هڪ
دفعو
پيءُ هن
کي
پاڻ
وٽ سڏيو
۽
چوڻ
لڳس ته:
”پٽ
مان توکي
ڄاري
ان
لاءِ نه
وٺي
ڏني
هئي، تون
انهن
ويچارن پکين
کي
قيد
ڪر،
مان سمجهيو
هو
ته تون
صرف
ڄاري
شڪار لاءِ
ورتي
آهي، پر
تون
ته
ٻيلي جا
سارا
پکي اچي
نهنجي پڃري
۾
بند
ڪيا
آهن، اهي
به
اسان وانگر
ساهه
وارا آهن،
انهن
کي
جيئڻ ۽ آزاد
رهڻ
جو حق
آهي.“
بابا!
مان
انهن کي داڻو
۽
پاڻي
ڏيندو
آهيان، اهي
به
اتي پڃري
۾
خوش
آهن، راحب
پنهنجي پيءُ
کي
چيو.
پٽ!
خوش
ائين هوندا
آهن،
ڏس
ويچارا
ڪيئن نه
ٻاهر
نڪرڻ
لاءِ تڙپي
رهيا
آهن، تون
ائين
ڪر
جو پنهنجي
پسند
جو هڪ
پکي
پاڻ وٽ
رک
۽
ٻيا
سڀ پکي
پڃري
مان آزاد
ڪري
ڇڏ،
راحب
جي پيءُ
هن
کي
چيو.
ٺيڪ آهي
ٻن
ڏينهن
کان
پوءِ
مان انهن
کي
آزاد
ڪري
ڇڏيندس،
راحب پنهنجي
پيءُ
کي
چيو.
جڏهن
ٻه
ڏينهن
گذري
ويا، پر
پوءِ
به راحب
انهن
پکين کي آزاد
نه
ڪيو
ته هن
جي
پيءُ وري
هن
کي
چيو ته
ڏس
پٽ
جيڪڏهن توکي
مان
ڪنهن
ڪمري
۾
بند ڪري
ڇڏيان ۽ ماني
پاڻي
روز
ڏيندو
رهان، پر
پوءِ
به تون
اتي
خوش نه
ٿيندي،
ڇو
جو
زندگي ۾ جيئن
ماني، پاڻي
ضروري آهي،
ائين
ئي آزاد
رهڻ
به ضروري
آهي،
ان لاءِ
تون
انهن پکين
کي
آزاد
ڪري
ڇڏ.
جيئن
اهي
به پنهنجي
مرضي
مطابق زندگي
گذاري سگهن.
راحب
جي پيءُ
هن
کي
گهڻو سمجهايو
پر
راحب هڪ
ڪن
کان
ٻڌي
ٻئي
ڪن
کان
ڪڍي
ڇڏيندو
هو.
هڪ
دفعي
راحب جا
ماءُ
پيءُ
ڪنهن ڪم سان
شهر
ويا ۽ راحب
گهر
۾
اڪيلو هو.
ويٺي
ويٺي هن
کي
ننڊ
اچي وئي.
”ڪنهن
مهل دروازو
کڙڪيو
ته
راحب دروازو
کوليو،
هي
ڇا
ڏسي
ته ٻه
همراهه
هٿ
۾
رائفل
کنيون بيٺا
آهن،
هن ڀڄڻ
جي
ڪوشش ڪئي ته
هڪ
همراه هن
کي
پڪڙي
ورتو ۽ هن
کي
کڻي
اچي
هڪ
ڪمري ۾ بند
ڪيائون.
هن
دروازي
کي
مڪن ۽ لتن
سان
ڀڃڻ
جي
ڪوشش
ڪئي، پر
دروازي کي ڀڃي
نه سگهيو.
وري هي
دانهون ڪرڻ لڳو
پر
پوءِ به
راحب
جي مدد
لاءِ
ڪوئي
نه آيو.
ڪنهن مهل
اوچتو دروازو
کليوهو،
همراهه اندر
داخل
ٿيو،
ماني ۽ پاڻي
راحب
جي اڳيان
رکي
هليو ويو،
پر
راحب کي ڪٿي ماني
پئي
وڻي.
هن
جو
ڪمري
۾
ساهه گهُٽجي
رهيو
هو، پوءِ
هن
سوچيو واقعي
بابا
سچ چوندو
هو
ماني ۽ پاڻي
کان
سواءِ زندگي
لاءِ
آزاد رهڻ
ضروري آهي.
مون
کي
شايد
انهن پکين
جي
بددعا لڳي،
جن
کي
مان قيد
ڪندو
هوس،
هاڻي هي
پنهنجي غلطي
تي
پڇتائي رهيو
هو
۽
روئي خدا
کان
معافي وٺي
رهيو
هو، جڏهن
راحب
جا ماءُ
پيءُ
شهر کان موٽي
آيا
ته ڇا ڏسن ته
راحب
کٽ
تي ستو
پيو
آهي، ۽ روئي
خدا
کان
معافي وٺي
رهيو
آهي، ته
مان
سڀ پکي
آزاد
ڪري
ڇڏيندس،
هن جا
ماءُ
پيءُ هن
جي
(راحب
(جي
کٽ
تي آيا،
۽
هن
کي
اٿارڻ لڳا،
راحب
کٽ
کان
ڇرڪ
ڀري
اٿيو ۽ پنهنجي
پيءُ
سان ليٽجي
ويو.
پٽ:”
تون
روئي ڇو رهيو
آهين.“
هن
جي
پيءُ هن
کان
پڇيو.
پوءِ
راحب
پنهنجي پيءُ
کي
اهو
سارو خواب
ٻڌايو،
جيڪو
هن
ٿوري دير
اڳ
ننڊ ۾ ڏٺو هو.
خواب
ٻڌائڻ
کان
پوءِ هي
اٿيو
۽
پڃرو کڻي دروازو
کولي
سارا
پکي آزاد
ڪري
ڇڏيائين.
ترجمو:
ڪيڊٽ
ڪيلاش
راجا
واديءَ
ڪيلاش جا
رنگ
ڪيلاش لفظ
دراصل
”ڪالاش“
مان
ورتو
ويو آهي،
جنهن
جي معنى
آهي.
”ڪارو“
ڪيلاش لفظ
اصطلاحي طور
تي
ڪيترن
ئي مقصدن
تحت
به استعمال
ڪيو
وڃي
ٿو،
مثلاً:
ڪيلاش
نالو به
آهي،
ان سان
گڏوگڏ
ڪيلاش هڪ
واديءَ جو
پڻ
نالو آهي.
