
ڪوشش
ڪئي،
پر کيس سڀني
دوستن زوريءَ
ويهاريو ۽ واعدو
ڪيو
ته
هاڻي توتي
نه
کلنداسين،
نديم چيو
ته
”گهڻو
ئي
کليا
آهيون، هاڻي
ڇڏيو
کلڻ
کي
ڪائي
ٻي
ڳالهه
ڪيو.“
”گلزار
چيو،“
”يار!
وڌيڪ
کلڻ
تي دل
نه
ٿي
پوي.“
آصف
چيو
”جيڪڏهن
کلڻ
تي
موڊ نه
آهي
ته هڪ
صلاح
آهي، جيڪڏهن
چئو
ته
ٻڌايان.“
نديم،
گلزار ۽ امجد
گڏجي
چيو.
ٻڌاءِ
آصف چيو،
”ڇوُ
نه
سڀئي ئي
واري
واري سان
اهڙو
ڪو
واقعو
ٻڌايون، جيڪو
پاڻ
سان پيش
آيو
هجي، جنهن
تي
پڇتايو
هجي، ۽ ان
مان
سبق پڻ
حاصل
ڪيو
هجي، اهڙي
طرح
ٽائيم
به گذري
ويندو.“
ٽنهي
کي
اها صلاح
پسند
آئي سو
آصف،
نديم کي چيو،
”اها
صلاح تنهنجي
آهي
۽
تون ئي
پهريان پنهنجو
قصو
ٻڌاءِ.“
آصف
چيو
”ٺيڪ
آ ته
پوءِ
غور سان
ٻڌو،
هڪ
ڏينهن
امان مون
کي
کير
وٺڻ
لاءِ چيو،
مان
کير
وٺي واپس
اچان
پيو ته
رستي
۾
پيرو چريو
ملي
ويو، ٻين
ڇوڪرن سان
ملي
مان به
هن
کي
پيرو ڀلو آ....
پيروءَ کي باهه
ڏينس...
چئي
چيڙائڻ لڳس،
خبر
تڏهن پئي
جو
هڪ سر
اچي
منهنجي پير
۾
لڳي،
جيڪا پيرو
چري
هنئي، منهنجو
کير
وارو
ڪرمنڊل
اونڌو ٿي ويو.
مان
يڪدم کير واري
ڪرمنڊل
کي
سنڀالي ورتو.
پوءِ
به اڌ
کان
وڌيڪ
کير
هارجي پيو.
مون
کي
ڌڪ
به
ٺاهوڪو لڳو
هو،
امان جي
موچڙن کان بچڻ
لاءِ
ما هينئن
ڪيو
جو
ڌڪ
لڳڻ جي
باوجود منڊڪائيندو
ڀر
واري
ڪَسَ
مان پاڻي
وجهي
کير
کي
تقريباً اوترو
ڪري
ڇڏيو،
جيترو پهريان
هو،
جڏهن گهر
آيس
ته امان
ٿوري
دير
کان
پوءِ کير گرم
ڪرڻ
لاءِ
ديڳڙي ۾ کير وجهي
چلهه
تي رکيو
ته
امان کير جي
مٿان
هڪ ننڍڙي
مڇي
ترندي ڏٺي ۽ کير به
کيس
تمام
ڇڊو
نظر آيس
سو
چوڻ لڳي:
ادا
ولڻ جن
اهڙا
ماڻهون ناهن،
جو
اهڙي گهٽيا
حرڪت
ڪن.
امان
مون
کي
شڪي نظرن
سان
ڏسڻ
لڳي، مان
پير
کي
هٿن سان
زور
ڏئي
رهيو هوس،
سُوسٽ به
ڀري
رهيو
هوس.
