حال
احوال
پيارا
ٻارو!
اسان
کي
احساس آهي
ته
ماهه جولاءِ
جو
پرچو ڪن مجبورين
سبب
اوهان کي دير
سان
مليو، ان
لاءِ
اسين اوهان
کان
معذرت گهرون
ٿا،
هي
پرچو جڏهن
اوهان کي ملندو
ته
توهان جا
اسڪول به
کلي
چُڪا
هوندا، جن
ٻارن
اُستاد
طرفان
مليل
گهرو ڪم ڪيو هوندو،
سي
ته خوش
هوندا، پر
جن
ٻه
مهينا گهمڻ
ڦرڻ
۾
وڃايا هوندا،
اهي
پريشان هوندا،
پر
ويل وقت
وري
موٽي نه
ايندو آهي.
ان
لاءِ ان
مان
سبق حاصل
ڪريو
۽
هر
ڪم
پنهنجي وقت
تي
ڪندا
ڪريو.
ٻارو،
هن مهيني
۾
اسان
جو ملڪ
آزاد
ٿيو
هو، آزادي
ڪهڙي
شيءِ
آهي، ان
جو
قدر ته
انهن
کي
هوندو، جن
ان
وقت قرباني
ڏني
هوندي، هاڻ
اسان
جو فرض
آهي
ته اسان
هن
ملڪ کي ترقي
ڏيارڻ
لاءِ
پاڻ ۾ ٻڌي ۽ محبت
رکون
۽
هر ڪم ايمانداري
سان
ڪريون،
ڇو
جو اسان
کان
پوءِ
جيڪي ملڪ
آزاد
ٿيا
آهن، اهي
اڄ
دنيا جي
ترقي
يافته ملڪن
سان
گڏ بيٺل
آهن،
پر افسوس
جو
اسان اڃان
تائين اتي
جا
اتي بيٺا
آهيون، ۽ ٻين ملڪن
ڏانهن
امداد لاءِ
واجهايون ٿا، حالانڪ
قدرت
اسان جي
ملڪ
کي
زرعي ۽ معدني
شين
سان مالا
مال
ڪيو
آهي، صرف
ايمانداري ۽ سچائيءَ
جي
ضرورت آهي.
پاڪستان
ٺهڻ
وقت
قائداعظم محمد
علي
جناح صاحب
پنهنجي تقرير
۾
کليل
لفظن
۾
چيو هو
ته
”هن
ملڪ
۾
سڀني کي هڪ
جيترا حق
حاصل
هوندا، پوءِ
اهو
ڪهڙي
به مذهب
سان
تعلق رکندو
هجي.“
ٻارو
توهين قائداعظم
جي
ان تقرير
تي
عمل
ڪريو ۽
ڪنهن سان
به
نفرت نه
ڪريو،
پر
سڀني سان
پيار
۽
محبت سان
پيش
ايندا
ڪريو.
اهائي
اوهان جي
جيت
۽
حقيقي آزادي
آهي.
اوهانجو چاچا:
اڪبر جسڪاڻي
لطيفي
لات
الا، ائن
م
هوءِ، جيئن
آءٌ
مران
بند
۾،
جُسوَ زنجيرن
۾،
راتو
ڏينهاڙن
روءِ،
پهرين وڃان
لوءِ، پوءِ
مَرُ
پُڄنِمِ
ڏينهڙا.
مٿيون
بيت
شاهه صاحب
جي
رسالي مان
کنيو
ويو
آهي، هي
بيت
سُر مارئي
جي
داستان
ڇهين جو
پنجون نمبر
بيت
آهي.
سمجهاڻي:
اي
الله!
شال
ائين
نه
ٿئي، جو
مان
قيد ۾ ئي
مري
وڃان، منهنجو
جسم
زنجيرن ۾ قابو
هجي
۽
مان راتو
ڏينهان
روئندي رهان.
مان
پهرين پنهنجي
وطن
وڃان، پوءِ
ڀل
منهنجا
ڏينهن پورا
ٿين،
هن
بيت مان
مارئي جي
وطن
لاءِ حُب
۽
آزادي لاءِ
تڙپ
واضح آهي.
