سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 5/ 1996ع

باب: --

صفحو :2

موسي به ڪاٿئون ڪا ڊگھي نوڙي ڳولي لهي مانين ۾ مضبوط ٻڌي گهِليندو. خير سلامتيءَ سان اچي گھر پهتو. ماڻهس نوڙيءَ ۾ ٻڌل، مٽي ۽ دز ۾ ليٿڙيل ڪا شيءَ ڏسي رڙ ڪري موسي کان پڇيو.

”مئا، اڄ وري ڪهڙي کيپ کٽي آيو آهين، نوڙيءَ سان ڇا ٻَڌي گھلي آيو آهين.

”امڙ، ماسي مِٺا لولا ڏَنا هئا.“

”مِٺا لولا! اي موسيٰ شخص شل ڪنڌ لهئي، ڪاريءَ تي پير پويئي، مُئا تو کي ننڍڙن ٻارن جيتري به ساڃهه ڪانهي. مان توکي سيکاري سيکاري ٿڪجي پئي آهيان.پر تنهنجي لاءِ سيهڙ ڄنگھون ٽي چوٿون پڇُ. جي مٺا لولا مليا هئيه ته مٿي تي رکيو کنيون اچين ها، مُنهن ۾ ڏاڙهي آئي اٿئي ڪجھ ته عقل سمجھ ڌار.“

”ها، امڙ مان اڳتي ائين ڪندس.“

ٻئي ڏينهن مُوسو پنهنجي ماسيءَ مُومل وٽ ويو، جنهن کيس چيو ته ”توهان جو هتي کودڙو بيٺو آهي. جڏهن گھر وڃين ته پنهنجي کي گھر ڪاهيون وڃ.“

جڏهن مُوسو گھر روانو ٿيو ته ڏنائين کودڙي کي مٿو. جيستائين گھر پهتو ته پگھر ۾ شل لڳو پيو هو. کودڙو ڪڏهن مٿي تي ڪڏهن ڪُلهي تي. کودڙو پيو ڦرڙاٽ ڪري. ماڻهس ڏسي رڙ ڪري چيو:

”اڙي مُئا، شل لُنڊيءَ تي لت اچئي، اڄ وري کودڙو ڪلهي تي کڻي آيو آهين. وري جي ڪڏهن به ماسهن ڏي ويو آهين ته دنبوڪ کڻي مُئا دُن تي ڏيندي مانءِ. تنهنجو وڃڻ بند. ويس ته مان  پاڻ ويندس، ادي مومل ڏي. پر مئا موسا ڏسجانءِ، ڇهه ٿالهيون رکيون اٿم در تي مٺي ڀت جون ٺرڻ لاءِ، شل ايڏڙيءَ وهي وڃي، ڏسان ته ڪئين ٿو انهن تي پير رکين.“ ماڻهس کيس جھليندي چيو.

”هائو امڙ“ موسي کيس چيو.

پوءِ هوءَ جُتي پائي شال مٿي تي رکي برقعو مٿي ۾ وجھي هلي ويئي. مومل ڏي ۽ ڇهه ٿالهيون پوري در تي ٺرڻ لاءِ رکيون هيون.

مُوسيٰ دل ۾ چيو اما چئي وئي آهي ته مان مِٺي ڀت جي ٿالهين تي پير ڪئين ٿو رکان. جيڪڏهن غلط نموني رکندس ته سوٽين سان ڪُٽيندي دير به ڪونه ڪندي، سو پير الائي ٿالهي جي پاسي تي رکبو آهي الائي وچ تي. پوءِ نيٺ توڪل ڪري الله تي رکي بسم الله ڪري وچ ٿالهي ۾ پير ڦٻائيندو رکندو ڇهن مان لنگھي پار پيو.

پوءِ سمجھو ٿا ته موسيٰ سان ماڻهس ڪهڙي ڪار ڪئي هوندي.