امان
سمجهيو ڌڪ جو
بهانو ڪري چالاڪي
ٿو
ڪري،
جيئن
کير
جي باري
۾
ڪو
سوال
نه
ڪيانس، امان
منهنجي ويجهو
آئي
۽
چيو
”کير
۾
پاڻي
ڪنهن ملايو
آهي؟“
مون
چيو،
”الائي
مون
کي
ڪهڙي
خبر؟“
امان
مون
کي
چيو،
”اٿي
بيهه“
مون
چيو،
”پير
۾
سور
آهي، بيهي
نه
ٿو
سگهان.“
امان
سخت
لهجي ۾ چيو،
”مان
چوانءِ ٿي اٿي
بيهه.“
مان
اٿي بيٺس،
امان
ٻيو
سوال ڪري ئي
پئي
پر رڪجي
وئي،
ڇاڪاڻ
جو منهنجو
ڪوڙ
پڪڙجي چڪو
هو،
جو منهنجي
ڪپڙن
تي
تازا کير جا
داڳ
هئا، جيڪي
امان
ڏسي
ورتا ۽ پوءِ
امان
جيڪا مون
کي
چنبن
۽
ڪپڙن
ڌوئڻ
واري سوٽيءَ
سان
مار
ڏني، اها
مون
کي
خبر آ
ٻيو
ان
مهل پير
جي
سور ويو
وڌندو، ائين
پيو
محسوس ٿئي ڄڻ قيامت
اچي
وئي هجي.
امان
جي مار
ته
ٿوري
دير کان پوءِ
پنهنجو اثر
ڏيکاري
ڇڏي
وئي،
پر پير
جي
سور مون
کي
ماري
ڇڏيو،
منهنجي
ڪري، امان،
بابا
۽
گهر جي
ٻين
ڀاتين
جي
ننڊ حرام
ٿي
وئي،
آخر منهنجي
رڙين
کان
تنگ اچي
اڌ
اڌ رات
جو
حڪيم
ڏانهن وٺي
ويو،
جنهن
ڪيترائي
ڏينهن علاج
ڪيو.
علاج
دوران حڪيم
جيڪي
مالشيون ۽ پٽيون
ڪيون،
انهن
اڌ مئو
ڪري
ڇڏيو.
جڏهن
کان
گهمڻ
جهڙو ٿيس ته
وري
اهڙي غلطي
ڪرڻ
جو
سوچيو به
نه
آ.
سوچيندو
آهيان ته
ان
ڏينهن
نه چرئي
کي
چيڙايان ها!
نه
ئي کير ۾ پاڻيءَ
جي
ملاوٽ
ڪيان ها!
۽
نه
ئي کير ۾ پاڻي
ملائڻ جي
ايڏي
وڏي سزا
ڀوڳڻي
پوي
ها!“
ڏاڍو
ڏک
ڀريو
داستان آ
تنهنجو.“
گلزار
چيو:
هاڻي
وارو
آ نديم
جو
ته هو
پنهنجي
ڪهاڻي شروع
ڪري،
امجد
نديم ڏي اشارو
ڪندي
چيو.
نديم
چيو،
”ٺيڪ
آ ته
پوءِ
ٻڌو.“
مان
ڪراچيءَ
ماسات عقيل
وٽ
وئڪيشن گذاري
بابا
سان گڏ
گهر
واپس آيس،
ته
هڪ جنن
جهڙي
ڀوائتي
ماسڪ به
وٺي
آيس.
ان
رات
مان
ڪنهن سان
به
ڳالهه
نه ڪئي ته
مان
ٻارن
کي
ڊڄائڻ
جو فارمولو
هٿ
ڪري
آيو آهيان،
ٻي
رات
مان جنن
جهڙي
ڀوائتي
ماسڪ پائي
پنهنجي گهر
جو
در
کڙڪايو،
ٿوري دير
کان
پوءِ
منهنجي سوچ
مطابق مون
وارو
ننڍو
ڀاءُ پپو
جيئن
ئي در
وٽ
پهتو، مان
ڀوائتي
ماسڪ
وارو منهن
در
مان
ٻاهر ڪڍي هڪ
خوفناڪ رڙ
ڪئي،
پپو
رڙ ٻڌڻ شرط
رڙ
ڪري
زمين تي
ڪري
پيو
۽
بيهوش ٿي ويو،
بابا
وارن ٽائيم
وڃائڻ بغير
کيس
اسپتال
کڻائي ويا.
جتي
هن جو
ڪيترائي
ڏينهن
علاج
هليو.
ڊاڪٽرن
چيو ته
اهڙي
ڪيس
۾
اڪثر ٻار مري
ويندا آهن،
پر
الله جي
فضل
سان پپو
بچي
ويو،
جو
بابا جن
بر
وقت اسپتال
کڻائي
ويا
هئا.