معنى:
بند
=
قيد.
جُسو =جسم.
لوءِ=
وطن.
(ڪلياڻ آڏواڻي)
اشرف زمان
پير ٻنڊامي
سيرت
صليﷺ جو
سير
پيارا
ٻارو!
اوهان سير
تي
ڪيترن
ئي ماڳن
مڪانن ۽ باغن
باغيچن جو
ڪيو
هوندو، پر
مان
اڄ جنهن
باغ
جو اوهان
کي
سير
ڪرائڻ
گهران ٿو، اهو
اوهان لاءِ
هڪ
طرح ته
نئون
نه آهي،
پر
اوهان ان
کي
اڳ
۾
ڪڏهن
ائين باغ
سمجهي نه
ڏٺو
هوندو ۽ گهميو
هوندو.
سچ
ته
هي اهو
باغ
آهي، جنهن
۾
ڪابه
اهڙي
شيءِ
ڪونهي، جيڪا
اوهان کي کٽل محسوس
ٿئي
يا
گهٽ وڌ،
بلڪل
هر چيز
مڪمل
۽
وڻندڙ، هن
باغ
۾
اوهان کي رنگبرنگي
خوشبودار گل
ٻوٽا
به
ملندا ته
ساوا
سر سبز
چهچ،
ڇانودار
۽
ميون وارا
وڻ
به.
اهڙا
وڻ
جن جا
پن
نه سڙن
۽
نه
ڇڻن
۽
نه انهن
جو
پاڇولڙي ۽ نه
ميوو
کٽي،
هر مند،
هر
موسم ۽ هر
گهڙيءَ ۾ هر
ڪا
شيءِ
هڪ جيتري
ئي
موجود، هي
باغ
ڏسي
اوهان کي حيرت
به
لڳندي ته
وڏو
مزو به
ايندو-
هن
باغ
جي هر
هڪ
وڻ جون
پاڙون-
زمين
جي
ستين تهه
تائين، لامون
۽
ڏار
آسمان جي
ستين
طبق تائين،
ڇانو
اوڀر
کان
اولهه تائين
۽
ڏکڻ
کا
اتر
تائين پکڙيل
آهن،
۽
هن باغ
جي
گلن جي
خوشبوءِ زمينن
۽
آسمانن کي واسي
رهي
آهي.
ٻارو!
هن
باغ
۾
مزي جي
ڳالهه
اها
ته، روشنيءَ
جا
مينار ايترو
ته
بلند ۽ روشن
آهن،
جو اوهان
اچي
ڪري
ڪڏهن
به واٽ
ڀؤلي
نٿا
سگهو ۽ نڪي
ڪٿي
اوهان کي اونداهيءَ
جو
احساس
ٿيندو.
هن
روشن
مينارن جي
روشني
ڌرتي ۽ آسمانن
جي
هر حصي
تائين چٽي
پهچي
ٿي،
اوهان جي
گهرن
جي بجلي
ويندي آ،
سج
به لهندو
آ،
ڏيئا
به هوا
يا
تيل جي
کٽڻ
تي
وسامي ويندا
آهن،
پر هي
چراغ
ڪنهن
آندهي
طوفان ۽ برسات
۾
وسامڻجا ناهن
ڇا
به
ٿئي.
چڱو
ٻارو!
مان
اوهان کي گهڻو
پريشان ۽ حيرت
۾
رکڻ
نٿو گهران،
بس
اوهان کي هن
باغ
بابت
ٻڌايان ٿو ۽ گهمايان
به
ٿو-
ته
ٻاروهي سدا
بهار
باغ آهي،
اسان
جي پياري،
الله
سائينءَ جي
محبوب مدني
سرڪار عالي
ٻنهي
جهانن جي
والي
آقاءِ نامدار
ڪائنات
جي
سردار ۽ سالار،
حضرت
مُحمد مصطفى
احمد
مجتبى جن
ي
پاڪ ۽ صاف
بي
عيب ۽ بي
داغ
زندگي مبارڪ
جو
باغ، يعني
پاڻ
ڪريم
جي سيرت
مبارڪ جو
باغ،
يعني مان
اڄ
اوهان کي پاڻ
سڳورن جي
باغِ
سيرت جو
سير
ڪرائيندس،
پر
ٻارو هڪ
شرط
ٻڌو
ته هي
باغ
آ اڻ
کٽ،
هاها-
سمنڊ
کان
به
ويڪرو وڏو
۽
اونهون،
ڪوبه سمورو
به
نٿو گهمي
سگهي.
