ڪاشي جي سچ ڳالهائڻ تي ڪلاس ٽيچر خوش ٿيو ۽ سندس
پٺي ٺپي چوڻ لڳو ”پٽ! مون کي خبر آهي تو ائين ڪري،
آصف سان پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو.... پٽ دل محبت
جي هڪ وادي آهي. تون ان محبت جي وادي کي نفرت جي
باهه سان ساڙي ڇڏيو آهي..
پٽ! محبت جا وادي کي نفرت جي باهه سان ساڙڻ بجاءِ
محبت ۽ پيار ۽ ايڪي ۽ ٻڌي سان شاد ۽ آباد رکجي...
پٽ! تون واعدو ڪر ته تون ان محبت جي وادي کي محبت
سان آباد رکندين....؟“ ”سر! آئون واعدو ٿو ڪريان
آئون ان وادي ۾ محبت ۽ اخوت جو ٻج پوکيندس ته جيئن
ان مان پيار جو سلو ڦٽي جنهن کان پوءِ اهو وڌي وڻ
ٿئي ۽ ٻيا به ان مان روشناس ٿي سگهن...“ ڪاشي هڪ
ننڍڙو پر ڳرو عهدو ڪندي چيو . ڪلاس جي سڀني شاگردن
جا مُرڪندڙ چهرا ٻنهي ڀائرن کي گهوري رهيا هئا.
شفيق آزاد ڪانڌڙو
فرض
ٽڻ...ٽڻ....ٽ.....ڻ......! اسڪول ۾ گهنڊ وڄندي ئي
اسڪول جي مکيه گيٽ مان ٻار ٻاهر نڪرڻ لڳا. هو اِهو
منظر اسڪول ٻاهران پراڻي نم جي ڇانو (پاڇي) ۾ ٽپڙي
تي ويٺو ڏسي رهيو هو. يونيفارمس
(Uniforms)
۾ اُڍيل ٻارن کي اسڪول جي گيٽ مان ٻاهر نڪرندو ڏسي
سندس جي ذهن تي ماضي جي يادن جون ٽٽل ڪڙيون تري
آيون. جڏهن پاڻ پنهنجي اڪيلي سڪيلڌي پٽ کي روز
سائيڪل تي اسڪول ڇڏي ۽ وري ان ساڳي مهل واپس گهر
کڻي ويندو هو. پر اڄ وقت جي ستم ظرفين کيس زندگي ۾
پهريون ڀيرو پنڻ تي مجبور ڪيو هو. سو به انهيءَ
ساڳي اسڪول اڳيان جتان سندس جو پٽ پڙهي اڄ وڏي مڇي
ماني وارو وڃي ٿيو آهي. وڏو ماڻهو ٿيڻ کان پوءِ
سندس بي رحم پٽ کيس هي لفظ چئي گهران ڪڍي ڇڏيو هو
ته ”مون کي پراڻيون شيون گهر ۾ رکڻ جو عادت ناهي ۽
هون به پراڻين شين جي گهڻي ضرورت ڪچي آبادي ۾
رهندڙن کي هوندي آهي. نڪي شهر جي
VIP
بنگلن ۾ رهندڙن کي!“
پٽ جي گهران تڙجڻ کان پوءِ هن پنهنجو پراڻو ڪچي
آبادي وارو گهر وسايو. مزدوري ڪرڻ چاهي. پر ڪنهن
به ڪراڙي هڏ تي رحم کائي، پاڻ وٽ ڪم ڪرڻ نه ڏنو ۽
اڄ هو مجبورن پاپي پيٽ کي ڀرڻ لاءِ اسڪول ٻاهران
نم هيٺان ٽپڙي تي ويهي، پڙهي موٽندڙ ٻارن اڳيان هٿ
ٽنگن تي مجبور ٿيو آهي. اهو سڀ ڪجهه سوچيندي ڪراڙي
فقير جي جهور پوڙهين اکين مان ٻه ڪوسا درد ڀريل
لڙڪ اڀريا، منهن تان ترڪندا زمين تي ڪريا ۽ زمين
کين هڪ ئي ڳيت ۾ پي وئي.
ننڍڙو سرمد جيئن ئي سندس ڀر مان گذريو ته فقير جو
آواز سندس ڪنن سان ٽڪرايو ”بابا! الله جي نالي تي
هن مجبور فقير کي ڪجهه ڏئي وڃو!، سرمد جي دل تي
فقير جي صدا جو اثر ٿيو، ۽ هن پنهنجي سموري خرچي
فقير کي ڏني ۽ فقير موٽ ۾ کيس ڪيتريون ئي دعائون
سندس جهولي ۾ وڌيون. سرمد تمام رحمدل ڇوڪرو هو. هو
هڪ سيٺ جو سڪيلڌو پٽ آهي. ان کي گهران جيڪا خرچي
ملندي آهي ته هو سڀ پئسا ميڙي رکندو آهي ۽ جڏهن
چڱا پئسا گڏ ٿي ويندا آهن. ته هي انهن مان ڪا سٺي
شيءِ خريد ڪندو آهي. اڄ هن پنهنجا سڀ پئسا ڪراڙي
فقير کي ڏنا هئا. جنهن ڪري هو تمام گهڻو خوش هو.
ڇو جو هن ڪنهن جي مدد ڪئي هئي.
سرمد الائي ڇو ان رات ڪراڙي بابت سوچيندو رهيو.
ڇاڪاڻ ته کيس اهو ڪو عادي فقير نه پئي لڳو؟ ٻيو ته
هو ”آخري اسڪول وٽ ئي ڇو اچي ٿو پني؟“ آخر ڪهڙي
مجبوري کيس پنڻ تي مجبور ڪيو آهي. سرمد سوچيو ڪانه
ڪا ڳالهه ضرور آهي.“
ٻئي ڏينهن به اسڪول کان واپس ايندي اُهو ساڳيو
ڪراڙو فقير کيس مليو. هن ڀيري به هن پنهنجي سموري
خرچي ڏيئي ڇڏيس. پر هن جو دماغ هاڻي مسلسل فقير
بابت سوچڻ لڳو. ”آخر فقير ڪير آهي؟“ ”ڇا سبب آهي؟
جو ڪراڙو پنڻ تي مجبور ٿيو آهي؟ ۽ اسڪول وٽ ويهي
پنڻ ۾ ڪهڙو راز سمايل آهي؟“ پر هن جي ننڍڙي دماغ ۾
ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ۽ هاڻي ته روز اهو ڪراڙو
کيس ملندو هو ۽ هي به معمول جيان کيس سموري خرچي
ڏيندو هو ۽ موٽ ۾ ڪراڙي جو دعائون سندس پلئه
پونديون هيون.