ان
شرارت
جي بدلي
۾
امان
جن جيڪا
جسماني سزا
مون
کي
ڏني،
ان جو
مون
کي
درد ته
ٿيو،
پر
جيڪا پپوءَ
سان
ٿي
گذري ان
جي
ڏک
جو درد
اڄ
به محسوس
ٿيندو
آهي،
شايد مون
کان
وڌيڪ
ڏک
بابا ۽ امان
کي
ٿيو،
جيڪي
پپوءَ جي
علاج
دوران بيمار
ٿي
پيا
هئا ۽ مائٽن
جا
قرضي به
ٿي
ويا
هئا.
اها
غلطي منهنجي
هئي،
پر ان
جي
سزا سڀني
گهر
وارن کي ملي،
جنهن
کي
مان دل
جي
گهراين سان
قبول
ڪيو.
ڪاش!
مان
ائين نه
ڪيان
ها!“
هاڻي انهي لاءِ پپو کي ايڏو چاهيندو آهين آصف
چيس، نديم ٿڌو ساهه
کڻي
چيو،
”ها،
شايد
اهوئي سبب
آهي.“
امجد
چيو،
”نديم
جو
دردن
ڀريو داستان
پورو
ٿيو.
هاڻي
گلزار جو
وارو
آيو ته
هو
پنهنجي
ڪهاڻي پنهنجي
زباني
ٻڌائي.“
گلزار
چيو
”حاضر،
ڇو
نه.“
ها
ته
دوستو
ٿيو
هئين جو،
هڪ
دفعي مينهن
تمام
گهڻو وسيو
هو،
جڏهن مينهن
ڪجهه
جهڪو
ٿيو
ته مان
ڪڇو
پائي
مينهن جو
مزو
وٺڻ گهر
کان
ٻاهر
نڪري
ويس، ان
مهل
گهر وارن
ڏاڍو
روڪيو ته
ٻاهر
نه
وڃان، تيز
هوا
ٿي
لڳي، متان
مينهن وڌي
وڃي
۽
ٻاهر
گپ به
آهي،
ڌڪ
نه لڳي
وڃي،
منهنجي ڀيڻ ته
اصل
ٻانهن
کان
پڪڙي بيٺي
ته
ٻاهر
نه وڃان،
مان
ضد ڪري هٿ
ڇڏائي
ٻاهر
نڪري
ويس،
ٻاهر پاڻي
ڏسي
دل
چيو مان
به
ٻين
ٻارن
وانگر بيٺل
پاڻيءَ ۾ جيڪو
مينهن وسڻ
جي
ڪري
جمع ٿي ويو
هو
ان ۾ تڙڳان
۽
گهتا
هڻان، مان
پاڻيءَ کان
ٿورو پري
بيٺو
هوس دل
چيو
ڀڄندو
ان پاڻي
۾
جمپ
ڏيان،
سو پاڻي
۾
جمپ
ڪرڻ
لاءِ اسپيڊ
۾
پاڻي
۾
جمپ ڏنم.
تقريباً
نڪ
تائين ٻڏي ويس
۽
گپ
۾
ڦاسي
پيس.
مان
رڙيون
ڪيون
ڪجهه
ڇوڪرا آيا،
هنن
وڏي
ڪوشش کان پوءِ
مون
کي
ان گپ
مان
ٻاهر
ڪڍيو،
اصل ۾ جتي
مان
ڪريو
هوس، اها
گندي
پاڻيءَ جي
نيڪال جي
وڏي
نالي هئي.
هونئن ته
خبر
هئي ته
اتي
نالي آهي،
پر
پاڻي ايترو
هو
جو نالي
هجڻ
جو احساس
ئي
نه
ٿيو، ان
ڏينهن
گهر
وارن جو
چوڻ
نه مڃي
ڏاڍو
پڇتايو هوم،
ڇاڪاڻ
ته
منهنجي پيٽ
۾
پاڻي
هليو ويو
هو
۽
ٽنگ
به نڪري
پئي
هئي.
تنهن
ڪري
ڪيترائي
ڏينهن
علاج
هليو.
پيٽ
جو
پاڻي ته
ان
وقت
ڪڍيو ويو،
پر
گهڻن
ڏينهن کان پوءِ
ٽنگ
مس
ٺيڪ
ٿي.
علاج
دوران
ڏاڍي تڪليف
آئي.
