سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 5/ 1996ع

باب: --

صفحو :4

تبصرو: دليپ ڪمار ڪوٺاري

”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشنس حيدرآباد“ جي ڪتابي سلسلي جي ڪڙي نمبر: 30 جو جائزو

ٻاراڻي سنڌي ادب جي اوسر لاءِ ”ٻال ساهت“ جي جاکوڙيءَ ڪردار سائين اسرار شام اڄ کان 9 سال پهرين 1987ع ۾ ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشنس“ جو بنياد وڌو هو، جنهن جو خاص مقصد هو بيواهي ٻاراڻي سنڌي ادب کي هٿي وٺائڻ ۽ اِهو ادارو اڄ به پنهنجي انهيءَ عزم کي ورجائيندو پيو اچي ۽ دير سوير سنڌ جي ٻارڙن کي هڪ خوبصورت ڪتاب جو تحفو ڏيندو اچي. هيل تائين 29 ڪتاب اچي چڪا آهن. اڳي اهو ڪتاب ڊبل ڪرائون سائيز ۾ نڪرندو هو پر ڪڙي نمبر: 16 کان هن کي ڪرائون سائيز ۾ آندو ويو. مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته ماضي ۾ آءٌ انهيءَ ڪتابي سلسلي جو باقاعدگي سان پڙهندڙ ۽ سهڪاري رهيو آهيان. ٻاراڻي ادب جي حوالي سان اڄ مون ۾ جيڪا پختگي آهي، انهي ۾ ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشنس“ جي ڪتابن پڙهڻ سان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. خاص ڪري سائين اسرار شام جا نصيحت ۽ ڄاڻ ڀريا خط مون لاءِ هر وقت رهنمائيءَ جو رستو بڻجندا رهيا. اڄ ڪلهه سنڌي ۾ ڪافي ٻاراڻا ڪتابي سلسلا ۽ رسالا نڪري رهيا آهن پر ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“ جا ڪتاب ٻارن جي ذهني مزاج مطابق هوندا آهن، تنهن ڪري ٻار اِهي ڪتاب وڏي چاهه سان پڙهندا آهن.

تازو سنڌي ٻارڙا پبليڪيشنس جي ڪتابي سلسلي جي ڪڙي: 30 ”هٿيار“ جي نالي سان ڇپجي مارڪيٽ ۾ پُهچي ويئي آهي. انهيءَ ڪڙي ۾ ٻارن جي دلچسپي جا سڀيئي رنگ موجود آهن. پهرئين کان وٺي آخر صفحي تائين سائين اسرار شام جي محنتن جا عڪس نمايان نظر اچن ٿا، جيڪو ڪيئن نه پنهنجو نُور نچوئي ٻارڙن لاءِ سنڌي ٻارڙا پبليڪيشنس جا ڪتاب ايڊٽ ڪري ڇپائي ٿو پر پوءِ به پنهنجو نالو ”اعزازي سهيڙيندڙ“ طور لکرائي ٿو، ڇو ته هن کي ايڊيٽر ٿيڻ جو ڪو شوق ڪونهي. هن جو آدرش آهي ته ٻاراڻو ادب ترقي ڪري باقي صرف نالي چمڪائڻ جو هي سوچي به نٿو سگهي. اسرار شام هڪ باصلاحيت ماڻهو آهي، جيڪو هڪ اديب، ڊرامه نگار ۽ صحافي جي خوبين سان گڏ ڇپائي، پريس، پيسٽنگ ۽ ٻين فني شعبن جي سُٺي ڄاڻ رکي ٿو، سو جيڪڏهن ڪنهن به شعبي ۾ پنهنجيون صلاحيتون آزمائي ته سٺو ڪمائي سگهي ٿو، پر هُو بنا ڪنهن لالچ جي ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي. اُن ڪري کيرون لهڻي. ڪتاب ڪڙي ”هٿيار“ ۾ اسرار شام جو ٻارن لاءِ اصلاح ڀريو ايڊيٽوريل (اوهان جي پاران) جنهن ۾ هُو هٿيارن سان فوٽو ڪڍرائڻ واري شوق کي نظر ۾ رکندي ٻارن کي درس ڏئي ٿو ته ”ٻارو! ”قلم تلوار کان طاقتور آهي.“ تنهن ڪري انهن هٿيارن جي نمائش وارا فوٽو ڪڍرائڻ بدران قلم ۽ ڪتاب کي پنهنجو هٿيار بڻايو، ڇو ته انهن کان طاقتور ٻيو ڪوبه هٿيار ڪونهي ۽ والدين کي به تاڪيد ڪئي آهي ته رانديڪن ۾ ٻارن کي هٿيارن وارا رانديڪا نه وٺي ڏين، ڇو ته انهن جو ٻارن جي نفسيات تي بُرو اثر پوي ٿو. اُن کان علاوه قول ٻول، ذهين شاگرد جو انٽرويو، پاڻ پُڇا، منهنجو نالو ٻڌايو؟، سائنسي صفحو ”نئين دنيا“، راندين جو صفغو ”رانديون رونديون“ عجيب معلومات تي مبني سلسلو ”عجيب دنيا“، پڙهندڙن جي سوالن سان ترتيب ڏنل ساجده چانڊيو جو مستقل ڪالم ”پُڇا ڳاڇا“، دوستي وڌائڻ جو خوبصورت ذريعو ”علمي دوستي“، خاص معلومات، ٻارڙن جي شاعري سان سجايل سلسلو ”شاعري ٻائري“، پتڪڙن اديبن جون پتڪڙيون ڪهاڻيون ۽ پڙهندڙن جي راين ۽ سنيهن تي ٻڌل مستقل سلسلو ”آءٌ ڪانگا ڪر ڳالهه“ ۽؛ ٻيا به ڪيترائي معلوماتي ۽ تفريحي سلسلا موجود آهن. ايڏو خوبصورت ڪتاب ڏسي سائين اسرار شام جي خدمتن جو اعتراف نه ڪرڻ بي واجبي ٿيندي. خوبصورت ٻه رنگي ٽائيٽل سان 68 صفحن تي مشتمل انهيءَ ڪتاب جي قيمت صرف 600 روپيه آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مکيه بوڪ اسٽالن تي موجود آهي. نه ملڻ جو صورت ۾ هن ائڊريس تي خط لکي ڪتاب گهرائي سگهن ٿا. اسرار شام (سهيڙيندڙ) ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشنس“ جي. پي. او باڪس نمبر 221 حيدرآباد، سنڌ