واديءَ
ڪيلاش،
جيڪا پاڪستان
جي
اترئين ضلعي
چترال موجود
آهي،
هن خوبصورت
ترين
واديءَ جي
ٽن
طرفن
کان
افغانستان آهي
۽
هڪ
طرف کان چترال
آهي،
هي
واديءَ
دنيا
جي خوبصورت
وادين مان
هڪ
آهي، هيءَ
وادي
پنهنجي خوبصورتيءَ
جو
مٽ پاڻ
آهي،
هتان جي
موسم
ڏاڍي
خوشگوار ۽ وڻندڙ
آهي،
صاف ۽ شفاف
پاڻيءَ جي
چشمن، سرسبز
ميدانن، مختلف
قسمن
جي وڻن
۽
ننڍن
ننڍن پاڻيءَ
جي
نالن ۽ بي
شمار
باغن هن
واديءَ کي خوبصورتيءَ
جو
لازوال نمونو
بڻائي
ڇڏيو آهي،
هتان
جا ماڻهو
ڏاڍا
خوبصورت، مهمان
نواز
۽
سوڀيا ۾ بلڪل
گلاب
جي گل
جهڙا
۽
امن پسند
آهن.
”محمود دانشور
ايراني“
پنهنجي
سفر
نامي ۾ هن
واديءَ کي
”ڪافرستان“
سڏيو
آهي،
۽
هتان جي
رهواسين کي
”لعل
ڪافر“
سڏيو
آهي، جيڪا
سراسر انهن
جي
توهين آهي،
ڇاڪاڻ
ته
هي ماڻهو
مڪمل
باڪردار، مهمان
نواز
۽
سهڻي اخلاق
جا
مالڪ آهن.
هيءَ
وادي
ٽن
حصن تي
مشتمل آهي،
اهي
آهن:
”واديءَ
بهبوريت“
”واديءَ
رامبسير“
۽
”وادي
برير.“
انهن
ٽنهي
حصن
مان
”واديءَ
بمبوريت“
انهن
ٻنهي
حصن کان وڌيڪ
ڪشادي
آهي.
ان
ڪري سياح
هتي
ئي اچي
رهندا آهن،
انهن
ٽنهي
وادين جي
اٿڻي
ويهڻي، رهڻي
ڪهڻي (Living Style)
هڪ
جهڙي آهي،
ڪيلاشي
ماڻهن جي
گهرن
کي
چؤديواري نه
هوندي آهي،
پر
اتي رهندڙ
ڪجهه
مسلمانن جي
گهرن
کي
چؤديواري هوندي
آهي.
مٿي
ڏنل
ٽنهي
وادين کي ملائي
”واديءَ
ڪيلاش“
ٺهي
ٿي،
ڇاڪاڻ
ته اهي
ٽيئي
واديون هڪ
ئي
ميدان ۾ اچي
گڏ
ٿين
ٿيون.
هتان
جي
مقامي زبان
موجب
”ڪيلاش“
جي
معنى
”ڪارا
ڪپڙا
اوڍڻ وارا“
ٻڌائي
ويئي
آهي، شايد
ان
جي ڪري ئي
ماهر
لسانيت وارن
ان
لفظ يعني
”ڪيلاش
“جي
معنى
ڪارو
ٻڌائي آهي.
هڪ
برطانوي
انگريز
”جان
هيرسن“
مطابق،
ڪيلاش
ماڻهن جو
تعلق
سڪندر اعظم
سان
ملي ٿو، هُن
ان
ڳالهه
جي تفصيل
ٻڌائيندي
چيو
ته:
هي
ماڻهو
يونان
(Greece)
مان
سڪندر اعظم
سان
گڏ آيا
هئا.
سڪندر
اعظم
ته واپس
هليو
ويو، پر
ان
جا لشڪر
هتي
آباد ٿي ويا.
افعانستان جي
موجوده وادي
نورستان ۽ چترال
جا
علائقا انهن
جي
حڪومت ۾ هئا،
پر
جڏهن هتي
اسلام آيو
ته
افغانستان جي
علائقي نورستان
۾
رهندڙ
ڪيلاشي ماڻهن
کي
زبردستي مسلمان
ڪيو
ويو
۽
هاڻي
صرف
هنن
ٽنهي وادين
۾
هو
پنهنجي محدود
تعداد ۾ نسل
کي
برقرار رکندا
ٿا
اچن.
”جان هيرسن،
“جو
وڌيڪ چوڻ
آهي،
ته
”هن
نسل
جي رسم
و
رواج سان
ملندڙ، جلندڙ
قبيلا
”سيام“
۾
به
آباد آهن.“
سيام
ٿائي
لينڊ
(Thai Land)
جو پراڻو
نالو
آهي، هن
ان
ڳالهه
جو اندازو
ڪيلاشي
ماڻهن جي
گيتن
۽
لوڪ
ڪهاڻين مان
لڳايو آهي.
ڇاڪاڻ
ته
انهن ۾ سيام
جو
ذڪر آهي،
ان
لاءِ هڪ
مثال
ذڪر جوڳو
آهي
ته:
”هتي هر
روز
يا ٻئي
ڏينهن برسات
پوي
ٿي
پر جڏهن
برساتون تمام
گهڻيون ٿين
ٿيون ته
پوءِ
هتان جون
عورتون هڪ
گيت
ڳائينديون
آهن، جنهن
جو
ترجمو هن
ريت
آهي ته:
”اي
خدا!
تون
اسان
کان
بمبوريت وٺ
۽
اسان
کي
پنهنجو سيام
موٽائي ڏي.“
مٿئين
ننڍڙي مثال
مان
اهو اندازو
لڳائي سگهجي
ٿو
ته
هنن جو
تعلق
سيام جي
انهن
قبيلن سان
ملي
ٿو،
جنهن جو
ذڪر
جان هيرسن
ڪيو
آهي.
هتي
برساتن جي
ڏينهن
۾
گهرن
کي
گرم رکڻ
لاءِ
ڪاٺيون
ٻاريون
وينديون آهن،
ڪلاش
جا
ماڻهو هميشه
ڪاٺ
جي
ٻه
منزله عمارتن
۾
رهن
ٿا،
هتان جون
خوبصورت، نرم،
نازڪ
۽
معصوم عورتون
ڪارو
ڪپڙو
اوڍين
ٿيون،
جن تي
سپين
۽
ڪوڏين
کي
انتهائي سٺي
۽
سهڻي
نموني سان
ٽوپيو
ويندو آهي،
جيڪي
هنن جي
لباس
جي سونهن
۾
اضافو آڻن
ٿيون.
هتي
اناج
۾
مڪئي ۽ ڪڻو
عام
جام
ٿئي
ٿي،
جڏهن ته
زردالو، ناسپاتي،
۽
اکروٽ ميون
۾
ٿين
ٿا.