ڊاڪٽر سليمان شيخ

ٽئٽنس

رستي هلندي ڪڏهن ڪڏهن سِر جي ٽڪر يا پٿر سان ٽڪر ٿيو پوي يا ڪڏهين ڪو ڪنڊو پير جي کڙيءَ ۾ چڀيو وڃي ته اسان ان ننڍڙي واقعي تي خيال به نه ڪندا آهيون ۽ جتان رت وهندو آهي. اتي مٽي رکي رت بند ڪري ڇڏيندا آهيون. پر اهو معمولي واقعو ڪڏهن ڪڏهن انسان کي هميشه لاءِ زندگيءَ کان ئي محروم ڪريو ڇڏي.ٽئٽنس انهن ئي معمولي واقعن جو نتيجو بنجندي آهي. هن بيماريءَ متعلق پهرئين معلومات 1889ع ۾ ڪٽاساتو نالي جاپاني سائنسدان ڏني. هيءَ بيماري انسان کان سواءِ  صرف گھوڙي ۾ ٿي سگھي ٿي. هن بيماريءَ ٿيڻ جا امڪان تمام گھٽ هوندا آهن، پر جڏهن هيءُ بيماري ٿي  پوي ته نهايت خطرناڪ صورت حال اختيار ڪري سگھي ٿي. جڏهن انسان ڪنهن ننڍڙي حادثي سان دوچار ٿئي ٿو يعني ڪو رستي جو شيشو سندس پير کي وڍيو ڇڏي، ڪو ڪنڊو کڙيءَ ۾ هليو وڃي يا وري ڪار جي حادثي ۾ زخمجيو پوي ته هن بيماريءَ جا جيوڙا جيڪي رستن جي مٽيءَ ۾ عام طور تي موجود آهن، اهي ننڍن زخمن وسيلي، انسان جي جيوگھرڙن ۾ هليا وڃن ۽ اتي ئي پلجن ڏهن کان پندرهن ڏينهن اندر جڏهن انسان معمولي حادثي کي ئي وساري ڇڏي، تڏهن هي جيوڙا انساني رت ۾ پهچي تنتي سرشتي تي حملي آور ٿين ٿا ۽ هيءَ بيماري رونما ٿيو پوي. ڪڏهن ڪڏهن نانگ جي چڪ لڳڻ کان پوءِ زخم تي مٽي لڳڻ ڪري به هي بيماري رونما ٿيو پوي. ڪڏهن ڪڏهن هيءَ بيماريءَ 24 ڪلاڪن اندر رونما ٿيندي آهي. ان حالت ۾ اها خطرناڪ هوندي آهي ۽ موت جو خطرو هوندو آهي. هن بيماريءَ ۾ چٻاڙڻ وارين مشڪن تي پهريائين اثر ٿئي ٿو. جنهن ڪري مشڪون سخت ٿيون پون ۽ پوءِ مريض پنهنجو وات نٿو کولي سگھي. پر مريض کي سور محسوس ڪونه ٿو ٿئي.