زاهد چنا

چور ۽ شيطان

هڪ متقي ۽ پرهيزگار ماڻهو بغداد جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو. صبح شام عبادت ۾ گذاريندو هو. کيس دنيا جي ڪا لالچ ڪانه هئي ۽ هو رُکي سُکي کائي گذاريندو هو. هڪڙي ڏينهن هن جي هڪڙي مُريد کي جڏهن زاهد جي تَسيو ڪاٽڻ جي خبر پيئي ته ان عقيدت ۾ محبت وچان کيس هڪ مينهن سوکڙي ڪري ڏني. جيئن ان جي گيهه ۾ مکڻ سان زاهد جو گذر سفر ٿي سگهي. هڪ چور اهو سڀ ڏسي رهيو هو. هن جي دل ۾ لالچ پيدا ٿي ته ان مينهن کي چورايان. تنهن ڪري هو زاهد جي خانقاهه ڏانهن روانو ٿيو. شيطان به ماڻهو جي صورت ۾ ان سان گڏ ٿي هليو.

چور پڇيو: ”تون ڪير آهين؟“ ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟،

ان جواب ڏنو: ”مان شيطان آهيان ۽ ماڻهو جي شڪل ۾ آيو آهيان. جئين زاهد جي خانقاهه ڏانهن وڃان. ڇاڪاڻ جو گھڻائي ماڻهو هن جي تقويٰ ۽ عبادت کان متاثر ٿي برائين کان توبهه ڪري نيڪي جي طرف مائل ٿيا آهن ۽ منهنجو ڪاروبار گھٽجي ويو آهي. مان چاهيان ٿو ته وقت ملندي ئي هن کي قتل ڪيان. هاڻي تون ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟ ۽ تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟“

چور چيو: ”مان هڪ مڪار چور آهيان ۽ ڏينهن رات ان فڪر ۾ رهندو آهيان ته ڪهڙي طرح ٻين جو مال حاصل ڪريان.هينئر مان زاهد وٽ انهي ڪري وڃي رهيو آهيان ته زاهد وٽ هڪ سُوا مينهن آهي، اها وڃي چورايان.“

شيطان چيو: ”واهه واهه! تو ته منهنجو يار نڪتين ڇاڪاڻ جو اسان ٻنهي جو ڪم هڪڙي ماڻهو سان آهي.“

ٻئي زاهد جي خانقاهه ڏانهن روانا ٿيا. جڏهن اوڏانهن پهتا ته رات ٿي ويئي هئي ۽ زاهد عبادت ۾ مشغول هو. ٻئي موقعي جي ڳولها ۾ هئا. عبادت ڪندي آڌي رات کان پوءِ زاهد کي ننڊ اچي ويئي. چور سوچيو ته ”جيڪڏهن شيطان هن کي مارڻ جو ارادو ڪري ممڪن آهي ته هو ڀڄي وڃي رڙيون ڪري ۽ هن جي پاڙي وارن کي خبر پئجي ويئي ۽ هو سجاڳ ٿي پيا ته پوءِ مان مينهن چورائي نه سگھندس.“