آخرڪار هڪ ڏينهن هن جي صبر جو پيمانو ٽٽي پيو ۽ هن
دل جهلي ڪراڙي کان پڇيو ”بابا اوهين ڪٿي رهندا
آهيو؟” پهرين ته ڪراڙي کي هن جي سوال اچرج ۾ وجهي
ڇڏيو. ڇو ته اڄ تائين اسڪول جي ڪنهن به ڇوڪري ساڻس
هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو ۽ آخر هي ڇوڪرو کانئس گهر
بابت ڇو ٿو پڇي؟“ پر پوءِ هن معصوم ڇوڪري جي
معصوميت کان مجبور ٿي کيس جواب ڏنو. ”پٽ آءٌ ڪچي
آبادي ۾ رهندو آهيان. اتي ئي منهنجو ڪچو گهر آهي.“
سرمد چيس ”بابا آءٌ اوهان جو اُهو گهر ڏسڻ ٿو
چاهيان! ڇا اوهان مون کي پنهنجو گهر ڏيکاريندا؟
ڪراڙي ورڻيو ”پٽ منهنجي گهر ۾ ڇا آهي؟ جيڪو تون
هلي اُت ڏسندين؟ ۽ هاڻي تون پنهنجي گهر وڃ! تنهنجي
امڙ تولاءِ پريشان نه ٿئي.“ ڪراڙي آخري جملو کيس
ٽاريندي چيو ”پر بابا! مون کي اوهان جو گهر ڏسڻ جو
ڏاڍو شوق آهي. مان ڪڏهن به ڪراڙن فقيرن جا گهر نه
ڏٺا آهن! پليز بابا! مون کي پنهنجو گهر ڏيکاريو!“
سرمد کيس ايلاز ڪندي چيو. ”خير چڱو! جيڪڏهن تون ضد
ٿو ڪرين ته ڀلي هل! هونءَ به تون تمام نيڪ ڇوڪرو
آهين!“ ڪراڙي چيو ۽ پوءِ ٻئي ڪراڙي جي گهر ڏانهن
روانا ٿيا.
هو ڪراڙي سان گڏجي شهر کان ٻاهر ڪچي آبادي ڏانهن
هلڻ لڳو. ڪراڙو کيس سوڙهين ۽ گند سان ڀريل گهٽين
مان وٺي هلندو هڪ پراڻي ڪچي گهر اندر وٺي ويو جتي
هڪ ڪراڙي عورت ڪجهه پچائي رهي هئي. اها عورت سرمد
کي ڏسي حيران ٿي وئي ۽ پريشانيءَ مان اُٿي کڙي ٿي.
ڪراڙي سندس ان پريشانيءَ کي پرکي ورتو ۽ کيس چيو
”گهٻرائڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. هي تمام سٺو ڇوڪرو
آهي!“ سرمد ڪراڙي کان پڇيو ”بابا! اوهان جو پٽ ڪٿي
آهي؟“ ڪراڙي ڏک وچان جواب ڏنو ”اسان ڪراڙا آهيون.
ان ڪري اسان جو پٽ اسان کي ڇڏي هليو ويو آهي.“
سرمد چيو ”پر بابا مان ته پنهنجي والدين سان گڏ
رهندو آهيان! هُن کي به ته اوهان سان گڏ رهڻ گهربو
هو. ڇا جڏهن مان وڏو ٿيندس ته! مان به پنهنجي
والدين کان الڳ رهندس؟“ ڪراڙي چيو ”نه پٽ! نه تون
ته ڏاهو ڇوڪرو آهين! تون ائين نه ڪجانءِ!“ نه بابا
! نه! مان ائين نه ڪندس!“ سرمد چيو.
الائي ڇو سرمد کي هي گهر ۽ ٻئي ڄڻا تمام گهڻو پسند
اچي ويا. اُهو هڪ ننڍڙو ڪچو گهر هو. ان ۾ ٻه ڇڳل
کٽون، هڪ پيتي، ڪجهه ٿانون ۽ هڪ دلي کان سواءِ ٻيو
ڪجهه به نه هو. ڪراڙي ۽ ان ڪراڙيءَ سرمد جي ڏاڍي
خدمت ڪئي ۽ پوءِ هو اتان گهر موٽي آيو.
هاڻي سرمد اتي زور وڃڻ لڳو هو ۽ انهن ٻنهي زال
مڙسن جي خدمت ڪندو رهيو. هڪ ڀيري سرمد کيس چيو.
”بابا! اڄ اوهان جي گهر جي صفائي ڪجي! ڇو ته صفائي
ڪرڻ سان ماڻهو بيمار ناهي ٿيندو! هونءَ به حديث ۾
آهي ته صفائي اڌ ايمان آهي!“ هو راضي ٿي ويا ۽
پوءِ ٽنهي گڏجي صفائي ڪئي. ان دوران بي خيالي ۾
سرمند صندوق کولي مٿان ئي هڪ تصوير پئي هئي. جنهن
۾ اُهو ڪراڙو ۽ هڪ ننڍڙو ڇوڪرو نظر اچي رهيو هو.
هو حيران ٿي ويو. ڇو ته؟ اهڙي ئي تصوير هن پڻس وٽ
به ڏٺي هئي. هن ڪراڙي کان پڇيو ”بابا هي تصوير
اوهان وٽ ڪٿان آئي؟“ ان جواب ڏنو ”هي منهنجي پٽ جي
تصوير آهي!“ اسان وڏيون تڪليفون سهي کيس لکايو ۽
پڙهايو ۽ جڏهن هو وڏو ماڻهو بڻجي ويو ته اسان کي
ماءُ پيءُ چوندي کيس شرم اچڻ لڳو.
اها ڳالهه ڪندي پوڙهي جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا.
سرمند جيئن ئي ان کي هٿ لاتو ته هن جا لڱ گرم هئا.
ان کي تمام سخت بخار هو. سرمد کيس شهر ڊاڪٽر ڏانهن
وٺي ويو. اتي ڊاڪٽر جي اسپتال ۾ کيس ويهاري، هو
جلدي گهر ڏانهن روانو ٿيو ڇو ته اصل ۾ ان وقت سرمد
وٽ ايترا پئسا به نه هئا، جو صرف ڊاڪٽر جي في به
ڀري سگهي. دوا ته ٻي ڳالهه آهي. تنهن ڪري هي گهر
آيو ۽ ماءُ کي چيائين ”اما ! مون کي هڪ سؤ روپيه
جلدي کپن!“ ماڻس اهو ٻڌي ڪري حيران ٿي وئي ۽
چيائنس ”پٽ تو ڪاڏي ڪندي ايترو پئسا! ۽ اڄ ڪلهه
تنهنجون فرمائشون وڌنديون پيون وڃن؟“ هن وراڻيو
”بس اما مون کي صرف هڪ سؤ رپيا کپن!“ مون کي هڪ
ضروري ڪم ۾ آهن.“ پر آخر ڪهڙي ڪم ۾ اٿئي! مونکي به
ته خبر پوي!“ ماڻس کانئس پڇيو ”امان مان اوهان کي
پوءِ ٻڌائيندس، هن وقت نه ٿو ٻڌائي سگهان؟“ هن
چيو. پر هن جي گهڻن ئي منٿن تي ماڻس کيس پئسا نه
ڏنا. پوءِ هن هڪ اٽڪل سوچي ۽ اک بچائي ماڻس جي پرس
مان سؤ روپيا ڪڍي هليو ويو. ڪراڙي کي ڊاڪٽر وٽان
دوا وٺرائي ڏيڻ کانپوءِ هو واپس ان جي گهر ويو ۽
اُها رات پنهنجي گهر نه موٽيو.
هوڏانهن پڻس اميد علي هڪ وڏي مل جو مالڪ هو. رات
جو جڏهن گهر موٽيو ته سرمد جو پڇيائين. جنهن تي
زال کيس ٻڌايو ته ڪيئن سرمد زبردستي هڪ سؤ رپيا
پرس مان کڻي ويو آهي ۽ اڃان تائين گهر نه موٽيو
آهي خبر ناهي ڪاڏي هليو ويو. اميد علي کي تمام
گهڻي حيرت ٿي ڇو ته سرمد پهرئين ڪڏهن به ائين نه
ڪيو هو.