هيءَ حالت منهن، ڪنڌ ۽ ڌڙ جي ٻين مشڪن تي به اثر ڪري ٿي جنهن ڪري منهن عام تاثرن کان خالي خالي لڳي ٿو. پٺيءَ ۾ ونگ پئجيو وڃي جنهن ڪري پٺي ڪمان وانگر ٿي پوي. ٿورڙو گوڙ ڪَڙي کڙڪڻ جو آواز، خطرناڪ حالتن ۾ صرف هلڻ چلڻ ۽ معمولي ڳالهاءُ به مريض کي تڪليف پهچائي ٿو ۽ مشڪن ۾ سختي اچيو وڃي. مشڪن ۾ ڇڪ ٿوري ٿوري دير کان پوءِ دوري وانگر ٿئي ٿو. مرگھيءَ وانگر ڏڪڻي ٿئي ٿي. آخر ۾ ساهه کڻڻ جون مشڪون به تاڻجيو وڃن جنهن ڪري مريض ساهه کڻي نه ٿو سگھي ۽ ساهه گھٽجڻ ڪري موت واقع ٿئي ٿو. هن بيماريءَ خلاف بچاءُ جو ٽڪو پهرئين عالمي جنگ وقت ايجاد ڪيو ويو. 1914ع ۾ ان جو استعمال ٿيو ۽ اهو قانون بنايو ويو ته جنگ جي هر زخميءَ کي هيءُ ٽڪو ضرور لڳايو وڃي. ان ڪري جنگي زخمين جي موتن ۾ ڪافي گھٽتائي آئي. 1914ع ۾ ٽڪن لڳائڻ کان اڳ فرانس جي فوجي اسپتالن ۾ جنگي زخمين جي موت جا انگ اکر هڪ هزار زخمين ۾ 9 هئا پر ڊسمبر 1914ع ۾ ٽڪن لڳائڻ کان پوءِ موت جا انگ هزار زخمين ۾ 4ء1 وڃي بيٺا. هن ٽڪي کي ”ٽيٽنس خلاف ٽڪو“ چئجي ٿو ۽ اڄڪلهه سڀني اسپتالن ۾ موجود آهي جتي هر حادثي ۽ رستي تي لڳل ڌڪ جي زخميءَ کي اهو لڳايو ويندو آهي. ان ڪري هيءُ بيماري هاڻي ايتري عام نه آهي. ٻهراڙين ۾ البت اهڙيون سهولتون ڪونه آهن. اتي جي مريضن کي گھرجي ته اهو ٽڪو ضرور لڳرائين. هن بيماريءَ جو علاج ” ٽيٽنس خلاف ڦيڻ“ جي وسيلي ڪري سگھجي ٿو. مريض کي اونداهي ڪمري ۾ سمهارجي کيس تنگ نه ڪجي. کاڌو به نلڪيءَ وسيلي ڏجي. کيس هميشه ننڊ ڏياريندڙ دوائن وسيلي ننڊ ۾ رکجي. هن قسم جي سنڀال صرف اسپتال ۾ ممڪن آهي. ان ڪري مريض کي اسپتال ۾ داخل ڪجي. سندس مڪمل علاج ٿيڻ سان مريض بلڪل نؤبنو ٿي سگھي ٿو.

غلام مصطفيٰ سولنگي

پوپٽ

پيارا ٻارو! مون کي پڪ آهي ته توهان سڀني ٻارن پوپٽ ضرور ڏٺا هوندا. ڪي حرڪتي ٻار ته پوپٽن کي پڪڙي ڪتابن ۽ ڪاپين ۾ رکي ڇڏيندا آهن يا وري انهن جا چمڪندڙ پَر پَٽي کين ماري ڇڏيندا آهن. ائين ڪرڻ ڪا سُٺي ڳالهه ناهي. اسان کي گھرجي ته انهن معصوم ۽ خوبصورت پوپٽن کي بچائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪريون، ڇو جو اهي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ماحولياتي گدلاڻ جي ڪري هن ڌرتيءَ تان ختم ٿيندا پيا وڃن. ٻارو! پوپٽ به هڪ قسم جو جيت آهي، جيڪي عام جيتن وانگر هاڃيڪار ناهن، پر اهي انسان ذات لاءِ وڌ کان وڌ فائديمند آهن. اهي هڪ ٻوٽي جا ٻج ٻئي ٻوٽي تائين پهچائي گلن ۽ ميون پيدا ڪرڻ واري عمل ۾ مدد ڏيندا آهن ۽ پکين جي لاءِ کاڌي طور ڪم ايندا آهن. سائنسدان ماحولياتي تبديلين کي جانچڻ جو ڪم به پوپٽن کان ئي وٺندا آهن، ان ڪري جو گھڻي نازڪ ۽ ڪمزور هجڻ ڪري ماحول جو مٿن گَھرو اثر پوندو آهي.پوپٽ دنيا جي اها اڪيلي مخلوق آهي، جن کي ماحولياتي تبديليءَ جي هڪدم خبر پئجي ويندي آهي.

