سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 5/ 1996ع

باب: --

صفحو :3

ڊگهي ڳچي ۽ خطرناڪ پُڇ

زمين تي ڦٽندڙ ننڍا ۽ وڏا ٻوٽا ۽ قدآور وڻن جي چوٽين جا پن چرڻ لاءِ هڪ خاص قسم جي ڳچي هوندي آهي. جيڪا طاقتور، لچڪيدار ۽ ڊگهي هوندي آهي. جنهن کي هيٺ، مٿي ۽ چوڌاري آسانيءَ سان ڦيرائي سگهجي. محققن جي تحقيق ۾ اهڙين ڳچين جا ڍانچا ۽ هڏا به مليا آهن. جنکي ڊپلوڊوڪس گروپ جي ڊائنوسارس جي ڳچيءَ جو نالو ڏنو ويو آهي. پر انهن جو مٿو تمام ننڍو ۽ بت ڏاڍو ٿلهو ٿيندو هو.

ٻوٽا کائيندڙ ڊائنو سارس جا پڇ انهن جي حفاظت لاءِ بهترين ذريعو هئا. جنهن کي هو آسانيءَ سان چوڌاري ڦيرائي پنهنجو بچاءُ ڪري سگهندا هئا. انهن جي ڏندن ۽ چنبن ۾ جيڪا گهٽتائي هئي اُها هو پنهنجي پُڇن مان پوري ڪندا هئا. اسٽنگوسارس گروپ جي ڊائنوسارس جي پڇن تي نهايت تِکا ۽ خطرناڪ ڪنڊا ٿيندا هئا. جن کي هو ڪنهن حملي آور کان بچاءُ لاءِ استعمال ڪندا هئا. اينڪائي لوسارس گروپ جي ڊائنوسارس جا پُڇ به ڏاڍا خطرناڪ ٿيندا هئا. موجوده دور ۾ به گهڻا جانور پنهنجي بچاءُ ۾ پُڇ استعمال ڪندا آهن. مثلاً ماگرمڇ ۽ ڳوهه وغيره. بهرحال اڄ جي ريپٽائل، سُري هلڻ واري جانورن کان ڊائنوسارس جا پُڇ ڏاڍا خطرناڪ سمجهيا وڃن.

کل ۽ ٽنگون

جابلي ٽڪرين ۽ کاهين مان جيڪي ڊائنوسارس جي کلن جا بوسيده ۽ ڄميل ڳوڙهن جي شڪل ۾ نمونا مليا آهن. محققن اُن مان پتو لڳايو آهي ته ڊائنوسارس جي کل نانگ جي کل جيان کُهري هئي ۽ وڌيڪ حفاظت لاءِ اُن تي بچاءُ جو هڪ خول چڙهيل هو جيئن جنگ ۾ سپاهي زره پائيندا هئا. جيئن بلٽ پروف جيڪٽ فوجي ۽ سپاهي هنگامي حالتن ۾ پائيندا آهن. اهڙي کل جنهن کي مينهن، هوا، اُس، ڇان ۽ موسم جي تبديليءَ ۾ به ڪو نقصان نه پُهچي. جن ڊائنوسارس جي کلن جا نمونا مليا آهن. اُهي شايد ڪنهن خشڪ علائقي ۾ مري ويا هئا. اهي نمونا پوسل جي رنگ تي ساوا ۽ ڀورا آهن.

ڊائنوسارس جي مليل ڍانچن جي تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته اهي چئن ٽنگن تي ئي هلندا هئا وڻ ۽ ٻوٽا کائيندا هئا ۽ ٻيا ڊائنوسارس جيڪي گوشت کائيندا هئا. اُهي پوين ٻن ٽنگن کان هلڻ جو ڪم ۽ اڳين ٻن ٽنگن کان هٿن جو ڪم وٺندا هئا ۽ پنهنجي شڪار کي. اڳين ٽنگن سان پڪڙي چيري ڦاڙي کائيندا هئا ۽ پوئين ٽنگن تي بيهي اڳين ٽنگن سان مقابلو به ڪندا هئا، جيئن شينهن، رڇ ۽ ڪتا وغيره.