هوڏانهن ڪراڙي کي دوا پيارڻ سان ان جي طبيعت ڪجهه
بهتر ٿي. پر سرمد کي ڏاڍو فڪر هو ته! هو پنهنجي
گهر نه ويو هو پر پوءِ به ڪراڙي جي خدمت ڪندو
رهيو. هيڏانهن سرمد جا والدين ڏاڍا پريشان هئا.
انهن ڏاڍو ڳوليو. سرمد جي سڀني دوستن کان پڇا
ڪيائين پر هر ڪنهن اهوئي جواب ڏنو ته سرمد هيڏانهن
نه آيو آهي. اهڙي طرح سڀني شهر جي ٿاڻن تي اطلاع
ڏنا ويا. پر ڪٿان به سرمد جو پتو نه پئجي سگهيو.
اڄ زندگي ۾ پهريون ڀيرو اُميدي علي سڄي رات سمهي
نه سگهيو هو، پر سموري رات لڇندو رهيو هو. ڇو ته
هن جو اڪيلو پٽ خبر ناهي ڪٿي هو. اڄ کيس احساس ٿيو
هو ته پيءُ ، پُٽ جي جدائي جو درد ڇا ٿيندو آهي.
نيٺ اُميد علي ساري رات سوچيندو رهيو، ته سندس جُو
پٽ ڪاڏي ويو.
صبح جو جڏهن اُميد علي سرمد جي ڪمري جي جاچ ورتي
ته ان جي ڪتابن اندران هڪ تصوير کيس ملي. هي اهائي
تصوير هئي، جيڪا ڪراڙي فقير جي صندوق مان سرمد ڪڍي
هئي. ان سان گڏ سرمد جي ڊائري به هئي. جنهن ۾
ڪراڙي ۽ انجي گهر بابت نوٽ لکيل هو.
هاڻ ته پڻس کي سڄي ڳالهه الف- کان بي تائين سمجهه
۾ اچي وئي. هو پنهنجي گهر واريءَ کي ساڻ ڪري شهر
کان ٻاهر ڪچي آبادي ڏانهن روانو ٿيو. ڪراڙي جو گهر
ڳولڻ ۾ کيس ڪابه تڪليف پيش نه آئي. ڇاڪاڻ ته هي
اهوئي گهر هو جنهن ۾ هن ڪڏهن ڪجهه وقت اڳ پنهنجي
والدين کي بي سهارو ڪري ڇڏيو هو. هي گهر سندس جو
ڄاتل سڃاتل هو.
هُن هيڏانهن هميشه لاءِ نه اچڻ جو واعدو ڪيو هو.
پر تقدير کيس پنهنجي پٽ جي ڪري، اڄ کيس پنهنجي
واعدي جو ڀرم ٽوڙڻ تي مجبور ڪيو هو ۽ ان گهر جي
چانئٺ ٽپي رهيو هو.
اُميد علي ۽ سندس زال جڏهن گهر اندر داخل ٿيا ته
کين سرمد ڪراڙي کي زور ڏيندي نظر آيو. سرمد پيءُ
ماءُ کي ڏسي ساڻن ڀاڪر پائي مليو.
اصل ۾ اهو ڪراڙو سرمد جو ڏاڏو هو. جڏهن سموري
ڳالهه پڌري پٽ اچي وئي ته سرمد پيءُ کي چيو.
”بابا سائين! جيڪو فرض اوهان پورو نه ڪري سگهيا
هئا. اُهو مان پورو ڪرڻ چاهيان ٿو!“ ته جيئن اوهان
جي گناهن جو ڪفارو ادا ٿي سگهي!“ پڻس پٽ جا اهي
لفظ ٻڌي اڳتي وڌيو ۽ پنهنجي ڪراڙي پيءُ ماءُ جي
پيرن تي ڪري پيو، روئندي چيائين ”بابا! مون کي
معاف ڪيو، مان دولت جي ڪوڙي نشي ۾ انڌو ٿي پيو
هئس. اڄ منهنجي پٽ، منهنجون اکيون کولي ڇڏيون آهن.
مون کي معاف ڪيو، پنهنجي پٽ جي آخري غلطي سمجهي!،
ڪراڙو اُميد علي سان ڀاڪر پائي مليو. ۽ کيس معاف
ڪيو.
اڄ به ڪراڙو اسڪول جي ساڳي وڻ هيٺان هڪ فقير بڻجي
نه پر سرمد جي ڏاڏو بڻجي کيس موڪل مهل گهر وٺي وڃڻ
لاءِ بيٺو هو. سندس جون اکيون، اڄ به اسڪول جي
مکيه دروازي ۾ کتل هيون. پر ڪنهن ٻئي مقصد ڪاڻ،
پنڻ لاءِ نه!
اهو سڀ ڪجهه سرمد جي بدولت ئي ٿيو هو. جنهن هڪ
مغرور پٽ کي ڪمزور پيءُ سان ملائڻ لاءِ وچ ۾ هڪ پل
جو فرض ادا ڪيو هو.
شهاب الدين جوکيو
سائنسي مضمون
آوازن جا قسم
پيارا ٻارو! اسان جي ڪن ۾ اهڙو احساس جو ڪنهن حرڪت
ڪندڙ جسم مان پيدا ٿئي ٿو ۽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ان کي
آواز
“Sound”
چئبو آهي.
پيارا ٻارو! آواز جا ڪجهه مکيه قسم هيٺ ڏجن ٿا.(1)
ٻڌندڙ آواز
‘Hearing Sound’
اهڙو آواز جيڪو اسان کي ٻڌڻ ۾ اچي ان کي ٻڌندڙ
آواز
Hearing Sound
چئبو آهي. يا جنهن آواز جي فريڪوئنسي (20 کان
20000) تائين هوندي ته اهو آواز اسان جي ڪن تائين
ٻڌڻ ۾ ايندو ان کي به ٻڌندڙ آواز
Hearing Sound
به چئبو آهي.
(2) وڏو آواز
Higher Sound:
(1) لرزندڙ جسم جي جيتري وسعت گهڻي هوندي، اوترو
آواز ٻڌڻ ۾ گهڻو ايندو. (2) جيتري ايراضي وڌيڪ
هوندي ايترو گهڻو ٻڌڻ ۾ ايندو. (3) جيترو مفاصلو
گهٽ هوندو اوترو گهڻو ٻڌڻ ۾ ايندو.
(3) پڙاڏو آواز
‘Echo Sound’
هن ۾ آواز جون لهرون موٽ کائن ٿيون جهڙيءَ طرح
روشنيءَ جون شعاعون موٽ کائن ٿيو. جڏهن اسان جبل
يا ڀت کان ڪجهه مفاصلي تي ڳالهايون ٿا ته آواز موٽ
کائي واپس ٻڌڻ ۾ ايندو انهيءَ خاصيحت کي پڙاڏو
آواز
(Echo Sound)
چئجي ٿو.