واديءَ
ڪيلاش
سڄي
دنيا ۾ نرمل
۽
نرالين رسمن
جي
ڪري
مشهور و
معروف آهي،
ڪيلاشي
ماڻهو سڄو
سال
ڪونه
ڪو
ڏينهن
ملهائيندا رهن
ٿا،
هي
ماڻهو هن
مختصر زندگيءَ
۾
تمام
خوشيون ماڻن
چاهين ٿا، هر
هفتي
يا
ڏينهن کان پوءِ
ڳائڻ
وڄائڻ ۽ خوشيون
ملهائڻ جو
سانگ
ڳولهي
لهندا آهن،
هي
ماڻهو
ڏاڍا غريب
آهن،
پر قناعت
پسند
(ٿوري
راضي رهڻ
وارا)
آهن
۽
هر
حال ۾ خوش
رهندا آهن،
انهن ۾ لوڀ
۽
لالچ،
ڪينو، بغض
۽
حقارت جو
وجود
ئي
ڪونه آهي،
انهن
جي ريت
و
رسم موجب
انهن
جا
ڪيترائي مشهور
ڏينهن
آهن،
پر هيٺ
بيان
ڪيل
ڏينهن
ڏاڍي
اهميت جا
حامل
آهن:
(1)
چاؤ
موس:
هي
سال
جو سڀ
کان
وڏو
ڏڻ
آهي، جيڪو
تقريباً ڏهن
ڏينهن تائين
جاري
رهي ٿو،
ڪيلاش
مذهب
جون اڪثر
رسمون
”چاؤموس“
جي
مناسبت سان
ادا
ڪيون
وڃن
ٿيون، دراصل
هي
تهوار گذريل
سال
۾
امن و
امان
۽
سٺين پوکن
ڪرڻ
جي
سلسلي ۾ ملهايو
ويندو آهي.
ان
کان
سواءِ هنن
جو
ٻيو
مقصد نئين
سال
کي
کيڪارڻ
۽
خوش آمديد
چوڻ
پڻ آهي،
”چاؤموس“
جي
رات واديءَ
جا
سڀئي ماڻهو
پنهنجي پنهنجي
گهرن
۾
آتش دان
جي
ويجهو ويهي
قصا
ڪهاڻيون
ٻڌائيندا
آهن ۽ پڻ
مئي
نوشي به
ڪندا
آهن.
”(2)
داؤتاتو“
هيءَ
ڪيلاش
ماڻهن جي
هڪ
اهم رسم
آهي،
هن رات
واديءَ جا
تمام
ڇوڪرا
۽
ڇوڪريون
”هَنَ“
(ڪيلاش
ماڻهن جي
مقصد
جاءِ)
۾
گڏ ٿي روپوش
راند
کيڏندا
آهن.
يعني
ڇوڪريون
ڇوڪرن
وارا
۽
ڇوڪرا
ڇوڪري
وارا
ڪپڙا پهري
خوب
رقص
ڪندا آهن،
۽
اهو
رقص رات
جو
دير تائين
جاري
رهندو آهي
۽
جن
ڪنوارن
ڇوڪرن
۽
ڇوڪرين
کي
شادي
ڪرڻي هوندي
آهي
ته
ڇوڪرو اُن
رات
پنهنجي پسند
جي
ڇوڪريءَ
کي
پهنجي گهر
وٺي
ويندو آهي،
۽
انهن
جي شادي
ٿي
ويندي آهي،
ڪيلاش
معاشري ۾ عورت
کي
ڏاڍيون
آزاديون آهن،
پر
انهن سان
گڏوگڏ پابنديون
به
اٿن.
آزاديون
مثلاً:
ڇوڪرن
۽
ڇوڪرين
جو گڏ
ڳائڻ
۽
نچڻ
۽
پنهنجي پسند
جي
ڇوڪري
سان شادي
ڪرڻ
وغيره.
ڪيلاش
ماڻهن جون
اڪثر
شاديون ائين
ئي
ٿينديون
آهن،
ڇاڪاڻ
ڇوڪري ۽
ڇوڪريءَ جي
ملڻ
تي
ڪابه پابندي
ڪونه
آهي،
ان رات
يعني
”داؤتاتو“
جي
رات
ڇوڪرو
پنهنجي پسند
جي
ڇوڪريءَ
کي
پنهنجي گهر
وٺي
ويندو آهي،
جڏهن
ڇوڪريءَ
جي وارثن
کي
خبر
پوندي آهي
ته
انهن جي
ڇوڪريءَ
ڪنهن
ڇوڪري
سان
ويئي آهي
ته
هو ڳوٺ جي
وڏن
سان گڏ
ان
ڇوڪري
جي گهر
ويندا آهن
۽
ڇوڪري
کي
پڇندا آهن
ته
هوءَ پنهنجي
مرضي
سان آئي
آهي
يا
زبردستي؟ تنهن
تي
جيڪڏهن
ڇوڪري جواب
ڏيندي
آهي
ته
”هوءَ
پنهنجي مرضيءَ
سان
آئي آهي
ته،
پوءِ انهن
جي
شادي ٿي وئي
۽
ان
خوشيءَ ۾
ڇوڪريءَ جا
وارث
ڪيتريون
ئي
ٻڪريون ذبح
ڪندا
۽
انهن
جي قرباني
ڏيندا
آهن.“
آخر
۾
سياحت جي
شوقينن لاءِ
ته
ڪوبه
ماڻهو ريل
يا
جهاز ذريعي
”اَيُون جي
واديءَ“
مان
ضرور لنگهندو،
جنهن
کي
”واديءَ
ڪيلاش جو
دروازو“
پڻ
چيو
ويندو آهي،
بهرحال گهڻو
لطف
ته انهن
کي
ايندو آهي،
جيڪي
پاڻ اتي
گهمي
آيا آهن.
حليم
ساهڙ
ڪَرَڙَ
۽
سومار
ٻارو توهان
ڪڏهن
ڪَرڙَ
جانور ڏٺو آهي،
نه
ڇو
ته توهان
مان
گهڻن ان
جو
نانءُ به
ناهي
ٻڌو،
پر حيرت
جي
ڳالهه
ناهي اچو
ته
ٻڌو
ڪَرَڙَ
جانور
جي
ڪهاڻي.
سومار
نالي
هڪڙو جهنگلي
ماڻهو اڪيلو
جهنگل ۾ رهندو
هو،
پيٽ ڀرڻ لاءِ
جهنگل مان
جانور شڪار
ڪري
کائيندو
هو.
هڪڙي
سال اچي
ڏڪار
پيو
کاڌي
پاڻي جي
کوٽ
هئڻ
ڪري
جهنگل جا
جانور ۽ پکي
به
مرڻ لڳا
۽
ويچاري سومار
جو
گذر به
انهن
تي هو.