غذا

جيئن ته اڳ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته ڊائنوسارس جي دنيا ۾ مختلف قسم جا ننڍا وڏا ڊائنوسارس هوندا هئا. انهيءَ طريقي سان انهن جي خوراڪ به مختلف هوندي هئي. محققن کي مليل ڊائنوسارس جي ڍانچن جي کوجنا مان سڀ کان وڌيڪ ۽ اهم ڄاڻ، مٿي، ڄاڙيءَ جي هڏن ۾ مهارن ۾ جڙيل ڏندن جي ترتيب مان حاصل ٿي آهي ته ڊائنوسارس ڇا کائيندا هئا. ماهرن اُن کي گروپن ۾ به ورهايو آهي. جنهن ۾ ٽرانوسارس گروپ جا ڊائنوسارس گوشت کائيندا هئا ۽ ڏاڍو خطرناڪ سمجهيا ويندا هئا. ڊپلوڊوڪس گروپ جا ڊائنو سارس وڻن جا پن ۽ ٻوٽا کائيندا هئا. انهن جو قد 86 فوٽ ۽ وزن 15 ٽن تائين ٿيندو هو. انهن جا مٿان تمام ننڍا ۽ ٽنگون هاٿين جي ٽنگن جيان ٿلهيون هونديون هيون. ڪائلوسارس گروپ جا ڊائنوسارس ڏاڍا هلڪا ۽ نازڪ قسم جا ڊائنوسارس هئا، جيڪي ڪيڙن ماڪوڙن کي کائيندا هئا. ڪارتوسارس گروپ جا ڊائنوسارس پاڻ کان سواءِ ٻين ڊائنوسارس کي گهيري ۾ آڻي کائي چٽ ڪري ڇڏيندا هئا. انهي کان علاوه ڪجهه ڊائنوسارس جڙيون ٻوٽيون ۽ پاڻيءَ جا ٻوٽا (PLANTS) کائيندا هئا، ۽ ڪجهه وري جابلو پٿريون ۽ وڻن جا سُڪل ڏار به کائيندا هئا.

قديم پيرن جا نشان، بيضا ۽ رهڻ جا هنڌ

محققن اهڙن رستن جو به پتو لڳايو آهي، جتي ڊائنوسارس نرم ۽ ڌٻڻ واري زمين تي به هليا هئا. جهڙوڪ درياءَ جا ڪپ جتي کاڌي ۽ پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ويا هوندا. اهي نشان اُس ۾ هوا سان خشڪ ٿي ويا ۽ جاگرافيائي تبديليءَ جي ڪري آهستي آهستي پٿرن جي نشانين ۾ تبديل ٿي ويا. جن کي (ٽريس فاسلس) چئبو آهي، ڇو ته هي جانورن جي جسم جو ڪو حصو ڪونه هئا. انهن وڏن پيرن جي نشانن سان گڏ ننڍن پيرن جا به نشان مليا آهن جن مان خبر پئي ٿي ته ڊائنوسارس ڌڻ ڪري يا ولرجي صورت ۾ هلندا هئا ۽ پنهنجن ٻچن کي به حفاظت لاءِ وچ ۾ ڪري هلندا هئا.

ڊائنوسارس سخت کل جي خول وارا بيضا ڏيندا هئا. جن جا ڪيترائي قسم ڄميل شڪل ۽ بوسيده حالت ۾ جابلو ٽڪرين جي وڏين غارن جي ويجهو مليل آهن. ماهرن جي اندازي ۾ انهن غارن ۽ چُرن ۾ هي جانور گهر ٺاهي رهندا هئا. ڪجهه بوسيده بيضن مان ٻچن جا ڍانچا به مليا آهن. اهڙين نشانين مان خبر پئي ٿي ته ٻين جانورن جيان ڊائنوسارس جا ٻچا به فطرتاً چُرن ۾ ئي رهندا هئا. ڪجهه چُرن جي ويجهو وڏن ڊائنوسارس جا ڍانچا به مليا آهن. جنهن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته هي جانور پنهنجن ٻچن کي چرن ۾ به خوراڪ آڻي کارائيندا هئا. حيرت جي ڳالهه آهي ته ڊائنوسارس جا بيضا تمام وڏا ڪونه ٿيندا هئا.