(4) دهل جو آواز:
جڏهن اوهان دهل تي ڌڪ هڻندا ته ان جي ڇڪيل کي
ABC
اندر دٻجي ويندي ۽ هڪ نيئن پوزيشن يا بيهڪ
ADC
تي پهچي ويندي. کل جي دٻجي وڃڻ ڪري ان جي تهه ۾
دٻاءُ گهٽ ٿيندو. اهڙيءَ طرح سان گڏوگڏ هوا جي تهه
۾ دٻاءُ گهٽ ٿيندو. اهڙيءَ طرح سان حرڪت ڪرڻ ڪري
ان ۾ آواز پيدا ٿئي ٿو. جيڪو 20 کان 20000 هرٽز جي
وچ ۾ ٿئي ٿو. جيڪو انساني ڪن انهيءَ آواز کي ٻڌي
سگهي ٿو.
(5) بلندي
Loudness:
ڪن تي آواز جي شدت جي احساس کي آواز جي بلندي سڏجي
ٿو.
(6) پِچ
Pitch:
آواز جي گوڙ يا تيز هئڻ جي ڪيفيت کي پِچ سڏجي ٿو.
ان جو دارومدار فريڪوئينسي تي ٿئي ٿو.
(7) ڪيفيت
Quality:
هن جي خاصيت ڪري مختلف آوازن جي وچ ۾ فرق معلوم
ڪجي ٿو ڪا ڌُن پئي وڄندي هجي، اسين مختلف سازن جا
آواز سڃاڻي وينداسين.
(8) سريلو آواز:
Musical Sound:
اهڙو آواز جيڪو ذهن تي وڻندڙ احساس ڇڏي يعني ذهن
کي سڪون ڏيئي تنهن کي سريلو آواز سڏجي ٿو.
(9) گوڙ (شور):
جيڪڏهن لرزش ڪندڙ جي لهر ۾ ڪو باقاعده نه هجي ته
انهن ۾ پيدا ٿيندڙ آواز گوڙ يا شور وانگر ٻڌڻ ۾
ايندو. اهو ڪن ۽ ذهن تي سٺو اثر نه ڇڏيندو آهي.
محمد زاهد کٽياڻ
ڪاش مان پڙهان ها
جئين ته پيارا ٻارو اڄڪلهه ڇهون ورلڊ ڪپ 1996ع هلي
رهيو آهي ۽ هر طرف ورلڊ ڪپ جون ڳالهيون هلي رهيون
آهن.
پيارا ٻارو! توهان به ته ڪرڪيٽ کيڏندا هوندا.هاها
ضرور کيڏندا هوندا ۽ اهو سوچيندا هوندا ته ڪير
ورلڊ ڪپ کٽيندو ۽ مون وانگر توهان سڀن جي به اها
خواهش هوندي هئي ته پاڪستان ورلڊ ڪپ کٽي، پر ائين
نه ٿيو.
پيارا ٻارو کيڏڻ سان گڏ ڪجھ پڙهڻ ڏانهن به ڌيان
ڏجو.ائين نه ٿئي جو توهان پنهنجا امتحان هارائي
ناپاس ٿيو.
اچو ته مان اوهان کي هڪ واقعو ٻڌايان.
اسان جي پاڙي ۾ هڪ ڇوڪرو اسلم نالي رهندو هو، جيڪو
پڙهندو ڪونه هو صرف ڪرڪيٽ جي پويان هوندو هو.
ڪرڪيٽ ۾ ته هو تمام سٺو هو، پر پڙهائي جي معاملي
۾ بلڪل ڪورو (اڻ واقف) هو. پنهنجي شهر ۾ ته هن
ڪرڪيٽ ۾ گهڻائي انعام کٽيا هئا، ۽ ڏاڍي عزت ٿيس
ائين وقت گذرندو ويو. هڪ ڏينهن هن کي پنهنجي ڪنهن
صلاح ڏني ته توهان پاڪستان ٽيم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ
درخواست ڏيو. اسلم پنهنجي ڪنهن دوست کان خط لکرائي
موڪليو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪرڪيٽ بورڊ وارن اسلم
کي گهرايو.
ڪرڪيٽ بورڊ وارن اسلم جي ڪرڪيٽ ٽيسٽ ورتي، جنهن ۾
هو ڪامياب ٿي ويو. بعد ۾ هن کان تعليم جي باري پڇا
ڪئي وئي جواب ۾ اسلم ڪجهه به نه ٻڌايو، ڪرڪيٽ بورڊ
وارن چيو ته پوءِ تون ٽيم ۾ شامل نٿو ٿي سگهين، ان
ڪري جو توهان کي ڪا تعليم ئي نه آهي. اهو ٻُڌي
اسلم کي ڏاڍو صدمو رسو ۽ چيائين ته ڪاش مان پڙهان
ها ته اڄ پاڪستان ٽيم ۾ شامل ٿيان ها.
ان ڪري منهنجي توهان کي اها نصحيت آهي ته کيڏڻ سان
گڏ پڙهڻ لکڻ تمام ضروري آهي ائين نه ٿئي جو توهان
به اسلم وانگر پوءِ پڇتايو.
کل ته سهي
·
بس ۾ ويٺل مساف ڪنڊيڪٽر کان پڇيو ”ڇاهي بس وقت تي
هلي رهي آهي.“ ڪنڊيڪٽر جواب ڏنو: نه ڦيٿن تي هلي
رهي آهي.
شاهنواز علي پنهور دادو
·
اڪبر بادشاهه ۽ بيربل وزير کارڪون کائي رهيا هئا.
اڪبر بادشاهه کارڪن جون ککڙيون، بيربل آڏو
اڇلائيندو ويو، کارڪون کائي جڏهن بس ڪيائون.
اڪبر بادشاهه چيو: بيربل ڪيترو به پيٽي آهين جو
ايتريون کارڪون کاڏيون اٿئي، بيربل جواب ڏنو:
سائين مون رڳو کارڪون کاڌيون آهن، اوهان ته ککڙيون
به کاهي ويا آهيو.
نصر الله ميراڻي، گهوٽڪي
·
هڪ جلسي ۾ هڪ عورت تقرير ڪندي چيو ته مان مردن کان
پڇان ٿي ته اسين عورتون نه هجون ها ته، اوهين ڪٿي
هجو ها، جلسي مان جواب آيو: بهشت ۾.
ڪيڊٽ سيد عمران علي، پيٽارو
·
جج (ڏوهاري کي) تون پنهنجي صفائي ۾ ڇا ٿو چوڻ
چاهين، ڏوهاري: سائين مان ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا وهنجندو
آهيان.
حمزو سومرو، سيتا وليج
·
هڪ زرعي ڪاليج جو شاگرد باغ ۾ ويو، مالهي کي
چيائين: توهان اڃا پراڻي طريقي سان وڻ پوکيو ٿا،
هن وڻ پنج ڪلو صوف ڏنا ته وڏي ڳالهه ٿيندي.
مالهي جواب ڏنو: جناب، اهو صوف جو وڻ نه پر چڪو جو
وڻ آهي.
عبدالحڪيم عباسي، ڳوٺ محمد اسماعلي عباسي
·
هڪ مڙس پنهنجي زال کي چيو، ”بيگم آخر تون ڪيستائين
ٻارن جون پينسلون منهنجن نون بليڊن سان ڇليندي
رهندين.