مان
گهمڻ
ڦرڻ
کان
سڪي رهيو
هوس،
جنهن جو
احساس بعد
۾
ٿيو
۽
الله
تعالى جي
نعمتن جو
به
احساس ٿيو ته
گهمڻ
لاءِ ٽنگ
ڪيتري قيمتي
۽
ضروري آهي.
آصف
چيو،
”چئبو
توکي
گهر وارن
جي
نافرماني جي
سزا
ملي.“
امجد
چيو،
”پاڻ
کي
گهر
وارن جي
هر
ڳالهه
مڃڻ گهرجي“
گلزار چيو،
”ها
دوستو ماءُ،
پيءُ، گهر
وارن
جي نافرماني
ڪڏهن
به
نه ڪجي نه
ته
مون وانگر
پڇتائڻو پوندو.“
نديم چيو،
”گلزار جو
قصو
پورو ٿيو.
هاڻي
امجد
پنهنجو واقعو
ٻڌائي،
جنهن
مان هن
سبق
حاصل ڪيو هجي،
۽
پڇتايو به
هجي،
امجد چيو،
”منهنجو واقعو،
منهنجي دردن
ڀري
ڪهاڻي
ٿوري
دير
اڳ اوهان
جي
سامهون ٿي گذري،
جنهن
جي سزا
به
ملي چڪي
آهي،
باقي
ڳالهه آ
پڇتائڻ جي
۽
سبق
حاصل ڪرڻ ته
مان
جيڪا مڱڻهارن
سان
ڪئي،
ان تي
مان
ڏاڍو
پڇتايو آهي،
باقي
رهي سبق
حاصل
ڪرڻ
جي ته
جڏهن
گهر پهچندس
ته
دهل
ڦاٽڻ جي
ڪري
جيڪا
سزا بابا
ڏيندو
ان
مان سبق
ملي
ويندو.
گلزار
چيو،
”هڪ
ڳالهه آهي
جيڪڏهن تون)
امجد)
آئينده
اهڙي
ڪائي
شرارت نه
ڪرين
ته
تون
پنهنجي
پيءُ
جي مار
کان
بچي
سگهين ٿو.
امجد
يڪدم
چيو،
”توبهه!
ڪيم
جو
آئينده اهڙي
غلطي
ٻيهر
ڪيان،
پر اهو
ته
ٻڌاءِ
بابا جي
مار
کان
ڪيئن
بچي سگهان
ٿو؟“
گلزار چيو،
”ٺيڪ
آ
ته پوءِ
سڀ
غور سان
ٻڌو
پاڻ
کي
اڄ رات
جڏهن
گهوٽ بسري
کائڻ
ڪنواريتن
ڏانهن
وڃي
ته پاڻ
گهوٽ
جا جوتا
چورائينداسين ۽ اهڙي
طرح
ان جي
بدلي
۾
پاڻ کي پئسا
ملندا، جنهن
مان
دهل واري
کي
دهل
ڦاٽڻ
جا پئسا
ڏينداسين،
اهڙي
نموني امجد
مار
کان
بچي ويندو.“
امجد گلزار
جي
ذهن کي داد
ڏيندي
چيو،
”واهه!
واهه
جي صلاح
ڏني
اٿئي، ائي
ڪرڻ
سان
ٻيڙائي
پار ٿي ويندا.“
آصف چيو،”
ائين
نه ٿئي جو
جوتن
چورائڻ جي
چوريءَ
۾
اهي
جوتا پاڻ
کي
ئي
لڳن.“
نديم
چيو،
”نه
يار
جوتا
ڪونه لڳندا،
ڪنواريتا
۽
گهوٽيتا پنهنجا
مائٽ
آهن، ۽ ٻيو ته
جوتا
چورائڻ هڪ
رسم
آهي، جيڪا
هميشه
ٿيندي رهندي
آهي.“
امجد
چيو.
”باقي
هڪ
ڳالهه
آهي ته
پاڻ
کي
اهو ڪم خبرداريءَ
سان
سرانجام
ڏيڻو پوندو،
ڇاڪاڻ
جو
ان موقعي
تي
گهوٽيتا تمام
هوشيار هوندا
آهن،
۽
ٻيا
به
ڪيترائي اسان
جهڙا
سُڃا جوتا
چورائڻ جي
ڪوشش
ڪندا
آهن.“
اهڙي
طرح
چارئي دوست
ان
صلاح تي
عمل
ڪندي
ان وقت
جو
انتظار ڪرڻ لڳا.