پراسرار موت ۽ قصا

ڊائنوسارس ڌرتيءَ تان اوچتو ختم ٿي ويا، پر ائين ڇو ٿيو؟ اهو اڃان تائين هڪ راز آهي. تقريباً 7 ڪروڙ سال قبل هي جانور زمين تي حڪمراني ڪندڙ هئا. انهن جو موت ڪجهه مهينن ۾ ئي واقع ٿي ويو. سائنسدانن انهن جي اوچتي خاتمي تي گهڻي انومان ظاهر ڪيا آهن. ڪِن جو خيال آهي ته اُن دؤر ۾ اهڙا جانور به هوندا جيڪي ڊائنوسارس جا بيضا ۽ ٻچا کائي ويا هوندا ۽ وري ڪن جو خيال آهي ته خطرناڪ فصلي ڪيڙا (سنڊي) انهن جو کاڌو کائي ناس ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري هي بک وگهي مري ويا هوندا. پر انهن ڳالهين ۾ ڪابه پڪي حقيقت ناهي ملي. محقق اهڙن خيالن تي گهٽ اعتبار ٿا ڪن. شروع ۾ جڏهن ڊائنوسارس جا هڏا ۽ ڍانچا مليا هئا ته ماڻهن وڏي مشڪل سان يقين ڪيو ته هي جانور به ڪڏهن زمين تي جيئرا رهيا هوندا. ڇو ته انهن متعلق گهٽل معلومات حاصل ٿي آهي. ان ڪري شروع ۾ ڪجهه غلطيون به ٿيون جنهن ۾ ڊائنوسارس جا مليل هڏا ۽ ڍانچا اهڙي غلط طريقي سان جوڙيا ويا جو انهن ۾ ٻين جانورن جا هڏا به شامل ڪيا ويا هئا.

عجائب گهرن  ۾ سير ڪرڻ لاءِ اچڻ وارن اهوئي خيال ذهن ۾ رکيو ته هي جانور حقيقت ۾ انهن ڍانچن جهڙي صورت ۾ ئي جيئرا هلندا هوندا. سياستدانن ۽ قلم ڪارن ڊائنوسارس تي غلط الزام لڳايا ته هي جانور ڪنهن پراڻي فيشن جي مخلوق هئا، ناڪاره، بيڪار، سست ۽ بيوقوف هئا ۽ جنهن دور ۾ جيئرا رهيا اُن جي حالات جو مقابلو نه ڪري سگهيا هوندا. جنهن ڪري انهن جو خاتمو لازمي هو. ڇو ته انهن جي ڍانچن جا نمونا ڏاڍا غلط ٺاهيا ويا هئا.

حقيقت هي آهي ته اهڙن الزامن ۽ قصن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه آهي. ڊائنوسارس ڌرتيءَ تي پيدا ٿيڻ وارن جانورن مان سڀ کان وڌيڪ شاندار ۽ سڌريل جانور هئا. هو15 ڪروڙ سالن تائين جيئرا رهيا.

پيارا ٻارو! محقق انهن جي پراسرار موت تي تحقيق ڪري رهيا آهن. اڃا ڪو خاص نتيجو نه نڪتو آهي ۽ گهڻا وري انهن جي مليل بوسيده بيضن مان ٻيهر ڊائنوسارس کي پيدا ڪرڻ جا تجربا ڪري رهيا آهن. هاڻ پريشاني ان ڳالهه جي آهي ته ڊائنوسارس ٻيهر پيدا ٿيا ته هن دنيا جو ڇا ٿيندو. پر اهو محض هڪ خيال آهي ڇو جو دنيا اڄ ايٽمي دور مان گذري رهي آهي.

ٻارو، توهان جي وڌيڪ ڄاڻ لاءِ ته آمريڪا جي هڪ فلم پروڊيوسر اسٽي ون اسپائلبرگ ان جانورن تي مبني هڪ فلم جراسڪ پارڪ نالي ٺاهي آهي جيڪا هلي به چڪي آهي. توهان اُن مان به گهڻي ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا.