ان
ڪري پاڻ
جيترو گهمي
سگهياسون هن
دفعي
وري
ڪجهه ٻئي دفعي-
باقي
هن باغ
مان
جيڪي
ڪجهه کڻڻ چاهيو
ڀلي
کڻو
۽
ضرور
کڻو.
چڱو
هاڻي
اچو منهنجي
پويان ته
باغ
ڏسئون.
پيارا
ٻارو!
هي
گيٽ يعني
مکيه
مکيه شاهي
دروازو آهي،
هن
جي سامهون
واري
پاسي تي
لکيل
آ
”اسلام
عليڪم“
۽
پوئين پاسي
ڏسو
لکيل
آ
”وعليڪم
اسلام“
هن
ٻنهي مختصر
جملن
جي معنيٰ
جي
اوهان کي خبر
آ،
هتي ان
جي
لکڻ جو
مطلب
اهو آ
ته
اوهان گهر،
اسڪول، مسجد
محفل، يا
رستي
سان جتي
به
ماڻهو ملي
ته
ان کي اسلام
عليڪم چوڻ
تمام
ضروري آهي،
۽
جيڪو
چوي اڳ
۾
ته
ان کي موٽ
۾
و
عليڪم اسلام
چوڻ
ضروري آ،
اها
ڳالهه
پڪي ڪري
ڇڏيو.
هاڻي
دروازي کان اسلام
عليڪم چئي
اندر
اچو.
هي
ڏسوسڀ کان پهريان
آهن،
”اخلاق
جا
وڻ“
پاڻ
ڪريم
جن
هي وڻ
پنهنجي سيرت
طيبه
جي باغ
۾
ڄمڻ
سان
ئي رکيا
هئا.
پاڻ
سڳورن جو
ننڍپڻ کان ۽ اعلانِ
نبوت
کان
اڳ ۾ ئي
ايترو ته
پيارو ۽ سهڻو
اخلاق هو،
جو
گهر وارا،
مائٽ
۽
دوست ته
ٺهيو،
پر
دشمن
به ساراهه
ڪري
نه
ٿڪبا
ها، پاڻ
گهر،
گهٽي، ميلي،
محفل
۾
هر ماڻهوءَ،
مسلمان توڙي
ڪافر
مشرڪ
ٻارن
توڙي
ٻڍڙن سان
به
پر جانورن
۽
پکين
سان به
نرم،
ميٺ محبت
۽
اخلاق سان
پيش
ايندا هئا.
تڏهن
ئي ته
الله
سائينءَ پنهنجي
ڪلام
پاڪ
۾
چيو ته،
”بيشڪ
اي محبوب
تون
اخلاق جي
بلنديءَ تي
آهين.“
يعني
الله
سائين به
حضورِ اڪرم
صلعم
جي اخلاق
جي
اها تعريف
ڪئي.
پاڻ
ڪريم
جن جي
اخلاق جي
وڻن
جي حد
۽
ڇانوَ
ڪڏهن
به
نٿي
کٽي، سو
ٻارو،
جيڪڏهن اوهان
به
انهن اخلاق
جي
وڻن جي
ڇانوَ
۾
رهندؤ ۽ اتان
ٻوٽو
کڻي
پنهنجي زندگيءَ
جي
باغ ۾ لڳائيندؤ
ته
اوهان
ڪڏهن به
حياتيءَ ۾ مصيبت
جي
اس جو
تڙڪو
نه
ڏسندؤ.