آخر
اهو به
وقت
آيو، جڏهن
گهوٽ
بسري
کائڻ
ڪنواريتن
ڏانهن ويو،
ان
وقت چارئي
دوست
چالاڪيءَ سان
جوتا
چورائڻ ۾
ڪامياب ٿي ويا،
۽
انهن
جي سوچ
مطابق پئسا
به
مليا، جنهن
مان
دهل واري
کي
دهل
ڦاٽڻ
جا پئسا
ڏنائون
۽
باقي
جيڪي رپيا
بچيا
اهي پاڻ
۾
ورهائي
کنيائون ۽ ٽپ
ڏيندا پنهنجي
پنهنجي گهر
هليا
ويا.
قلب
سومرو
پنجڪڙا
گل ڦل خوشبو
وڻ
ٽڻ
ڇانوون،
ڌرتيءَ
جي
سونهن آهن
ٻارو،
سايون
ٻنيون ۽ سائو
چارون،
صاف پاڻي
۽
صاف
هوائون،
گل ڦل خوشبو
وڻ
ٽڻ
ڇانوون.
•
صاف پاڻي
۽
صاف
هوائون،
ماحول سڄي
جي
ضرورت آهن،
اسان سڀن
لئي
صحت آهن،
وقت ڏئي ٿو اهي
سدائون،
صاف پاڻي
۽
صاف
هوائون.
•
وقت ڏئي ٿو اهي
صدائون،
ماحول پنهنجي
کي
صاف
ڪيو،
وڻ ٽڻ هرگز
ڪين
وڍيو،
نه ماريو
پکي
۽
جهنگ بلائون،
وقت ڏئي ٿو اهي
صدائون.
•
پنهنجو شاه
ڀٽائي
ٻالڪ،
دنيا ۾ آ
او
چو، شاعر،
سنڌ کي
ڪيائين پڌرو
ظاهر،
سندس هر
سُر
۾
سچائي
ٻالڪ،
پنهنجو شاه
ڀٽائي
ٻالڪ.
•
سندس هر
سُر
۾
سچائي
ٻالڪ،
شاه جون
وايون سڪ
واڌايون،
شاه جون
وايون جيءَ
۾
جايون،
بيت ڄڻ آيتون
خدائي
ٻالڪ،
سندس هر
سُر
۾
سچائي
ٻالڪ.
•
بيت ڄڻ آيتون
خدائي
ٻالڪ،
لطيف رڳو
ڪو
شاعر
ناهي،
خدا جو
بزرگ
ٻانهو
آهي،
هُن حق
جي
ڳالهه
ٻُڌائي
ٻالڪ،
بيت ڄڻ آيتون
خدائي
ٻالڪ.
•
انور
علي
لوهار
آزادي جو
قدر
راحب
نالي
هڪ
ڇوڪرو پنهنجي
پيءُ، ماءُ
سان
هڪ
ٻيلي جي
ڀرسان
رهندو هو،
ٻيلي
۾
پيارن ۽ نازڪ
گلن
کانسواءِ
رنگ برنگي
پکي
به هئا.
راحب
جڏهن
ٻيلي
۾
ويندو هو
۽
انهن
پکين کي
ڏسندو هو
ته
هن جي
دل
چوندي هئي
ته
اهي سارا
پکي
هن وٽ
هجن
۽
هي پڃري
۾
انهن
کي
قيد ڪري پنهنجي
اڳيان رکي
سارو
ڏينهن
ڏسندو
رهي.
هن
گهڻي
ڪوشش
ڪئي
پکين کي پڪڙڻ
جي
پر اهي
هن
کي
پڪڙڻ جي
پر
اهي
هن
کي
پڪڙڻ نه
ڏين.
هي
جيئن
پکي پڪڙڻ
لاءِ
وڻ تي
چڙهي
ته اهي
اڏري
ٻئي
وڻ تي
وڃي
ويهن ۽ هي
نااميد ٿي واپس
موٽي
اچي.