هاڻي
وڃي
ڪيڏانهن نيٺ
جهنگل مان
ٻاهر
نڪرڻ
جو ارادو
ڪري،
ويچارو جهنگل
کي
الوداع چئي
اڻ
ڄاتل
منزل
ڏانهن راهي
ٿيو.
سومار هلندو
رهيو، هن
کي
جهنگل مان
نڪتي
ڪيترائي
ڏينهن
گذري ويا.
آخر
هڪ ننڍڙو
ڳوٺڙو
نظر
آيس.
جنهن
۾
پاڻ
جهڙي مخلوق
ڏسڻ
۾
آيس،
جيڪا
ڏڪار هوندي
به
خوش گذاري
رهي
هئي.
سومار
افسوس ڪرڻ لڳو
پنهنجي حال
تي،
مار!
هنن
ته
ڏڪار
جو اڳواٽ
بندوبست گڏ
ڪري
ڇڏيو
آهي،
پر آئون
ڏاڍو
ڪميڻو،
بندوبست به
نه
ڪري
سگهيو آهيان،
پر
خير آهي،
هاڻ
آئون هت
سدائين خوش
گذاريندس، اهي
پور
پڇائيندو ڳوٺ جي
ڪتن
کان
پاڻ
کي
بچائيندو، ڳوٺ کان
ٿورو پري
جهوپڙي
ڏٺائين، ان
۾
وڃي
پاڻ کي ڦٽو
ڪيائين.
گهڻن
ڏينهن
جي
بک ۽ پنڌ
جي
ڪري
هيڻو ٿي ويو
هو.
ڳوٺ جي
ماڻهن جام
کاڌو
کارايس،
سومار
کاڌو
کائيندي
ڏاڍي لذت
محسوس
ڪئي، جڏهن
کاڌو
کائي
بک
ختم
ڪيائين، ته
ڳوٺ
وارن
سان حال
احوال وٺڻ
۽
ڏيڻ
لڳو،
گهڻي رات
کان
پوءِ
ڳوٺ
جا ماڻهو
به
وڃڻ لڳا
۽
هن
کي
هنڌ بسترا
ڏئي
روانا
ٿيا، پر
ڳوٺ
جو
جهونو هن
کي
سمهاري ۽ هن
کي
حالتن کان آگاهه
ڪندي
چيو
ته:
”ابا!
هت
ويل آهي،
اڌ
رات کان پوءِ
ڪَرَڙَ
ٿي
لڳي،
هنيو ماڻهن
کي
ڪرايو
وجهي، سو
ابا
ڪَرَڙَ
جو بچاءُ
ڪجئين،
ائين
چئي پيرسن
هليو
ويو، پر
ويچارو سومار
اچي
ڳڻتين
۾
پيو، سو
چيائين ته
مار
اها
ڪهڙي آفت
آهي، جا
ماڻهن کي هنيو
ڪيرايو
وجهي، آئون
به
ته جهنگل
۾
رهندو هئس،
ٻيا
جانور ته
گهڻا
ڏٺم،
پر
ڪَرَڙ جهڙي
مصيبت ته
ڪونه
ڏٺم،
خير
هاڻ ننڊ
ته
ننڊ جي
جاءِ
تي پر
پنهنجو بچاءُ
ڪبو.
ويچارو سڄي
رات
جهوپڙي ۾ جاڳندو
رهيو، هڪڙي
وچ
سياري جو
سيءُ
ويچاري کي برف
ڪري
ڇڏيو،
پر
هو
ڪَرَڙَ جانور
کان
ڊُنل
هو
۽
مقابلي لاءِ
تيار
ويٺو هو.
اوچتو اڌ
رات
گذرڻ کان پوءِ
هڪڙو
جانور اوچتو
ٻه...
ٻه
ڪندو
اچي،
جهوپڙيءَ ۾
ڪڙڪيو،
همراهه جا
ٺُپ
ئي
ٺري
ويا اچي
وئي،
مصيبت ويچارو
ڪري
به
ڇا،
سو چيائين
جي
سُستي ڪيم يا
رڙيون ڪيم ته
اڄوڪو رات
اٿم
خبر ناهي
هي
جانور
ڪهڙي ويڌن
ڪندو،
جيڪو
لاپرواهه ٿي ٻي ٻي
ڪندو
ڪاهيندو پيو
اچي،
سو هي
حملو
ڪري
تنهن کان اڳ
آئون
نه حملو
ڪريان،
سو
ٻئي
هٿ وجهي
لٺ
۾
ٺڪا
ٿو
ڪرائي
جانور جي
ڪنڌ
تي
جانور ته
ٻي...
ٻي
ڪندي
پٽ
تي ڪري پيو.
سومار پنهنجي
ڪاميابيءَ
تي
خوش ٿيڻ لڳو
۽
پاڻ
کي
عظيم
ڪارنامي ڏيڻ تي
سرخرو ٿيڻ لڳو
۽
فخر
ڪندي
چيائين
”هاڻ
هرڪو
ئي ماڻهو
مون
کي
عزت
ڏيندو، مون
هن
بڇڙي ۽ خطرناڪ
جانور کان جان
آجي
ڪرائي
اٿم.“
اهي
ويچار ونڊيندي
ننڊ
اچي ويس،
ساَرَ تڏهن
ٿي
جڏهن
ڳوٺ
جي ماڻهن
کي
جهوپڙي جي
ٻاهران
ڏٺائين
۽
ٽِپ
ڏيئي
رڙ
ڪري
چيائين،
”اڙي
همرائو اهو
پيو
اٿانوَ ڪَرَڙَ
جانور جنهن
اوهان جو
جيئڻ
جنجال ڪيو هو.
۽
هاڻ
اوهين آزاد
آهيو.“
ڳوٺ
جا همراهه
ڪجهه
ڪڇڻ
کان
سواءِ ماٺ
رهيا.
ٻارو!
ها
خبر
پئي ته
ڪَرَڙَ
جي
دراصل
ڪَرَڙَ ڪو جانور
ناهي، پر
سياري جي
سَيءَ کي
ٻهراڙيءَ جي
ٻُلي
۾
ڪَرَڙَ
چئبو
آهي، سومار
ته
رڍَ ماري
ڇڏي.
اسلم
آزاد
مهر
ڇا
ڪجهه
ملڪ
غائب ٿي ويندا؟
پيارا
ٻارؤ!
جيڪڏهن
توهان کي
ٻڌايو وڃي
ته
دنيا جا
ڪجهه
ملڪ
ٿوري
وقت کان پوءِ
اوچتو غائب
ٿي
ويندا ته
ڇا
توهان يقين
ڪندؤ؟
نه
ڪندؤ
نه...
ها،
توهان فرض
ڪيو
ته
اسين سچ
چئي
رهيا آهيون،
يعني
دنيا جا
ڪجهه
ملڪ
واقعي اڄ
کان
تقريباً
ٽيهه چاليهه
سال
پوءِ شايد
اوچتو غائب
ٿي
وڃن،
ايئن جيئن
ڪڏهن
هيائي نه!