هاڻي
ٿورو
اڳتي
اچو هي
ڏسو
خوشبودار گل،
ڪيترا
نه
ڀؤنر
۽
پوپٽ وغيره
گلن
مٿان پيا
ڦيرا
ڏين
۽
واس
وٺن، هي
سچ
جا خوشبودار
گل
آهن، پاڻ
ڪريم
جن
زندگيءَ ۾ سچ
کان
سواءِ ٻيو اکر
به
نه اُڪليو،
اِهائي مزي
جي
ڳالهه
آهي، جو
پاڻ
سڳورن جي
جان
جا دشمن
به
اهڙو يقين
رکندا هئا،
جو
پيءُ ماءُ
۽
اولاد تي
به
نه رکندا
هئا.
توڙي
جو
مشرڪ
ڪافر هئا،
پر
نبوت کان اڳ
به
پاڻ سڳورن
کي
سڀ
صادق ۽ امين
چوندا هئا.
پاڻ
ڪريم
جن زندگيءَ
جي
وک وک
تي
هي گل
پوکيا،
ٻارو-
اوهان
به
هي سچ
جا
گل ساڻ
کڻو،
بس
دنيا اوهان
جي
پويان هوندي
۽
ياد
رکو ته
هي
گل
ڪڏهن به
سُڪڻ
وارا ۽ خوشبو
وڃائڻ وارا
نه
آهن.
وري
ٿورو
اڳتي
سُرو-
هي
روشنيءَ
جا باغ
۽
چوڌار مينار
ڏسو
جن
جي روشنيءَ
جون
لاٽون زمين
۾
اندر
۽
مٿي آسمان
ڏي
تيزيءَ سان
وڃن
ٿيون
۽
کٽن
ئي نٿيون.
هي علم
جا
مينار آهن،
جيڪي
پڻ اوهان
کي
گلاب
۽
رابيل جي
ٻوٽن
وانگر لڳن
ٿا،
پاڻ
سڳورن جي
پوري
زندگي مبارڪ
رڳو
علم ئي
علم
آهي، پڙهڻ
۽
پڙهائڻ ۾ سيکارڻ
۽
سمجهائڻ، تڏهن
ته
پاڻ سڳورن
فرمايو آ
ته
اهو انسان
ڄڻ
مرده
مثل آهي،
جيڪو
نه پڙهي
ٿو
۽
نه
پڙهائي ٿو.
بس
ڀائرو اگر
اوهان پاڻ
کي
زندهه رکڻ
گهرو
ٿا
ته پوءِ
اها
علم جي
روشني ساڻ
کڻو
۽
ٻين
تائين به
پهچايو.
پڪ
ڪريو ته
پوءِ
اوهان جي
حياتيءَ ۾
ڪڏهن به
اوندهه نه
ايندي.
حياتيءَ
۾
ته
ڇا
قبر ۾ به
اها
روشني اوهان
کي
ڪم
ايندي.
هاڻي
وري
ڪجهه
اڳتي وڏو
وقت
تمام
ٿورو آ،
۽
باغ
وڏو آ،
ڪجهه
گهمي
وٺون، اجهو
هي
ڏسو
ڪيڏا
نه
ڊگها ۽ وڏا
وڻ
آهن، گلن
۽
ميون
سان
ڀريل هي
صبر
جا وڻ
آهن،
هنن وڻڻ
۾
ميوو
کڻي
ڪجهه
دير سان
ٿيندو
آ،
پر وري
تاحيات
کٽندو ناهي،
ڀلي
ٿورو
کائي
ڏسو
ڪيڏو
نه
مزيدار آهي،
هي
وڻ پاڻ
ڪريم
جن
پنهنجي سيرت
۾
ڪثرت
سان
لڳايا، دشمن
کين
ايتري تڪليف
ڏيندا
هئا،
جو پٿر
۽
ڪنڊا
به
اڇلائي پاڻ
ڪريم
جن
کان
رَتُ به
وهائيندا هئا،
ته
به انهن
کي
اُڦُ
ڪرڻ
ته
ٺهيو مرڪي
معاف
ڪندا
هئا ۽ انهن
لاءِ
هدايت جون
دعائون گهرندا
هئا،
تڏهن ته
دشمن
به لڄي
ٿي
اچي
کين
پيش پوندا
هئا،
ٻارو
اوهان کي به
اگر
ڪو
شرير ۽ ظالم
تنگ
ٿو
ڪري،
ته اوهان
به
ان کي معاف
ڪريو
۽
ان
لاءِ الله
سائين کان هدايت
جون
دعائون گهرو،
پوءِ
ڏسو
ته
ڪيئن نه
اهو
هڪ
ڏينهن اوهان
جي
اچي پيش
ٿو
پوي،
اوهان هڪ
دفعو
ان صبر
جو
وڻ لڳائي،
ان
جو ميوو
کائي
ته
ڏسو
ڪيڏو
ته وڻندڙ
آهي.