گل حسن حجام

لغڙ

لغڙ اسان جا رنگا رنگي

تن سان کيڏن ساٿي سنگي

هر هڪ جو آ رنگ نيارو

اڇو سائو نيرو ڪارو

لال گلابي پيلو ناسي

سڀني جي آ رنگت خاصي

پاڻ لغڙ ٿا پنهنجا ٺاهيون

پوءِ وڃي ٿا مٿي اڏايون

اُڏاري اُڏاري اُڀ وٺن ٿا

ٻار مڙي سڀ لغڙ ڏسن ٿا

”شنڪر“ جو آ لغڙ اڏاڻو

”ساجن“ کي آ ڪاٽا ڪرڻو

ڏور لغڙ جي ڏاڍي آهي

تڏهن به وجهندو ڪاٽي ڊهي

پر نه ڪبو ڪو جهيڙو جهٽو

لغڙ ڪٽيو بس جهيڙو ڇُٽو

هڪ جيڏا هڪ جهڙا آهيون

راند روند ۽ ڀيڙا آهيون

امتحان ڏيئي ٿياسين واندا

هاڻ ڪريون ٿا کيل تماشا

موڪل ٿيندي جنهن ڏينهن پوري

وڃبو پوءِ اسڪول ضروري

پيار منجهان ٿو سائين پڙهاءِ

ڪونه اسان تي هٿ هلاءِ

دڙڪو کڙڪو ڪڏهن ڪري ٿو

ڪاوڙجي پر ڪونه وري ٿو

اهڙو اسان جو سائين آهي

محبت محنت سان ٿو پڙهائي.

عبدالقدير پتافي

ڇهون ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ

 

جيئن ته اڄ ڪلهه سڄي دنيا جون نظرون ڏکڻ ايشيا جي ٽن ملڪن پاڪستان، هندستان ۽ سري لنڪا تي کتل آهن، جنهن جي خاص وجه ڇهون ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ آهي. ان ڪري مون سوچيو ته هن ڪرڪيٽ جي رنگين ۽ دلچسپ ميلي جي معلومات پنهنجي ننڍڙن ساٿين کي پهچايان.

پيارا ٻارو! جئين ته اوهان اها ڳالهه چڱي طرح ڄاڻو ٿا ته 1992ع جي ميلي جي ملهه پاڪستان کٽي هئي ۽ پاڪستان پورا چار سال ڪرڪيٽ جي دنيا جو بادشاهه رهيو.

                              

ڪرڪيٽ جو هي ميلو، جيڪو هر چئن سالن کان پوءِ مختلف ملڪن ۾ کيڏيو ويندو آهي، تنهن ۾ دنيا جون 12 ٽيمون پاڪستان، هندستان، سري لنڪا، ويسٽ انڊيز، آسٽريليا، انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، نيوزي لينڊ، زمبابوي، هالينڊ، ڪينيا، ۽ گڏيل عرب رياستن (U.A.E) جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جنهن ۾ ڪُل تقريباً 170 رانديگر پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪري رهيا آهن.

هن سڄي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي ٽيم جو منفرد رانديگر ”جاويد ميانداد“ هڪ خاص اهميت وارو رانديگر هيو، ڇاڪاڻ ته هو واحد رانديگر هيو، جيڪو مسلسل ڇهون ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ کيڏي رهيو هو.

جيڪڏهن ٽورنامينٽ ۾ شامل سڀني ٽيمن تي ٿوري نظر ڦيرائي وڃي ته اسان کي هندستان، پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا، سري لنڪا، آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون ٻين جي مقابلي ۾ مضبوط نظر اچن پيون. هن ٽورنامينٽ جا شروعاتي مئچ ته اهڙا خاص ۽ دلچسپ ڪونه ٿيا. پر ٽورنامينٽ جا خاص رنگ ڪوارٽر فائنل ۾ ظاهر ٿيا.