زال جواب ڏنو: جيستائين تون منهنجي سرخي سان ٻارن
جون ڪاپيون چيڪ ڪندو رهندين.“
رياض علي چانڊيو، حيدرآباد
·
جيل سپريڊنٽ، هڪ قيدي کي چيو، ”ڇو ڀلا تنهنجو ڪو
ملاقاتي ڪونه ٿو اچي ۽ نه وري ڪو خط ٿو توکي لکي.“
قيدي جواب ڏنو: سائين الله جي مهرباني سان سڀ هتي
آهن.
محمد عمر احمداڻي، پنگريو
·
هڪ ڪنجوس ماڻهوءَ جو پٽ امتحان ۾ پاس ٿيو، پيءُ
خوش ٿي چيس ”پٽ جيڪي گهرڻو اٿئي سو گهر“ پٽ چيو:
”بابا هڪ منٽ سوچڻ لاءِ ڏيو“ پٽ سوچي چيو ”بابا
ڪار وٺي ڏيو.“
ڪندجوس پيءُ چيو: ”پٽ مون توکي سوچڻ لاءِ هڪ منٽ
ڏنو، هاڻ وڃي عيش ڪر.
وفا محمد يوسف ڪاتيار، ميرپور ساڪرو.
·
هڪ ماڻهوءَ جي بوٽ مان چيڪاٽ جو آواز اچي رهيو هو،
دوست چرچي ۾ چيس: يار تنهنجو بوٽ چيڪاٽ ٿو ڪري ڇا
اهو چوري جو آهي،
دوست چيس: پوءِ سوٽ ۽ شرٽ به آواز ڪن ها.
محمد آچر گڏاڻي، گهوٽڪي
·
استاد (شاگرد کي) ٻڌاءِ ته چيني ۽ مصري ٻولي ۾
ڪهڙو فرق آهي. شاگرد: سائين، ٻئي مٺيون آهن.
محمد يونس کتري، تلهار
·
هڪ ماڻهوءَ دوست کي چيو، ”يار جڏهن مان سوٽ پائي
ڀاڄي وٺڻ ويندو آهيان ته، دڪاندار سستي ڏيندو آهي،
پر جڏهن پراڻا ڪپڙا پائي ويندو آهيان ته مهانگي
ڏيندو آهي.“
دوست چيس: ”پوءِ ڪشتو کڻي ويندو ڪر ته مفت ۾
ملندي.“
عابد علي عباسي، ميهڙ
·
هڪ ماڻهو، رات جو هڪ واٽهڙو کي چاقو ڏيکاريندي چيو
”جيڪو به کيسي ۾ اٿئي ٻاهر ڪڍ.“
واٽهڙو: کيس مان پستول ڪڍي چيو، ”مون وٽ ته اهو
آهي، هاڻ تو وٽ جيڪو آهي سو ٻاهر ڪڍ.“
عبدرالرحمان جتوئي، مورو
·
هڪ ڊاڪٽر بوٽ لاهي، موچي کي چيو ”ڏس نئون بوٽ ورتو
اٿم، ڪا خرابي ته ڪانه اٿس“ موچي بوٽ ڏسي چيو،
”سائين ٺيڪ آ، پر ڏهه روپيا ته ڏيو.“
ڊاڪٽر: ”ڇاجا“
موچي: ”سائين توهين تپاس جا 200 وٺندا آهيو، ڏهه
روپيا ته منهنجو به حق آهي.“
محمد رفيق قريشي، لاڙڪاڻو
·
هڪ همراهه غريب ٿي پيو، کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونه هوس،
سو زال کي چيائين، ٻارن کي ناناڻن موڪلي ڇڏ، تون
پنهنجي ماءُ جي گهر وڃ ۽ مان ساهري گهر ٿو وڃان.
امان الله چانڊيو، مٺياڻي
·
هڪ سنڌي پنجاب ويو، اتي مڇي واري کي چيائين، مڇي
گهڻي سير آهي.
مڇي واري چيو: ڪني چاهيئي، هن سمجهو ته چئي ٿو ته
مڇي خراب آهي سو ٻن ٽن ٻين کان به پڇائين. ائين به
اهو پڇيس. اهو جواب ٻڌي همراهه چيو: مار هتي ته سڀ
ڪني مڇي رکيو ويٺا آهن.
محمد يعقوب سومرو، ٺل
·
هڪ همراهه دال کائي دوستن آڌو چيو: ڀلا ڪڪڙ، ساڻس
پٽ به گڏ هوس، سو ان چيو بابا ڪڪڙ ڪاٿي دال کاڌي
اٿئو.
محمد ڄام جسڪاڻي، جوهي
گل ڦل قلمي دوستي
·
نالو: سرفراز حُسين خواجه
ڪلاس: اٺون
وندر: سائنسي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول، تلهار
·
نالو: اعجاز قادر مهر
ڪلاس: اٺون
وندر: رسالا پڙهڻ،
عمر: 12 سال
ائڊريس: ڳوٺ رڪ شريف وايا لکي غلام شاهه، شڪارپور
·
نالو:ڪشور ڪمار ميگهواڙ
ڪلاس: ستون
وندر: گُل ڦل پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: ڪانجي مل بوٽ هائوس پيارو لنڊ
·
نالو:وحيد اڪبر خاصخيلي
ڪلاس: نائون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، فريد آباد دادو
·
نالو: محمد عمر احمداڻي
ڪلاس: ڇهون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 11 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول پنڱريو، بدين
·
نالو: آصف علي ڀنڊ
ڪلاس: ڏهون
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر:16 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس سجاول تعلقو ميروخان
·
نالو: ممتاز علي جاڙو
ڪلاس: ڏهون
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس ور شهر تعلقو گهوڙاٻاري، ٺٽو
·
نالو: جئرام
ڪلاس: ستون
(A)
وندر: علم سان پيار
عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ميرپور ماٿيلو
·
نالو: روپچند آر راماڻي
ڪلاس: ڏهون
وندر: موسيقي ٻڌڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: شڪتي ڪلاٿ هائوس، ويجهو ايم. سي. بي پير
جو ڳوٺ
·
نالو: برڪت علي شيخ
ڪلاس: يارهون
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ سچل سرمست ڊگري ڪاليج راڻي پور
·
نالو: اشوڪ ڪمار مالهي
ڪلاس: ڏهون
(B)
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: اشوڪ ڪمار ڪريانه مرچنٽ گرهوڙي اسٽاپ ڍورو
نارو.