ٻارو! پوپٽ ڪا نئين مخلوق ناهي، پر ايتري پراڻي آهي جيتري هيءَ ڪائنات- پراڻي زماني ۾ ماحول صاف هوندو هيو، وڻ ٽَڻ ۽ گل ٻوٽا به جام هوندا هئا، تنهنڪري پوپٽ به گهڻي تعداد ۾ هوندا هئا، پر هاڻي ماحولياتي گدلاڻ هنن لاءِ وڏو خطرو بنجي وئي آهي. سڄي دنيا ۾ پوپٽن جا پندرهن هزار قسم آهن، جن مان چار سؤ کن قسم جا پوپٽ اسان جي ملڪ ۾ موجود آهن. ڪجھ پوپٽ دنيا ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملن ٿا، پر ڪي وري ايترا ته اڻ لَڀ آهن جو فقط يورپ جي ڪجھ ملڪن ۾ ئي ملي سگھن ٿا. پوپٽن جي ماپ به مختلف ٿيندي آهي. ڪي ته فقط ٻن يا ٽن ملي ميٽرن جا ٿيندا آهن ۽ ڪي وري لڳ ڀڳ ٽن سؤ ملي ميٽرن جا به ٿين. هڪ ئي نسل جا پوپٽ ٿيندا ته هڪجهڙا آهن، پر اهي قد، رنگ، جسماني بناوٽ ۽ پنهنجي چال چلت ۾ هڪٻئي کان ڌار ٿيندا آهن. هر جنس جي پوپٽن جي عمر گھٽ وڌ ٿيندي آهي. ڪجھ پوپٽ ته فقط پنجن ڇهن مهينن جا ٿين ۽ ڪجھ پوپٽن جي عمر ڇهن کان اٺن مهينن تائين به ٿيندي آهي. ماحول ۽ موسم جو به پوپٽن جي عمر تي وڏو اثر پوندو آهي. جيڪڏهن موسم پوپٽ جي طبيعت مطابق هوندي آهي ته اهو ڪجھ ڏينهن وڌيڪ جيئرو رهي سگھندو آهي. ٻارو! هڪ پوپٽ پنهنجي زندگي ۾ سوين آنا لاهيندو آهي. ڪجھ جنسن جا پوپٽ گڏجي ڪري هڪ جاءِ تي آنا لاهيندا آهن ۽ ڪي وري اڪيلا ۽ ٽولن ۾ آنا لاهيندڙ پوپٽن کان پري وڃي آنا ڏيندا آهن.