اجهو
هوءَ
سائيءَ سائيءَ
وَل
ڪيئن
نه اسان
کي
پاڻ
ڏانهن
ڇڪي
ٿي،
جيئن چقمق
لوهه
کي
ڇڪيندو
آ، ها
ٻارو-
اها
چڱائيءَ جي
ول
آ، پاڻ
سڳورن پنهنجي
سيرت
جي باغ
۾
چوڌاري چڱائيءَ
جي
ول ويهاري،
ماڻهن کي اها
وَل
ايترو ته
ويڙهيندي رهي
۽
ويڙهي وئي
جو
سون سالن
گذرڻ
بعد نسل
در
نسل ماڻهو
مسلمان خواهه
مشرڪ
ڪافر
ان ول
جي
ساراهه
ڪندا پيا
اچن،
توهان پاڻ
ڪريم
جن
جي چڱاين
جون
ٻيون
ته
ڪيتريون ئي
ڳالهيون
ٻڌيون
هونديون، پر
هن
ٻڍڙيءَ
مائيءَ وارو
قصو
ته مشهور
آهي،
جيڪا پاڻ
سڳورن تي
روز
گند
ڪچرو اڇلائيندي
هئي
۽
جڏهن بيمار
ٿي
ته
پاڻ
ڪريم اها
چڱائي جي
ول
کڻي
ان کان پڇڻ
ويا،
ٻڍڙي
عورت
ان ول
۾
ايترو ته
ويڙهجي ويئي
جو
ڪلمو
پڙهي مسلمان
ٿي.
اوهان
به
اها ول
کڻو
۽
پنهنجي باغ
۾
لڳايو، بس
هر
ماڻهو اوهان
جي
قدمن ۾ هوندو.
سائين
اهو
ڪهڙو
وڻ آ،
جو
وڃي ٿو
ڊگهو
ٿيندو ۽ ويڪرو
پکڙبو.
هاها!
ٿورو
اچو
ويجها ٿي ڏسو پاڻ
ڪريم
جي
باغِ سيرت
۾
هي
محنت جو
وڻ
آهي، پاڻ
سڳورا، بيحد
محنتي هئا،
گهر
هوندا هئا
ته
گهر وارن
کي
ڪم
۾
هٿ
ونڊائيندا هئا،
۽
جي
ٻاهر
هوندا هئا
ته
ڪو
هٿ جو
ڪم
يا
ماڻهن کي دين
اسلام جي
ڳالهين
سيکارڻ ۾ مصروف
رهندا هئا.
پاڻ
ڪريم
جن فرمايو
آهي
ته محنت
۾
سادگي ۽ سادگيءَ
۾
محنت
آهي،
ٻارو هي
وڻ
ته اوهان
ضرور
پنهنجي باغ
۾
لڳايو، اگر
اوهان کي ان
وڻ
وانگر وڏو
ٿيڻو
آهي
ته، هونءَ
به
پاڻ سڳورن
فرمايو آهي
ته
محنت ۾ مانُ
آهي،
يعني محنت
ڪونهي
ته
مانَ جي
اميد
به نه
رکو. |