·
نالو: پير محمد ملاح
ڪلاس: ڏهون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، تلهار
·
نالو: دليپ ڪمار مالهي
ڪلاس: ستون (سي)
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: ڪانجي مل برتن اسٽور جميل مارڪيٽ، عمر ڪوٽ
·
نالو: گرڌاري لال هريجن
ڪلاس: اٺون
(B)
وندر: قلمي دوست رکڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول، قاضي سلطان
ڪنري پاڪ
·
نالو: محمد آچر گڏاڻي
ڪلاس: نائون
(A)
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 15 سال
ائڊريس: معرفت ٽيڪم داس ڪريانا اسٽور، نيو بس
اسٽاپ گهوٽڪي
·
نالو: سليم سولنگي
ڪلاس: ڏهون
(A)
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول(2) ميهڙ
·
نالو: ڪرشن داس
ڪلاس: ڏهون
(A)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: رام ديو ڪلاٿ هائوس شاهي بازار ميرپور
ماٿيلو
·
نالو: اڪبر علي لغاري
ڪلاس: نائون
وندر: ادب سان چاهه
عمر: 14 سال
ائڊريس: بزم گلشن سنگت سنڌ برانچ، ڪنگورو شاخ،
ڊگهڙي
·
نالو: راج ڪمار
ڪلاس: ڇهون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 11 سال
ائڊريس: روپچند اسٽور، ٿاڻو روڊ، پير جو ڳوٺ
·
نالو: محب علي جتوئي
ڪلاس: ڇهون
(A)
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 11 سال
ائڊريس: حاجي علي خان جتوئي ڪريانه مرچنٽ، شاهه
آباد، دادو
·
نالو: شاهنواز علي سومرو
ڪلاس: پنجون
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: سپر ميڊيڪل اسٽور راءِ بازار پراڻو چونڪ،
دادو
·
نالو: محمد سومار سميجو
ڪلاس: ڏهون
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺي، ضلعو ٿرپارڪر
·
نالو: خالد حُسين گڏاڻي
ڪلاس: ستون
(B)
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، مومل جي ماڙي ميرپور
ماٿيلو
·
نالو: عبدالعزيز ”امر“
ڪلاس: يارهون
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: پراڻو صدر، شهيد هوش محمد شيدي اسٽريٽ،
شڪارپور
·
نالو: رميش ڪمار چاؤله
ڪلاس: ڇهون
(B)
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس ٽنڊو غلام علي
·
نالو: عبدالحفيظ انجم ميمڻ
ڪلاس: نائون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: اسلم ميمڻ جنرل اسٽور، گولاڙچي
·
نالو: فهيم منصور ميمڻ
ڪلاس: نائون
(B)
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول تعلقو ڪنگري پير جو
ڳوٺ
·
نالو: محمد حسين رند
ڪلاس: ڇهون
(A)
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 10 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، چوهڙ جمالي
·
نالو: زاهد حسين ملاح
ڪلاس: يارهون
وندر: انسانيت جي خدمت
عمر: 17 سال
ائڊريس: زهيب ميڊيڪل اسٽور هائوسنگ سوسائٽي،
نوابشاهه
·
نالو: مشتاق حسين سوڍڙو
ڪلاس: اٺون
(A)
وندر: گلوڪار ڪرڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: محمد جمن سوڍڙو ڀاڄي فروش، راڻي پور
·
نالو: اصغر علي مالهيو
ڪلاس: ڏهون
وندر: اخبارون پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: معرفت يامين پان هائوس، گهوڙاٻاري، ضلعو
ٺٽو.
ايڊيٽر، ماهوار گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ.
خط
ادا، مان گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، گل ڦل جڏهن
اسان جي هٿن ۾ پهچندو آهي ته خوش ٿيندا آهيون ۽
آئون هيءَ پهريون خط لکي رهيو آهيان ۽ مهرباني ڪري
ردي جي ٽوڪري کان بچائيندا ته توهان جي وڏي
مهرباني ۽ اميد ته جلدي شايع ڪندا.
توهان جو: اشوڪ ڪمار مالهي ڍورنارو.
ادا، جيئن ته ماهوار گل ڦل پڙهيم تمام گهڻو پسند
آيو. ادا مان نئون پڙهندڙ آهيان اميد ته منهنجو هي
خط ۽ ٻيو ڪجهه مواد رسالي ۾ ڇاپي همت افزائي ڪندا
ته مهرباني.
توهان جو ساٿي رياض حسين جتوئي
ڳوٺ: احمد خان جتوئي.
ادا، مان مارچ 1996 جو ”گل ڦل“ هينئر پڙهي پورو
ڪيو اٿم، مونکي ”گل ڦل“ بيحد پسند آيو، خاص طور تي
ٻارڙن جي تصويرن وارو ٽائيٽل، لطيفي لات، شاعري،
کل ته سهي، ڪوئل ۽ نانگ، صبر، ظالم دنيا اهي وڌيڪ
دل کي پسند آيا.
ادا، مان اوهان ڏانهن پهريون دفعو خط لکي رهيو
آهيان. اميد ٿو ڪريان ته خط کي رديءَ جي ٽوڪريءَ
جي حوالي نه ڪندا.
فقط عنايت الله ”غزالي“ مغل ڪالوني سکر
ادا، جيئن ته آئون توهان جي گل ڦل ڏي پهريون دفعو
خط لکي رهيو آهيان. ادا مارچ 1996 جو رسالو پڙهي
آءٌ ڏاڍو خوش ٿيم جنهن ۾ ڪوئل ۽ نانگ، مڪي ماؤس،
بهادري، رت جو رشتو ۽ ظالم دنيا پڙهي ڏاڍو خوش ٿيس
۽ مهرباني ڪري منهنجو خط گل ڦل ۾ شايع ڪندا. اوهان
جي مهرباني.
عبدالاهد خلجي، پير جو ڳوٺ
ادا، ٻارن جي پيارو رسالو گل ڦل مليو ته تمام گهڻي
خوشي ٿي. مون هن ۾ پهريون دفعو خط لکيو آهي اميد
آهي ته خط کي شامل ڪندا ته اوهان جو شڪر گذار
رهندس. مهرباني.
توهان جو مهيش ڪمار (پوناوت)
ادا، مارچ وارو گل ڦل تمام خوبصورت هو. غلام
مصطفيٰ سولنگي جو مواد پسند آيو. انهي کانسواءِ
مستقل سلسلا پسند آيا. هي خط موڪلي رهيو آهيان
شايع ڪري همت افزائي ڪندا. مهرباني.
الطاف حسين لغاري، دادو
ادا، مارچ جو رسالو منهنجن هٿن ۾ آهي رسالو پڙهيم
ڏاڍو سٺو لڳو ڪهاڻين ۾ ماءُ جي خدمت، ڳوٺاڻو
ماڻهو، شرارتي سيهڙ ۽ ڪوئل، محُسن چانديي جي شاعري
ڏاڍي وڻي، مهرباني ڪري منهنجو هي خط شامل ڪندا
اوهان جو.
رانا محمد رفيق گڏاڻي ڳوٺ محراب خان گڏاڻي.
احوال ته پيارا ڀاءُ اوهان جو رسالو ”گل ڦل“ هڪ
ڪامياب رسالو آهي جنهن 1959ع کان اڄ 1996ع تائين
زبردست ڪاميابي ماڻي آهي ۽ مسلسل رسالو ڇپيو آهي ۽
ڪجهه وقت 1965ع کان 1974ع تائين جو وقفو به آيو،پر
ان کان پوءِ زبردست ڪاميابي ماڻي رهيو آهي ۽ وري
رسالو گل ڦل واحد رسالو آهي جنهن هر دؤر ۾ هر مشڪل
۾ پنهنجا ڪامياب پرچا ڪڍيا آهن ۽ پنهنجا جذبا ٻارن
تائين پهچايا آهن. ان دور جا ٻار اڄ جا بزرگ آهن ۽
اڄ به گل ڦل وٺندا آهن. جن 50 پئسن کان وٺڻ شروع
ڪيو اڄ به پنجن رپين ۾ وٺندا آهن.
گل ڦل جا پراڻا ايڊيٽر جن ۾ غلام رباني صاحب، شوڪت
شورو، انور هالائي، ۽ اوهان تائين رسالي مختلف
مرحله طئه ڪيا آهن. ۽ اڄ به رسالي کي سڀ ماڻهو
چاهه سان پڙهندا آهن.