مختلف جنسن جي پوپٽن جي آنن جي شڪل، ماپ، ۽ بناوٽ ڌار ٿيندي آهي. پوپٽ آنن جي لاهڻ واري جاءِ جي چونڊ ۾ گهڻو احتياط ڪندا آهن. ڌار آنا لاهيندڙ پوپٽ ڪجھ مخصوص ٻوٽن جي پاڙن ۾ آنا لاهيندا آهن ۽ جڏهن ته گڏجي آنا لاهيندڙ پوپٽ پنهنجي آنن کي سڀني ٻوٽن ۽ وڻن جي ڀرسان پکيڙي ڇڏيندا آهن. پوپٽ گھڻي ٿڌن ۽ گھڻن گرم ملڪن ۾ تمام گھٽ هوندا آهن. آفريڪا ۽ عرب ملڪن جي ريگستانن جي گرميءَ ۽ انٽارڪٽيڪا کنڊ ۾ گھڻي ٿڌ ۽ برف جي ڪري پوپٽ اتي موجود ڪونهن.اسان جي سنڌ صوبي ۾ اونهاري ۾ گھڻي گرمي پوڻ ڪري اهي ڪشمير، مريءَ جي جبلن، چترال، گلگت ۽ پاڙيسري دوست ملڪ چين جي سرحدي علائقن ڏانهن اڏامي ويندا آهن ۽ اُتي جڏهن برف ڪرندي آهي ته اهي واپس موٽي ايندا آهن. خاص طور تي سياري ۽ بهار جي موسم ۾ اسان وٽ پوپٽ گھڻا نظر ايندا آهن ڇو ته انهن موسمن ۾ مٿي ٻڌايل علائقن ۾ گھڻي ٿڌ ۽ برف باري ٿيندي آهي. ٻارو! اهو معلوم ڪري توهان کي تمام گھڻي حيراني ٿيندي ته پوپٽ پکين وانگر گھڻو سفر به ڪري سگھندا آهن. ڪجھ قسم جا پوپٽ ته هزارين ميلن جو مفاصلو به طئي ڪري ويندا آهن. يعني اهي سمنڊ به پار ڪري ويندا آهن. ڪجھ پوپٽ ته اهڙا ڪمزور ٿين جو ڪجھ ميل به ڪو نه اڏامي سگھندا آهن. ڊگھو سفر ڪندڙ پوپٽ ايترا ته ڏاها آهن جو کين جيترو به سامونڊي سفر ڪرڻو هوندو آهي، ان مطابق اهي پنهنجو کاڌو اُٺن وانگر اڳواٽ ئي جسم ۾ گڏ ڪري رکندا آهن. باقي جڏهن اهي خشڪيءَ تي سفر ڪندا آهن ته کين جسم ۾ کاڌي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي آهي جو کين اِها پَڪ هوندي آهي ته ڪٿي نه ڪٿي گل ۽ ٻوٽا ملي ويندا. پوپٽن جي عمر جئين ته ٿوري ٿيندي آهي، ان ڪري اهي فقط هڪ طرفو سفر ڪري سگھندا آهن ۽ وري واپس پنهنجي ماڳ تي موٽي ڪونه ايندا آهن. مثال طور: اونهاري جي موسم ۾ جيڪي پوپٽ گرم علائقن کان ٿڌن علائقن ڏانهن ويندا آهن، سي اونهاري ختم ٿيڻ تائين جيئرا نه رهي سگھندا آهن ۽ پوءِ جڏهن انهن ٿڌن علائقن ۾ ٿڌ ۽ برف برداشت کان ٻاهر ٿي ويندي آهي ته سندن اولاد مناسب موسم وارن علائقن ڏانهن موٽندي آهي. اسان جي ملڪ ۾ هيڊي، ڪاري ۽ اڇي رنگ جا پوپٽ ۽ چٽڪمرا پوپٽ اونهاري جو سنڌ ۽ پنجاب جي گرم علائقن مان لڏي ڪوهه مري ۽ ڪشمير جي جبلن ڏانهن هليا ويندا آهن ۽ سياري ۽ بهار جي مندن ۾ وري اولاد سنڌ ۽ پنجاب جي ميداني علائقن ڏانهن واپس ٿيندي آهي ۽ اهڙي طرح اهو سلسلو موسم جي تبديليءَ سان گڏ هلندو رهندو آهي. يورپ جي ڪجھ ملڪن جهڙوڪ: انگلينڊ، سوئٽزرلينڊ، فرانس، نيدرلينڊ ۽ آمريڪا جي ڪيترن ئي رياستن ۾ پوپٽن لاءِ ڌار باغيچا ٺاهيا ويا آهن. جن جو مقصد تيزيءَ سان ختم ٿيندڙ هنن معصوم جيتامڙن کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ آهي. اسان جي ملڪ ۾ پاڪستان ميوزم آف نيچرل هسٽري اسلام آباد ۾ پڻ اهڙي قسم جي هڪ باغيچي ٺاهڻ جي رٿا ويچار هيٺ آهي. ٻارو! توهان کي پوپٽن بابت منهنجون ڳالهيون ضرور وڻيون هونديون ۽ اوهان جي ڄاڻ ۾ پڻ واڌارو ٿيو هوندو. هاڻي اوهان ۽ اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته گھڻي کان گھڻا وڻ ۽ ٻوٽا پوکيون ۽ ماحول کي گدلي ٿيڻ کان بچايون، جيڪڏهن اسان ائين ڪيوسين ته پوءِ اهي معصوم ۽ رنگ برنگي پوپٽ ڌرتيءَ جي گولي تان هميشه لاءِ ختم ٿي ويندا.