شيطان دل ۾ خيال ڪيو جيڪڏهن چور مينهن چورائيندو ته ان کي ڪاهي وڃڻ لاءِ دَرُ کوليندو ۽ ٿي سگھي ٿو ته دَرُ کلڻ جي کڙڪي تي زاهد جاڳي پوي ۽ کيس قتل ڪرڻ ۾ ناڪامي ٿئي. تنهن ڪري چور کي چيائين: ”تون ٿوري دير بيهه ۽ مونکي موقعو ڏي ته مان زاهد کي قتل ڪيان، پوءِ تون بي خوف آرام سان مينهن چورائي ڪاهي وڃجان.“

چور چيو: ” تون بيهه ته جئين مان مينهن چورايان، پوءِ تون هن کي قتل ڪر.“

ٻئي هڪٻئي جي مخالفت ڪرڻ لڳا. آخر ٻنهي ۾ جھيڙو ٿي پيو. چور ڪاوڙجي زاهد کي سڏ ڪيو.

”هوشيار ٿيءُ. هتي شيطان آهي، جو توکي قتل ڪرڻ ٿو چاهي.“

شيطان به وڏي واڪي چيو: ”سائين خبردار ٿجو. هتي چور آهي جيڪو تنهنجي مينهن چورائڻ چاهي ٿو.“

زاهد انهن جي ويڙهه ٻڌي سجاڳ ٿي پيو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو. پاڙيسري سندس مدد لاءِ اچي ويا. چور ۽ شيطان ڀڄي ويا ۽ سندس زاهد نه فقط موت کان بچي ويو. پر سندس مينهن به بچي ويئي.

(انوار سهيليون ڪتاب تان ترجمو ٿيل)

جمشيد اياز

وطن

اي وطن، پيارا وطن، مٺڙا وطن

تو تان فدا هِيءَ جان مَن

 

اي وطن تنهنجي زبان،

اعليٰ اُچي خالص بيان،

جنهن ۾ سدا موتي مِلن،

اي وطن، پيارا وطن، مِٺڙا وطن!

 

اي وطن، تنهنجي نظارا بينظير،

جنهن سان چَمڪي برصغير،

چؤطرف ڏسان سهڻا چمن،

اي وطن، پيارا وطن، مِٺڙا وطن.

 

اي وطن تنهنجا جوان،

شير ببر مَٽ پهلوان،

تنهنجيءَ عظمت خاطر ٻَڌندا ڪَفن،

اي وطن، پيارا وطن، مِٺڙا وطن!

اسماعيل سليم

نظم

ٻارن ڳايو، گيت خوشيءَ جو،

ايڪي، الفت، پيار ٻڌيءَ جو.

 

علم پرايو زندگي ساري،

حڪم اهو آ پاڪ نبيءَ جو.

 

بُري ڳالهه جو بُرو نتيجو،

ڦل مٺو آ ڳالهه چڱيءَ جو.

 

سوير سمهجي گهر دُعا،

اٿجي وري پوءِ پره ڦٽيءَ جو.

 

سليم، سوڀارو آ ٿيندو،

ڪندو جو محنت تتي ٿڌيءَ جو.

اسرار شام

منهنجو جاني!

هو مون تي اڄ ڪاوڙيو ويٺو هو. گڏ هلڻ کان اصل پڙ ڪڍي ويٺو. منٿن، آزين ۽ نيازين جو ڪوبه اثر وٺڻ لاءِ تيار نه هو. رنگ جو ڪارو هئڻ جي باوجود به سندس مُک مان نڪرندڙ ڳاڙهيون ڄنڀيون منهنجي لوهي وجود کي ڳارڻ لاءِ ڄڻ هنبو ڇيون هڻي رهيو هيون!!

دنيا ۾ اڪيلو سِر هئڻ ڪري کيس سڀ ڪجهه سمجهندو هئس. سندس اصل نالو ته ٻيو هو، پر آئون جاني جي نالي سان سڏيندو هوس ۽ هو هر جواب جو اڳياڙيءَ ۾ مونکي ”جيءُ جاني“ چئي پوءِ جملو مڪمل ڪندو هو ته آئون سونهن ۽ رچنائن جي هر رنگ ۾ رچجي، امن ماءُ جي جهوليءَ ۾ سمهي پوندو هوس!

منهنجي ساڻس پهرئين ملاقات ڄام ٽندي جي هاءِ اسڪول ۾ ٿي هئي. ڪارو رنگ هئڻ ڪري ڪلاس جا ٻيا شاگرد کيس کنگهڻ لاءِ به تيار نه هئا، پر مون سندس ڪاراڻ ۾ سادگي، روشني ۾ سونهن تي ڇڪن ٿي يار جو هٿ وڌايو هو. هن به سوچي سمجهي سنگت نڀائڻ جو وچن ڏنو هو. اهڙيءَ طرح اسان واترادي دنيا جون عجيب ڳالهيون ٻڌي اڻ ٻڌو ڪري هڪ ٻيءَ ۾ اهڙو ته سَلهاڙ جي وياسون جو، ڪائي ڪل ئي ڪونه پيئي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com