پوءِ
هي
سوچڻ لڳو
ته
هنن کي
ڪيئن پڪڙڻ
گهرجي، هن
جي
ذهن ۾ هڪ
ترڪيب سمجهه
۾
آئي
ته جيڪڏهن
هن
وٽ
ڄاري
هجي
ته هي
اهي
سارا پکي
پکي
حاصل ڪري سگهي
ٿو.
پوءِ
هي
پيءُ وٽ
آيو
۽
پيءُ کي چوڻ
لڳو
ته بابا:
مون
کي
هڪ
ڄاري وٺي
ڏيو،
مان
شڪار
ڪندس.
ٺيڪ آهي
مان
سڀاڻي شهر
ويندس، تو
لاءِ
ڄاري
وٺي ايندس،
راحب
جي پيءُ
هن
کي
چيو.
پوءِ
راحب
صبح جو
انتظار ڪرڻ لڳو،
جڏهن
صبح ٿيو ته
هن
جو پيءُ
شهر
وڃڻ لاءِ
تيار
ٿيڻ
لڳو ته
هي
پيءُ وٽ
آيو
۽
پيءُ کي چيائين
ته:
”بابا!
منهنجي ڄاري
ياد
اٿئو
يا وسري
وئي
اٿئو.“
”نه ... نه
پٽ
تنهنجي ڄاري
ياد
آهي،
ائين چئي
هن
جو پيءُ
شهر
روانو ٿيو.“
پوءِ
راحب
ٻيلي
۾
آيو ۽ سنهيون
ڪاٺيون
ڪپي
هڪ
سٺو ۽ مضبوط
پڃرو
ٺاهيو
۽
پوءِ هي
پنهنجي پيءُ
جي
اچڻ جو
انتظار ڪرڻ
لڳو،
شام ٿي ته
هن
جو پي
آيو
۽
راحب لاءِ
ڄاري
وٺي
آيو، راحب
پنهنجي پيءُ
کان
ڄاري
وٺي
پنهنجي
ڪمري ۾ آيو
۽
سوچڻ
لڳو ته
”هاڻي
شام ٿي وئي
آهي،
شام جو
پکي
به
ڪونه هوندا.
ان لاءِ
مان
صبح جو
سوير
ٻيلي
۾
ويندس.
جڏهن
صبح
ٿيو
ته هو
ڄاري
۽
ڪجهه
ان
جا داڻا
کڻي
ٻيلي
۾
ويو.
هڪ
جاءِ تي
هن
داڻا پکيڙي
ڄاري
اڏي
ڇڏي
۽
پاڻ گهاٽن
وڻن
۾
لڪي ويٺو،
ٿوري
دير
۾
ڪيترائي
پکي داڻن
کائڻ
لاءِ
ڄاري
واري هنڌ
پهچي
ويا ۽ داڻن
کائڻ
۾
مشغول ٿي ويا.
انهن
کي
ڪابه
خبر
ڪونه هئي
ته
هنن سان
ڇا
ٿيڻ
وارو
آهي؟ اوچتو
ڄاري
پکين
جي مٿان
اچي
ڪري
۽
پکي ويچارا
آزاد
ٿيڻ
لاءِ
ڪوشش ڪرڻ لڳا،
پر
گهڻي
ڪوشش جي
باوجود پکي
ڄاري
کان
آزاد
ٿي
نه سگهيا،
پوءِ
جلدي راحب
وڻن
مان
ٻاهر نڪري
آيو
۽
پکين سان
ڀريل
ڄاري
اچي
کنئي
۽
گهر
ڏانهن روانو
ٿيو.“
گهر
اچي
هن سارا
پکي
پڃڙي ۾ بند
ڪيا
۽
پڃري
اڳيان ويهي
انهن
سان
ڳالهائڻ لڳو،
پر
سڀ پکي
هن
تي
ڏاڍا ناراض
هئا
۽
اهي ويچارا
پنهنجي
ٻولي ۾ هن
کي
فرياد ڪري رهيا
هئا
ته اسان
کي
آزاد
ڪر،
پر پوءِ
به
هن تي
انهن
معصوم پکين
جي
دانهن جو
ڪوبه
اثر
نه
ٿيو، پوءِ
ته
هن جو
روز
جو معمول
بڻجي
ويو.
هي
ڄاري اڏي
ڪيترائي
پکي
پڪڙي
ايندو هو
۽
پڃري
۾
انهن کي بند
ڪندو
هو. |