سنڌيڪار: گل احمد مڱريو                 تحقيقي مضمون

ڊائنوسارس

ماضيءَ جي اونڌاهين ۾ جهاتيون پائڻ سان خبر پوي ٿي ته ڪنهن زماني ۾ هن ڌرتيءَ تي حيوانات جو هڪ حيرت انگيز گروه رهندو هو، جنهن کي سائنسدان ڊائنوسارس چون ٿا. اهي زمين تي اندازاً 15 ڪروڙ سال جيئرا رهيا ۽ ان کان پوءِ پراسرار طريقي سان انهن جو وجود ختم ٿيڻ شروع ٿيو. انهن ۾ ڪيترائي قدآور هئا ۽ ٻيا ٻليءَ ۽ ڪڪڙ جي چوزي کان وڏا ڪونه هئا. انهن مان گهڻا پرامن زندگي گذاريندا ۽ ٻوٽا کائي جيئرا رهندا هئا. جڏهن ته ٻيا انتهائي خطرناڪ تکن ۽ وڏن ڏندن وارا گوشت خور هئا. ڊائنوسارس سُري هلڻ وارا جانور هئا. هي اگوانا نسل جي ڪرڙين جهڙا هئا. ۽ بيضا ڏيندا هئا. پر ڪرڙيءَ جون ٽنگون پکڙيل ۽ ننڍيون هونديون آهن. جڏهن ته ڊائنو سارس جون ٽنگون ڊگهيون ۽ ان جي جسم سان جڙيل هونديون هيون. ان جو مطلب ته هو ڏاڍي تيزيءَ سان چُري ڦري به سگهندا هئا. ڊائنو سارس جي دنيا ۾ ٻيا به ڪيترائي سُري هلڻ وارا جانور رهندا هئا. جيڪي سمنڊ ۾ تري ۽ هوا ۾ اڏامي به سگهندا هئا پر ڊائنوسارس خشڪي تي رهندا هئا. اها معلومات اسان کي ان ڪري حاصل ٿي آهي، جو انهن جا ڍانچا ۽ ڏند ۽ هڏا جابلو ٽڪرين ۽ کاهين ۾ ڄميل ڳوڙهن ۽ بوسيده شڪل ۾ محفوظ رهجي ويا آهن.

شروعاتي تحيقيات

ڊائنسو سارس جي هڏن جو جنهن شخص پهرئين پتو لڳايو هو. اهو گڊيون مينٽل GIDENO MANTEL نالي هڪ انگريز ڊاڪٽر هو. جنهن جي وندر جابلي ٽڪرين ۽ غارن مان بوسيده مجسما گڏ ڪرڻ هو. 1920ع ۾ ڊاڪٽر مينٽل ۽ ان جي گهر واري ”ميري اين“ کي هڪ پٿر جهڙي شيءِ ۾ چنبڙيل ڏاڍا وڏا ڏند مليا.

مينٽل ان کان پهرئين ايترا وڏا ڏند ڪڏهن به ڪونه ڏٺا هئا. ان ڏندن جي ويجهوئي ان کي ڪجهه هڏا به مليا. جنهن تي هن سنجيدگيءَ سان تحقيق شروع ڪري ڏني. ورهين جي تحقيق کان پوءِ ڊاڪٽر مينٽل اهو نتيجو ڪڍيو ته ڏند ڪنهن وڏو خوفناڪ (REPTIAL) سُري هلڻ واري جانور جا آهن. جنهن جو نالو ان ”ايگوانا ڊن“ يعني ايگوانا ڏند رکيو. ان کان پوءِ جلدئي انگلينڊ ۾ به ٻن خوفناڪ سُري هلڻ وارن جانورن جا ڍانچا ملي ويا. جن جا نالا ميگا سائرس ۽ هالائيو سائرس رکيا ويا. پر 1841ع کان پهرئين هن جانورن جو ڪو به گروهي نالو نه رکيو ويو هو. ان زماني جي هڪ مشهور سائنسدان سر رچرڊاون اعلان  ڪيو هو ته آئينده انهن کي ڊائنو سارس (خطرناڪ ڪرڙيون) چيو وڃي. ان طرح سان سائنسي دنيا ۾ هڪ نئين جوش و خروش جو دؤر پيدا ٿي ويو ۽ سڄي دنيا ۾ ڊائنو سارس جي ڳولا زور شور سان شروع ٿي ويئي.