مثلاً:
جيڪڏهن توهان
ڪراچي
کان
هوائي جهاز
۾
ويهو
۽
مالديپ وڃڻ
چاهيو ته
خبر
اَٿو ته
ڇا
ٿيندو،
ٿيندو
هيئن
ته توهان
جو
جهاز جڏهن
ان
جڳهه تي
پهچندو جتي
مالديپ ملڪ
واقع
آهي ته
بس
سمنڊ هوندو،
توهان دريءَ
کان
ڪيتريون
ئي
جهاتيون پايو،
پر
توهان کي مالديپ
جا
ننڍا وڏا
خوبصورت جزيرا
نظر
نه ايندا،
نظر
ڇو
اچن؟ اهي
هوندائي نه؟
ڀلا
ٻڌايو...
ائين
ڇو
ٿيندو؟
توهان
چوندؤ ته
شايد
ڪو
آتش فشان
ڦاٽي
پيو
هوندو، ٿي سگهي
ٿو،
پر
آتش فشان
ڦاٽڻ
سان
ملڪ غائب
ته
نه
ٿيندو آهي،
توهان کي وري
ايٽم
بم ياد
اچي
ويندو، شايد
ائين
ٿي
پر وري
به
ساڳي
ڳالهه ته
ملڪ
ته ايٽم
بم
سان غائب
نه
ٿيندو
نه....!
شايد
توهان کي سائنسي
ڳالهيون
ياد
اچي وڃن،
جنهن
۾
ڪا
پراسرار مخلوق
ڪنهن
ٻي
سياري کان حملو
ڪري
زمين
کي
تباهه
ڪندي آهي
نه
پيارا
ٻارو ائين
به
ناهي، هلو
اسان
ٿا
ٻڌايون.
توهان
کي
خبر
آهي ته
دنيا
۾
ڪجهه
پهاڙ آهن،
تمام
ڊگها
ڊگها
اهڙا پهاڙ
جن
تي برف
ڄميل
هوندي آهي،
هميشه...
اُهي
ڪڏهن
پگهريائي ناهن،
جڏهن
کان
دنيا ٺهي آهي،
ان
پهاڙن تي
اڃان
تائين برف
ڄميل
آهي.
پر
توهان
کي
خبر آهي
ته
هاڻي ڇا ٿي رهيو
آهي،
اها برف
پگهرجڻ لڳي
آهي،
ان جي
ڪري
ته
هاڻي هر
سال
گرمي وڌي
رهي
آهي، سڄي
دنيا
۾،
اهو ڇا؟ اهو
آلودگيءَ جي
ڪري
ٿيو
آهي،
آلودگي جو
لفظ
توهان ٻڌي ته
ڇڏيو
هوندو، اڄ
اسان
توهان کي آلودگيءَ
جو
هڪ نئون
خطرو
ٻڌائي
رهيا آهيون.
ٿيندو هيئن
آهي
ته جڏهن
دنيا
۾
تمام گهڻو
دونهون ٿي وڃي،
تمام
گهڻيون گئسون
پيدا
ٿي
وڃن، جيڪي
قدرتي ماحول
لاءِ
نقصانڪار، هجن
ته
انهن سان
ماحول خراب
ٿي
ويندو آهي،
جيئن
هاڻي گرميءَ
وڌي
رهي آهي
خير...
هاڻي
گرمي
وڌڻ سان
ڇا
ٿيندو
آهي
ته پهاڙن
جي
برف پگهرجڻ
لڳي
آهي، اڃان
ته
هي برف
گهڻي
ناهي پگهري،
جيڪڏهن ائين
ئي
پگهرندي رهي
ته
هڪ
ڏينهن اهوئي
ٿيندو
جو
سمنڊ ۾ پاڻي
وڌي
ويندو، ايترو
جو
ان جي
سطح
ڪجهه
مٿي ٿي ويندي.
سمنڊ
جيڪڏهن مٿي
ٿي
وڃي
ته ڇا
ٿيندو؟ هو
آسپاس جي
جزيرن تي
چڙهي
ويندو، ۽ پوءِ
آهستي آهستي
اهي
جزيرا غائب
ٿي
ويندا، ائين
اتي
ٿيندو
جتي جزيرا
سمنڊ
کان
گهڻا مٿي
ناهن، اسان
جو
ملڪ سمنڊ
کان
تمام
گهڻو مٿي
آهي،
پر مالديپ
ايترو مٿي
ناهي.
پوءِ
ٿيندو
هيئن
ته
ڪنهن
ڏينهن جيڪڏهن
توهان مالديپ
وڃڻ
جي لاءِ
هوائي جهاز
۾
ويهندؤ ته
سمنڊ
ئي هوندو،
مالديپ توهان
کي
نه
ملندو، اهو
سمنڊ
جي لهرن
جي
هيٺان هليو
ويو
هوندو،
ڪيتري پريشانيءَ
جي
ڳالهه
آهي، ان
جي
ڪري
سائنسدان ان
صورتحال تي
قابو
پائڻ جي
ڪوشش
ڪن
پيا،
اسان جي
دعا
آهي ته
انهن
جي
ڪوشش
ڪامياب ٿي وڃي،
توهان به
دعا
ڪيو،
ٻڌو
آهي ته
ٻارن
جي
الله تعالى
جلدي
دعا قبول
ڪندو
آهي.
طارق
حسين
خشڪ
(مزاحيه
ڪهاڻي(
ڪيئن
آهيون نه
چنڊا...!
پيارا
ٻارؤ!
چوندا آهن
ته
چنڊو، چنڊي
کي
ڳولهي
لهي،
سو مون
به
پاڻ جهڙي
چنڊي
کي
ڳولهڻ
جي
ڏاڍي
ڪوشش ڪئي هئي،
پر
مون کي پهرين
درجي
کان
وٺي چوٿين
درجي
تائي پاڻ
جهڙو
چنڊو نه
ملي
سگهيو هو!
پر
پنجين
ڪلاس ۾ داخل
ٿيندي
ئي
اسان جي
ڪلاس
۾
هڪ
نئون شاگرد
داخل
ٿيو
هو، جيڪو
اسان
جي ڀر واري
ڳوٺ
جو
رهاڪو هو،
هن
ايندي ئي
چنڊائپ جا
اهڙا
مثال قائم
ڪرڻ
شروع
ڪري
ڏنا،
جن سان
منهنجي گذريل
چئن
سالن ۾ قائم
ٿيل
سڀ
چنڊائپ جا
رڪارڊ ٽٽڻ لڳا
هئا،
جنهن ڪري اسان
جي
ڪلاس
ٽيچر
سائين جمن
جلالي هڪ
دفعي
مون کي چيو
هو!