حاجي سومار چوهاڻ.
ادل سائين منهنجو توهان ڏانهن هي پهريون خط آهي.
پهريون ڀيرو جڏهن رسالي جي مٿان ٽائٽل ڏٺم ته نيٺ
دل مجبور ٿي پئي ته هي رسالو خريد ڪجي. نيٺ رسالو
خريد ڪيم. خريد ڪري ڏاڍو عجبه لڳو ته اهڙي گهٽ
قيمت ۾ اهڙو زبردست رسالو. ادل سائين رسالي جي سڀ
مضمون پنهنجي جڳهه تي زبردست آهن، پر ان هوندي به
هڪ نئين ساٿيءَ جي حيثيت سان هڪ صلاح ڏيندس ته هڪ
اهڙو سلسلو رکو جنهن ۾ اسان جا ساٿي مزاحيه سوال
پڇن ۽ ان جو توهان طرفان مزاحيه جواب ملي، اميد
ته هن پهرين خط کي موٽ ملندي.
ڌڻي بخش ڏيٿو، شهدادپور.
ادا، مان ”گل ڦل“ جو پراڻو پڙهندڙ آهيان ۽ هي
نائون خط لکي رهيو آهيان. ادا مون ڊسمبر واري پرچي
۽ جنوري، فيبروري واري پرچي ۾ به خط لکي چڪو آهيان
۽ هي نائون خط آهي اها سراسر ٻارن لاءِ مايوسي
آهي، جيڪڏهن ايئن ٿيندو رهيو ته اسين نه رسالو
وٺنداسين ۽ نه ئي وري خط لکنداسين مهرباني ڪري
هيءَ خط شايع ڪندا.
”ناشاد“ غلام فريد انڍڙ
ادا، ماهوار رسالو گل ڦل 1996ع مارچ وارو ڏاڍو
اسان کي ۽ اسان جي دوستن کي پسند آيو جنهن ۾ چاچا
سائين، لطيفي لات، اُستاد محسن رضا جو نظم، ڪوئل ۽
نانگ، ڌرتي ۽ ڪراٽي جو ماهر محمد علي، نظم اياز
پاٽولي، هڪ سياڻي زال، دُعا مٺل سولنگي جي،
بهادري، هنن جو ڪير، مظلوم جي پڪار، ماءُ جي خدمت.
راجا خان شيخ، راڻيپور
ادا آءٌ پهريون خط لکي رهيو آهيان. مارچ 1996ع
واري گل ڦل جڏهن اسان جي هٿن ۾ پهتو ته پڙهي دل
ڏاڍي خوش ٿي هن دفعي ڪهاڻيون تمام زبردست هيون خاص
ڪري ڪوئل ۽ نانگ، هڪ سياڻي زال، بهادري، رت جو
رشتو، مظلوم جي پڪار، ماءُ جي خدمت مطلب ته سڀئي
ڪهاڻيون پسند آيون. مهرباني ڪري خط کي شايع ڪندا ۽
ردي واري ٽوڪري کان بچائيندا.
عبدالجبار خاصخيلي، ميهڙ
ادا، گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان ۽ هي خط پهريون
دفعو لکي رهيو آهيان. مارچ جو شمارو اسان جي هٿن ۾
آهي، هن ۾ خاص ڪري اسان کي ننڍڙي ڪراٽي ڪار محمد
علي جو انٽرويو، رت جو رشتو ۽ کل ته سهي پسند آيا.
پيارا ڀاءُ مان قلمي دوستي لکي رهيو آهيان اميد ته
شايع ڪندا ۽ هن خط کي رديءَ جي ٽوڪريءَ کان
بچائيندا. هن خط کي شايع ڪندا ته وڏي مان وڏي
مهرباني ٿيندي.
محمد ياسين ڪاڪپوٽو، ڳڙهي ياسين
ادا، تازو مارچ جو گل ڦل مليو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي
هن ڀيري سٺيون ڪهاڻيون هيون، کل ته سهي به شاندار
هئي، ادا مان اڳ ڪهاڻي موڪلي هئي، ليڪن اوهان
الاهي ڪهڙي سبب جي ڪري شايع نه ڪئي، هاڻ خط ۾ قلمي
دوستي موڪلي رهيو آهيان. مهرباني ڪري جلد شايع
ڪندا.
اوهانجو: علي عباس غازي براهوئي، فريد آباد
ادا، احوال ته ڊگهي عرصي کان گل ڦل جو پڙهندڙ
آهيان، ٻارن جي دلچسپي جو سمورو مواد منجهس موجود
هوندو آهي. گل ڦل طرفان مضامين جي انعامي مقابلي ۾
منهنجي وڏي ڀاءُ برڪت علي پهريون انعام کٽيو هو،
هينئر هو
منهنجو استاد آهي. مارچ جي پرچي ۾ رت جو رشتو:
ڪوئل، نانگ مون کي پسند آيا، اميد ته گل ڦل ۾
ڇپجندڙ مواد جو معيار جيئن پوءِ تيئين ويندو بهتر
ٿيندو. اوهان کي ان لاءِ مبارڪو هجن.
اوهان جو: ڀائٽيو محمد شر بلوچ، سامارو شاخ
ادا، جيئن ته مارچ وارو گل ڦل منهنجي هٿن ۾ آهي،
ڪهاڻيون تمام سٺيون ۽ لطف ڏيندڙ آهن، خاص ڪري ڪوئل
۽ نانگ، بهادري، رت جو رشتو، شرارتي سيهڙ، ادا هڪ
تجويز آهي. جيڪڏهن اوهان جا جواب به شامل ڪريو ته
اڃان وڌيڪ مزو ايندو.
عابد آزاد، ميانجو ڳوٺ
ادا جيئن ته مارچ 1996ع وارو گل ڦل پڙهيم جنهن ۾
توهان جو نئون طريقو ڏاڍو وڻيو. جيڪو اسلامي
معاشري مطابق هو. مارچ واري گل ڦل ۾ صبر، ظالم
دنيا، ماءُ جي خدمت، مظلوم جي پڪار، ۽ ٻيون به
ڪهاڻيون ڏاڍيون دلچسپ هيون، اميد آهي ته هي خط
منهجو ضرور شايع ڪندا ته شڪر گذار رهندس. مهرباني
عبدالرشيد ٿهيم، بئراج ڪالوني سکر
ادا مارچ جو گل ڦل ورتم ڪافي بهتر لڳو خاص ڪري
دريائي گهوڙو، مڪي مائوس ۽ گردن ٽوڙ بخار ڪافي
معلومات مهيا ڪئي. پر اسانجي هڪ شڪايت آهي ته
توهان نقل ڪيل ڪهاڻي شايع ڪئي آهي پر اسانجو مواد
شايع نٿا ڪيو. اها نقل ٿيل ڪهاڻي سياڻي زال آهي،
جيڪا ڏهين درجي جي انگريزي جي ڪتاب تان ورتل آهي
جيڪا تقريبا کوڙ ٻارن جي پڙهيل هئي.
اوهانجو ننڍو ڀاءُ شبير احمد سيٺار، ٺاروپور
ادا، مان اوهان ڏانهن هي پهريون خط لکي رهيو
آهيان، مهرباني ڪري مايوس نه ڪندا. ادا مان
اوهانجو رسالو پڙهندو آهيان. جيڪو مون کي تمام
وڻندو آهي. ادا رسالو دير سان ملي ٿو. مهرباني ڪري
رسالو صحيح تاريخ تي موڪليندا ڪريو.