ڊائنو سارس جي دؤر جي زمين

ڊائنو سارس تقريباً 15 ڪروڙ سال جيئرا رهيا. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ان وقت ۾ انهن جي دنيا گهڻي حد تائين بدلجي وئي هئي. براعظم ۾ ڪنهن زماني ۽ ڌرتيءَ تي وڏيون ڇپون هيون. جيڪي آهستي آهستي جاگرافيائي تبديليءَ ڪري هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويون ۽ ان شڪل ۾ اچي ويون. جيئن اڄ اسان انهن کي ڏسي رهيا آهيون. ان جو مطلب هي آهي ته زمين جي ساخت سان گڏ آب و هوا به تبديل ٿي وئي هوندي انهيءَ ٻنهي سببن جي ڪري ان ٻوٽن تي به اثر پيو هوندو. جيڪي ان زماني ۾ پيدا ٿيندا هئا، هيءَ تبديلي لکن سالن کان پوءِ آهستي آهستي ظاهر ٿي هئي ۽ جنهن ڪري جانورن به پنهنجي پاڻ کي بدلجندڙ حالات سان گڏ شامل ڪري ورتو هو. ڊائنو سارس جي شروعاتي دؤر جي زمين هلڪي جهنگ ۽ سدا بهار ٻوٽن ۽ وڻن سان ڍڪيل هئي. ۽ پوءِ اهڙو دور اچي ويو جڏهن ڏاڍا وڏا قدآور وڻ پيدا ٿيا ۽ ڌرتي ٻيلن سان ڍڪجي وئي.

ننڍا ۽ وڏا ڊائنو سارس:

گهڻا ماڻهو اهو خيال ڪندا آهن ته ڊائنوساس ڏاڍا ٿلها قدآور، خطرناڪ ۽ خوفناڪ قسم جا جانور هئا. جيڪي قدآور وڻن جي چوٽين تائين پُڄي سگهندا هئا. پر زن زماني ۾ ننڍا ڊائنو سارس به هئا. صفا گوڏي جيترا. ڌرتي تي هلڻ واري سڀ کان وڏي مخلوق اُهي دائنوسارس هئا، جن جو تعلق سارو پوڊ SAUROPOD گروپ سان هو. جيڪي ٻوٽا کائيندا هئا. انهيءَ گروپ ۾ سڀ کان وڏا براچيو سارس SAURUS BRACHIO گروپ جا هئا. ان متعلق محققن وٽ معلومات تمام گهڻي آهي. انهن جو وزن 70 ٽن ۽ 70 فٽ ڊيگهه ۽ 39 فٽ قد هو. جيئن اڄڪلهه جي چار ماڙ عمارت. ويجهڙائي ۾ اهڙن ڊائنوسارس جا به ڍانچا مليا آهن، جيڪي براچيوسارس کان به وڏا آهن. انهن جو نالو سُپرسارس رکيو ويو آهي ۽ الٽراسارس گروپ جا ڊائنوسارس ته ان سڀني گروپن جي جانورن کان تمام وڏا هئا. انهن جو وزن 20 وڏن هاٿين جيترو هوندو هو. ان کان علاوه ڪمسوگني ٿيس (COMSOGNATHUS) گروپ جا ڊائنوسارس نازڪ ۽ چالاڪ گوشت خور به هئا. انهن مان گهڻن جو وزن اڄ جي ٻلين جيترو هو ۽ ٽرانوسارس گروپ جا ڊائنوسارس ته ڏاڍا خطرناڪ ۽ خوفناڪ گوشت خور هئا. انهن جو قد 49 فوٽ تائين وڏو هو. اسٽينگوسارس گروپ جا ڊائنوسارس موجوده دور جي گينڊي جيترا هئا. جن کي پليٽن وارا ڊائنو سارس چئبو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com