”اڙي
منظور!
تون
اگر
چوڏهين جو
چنڊو
آهين ته
هي
(نئون
شاگرد)
وري
چوٽيءَ جو
چنڊو
اٿئي!“
مون
کي
سائين جي
اها
ڳالهه
دل سان
لڳي
هئي، ان
ڪري
ان
نئين شاگرد
جنهن
جو نالو
جاويد عرف
جذباتي هو.
ڏانهن
دوستي لاءِ
هٿ
وڌايم، پر
هن
چنڊي پنهنجي
چنڊائپ جو
اعلى
ترين مظاهرو
قائم
ڪندي،
منهنجي دوستي
لاءِ
وڌايل هٿ
روڪي
ڇڏيو
۽
چيائين،
”جيستائين
تون
مون کي پنهنجي
چنڊائپ جو
واضح
ثبوت
ڪونه
ڏيندين تيستائين
تو
سان دوستي
ڪونه
رکندس!“
جنهن
کان
پوءِ
مون ثبوت
خاطر
پنهنجي چنڊائپ
جا
ڪافي
مظاهرا
ڪيا، پر
پوءِ
به هي
همراه مطمئن
ڪونه
ٿيو
۽
مون
سان دوستي
نه
رکيائين، پر
هڪ
ڏينهن
پهريان جڏهن
سائين جمن
جلالي مون
کي
پنجين درجي
جو
هڪ سبق
پڙهائي پڙهائي
ٿڪجي
پيو،
پر مون
کي
ڪجهه
به
سمجهه ۾ نه
آيو،
ان ڪري انتهائي
ڪاوڙ
۾
چيائين،
”اڙي
ڇورا!
چڱو
ڀلا
چئو، گاف
الف-
گا-
ب-
الف-
با-
”گابا“
ته مون
چيو،
گاف-
الف-
”گا“
ب-
الف-
”با“
”بابا“
ان
تي
سڄي
ڪلاس ۾
ٽهڪڙو مچي
ويو.
خود
سائين جمن
جلالي جيڪو
پهريان
ڪافي
ڪاوڙ ۾ هو
سو
به کلڻ تي
ضابطو نه
آڻي
سگهيو ۽ هڪ
وڏو
ٽهڪ
ڏيندي
چيائين،
”اڙي
ڇورا!
تنهنجو سڌرڻ
محال
آهي!“
جنهن
کان
پوءِ
سائين مون
کي
ويهڻ
جو اشارو
ڪيو،
آئون
خاموشي سان
ويهي
رهيس، پر
سڄي
ڪلاس
جا
ڇوڪرا مون
تي
کلي
رهيا هئا.
جنهن
ڪري
آئون
ڪجهه
ڪجهه شرمندو
به
ٿي
رهيو هوس،
پر
موڪل ملندي
ئي
منهنجي اها
شرمندگي دڳ
وٺي
ويئي، ڇو ته
موڪل
ملڻ
شرط جاويد
عرف
جذباتي مون
کي
وڏو
ڀاڪر
پائيندي چيو،
”واهه
ڙي
منظور واهه!
واقعي تون
منهنجي جوڙ
جو
چنڊو آهين،
ان
ڪري
اڄ کان وٺي
تنهنجي منهنجي
دوستي پڪي!
۽
هاڻ
اسان پنهنجي
هن
دوستي کي چنڊائپ
جا
چوڏهن چنڊ
هڻي
چمڪائي
ڇڏينداسين!“
جاويد
عرف
جذباتي
جا اهي
جملا
ٻڌي
آئون
ڏاڍو خوش
ٿيو
هوس،
ڇوته
مون کي پاڻ
جهڙو
دوست ملي
ويو
هو.
اسان
پنهنجي پڪي
دوستي ٿيڻ جي
خوشيءَ ۾ هڪ
ڏينهن
اسڪول
ڪونه وياسين.
سڄو
ڏينهن رلياسين
ٻئي
ڏينهن
تي
اسان ٻئي گڏجي
اسڪول وڃي
رهيا
هئاسين، پر
اسان
ٻنهي
جي دلين
۾
سائين جمن
جلال
جو
ڏاڍو
ڀوءَ هو.
ڇو
ته
سائين جمن
جلالي جڏهن
جلالت ۾ هوندو
آهي
ته اسان
پارن
چنڊن ۽ گوسڙو
شاگردن کي ايڏو
ته
ٽهڪو
ڪڍندو
آهي، جو
ڏينهن
۾
تارا
نظر اچڻ
لڳندا آهن،
پر
وري
ڪڏهن موڊ
۾
هوندو آهي
ته
ڪجهه
به
ڪونه چوندو
آهي.
”يار!
دل
پئي
چوي ته
اڄ
سائين جمن
جلالي
ڏاڍي مار
ڏيندو!“
مون
ڪجهه
پريشان
ٿيندي جاويد
عرف
جذباتي کي چيو!
”اڙي
يار منظور!
تون
ڪوبه فڪر
نه
ڪر،
سائين جمن
جلالي کي ڪو
ٻٽاڪ
ٻڌائي پاڻ
بچائي وٺندس!“
جاويد عرف
جذباتي مون
کي
تسلي
ڏيندي
چيو، اسڪول
پهچي
اسان اڃا
پنهنجي
ڪلاس ۾ ويٺا
ئي
مس هئاسين،
جو
سائين جمن
جلالي آرام
بخش
(لڪڻ)
کڙڪائيندو،
ڪلاس
اندر داخل
ٿيو
۽
اچڻ
شرط چيائين.
”جيڪي
ڪالهه
نه آيا
هئا،
سي سڀ
سڀاڳا اٿي
بيهن!“
ته
جمن
جلالي کين نه
اچڻ
جو سبق
سيکاري!
اهو
ٻڌندي
ئي
اسان سان
گڏ
ڪجهه
ٻيا
به اٿي
بيٺا، جنهن
کان
پوءِ
سائين جمن
جلالي واري
واري
سان گوسڙو
شاگردن جا
هٿ
آرام بخشي
(لڪڻ
(سان
اهڙا ته
گرم
ڪرڻ
لڳو جو
سڄي
ڪلاس
۾
شاگردن جا
ٻرڙاٽ
هئا،
اهو ڏسي منهنجا
۽
جاويد جذباتي
جا
سردي هوندي
به
پگهر وهڻ
لڳا
۽
دل ئي
دل
۾
پڪو پهه
ڪيوسين
ته
جيڪڏهن اڄ
سائين جمن
جلالي جو
جوتن
کان
بچي وياسين
ته
نه صرف
گسائڻ کان توبهه
ڪنداسين،
بلڪ
محنت ڪري پڙهنداسين
به!