ڪاميٽي جي فيصلي موجب شروعاتي مئچن کان پوءِ اٺ ڪامياب ٽيمون ڪوارٽر فائنل لاءِ چونڊيون ويون. ڪوارٽر فائنلن ۾ هندستان، پاڪستان کي، آسٽريليا، نيوزي لينڊ کي، سري لنڪا انگلينڊ کي ۽ ويسٽ انڊيز ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏيئي سيمي فائنل ۾ پهتيون.

سيمي فائنل ۾ چار ٽيمون آيون.

پهريون سيمي فائنل هندستان ۽ سري لنڪا جي وچ ۾ ڪلڪتي جي تاريخي ميدان ۾ کيڏيو ويو. جنهن کي تقريباً هڪ لک ڏهه هزار تماشاين ڏٺو. هن مئچ ۾ ڪلڪتي جي تماشاين هندستان جي ناڪامي کي صاف ڏسندي سري لنڪا جي رانديگر تي خالي بوتلون، ۽ پٿر وسائڻ شروع ڪيا، هندستان جي تماشاين جي انهيءَ ڪريل حرڪت سبب انهيءَ سيمي فائنل جو نتيجو سري لنڪا جي حق ۾ ڏنو ويو.

ٻيو سيمي فائنل آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ چندي ڳڙهه ۾ کيڏيو ويو.هن سيمي فائنل ۾ آسٽريليا هڪ سخت مقابلي کان پوءِ ويسٽ انڊيز کي صرف ڇهن رنسن تي شڪست ڏيئي فائنل لاءِ چونڊجي آئي.

پيارا ٻارو! هن ٽورنامينٽ ۾ سٺي پرفارمنس ڏيکاريندڙ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ڪوارٽر فائنل ۾ ويسٽ انڊيز جي هٿان ٻاهر نڪري ويئي. ان کان علاوه پاڪستان کي بنگلور (هندستان) ۾ هندستان جي هٿان هڪ ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست نصيب ٿي ۽ پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ جي مئچن کان خارج ٿي وئي.

پيارا ٻارو! جئين ته ڪرڪيٽ هڪ راند آهي، ان ڪري ان جو اهو اصول آهي ته هڪ ٽيم کي هار نصيب ٿيندي آهي ته ٻئي کي ڪاميابي، ان ڪري اسان کي مايوس ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي. هاڻي اچو ته فائنل مئچ جون ٿوريون ڳالهيون ٿي وڃن.

ڇهين ورلڊ ڪپ جو فائنل مئچ ٻن فاتح ٽيمن سري لنڪا ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ 17 مارچ 1996ع تي لاهور ۾ کيڏيو ويو. جنهن ۾ آسٽريليا پهرئين بيٽنگ ڪندي مقرره 50 اوورن ۾ 241 رنسون ڪيون ۽ سري لنڪا ان اسڪور کي صرف ٽن رانديگر جي آئوٽ ٿيڻ تائين مڪمل ڪيو. اهڙي طرح سري لنڪا ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ 96 جي بادشاهه طور هن دنيا ۾ اڀري. سريلنڪا جي فائنل کٽڻ سان هي دلچسپ رڪارڊ به ٺهيو ته پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي ميزبان ٽيم، ٽورنامينٽ جي فاتح قرار ٿي.

ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ جي فائنل جي مهمان خصوصي وزيراعظم پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو هئي. فائنل جو مئن آف دي مئچ سري لنڪا جي رانديگر ”اروندا ڊي سلوا“ کي ڏنو ويو ۽ سري لنڪا جي ئي رانديگر ”جئي سُوريا“ کي پوري ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. پيارا ٻارو! اهڙي طرح سان هي ڇهون ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ اسان وٽ ڪجھ رنگين ۽ ڏک جون يادون ڇڏي ويو.

انشاءَالله اسين پاڪستاني اڳئين ورلڊ ڪپ ۾ پوري محنت ڪري، انهيءَ خواب کي ٻيهر تعبير جي شڪل ۾ عوام جي آڏو پيش ڪنداسين. آمين!