اوهانجو پنهنجو: الطاف سچل اعواڻ خيرپور ناٿن شاهه
ادا، مان گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، هن ڀيري گل
ڦل اسان جي هٿن ۾ هو، هن دفعي ڪهاڻيون زبردست
هيون، سي هي آهن، کل ته سهي، ڪوئل ۽ نانگ، هڪ
سياڻي زال مِڪي مائوس بهادري، شرارتي سيهڙ، مطلب
ته ڪهاڻيون تمام سٺيون آهن، ۽ هڪ دفعو هاڻي خط
موڪلي رهيو آهيان مهرباني ڪري شايع ضرور ڪندا. خط
يا قلمي دوستي.مهرباني.
مظفر حسين مهيسر، پنوعاقل
ادا، مارچ وارو گل ڦل واقعي گل جهڙو گل هو، جنهن ۾
ڪوئل ۽ نانگ رت جو رشتو مظلوم جي پڪار تمام گهڻ
پسند آيا. ادا اسان پهريون ڀيرو خط لکي رهيو آهيون
اميد آهي ته ضرور شامل ڪندا.
”ناز“ نواب خان ۽ رضيه گل ڪنڀر
ادا، مارچ وارو گل ڦل مليو پڙهي تمام خوش ٿيس.
ڪهاڻيون به سٺيون هيون. خاص طور: لطيفي لات، گردن
ٽوڙ بخار، مندون، استاد، ڪوئل ۽ نانگ، غزل، ڌرتي.
ڌريائي گهوڙو، ڪراٽي ڪار، گيت، نظم وغيره پسند آيا
ڪجهه مهينن کان پوءِ هي خط لکي رهيو آهيان. اميد
آهي ته مايوس نه ڪندا خط شايع ڪندا ته مهرباني.
علي مراد ڇڄڻ ڳوٺ صابر ڇڄڻ
ادا، آئون پهريون خط لکي رهيو آهيان اميد ته مايوس
نه ڪندا، مارچ 1996ع وارو گل ڦل جڏهن اسانجي هٿن ۾
پهتو ته پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ توهان ڏانهن خط لکڻ
ڏي دل مائل ٿي، ادا مون به هڪ عدد ڪهاڻي لکي آهي،
موڪلي ڏيندس اميد ته شايع ڪندا ٻيا سلسلا سڀ سٺا
هئا خاص ڪري کل ته سهي، بهادري، مڪي مائوس، شرارتي
سيهڙ ۽ ماءُ جي خدمت ڏاڍو پسند آيا.
قمر رضا لاشاري، تلهار
ادل نئون اپريل جو گل ڦل نظر مان گذريو اوهان
منهنجو مواد ڇپيو ٿا. اوهانجي مهرباني آهي غلام
مصطفيٰ سولنگي شڪارپوري جو مون تي لڳايل الزام
بابت خط ڇپيو آهي. جيڪو بي بنياد آهي جنهن ۾ ڪابه
صداقت ڪانهي، هي دوست مون تي الزام تراشي ڪري
منهنجو ڪريڊٽ به پاڻ کڻڻ چاهي ٿو.
ڀاءُ لکيو آهي ته مير مصطفيٰ سولنگيءَ جي نالي سان
سال ٻه اڳ شاعريءَ سان ادبي ميدان ۾ لهندڙ. جڏهن
ته آءٌ ٻن سالن کان ته رڳو غلام مصطفيٰ سولنگيءَ
جي نالي سان ٻاراڻا رسالا ايڊٽ ڪندو پيو اچان.
جڏهن آءٌ پنجون درجو پڙهندو هئس. تڏهن به اسان چار
پنج شاگرد گڏجي گل ڦل جون پنج ڪاپيون گهرائي
پڙهندا هئاسين ۽ مون تڏهن کان لکڻ شروع ڪيو هو. ۽
وچ ۾ ڪجهه مصروفيتون هيون جو جهڪو ٿي ويو هئس. اڄ
تائين مون ٻاراڻي ادب ۾ يا وڏن جي ادب ۾ ڪافي ڪجهه
شاعري، مضمون، ڪهاڻيون وغيره لکيون آهن جيڪي مختلف
اخبارن رسالن ۾ ڇپيون پڻ آهن، منهنجي پنهنجي هڪ
الڳ سڃاڻپ آهي. مون ٻارنهن تيرنهن ٻارن جا رسالا ۽
چار پنج وڏن جا رسالا ايڊٽ ڪيا آهن. جڏهن ته هي
دوست صرف ترجمون ڪندو آهي. ترجمو ته هر عام ماڻهو
به ڪري سگهي ٿو.
اوهان هڪ سچي ايڊيٽر جي حيثيت سان ٻنهي جو مواد گل
ڦل ۾ جو ڇپيو ٿا. اها سٺي ڳالهه آهي. اوهانکي نالن
کي نه پر مواد کي ڏسڻ گهرجي. اميد ته منهنجو هي
وضاحتي خط پڻ شايع ڪندا.
اوهانجو پنهنجوئي غلام مصطفيٰ سولنگي ڀان سيد
آباد.
نتيجو رنگ ڀريو- 30
هن ڀيري به ڪيترن ئي ٻارن رنگ ڀري موڪليا. پهريون
نمبر آيو: صفدر ڀٽو: معرفت: داتا ڪريانه مرچنٽ،
ملڪ محلو، ڪنڌڪوٽ.
نتيجو خال ڀريو- 30
هن ڀيري به ڪيترن ئي ٻارن خال ڀري موڪليا. جن مان
ٻن ٻارن جا جواب صحيح آيا. کين رسالي جي اعزازي
ڪاپي موڪلبي.
جواب: 1- جان لوئيگي بيئرڊ، 2- ويلٽينا ٽريشنڪوف،
3- 1974ع، 4- 1972ع، 5- لاهور.
نالا: 1- محمد يوسف سولنگي، ڪلاس نائون هاءِ اسڪول
ڪوٽڙي ڪبير، تعلقو ڪنڊيارو
2- اعجاز قادر مهر، ڪلاس اٺون هاءِ اسڪول رڪ شريف،
وايا لکي غلام شاهه
رنگ ڀريو- 32
هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار جو رنگ
صحيح ڀريل هوندو، ان کي ”گل ڦل“ رسالي جي هڪ ڪاپي
اعزازي موڪلبي.
موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس................
خال ڀريو- 32
هيٺ ڏنل جملن ۾ صحيح خال ڀري موڪليو، جن ٻارن جا
پنج ئي خال صحيح ڀريل هوندا. انهن کي ”گل ڦل“
رسالي جي ڪاپي اعزازي موڪلبي.
1-
اسرائيل..........نبي عليه السلام جو لقب آهي.
2-
قائداعظم جي مزار تي لڳل فانوس جو وزن
تقريباً........ٽن آهي.
3-
محترمه فاطمه جناح..................... سرجن جي
ڊگري ورتي هئي.
4-
علامه اقبال فلسفي ۾ ايم. اي ........... سن
عيسوي ۾ ڪئي.
5-
شهيد عبدالرحيم گرهوڙي جو والد جو نالو
...........هو.
موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس:
|