پر
اڄ
اسان جو
بچڻ
ڏاڍو
مشڪل پئي
لڳو،
ان ڪري اسان
ٻي
ڪا
واهه
نه
ڏسي، اسڪول
جي
دري
مان
ٽپو
ڏيئي
ڀڄڻ
جو
سوچيو
ئي مس
هو
جو سائين
جمن
جلالي، اچي
اسان
جي مٿان
بيٺو
۽
جاويد جذباتي
کي
چيائين،
”اڙي
نڀاڳا!
توکي
وري
ڪهڙي
تڪليف هئي
جو
ڪالهه
اسڪول
ڪونه آئين.“
”سائين!
توهان
تڪليف جو
ٿا
پڇو،
آئون ته
ڪالهه
مرندي مرندي
بچيو
آهيان!“
جاويد
جذباتي معصوميت
سان
سائين کي جواب
ڏنو.
”اڙي
ڇورا!
ڪالهه
ته تون
بچي
وئين، پر
اڄ
مون کان تون
نٿو
بچي سگهين،
هٿ
کول!“
سائين
جمن
جلالي جاويد
جذباتي کي
ڪاوڙ ۾ چيو،
”سائين!
توهان
منهنجي پهريان
ڳالهه
ته
ٻڌو،
پوءِ ڀل مون
کي
ڌمال
ڪڍو!“
جاويد
جذباتي نماڻين
نظرن
سان
ڏسندي سائين
جمن
جلالي کي چيو،
”چڱو
ڀلا
ٻڌاءِ
ته ڇا ٿيو هو
ڪالهه!“
سائين جمن
جلالي
ڪجهه ڍرو
ٿيندي جاويد
جذباتي کي چيو!
”سائين
ڪالهه آئون
جيئن
ئي
ڪتاب کڻي اسڪول
اچي
رهيو هوس،
ته
ان وقت
توهان اسان
جي
ڳوٺ
کان
سائيڪل تي
وڃي
رهيا هئا!“
”پر
ڇورا!
سائين
جمن
جلالي جاويد
جو
جملو ٻڌي
ڪجهه سوچيندي
چيو.
اهو
ٻڌي
جاويد عرف
جذباتي جون
ته
وايون بتال
ٿي
ويون.
”سائين!
توهان
ڀُليا آهيو،
ڪالهه
توهان اسڪول
سائيڪل تي
ئي
آيا هُيو.
توهان جاويد
جي
ڳالهه
ته ٻڌو!“
مون
به
جاويد جو
پاسو
وٺندي سائين
کي
چيو.
”ها
ته
پوءِ ڇا ٿيو!؟“
سائين
جمن
جلالي جاويد
سان
مخاطب
ٿيندي چيو،
”سائين پوءِ
ته
غضب ٿي ويو!
اوهان جي
پويان سائيڪل
جي
”ڪيريهل“
تي
هڪ وڏو
ڪاريهر
نانگ
ويٺو هو...!“
نه...
نه
نانگ...
نانگ...!“
سائين جمن
جلالي جاويد
عرف
جذباتي جو
اڌ
۾
جملو
ڪٽيندي چيو.
”ها...
ها...
سائين نانگ...!“
پر
آئون سائين!
ڪيئن
ٿو
برداست ڪري سگهان
ته
اوهان جي
سائيڪل پويان
ڊوڙندو
آيس،
پر اوهان
کي
ان
ڪري
ڪونه
ٻڌايم
ته ٿي سگهي
ٿو
ته
اوهان نانگ
جو
ٻڌي
سائيڪل تي
ڪنٽرول
نه
ڪري
سگهو ها
يا
ڪري
پئو ها،
جنهن
جي ڪري نه
صرف
توهان کي ۽ سائيڪل
کي
ٺاهوڪو
ڌڪ
لڳي
ها، پر
نانگ
ويچارو به
دانهون ڪري ها،
جنهن
جي ڪري آئون
تيز
تيز
ڊوڙندو اوهان
جي
سائيڪل جي
پويان پهتس،
جتي
نانگ ويٺو
هو
۽
پوءِ نانگ
کي
ڪاوڙ
۾
چيم،
”اڙي
توکي
خبر نه
آهي،
هي اسان
جي
استاد جي
سائيڪل آهي،
ان
ڪر
توکي شرم
اچڻ
کپي...!“
جاويد
جذباتي پنهنجي
ڳالهه
اڳتي
وڌائيندي چيو،
”ها
ها پٽ!
پوءِ
ڇا
چيو نانگ...!“
سائين جمن
جلالي عجب
مان
جاويد کان پڇيو،
جنهن
تي جاويد
وراڻيو،
”سائين!
پوءِ
نانگ به
مون
کي
انتهائي
ڪاوڙ ۾ چيو،
”اڙي
هي اسان
جو
پنهنجو مسئلو
آهي،
تنهنجو ان
۾
ڇا؟...!“
ماٺڙي ڪري هليو
وڃ
هتان...!
پر
سائين
آئون اوهان
کي
هن
خطرناڪ موڙ
تي
اڪيلو ڇڏي
ڪيئن ٿي وڃي
سگهيس!
ان
ڪري مون
نانگ
کي
چتاءُ
ڏيندي چيو.
”تنهنجي سلامتي
ان
۾
آهي ته
تون
چپ چاپ
۽
شرافت سان
سائيڪل تان
هليو
وڃ، ٻي صورت
۾
تنهنجو خير
ڪونهي.“
سائين نانگ
به
هو ڪو صفا
جذباتي، منهنجو
ايترو چوڻ
۽
نانگ
جو سائيڪل
تان
لهڻ!
سائين
پوءِ
ته حالت
صفا
خراب ٿي وئي!
توهان ته
سائيڪل ڊوڙائيندا اڳتي
نڪري
ويا، پر
پوءِ
مان اڳيان
۽
نانگ
پويان، آئون
پوري
قوت سان
ڀڄي
رهيو
هوس، جنهن
ڪري
منهنجون
کڙيون پٺي
سان
پئي لڳيون،
پر
سائين نانگ
به
هو ڪو صفا
ڀڄڻ
جو
ماهر، هو
هر
لمحي منهنجي
ويجهو
ٿيندو ٿي ويو،
تان
جو هو
هاڻ
صفا منهنجي
ويجهو پهچي
ويو!“
”ها
ها
پٽ!
پوءِ
ڇا
ٿيو...!“
سائين جمن
جلالي حيرانگي
مان
جاويد کي چيو،
سڄي
ڪلاس
۾
مڪمل خاموشي
هئي،
سڀ شاگرد
حيرت
۽
تعجب مان
جاويد عرف
جذباتي جي
ڳالهه
ٻڌي
رهيا
هئا.