Good Luck SRI LANKA

World Champion of World Cup

Cricket Tournament 96

بخت ”عابد“

 

ٻارو هردم سچ ڳالهايو

 

سچ تي ڏيندو رهندس ساهه

حامي منهنجو آهي الله

ڪؤڙو آهي سچ اول

آهي مٺو پر ان جو ڦل

سچ سان منهنجي الفت آهي

ڪوڙ هڻڻ کان نفرت آهي

سچ کي ڏيندس جيءَ ۾ جاءِ

تون به هردم سچ ڳالهاءِ

سچ سان منهنجو پختو پيار

سچ چوڻ ۾ ڪهڙو عارُ

سچ چوڻ جي جنهن ۾ عادت

آهه انهيءَ کي ڏاڍي طاقت

سچ سان جذبا جرڪي پوندا

منهنجا مٺڙا مرڪي پوندا

سچ جي واٽ جو وٺي ٿو

بخت انهي جو واهه جو کلي ٿو

مجاهد ”خاموش“ هيسباڻي

وفادار ڪُتو

ڪتو آهي گھر جو وفادار ساٿي،

رات ڏينهن آ رهندو خبردار ساٿي.

چور کي ڏسي جي گھر ۾ گھڙندي،

مالڪ کي ڪري پوءِ، بيدار، ساٿي.

جنهن به گھر جو کائي ٿو نِمڪ،

ڪري تنهن تي هي، جان نثار ساٿي.

جيڪو به آهي ستائيندو ڪتي کي،

ڪندو آهي تنهن کي خوار ساٿي.

ڪتي کي جنهن گھر ۾ ملي ٿو قرب،

ان گھر کان نه هرگز ٿيندو ڌار ساٿي.

ڪتي جي وفا جو ”مجاهد“ ڏنو آ مثال،

”هيسباڻي“ جو جنهن سان آهي پيار ساٿي.

ڪتو آهي گھر جو وفادار ساٿي،

رات ڏينهن آ رهندو خبردار ساٿي.

 

ليکڪا: يونائيس ڊي سوازا!: ترجمو: قربان جعفريقسط: 2

بيربل ۽ ٺڳ

چمن هڪڙو ٺڳ هو. هن پنهنجي سموري دولت ٻين ماڻهن کي دوکو ڏيئي حاصل ڪئي هئي. جڏهن کيس خبر پوندي هئي ته ڪو ماڻهو شاهوڪار آهي ته هو ان سان دوستي ڳنڍيندو هو. پوءِ هو ان کي ٺڳي هن جي دولت ڦٻائيندو هو. هڪڙي ڏينهن هن ٻڌو ته لوڀي چند نالي هڪڙو شاهوڪار واپاري هن جي گھر جي ڀرسان رهندو آهي. هو لوڀي چند وٽ ويو ۽ هن کي پنهنجي گھر اچڻ جي دعوت ڏنائين. هن چيو، ”سڀاڻي منهنجا ڪي دوست رات جي مانيءَ تي پيا اچن. مان چاهيان ٿو ته توهان پڻ اچو.“ لوڀي چند خوش ٿيو ۽ اچڻ جو واعدو ڪيائين.

دعوت کان پوءِ صبح جو لوڀي چند چمن کي گھٽيءَ مان پاڻ سڏيندي ٻڌو. هن جھاتي پائي ٻاهر ڏٺو ته ڇا پئي ٿيو. سڀئي پاڙيسري پڻ ٻاهر نهاري رهيا هئا.

”تون منهنجي گھران غلطيءَ سان هڪڙو ياقوت کڻي آيو آهين.“ چمن رڙ ڪئي. لوڀي چند ڏاڍو حيران ٿيو. ”اهو ناممڪن آهي.“ هن جواب ڏنو. ”مان تنهنجي گھر ۾ ڪي به ياقوت ڪين ڏٺا هئا.“

چمن ڏاڍي ڪاوڙ جو ڏيکاءُ ڏنو. ”مونکي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش نه ڪر. لوڀي چند.“ هن چيو. ”مان هر هنڌ ڳولها ڪئي آهي. گذريل رات تنهنجي وڃڻ کان پوءِ ڪو به منهنجي گھر ڪين آيو هو.“

وري به لوڀي چند چيو هن ڪا شيءِ ڏٺي يا کنئي ڪين هئي. چمن هن کي چور سڏيو ۽ هن ڌمڪائڻ شروع ڪيو. ”مان بادشاهه جي درٻار ڏانهن ويندس.“ چمن چيو.