آئون
خود
حيران هئس،
ته
هي جاويد
ڇا
چئي
رهيو آهي...!“
هڪ
دفعو وري
جاويد
ڳالهائڻ شروع
ڪيو،
”سائين پوءِ
جڏهن
مون ڏٺو ته
هاڻ
نانگ کان ڀڄڻ
مشڪل
آهي،
ته پوءِ
مون
اٽڪل کان ڪم وٺندي
ٿورو
پاسيرو ٿي اتي
جو
اتي مضبوط
بريڪ
هنئي!
سائين
ڀلا
نانگ
نرڄي کي
ڪهڙي خبر
ته
ڪو
آئون هتي
بريڪ
هڻندس!
ان
ڪري نانگ
تڪڙ
۾
مون کان
ڪافي پري
نڪري
ويو، جنهن
جي
ڪري
مون دل
ئي
دل ۾ سوچيو
ته
نانگ هاڻ
هيڏانهن واپس
ڪونه
ايندو، پر
سائين نانگ
به
هو ڪو صفا
ضديرو
ان ڪري ان
به
اڳتي وڃي
بريڪ
هنئي ۽ پوءِ
واپس
ان تيزي
سان
موڏانهن ورڻ
لڳو،
هو ڏسي آئون
پهريان ته
وائڙو ٿي ويس،
پر
پوءِ اهو
فيصلو ڪيم ته
هاڻ
نانگ سان
مقابلي کان سواءِ
ٻيو
ڪوبه
چاڙهو
ڪونه آهي.
جنهن
جي ڪري آئون
جذبات م
اچي
ڪراٽي
واري خطرناڪ
ايڪشن ۾ بيهي
نانگ
کي
مقابلي لاءِ
للڪاريم، سائين
پوءِ
نانگ به
منهنجو جذبو
جوش
۽
ڪراٽي
وارو ايڪشن
ڏسي
ڊڄي
ويو
۽
پوءِ نانگ
پنهنجي اسپيڊ
بلڪل
سست ڪري
ڇڏي، اهو
ڏسي
منهنجو حوصلو
ڪجهه
وڌيو
۽
مان هاڻ
ڀڄڻ
بجاءِ هوريان
هوريان ايڪشن
۾
نانگ
ڏي
وڌڻ لڳس
۽
نانگ
به
هوريان
هوريان
ڊڄندو
ڊڄندومون
ڏانهن وڌڻ
لڳو،
آخرڪار اهو
وقت
به آيو،
جڏهن
آئون ۽ نانگ
هڪ
ٻئي
جي بلڪل
آمهون سامهون
اچي
وياسين، سائين
نانگ
مون آڏو
ڦڙڪاٽ
ڪري
پنهنجي وڏي
ڪر
کڻي
بيهي
رهيو، هو
قد
۾
مون کان به
ڪجهه
وڏو
هو!
آئون
به
ايڪشن ۾ هن
آڏو
سينو تاڻي
بيهي
رهيس، جنهن
تي
نانگ مون
تي
هڪ خطرناڪ
حملو
ڪيو،
آئون قلابازي
کائي
سندس
حملي کي ناڪام
بنايم، جنهن
تي
نانگ هڪ
ٻيو
انتهائي خطرناڪ
وار
ڪيو،
جنهن کي به
مون
وڏي مشڪل
سان
ناڪام
ڪيو، پنهنجا
حملا
ناڪام
ڏسي، نانگ
صفا
چريو ٿي پيو
۽
ڪاوڙ
۾
اچي
اهڙا
ڦڙڪاٽ ڪرڻ لڳو،
جو
منهنجو حوصلو
خطا
ٿيڻ
لڳو، پر
پوءِ
آئون دل
ٻڌي
هڪ
ڀيرو
ٻيهر
ڪراٽي
واري خطرناڪ
ايڪشن ۾ سينو
تاڻي
نانگ آڏو
بيهي
رهيس، پر
ان
کان
پهريان جو
نانگ
مون تي
حملو
ڪري
ائون پوري
قوت
سان
ڪراٽي واري
انداز ۾ نانگ
کي
چيلهه ۾ لت
وهائي
ڪڍي، جنهن
جي
ڪري
نانگ نرڄو
ٽي
چار
فوٽ وڃي
پرتي
ڪريو...!“
اهو
ٻڌي
سائين جمن
جلالي سان
گڏ
ڪلاس
جا سڀ
شاگرد حيرت
۽
خوشي
۾
واهه...
واهه...
ڪرڻ
لڳا...
ڪن
شاگردن ته
تاڙيون به
وڄايون...!
جاويد
پنهنجي
ڳالهه جاري
رکي.
”سائين!
نانگ
کي
منهنجي خطرناڪ
لت
ڏاڍي
مهانگي پئي
ڇو
ته
سندس چيلهه
ڀڄي
پئي
۽
ڪجهه
وقت لاءِ
نانگ
صفا ٺري ويو،
جنهن
جي ڪري آئون
ڏاڍو
خوش
ٿيس
ته شايد
نانگ
شڪست تسليم
ڪري
ڇڏي
آهي،
پر منهنجي
اها
خوشي ان
وقت
مون
کي
اڪيلو ڇڏي پاڻ
فرار
ٿي
ويئي، جڏهن
نانگ
هڪ دفعو
ٻيهر
ڦڙڪاٽ
ڪندو
مون
ڏانهن وڌڻ
لڳو،
سائين توهان
کي
خبر
آهي ته
اسان
به آهيون
ڏاڍا
جذباتي سو
نانگ
جي اها
همت
ڏسي
آئون تمام
گهڻو
جذباتي ٿي ويس،
۽
جذبات ۾ اچي
مون
نانگ تي
ٺونشن،
مڪن
۽
لتن جي
بارش
لائي
ڏني، جنهن
جي
ڪري
نانگ صفا
اڌ
مئو ٿي پيو،
اهو
ڏسي
آئون پنهنجي
آخري
۽
انتهائي خطرناڪ
حملو
مٿس ڪرڻ ٿي چاهيو،
جنهن
جي ڪري مون
ڪراٽي
ايڪشن ۾ جهمپ
ڏيئي
پنهنجون ٻئي لتون
نانگ
جو مٿو
چٿڻ
لاءِ اڇليم،
پر
سائين بدقسمتي
سان
آئون نانگ
مٿان
ڪرڻ
بجاءِ هڪ
ڀرسان
پيل
ٺاهوڪي
پٿر تي
ڪري
پيم،
جنهن جي
ڪري
چيلهه ئي
چٻي
ٿي
پئي، اصل
اٿي
به نه
پئي
سگهيم، اهو
ڏسي
نانگ
مون تي
هڪ
سڀ کان خطرناڪ
حملو
ڪيو
۽
مون کي
ڪنهن پلال
جي
ٻنڊي
وانگي ويڙهي
ويو!“ |