”توکي جيڪو وڻي سو ڪر،“ لوڀي چند چيو، ڇاڪاڻ ته هن جي ڏاڍي بيعزتي ٿي هئي.

چمن هڪدم درٻار ڏانهن ويو. هو پاڻ سان چار شاهد ڪري وٺي ويو. هن انهن کي چيو، ”جيڪي مان چوان تنهن سان متفق ٿجو. مان توهان کي چڱو انعام ڏيندس.“

اڪبر چمن جي ڪهاڻي ٻڌي، پر هن خبر کي نٿي پئي ڇا ڪجي. هن بيربل کي سڏايو ته سچائي ڳولهي ڪڍڻ ۾ هن جي مدد ڪري. بيربل چئني دوستن کان پڇيو ته ”ڇا هنن ياقوت ڏٺو هو.“

”هائو“ هنن سڀني گڏجي چيو. ”چمن گذريل رات اهو اسان کي ڏيکاريو هو.“

بيربل ٿوري دير ويچاريو ۽ پوءِ هن ڪجھ ڳوهيل چيڪي مٽي گھرائي ورتي. هن هر هڪ کي ٿورو ذرو ڏنو، پوءِ هن دربان کي سڏايو. ”هر هڪ کي جدا جدا ڪمري ۾ بند ڪر.“ هن چيو، ”هنن کي ٻاهر نه ڪڍجانءِ، جيسين تائين هو مٽي کي انهيءَ ياقوت جي شڪل ۾ گھڙي وٺن جيڪو هنن ڏٺو هو.“

انهن مان ڪنهن به ماڻهوءَ اڳ ۾ ياقوت ڪڏهن ڪين ڏٺا هئا. هنن رڳو انهن بابت ٻڌو هو. حجم چيو، منهنجو پيءُ مون کي چوندو هو ته مان پنهنجي پاڪيءَ جي سنڀال ائين ڪيان ڄڻ اهو ڪو ياقوت هجي يا ڪو هيرو. مون کي هن مٽيءَ کي پاڪيءَ جهڙو ٺاهڻ گھرجي.“

درزي پنهنجي دل ۾ سوچيو، ”منهنجو پيءُ مونکي چوندو هو ته هڪ سئي به ايتري قيمتي آهي جهڙوڪ ڪو ياقوت يا ڪو هيرو. مان هن مٽيءَ کي سُئي جي صورت ۾ گھڙيندس.“

واڍي سوچيو، ”منهنجي ڪارائي دنيا جي سڀني کان قيمتي شيءِ آهي. مان هن مٽي کي ڪارائي جي صورت ۾ گھڙيندس.“

ويچاري موچي پاڻ کي چيو، ”جيڪڏهن مون وٽ پنهنجو سنبو ڪين هجي ها ته مان پنهنجو ڪم ڪرڻ جي لائق ڪين هجان ها ۽ مان بکون ڪاٽيان ها. هڪ سنبو ئي دنيا ۾ سڀني کان قيمتي شيءِ آهي.“ تنهن ڪري هن مٽيءَ کي سنبي جهڙي شڪل ڏني.

بيربل اڪبر کي اهي ياقوت ڏيکاريا جيڪي انهن ماڻهن ٺاهيا هئا. اهي اڪبر کي ياقوت جهڙا نظر نٿي آيا. هن چمن کي گھرائي ورتو. ”مون کي سچ ٻڌاءِ.“ هن چيو ”يا ڦاسي چڙهندين.“

چمن کي ڏاڍو ڊپ لڳو. هو اڪبر جي پيرن تي ڪري پيو ۽ هن کي انهيءَ ڦندي جي باري ۾ ٻڌايائين جيڪو هن لوڀي چند لاءِ وڇايو هو. هن رحم لاءِ ٻاڏايو پر اڪبر جي خيال ۾ هو رحم جي لائق ڪين هو. هن دربان کي سڏايو ۽ چمن کي جيل موڪلي ڇڏيائين.                                     (هلندڙ)   

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com